; سنڌي شخصيتون: لعل بخش، جوڻيجو، ساروڻيون، ماما، رمضان، ساريو،
Showing posts with label لعل بخش، جوڻيجو، ساروڻيون، ماما، رمضان، ساريو،. Show all posts
Showing posts with label لعل بخش، جوڻيجو، ساروڻيون، ماما، رمضان، ساريو،. Show all posts

27 June, 2017

لعل بخش جوڻيجو - ماما رمضان ساريو

لعل بخش جوڻيجو
سندس ساروڻيون
ماما رمضان ساريو
لعل بخش جوڻيجو 19 جون 1955ع ۾ هاري مزدور غلام رسول جوڻيجو جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ دڙا ۾ ڪئي، ويهن سالن جي عمر ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۾ سڀني دوستن کان اڳڀرو رهيو، لعل بخش جوڻيجو وطن دوست ليڊر فيڊريشن ۾ سدائين رهندو آيو، هر ڪنهن دوست جي خواهش هوندي هئي ته جنرل سيڪريٽري جو عهدو ڪامريڊ کي ڏيو جو محنت ڪندڙ آهي، باڊهه شهر جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي غريب هاري مزدورن جي نياڻين لاءِ ڏاج فارم ڀرائي انهن بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪئي.