; سنڌي شخصيتون: انجنيئر عبدالوهاب سهتو

20 June, 2015

انجنيئر عبدالوهاب سهتو


انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ساهتيه پرڳڻي جي آخري نشاني
منظور ڪوھيار


ڪنڊيارو مان جڏهن لاڙڪاڻي آيو، ته پهريان لاڙڪاڻي وارن به کيس قبول نه ڪيو. ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۾ ميمبرشپ لاءِ اپلاءِ ڪيائين، ته کيس چيو ويو ته؛ سندن تحقيق مطابق ته هو ڪنڊياروي آ. ان ڪري کيس ميمبرشپ ڏئي، لاڙڪاڻي جي تاريخ خراب ناهي ڪرڻي.“
ڪنڊياري وارا به پنهنجو نه پيا ڪنس. چونس ته؛ نوڪري ٽوڪري ۽ گھر گھاٽ لاڙڪاڻي ۾ اٿئي، ان ڪري عزت ان ۾ ٿي ته لاڙڪاڻوي سڏاءِ. هي اچي ڦاٿو. پنهنجن ئي ڪتابن ۾ لکيل هڪ پهاڪي، ڌوٻيءَ جو ڪتو، نه گھر جو نه گھاٽ جو‘ جي مثل ٿي پيو.

نيٺ تنگ آيد بجنگ آيد جي مثل، لاڙڪاڻي وارن کي کتيون ۽ سڌيون ٻڌائڻ لڳو، چئي: اڙي اهو ته ٻڌايو، اوهان سڀ موهن جي دڙي مان نڪتل آهيو؟... لاڙڪاڻو اڏيو به لاڙ جي ماڻهن، نه ڪي اتر جي ماڻهن. اوهان ته ’پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي ڪيون ويٺا آهيو. لاڙڪاڻي جو بنياد وجھندڙ لاڙڪن مان، هڪڙو به لاڙڪ، هسٽاريڪل سوسائٽي جو ميمبر آهي؟“

اتي هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جا ڪرتا ڌرتا ڊِڳا ته؛ ’ملو، ڇتو ٿيو آهي. هاڻي حديثان ٿو ٻڌائي، ان ڪري ميمبرشپ ڏئي جان ڇڏايو‘.
سال ۱۹۹۲ع ۾ هن کي کُٽيءَ کنيو، جو پنهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب ”جڏهن بت ئي چوي ڪافر“ جي لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي صنم ڪده ۾ مهورت ڪرايائين. حسب روايت، لاڙڪاڻي جي بُتن اهڙي ڪيس جو ٻرڙي به ٻارن سان نه ڪئي هوندي. کيس بي ادب ۽ بي مراد قرار ڏئي، دائره ادب مان خارج ڪري ڇڏيائون. پر پوءِ لاڙڪاڻي جي بتن سان به قدرت اهڙي ڪئي، جو هڪ هڪ ٿي ڊهندا ويا ۽ هي خوامخواه غازي بڻجي ويو.
پهرينءَ نظر ۾ هن ۽ هن جي ريش مبارڪ کي ڏسي هر ڪنهن کي لڳندو آهي، ته ڪا وڏي بزرگ هستي آهي. پر ڀرسان ويهڻ کان پوءِ خبر پوندي ته مرد الستي آهي. هڪ نانگو فقير سندس اندر ۾ ديرو دمايون ۽ دونهين دکايون ويٺو آهي. هڪ ته ڳالهائي نه، جي ڳالهائي ته چپ ئي نه ڪري، پيو مثال ۽ لطيفا ٻڌائي. هجي ٻار ته دڙڪو دهمان ڪري، چپ ڪرائجيس، پر اڇي ڏاڙهي واري کي ڇا چئجي؟ .... ائين به نه ٿو چئي سگھجي ته ’اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب‘. جي ائين چئجي ته اڇي ڏاڙهي پنهنجي به آهي، جي نه ڪوڙايون ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پون.
هڪ ٻيو سبب به آهي. ان ڪري به کيس نه چوندا آهيون، جو اهو مشهور پهاڪو آڏو اچي ويندو آهي؛ ”جنهن جي ماني، تنهن جي ڪاني“. سڄي سنگت کي گڏ ڪري زوري ماني کارائي ڪاني هڻي ڪڍندو آهي. هن جي ماني به دعوتِ سمرقند هوندي آهي. عجيب ست-رڇي هوندي آهي؛ اتي مڇي، اتي گوشت. اتي آچار، اتي زردو. اتي ڪوفته، اتي ڪسٽرڊ. جي مهمان کائيندي مئو ته مالڪن جو آ. نماڻو عرض ڪري چوندا آهيونس ته؛ اسان آهيون، نانِ شيراز کائڻ وارا يعني دال ماني جا هريل. ڇو ٿو اسان کي جنجال ۾ وجھين؟“ ته جواب ۾ چوندو آهي؛ ”مان ڪو چريو آهيان، جو دال ماني کارائي، گھوٽڪي جي سيدن واري خواري کڻان ۽ سندن مدرسي جي طالبن واري اها شڪايت ٻڌان:
از غذاءِ دال روٽي، ڪُون شد ما ڍولڪي
نعت هاءِ مي سرايد سيدانِ گھوٽڪي
جي اوهان کي پارسي گھوڙي چاڙهسي نٿي اچي، ته پوءِ ڍَڪي ڀلي.
لاڙڪاڻي جي ڪنهن پراڻي ڪامريڊ (ڪامريڊ ڪريم بلوچ نه) مون کي چيو ته: ”اڄڪلھ توهان جي ان مُلي سان وڏي ٿي لڳي، جاٿي ڏس ته هٿ جيڏي ڏاڙهي ٽنگيون ويٺو اوهان (بشمول عنايت ميمڻ ۽ عاشق منگي) سان ڪچهري ٿو ڪري، توهان کي ڪوفت نه ٿي ٿئي؟“.
مون وراڻيو؛ ”ان جو سڌو سنئون جواب اهو آهي، ته جيڪو گھران سڏي ڪوفته کارائي، ان کان ڪوفت ڪيئن ٿيندي. ٻي ڳالھ ته هٿ جيڏي ڏاڙهي پاڻ کنيون ٿو گھمي، اسان تي بار تي ڪونهي. ’بار گڏھ تي، چنگھي کوتي“، سو اسان ڇو چنگھئون؟.
سچ پچ ته پهاڪن ۾ ڏاهپ ۽ چوڻين ۾ وڏي سمجھ آهي. جتي ماڻهو وڏا دليل ڏئي، حوالا ڏئي، اتي ڪو موزون پهاڪو يا چوڻي تير بهدف جو ڪم ڏيکاري ٿي. اڳلي جا ٺپ ئي ٺاري ٿي ڇڏي. بس جي اڳلو عقل وارو آهي، ته پوءِ، ’عقلمند را اشارا ڪافي است‘ باقي جي بيعقل آهي، ته پوءِ ’عقل واري جو عقل، بي عقل جي ڄمار.‘
عبدالوهاب سهتي جي علمي حيثيت جي حوالي سان ٻه ٽي ڳالهيون ضرور ڪبيون. هي پهريائين ڪهاڻيڪار بڻيو. ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب شايع ٿيس. پهريون ”هراس“ ۱۹۸۹ع ۾، ٻيو ”جڏهن بت ئي چوي ڪافر“ ۱۹۹۲ع ۾، ٽيون ”هٿ جي وڍي“ ۱۹۹۹ع ۾. ان کانپوءِ ڪهاڻين کي ڇڏي تحقيق طرف لڙي پيو.
اسان جي محترم استاد ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي’ پهاڪن جي پاڙ‘ لکي. پر هن انجنيئر عبدالوهاب سهتي ته پهاڪن جي پاڙ ئي پٽي ڇڏي. پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ورجيسن، تي ويو ڪتاب لکندو. پنج ڪتاب شايع ٿي ويا اٿس. جن ۾ ۱. ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا (۲۰۰۲ع) ۲. ورجيسون، پس منظر ۽ ڪارج (۲۰۰۳ع) ۳. موزون آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (۲۰۰۴ع ) ۴. اتراڌي پهاڪا ۽ چوڻيون (۲۰۰۴) ۵. گل شڪر (نئين سر لکيل ۲۰۱۱ع)
ان کانسواءِ تاليف ۽ ترتيب به ڪندو رهي ٿو. جنهن ۾ ۱. عبدالڪريم گدائي روايت ۽ بغاوت جو شاعر (۲۰۰۴) ۲. تنقيدون ۽ تجزيا: پروفيسر نظير احمد سومرو (۲۰۱۳) ۳. موهيو مون کي جن: پروفيسر نظير احمد سومرو (۲۰۱۵) وغيره.
سندس پهاڪن ۽ چوڻين تي ٻه ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن. جن ۾ ۱. چوڻين ۽ پهاڪن بابت تنقيدي مضمون ۲. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون. جيڪي جلد پڌرا ٿيندا ۽ سندس علمي حيثيت ۽ قدر ۾ اضافو ڪندا. هڪ ٽيون ڪتاب ”ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون به اٿس، جيڪو ’ناز سنائي‘ وٽ عيد جو چنڊ لڳو پيو آ. عاشق منگي ۽ سنگت، ٻن سالن کان مفتي منيب الرحمان وانگر دوربيني کنيون بيٺا آهن، ته ڪڏهن ٿو ڪتاب نڪري. پر هاڻي پنهنجو ڇا، ’گائنچو ڄاڻي، مم ڄاڻي‘. باقي رهيو ته گائنچو ڪير؟ مم ڪير؟... جي اوهان کي ٻئي ڪٿي گڏ نظر اچن ته پاڻ ڏسي فيصلو ڏجو ۽ اسان کي به پنهنجي قيمتي راءِ کان آگاه ڪجو..
نه صرف علمي حوالي سان سندس قد ڪاٺ آهي. پر فيس بوڪ تي به ڏاڍو مقبول و معروف آهي. هڪ ڏينهن مان ويهي ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو ۽ هن جي ڀيٽ ڪئي، ته ڪير فيس بوڪ فرينڊشپ جي حوالي سان صنفِ نازڪ سان ويجھو آهي. تجزيو ڪيم، ته ”ذوالفقار راهوجي“ به گھٽ ناهي ڪئي. فيس بوڪ تي نه ڇڏي اٿئين ڪا ننڍي وڏي، سڀن تي برادرانه محبت جو هٿ رکي راکي ٻڌي اٿئينِ. پر ڪٿي برادرانه محبت ۽ ڪٿي پدرانه شفقت!؟... عبدالوهاب سهتو ڪوهن تي ماري ويس. ڀلي کولي ڏسو سندن ”فرينڊس“ وارو خانو ۽ ڪيو ڀيٽ...
مان جيئن پهريان چئي چڪو آهيان، ته چوڻيون ۽ پهاڪا نه صرف ٻوليءَ جي سونهن آهن پر سمجھ، عقل ۽ فهم جا ڀنڊار آهن. جن جو بنياد، انساني مشاهدي، تجربي ۽ سمجھ سان آهي. اهي صرف ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ ناهن هوندا. پر اصل ڳالھ عمل ڪرڻ جي آهي.
عبدالوهاب سهتي جي خوبي اها آهي ته هو انهن پهاڪن ۽ چوڻين ۾ سمايل ڏاهپ ۽ سمجھ تي پنهنجي زندگيءَ ۾حرف به حرف عمل ڪندي نظر اچي ٿو. اوهان کي سنڌ ۾ تمام گھٽ ليکڪ پنهنجين ئي لکڻين تي عمل ڪندي نظر ايندا. هي پهريون سنڌي ليکڪ آهي جيڪو باوضو ۽ باعمل آهي. مثلن چوڻي آهي ته؛ ”هيريءَ سندي هير، ٽنگ ڀڄي به نه وڃي“. هاڻي ان کي ئي وٺو، عبدالوهاب سهتو ”آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي“ جي هر اليڪشن ۾ بيهندو آهي ۽ هارائيندو آهي، پر مڙندو ناهي. کيس خبر به آهي ته ڪيترا ئي هٿ ٺوڪيا ميمبر ٿيل آهن، جن کي نه آرٽ جي خبر آهي، نه ڪائونسل جي. اهي صرف اليڪشن جي ڏيهاڙي تي باقاعدگيءَ سان ڪاٽن جا ڪپڙا پائي ايندا آهن ۽ هميشه ڌنڌوڙين کي ووٽ ڏيئي غائب ٿي ويندا آهن. پر هن جو چوڻ اهو آهي ته؛ جيڪڏهن مان اليڪشن ۾ حصو نه ٿو وٺان، ته نه صرف اهو پهاڪو متروڪ ٿي ويندو، پر اهڙا ٻيا ڪيترا ئي پهاڪا ختم ٿي ويندا، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نقصان ٿيندو. مثلًا، جيئن:
عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اُٺ پئي ڪڻڪ ۾، چڻ چڻ ڪنڊا کاءِ.
نه صرف ايترو پر عنايت ميمڻ واتان اهو ٻڌو آهي ته، اسان جھڙن بي راه رو ماڻهن لاءِ به هڪ ڪتاب تيار ڪري رهيو آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”نصيحت آموز آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ ته جيئن اسان جھڙا بي عمل ليکڪ پڙهن ۽ پنهنجا ٻئي جھان سرخرو ڪن. اسان جي اکين تي، ڀل اچي اهڙو ڪتاب. پر اسان کيس اڳ ۾ ئي ٻڌائي ٿا ڇڏيون، ته اسان اهو پڙهڻ کانپوءِ سندس ئي هڪ ڪتاب مان هڪ چوڻي پيش ڪري ڪتاب ٺپي ڇڏينداسي ته؛ ’پڪي گھڙي، ڪنان ڪو نه پون‘. اها آفاقي چوڻي آهي ته؛ پند و نصيحت متقين لاءِ هوندي آهي، نه ڪو اسان جھڙن لاءِ.
باقي اسان هن ساهتيه پرڳڻي جي آخري نشاني جي حق ۾، هر وقت دعاگو آهيون، ته خدا سندس ريش مبارڪ سان گڏ عمر به دراز ڪري. ائين چوڻيون، پهاڪا ۽ ورجيسون گڏ ڪندو رهي. گڏوگڏ ’ساڌن سان به سنمک ۽ پئنچن سان به پورو‘ رهي.


انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ھڪ جاکوڙي اديب ۽ محقق
فقير دلبر علي لغاري
چوڏھينءَ چنڊ! تون اڀرين، سھسين ڪري سينگار،
پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪرين ھزار،
جھڙو تون سڀ ڄمار، تھڙو دم دوست جو.
(شاھ ، سر کنڀات، داستان ۱)
اسان جي امڙ سنڌ، پنھنجي پاڪ پوتر ڪک مان انيڪ سپوت پيدا ڪيا آھن. کين پنھنجي مقدس سيني تي کيڏائي، قابل احترام بڻائي اوچي ڳاٽ ھلڻ سيکاريو اٿس ۽ ٻئي طرف دنيا جي عزت و احترام جي نگاھ جو مرڪز پڻ بڻائي ڇڏيو اٿس. جن مان ڪيترا ئي ھن ڌرتيءَ تي انڊلٺ جيان کوڙ سارا رنگ وکيريندي، انسان ذات تي مسڪراھٽون نڇاور ڪندي سندن مقدس وجودڌرتي جي تھ ۾ جذب ٿي امر ٿي ويا ته وري انيڪ ٽٽل وجود جا مالڪ اسان جي درميان موجود آھن. ھن ٻوساٽيل ماحول ۾ اڄ به ساھ کڻندا محسوس ٿي رھيا آھن. جن جون چيڀاٽيل آتمائون ۽ اڻڀيون جيون ڪٿائون پنھنجي ڏندن سان ٽوڙيندا ۽ پنھنجين ڏاٺن سان چٻاڙيندا پوءِ به قلم جي نوڪ کي پنھنجو سڀ کان بھتر ۽ مؤثر ھٿيار تسليم ڪندي لکندا رھيا آھن. ديس واسين لاءِ نوان پيچرا تيار ڪندا رھيا آھن. مگر جڏھن به قلم ھٿ ۾ کنيو اٿن يقينًا انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ لاءِ لکيو اٿن. مان ڀلجان نٿو ته اھڙا اڻلڀ موتي اڄ به اسان جي پاڪ ڌرتيءَ جي پوتر مٽيءَ ۾ سنڌ جي جھوني روايت کي زندھ رکندا اچن. اھڙن مخلص انسانن ۾ انجنيئر عبدالوھاب سھتو ھڪ آھي. جيڪي سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ کي ھڪ اُتم عبادت تسليم ڪن ٿا.
جيئن انجنيئر عبدالوھاب سھتو پنھنجي زندگيءَ جي باري ۾ انٽرويو ڏيندي ٻڌائي ٿو ته؛ ”مان ڪنڊيارو شھر ڀرسان، ڳوٺ ڄام نور الله ۾ مئي ۱۸۵۹ ڌاري پئدا ٿيس. منھنجي والد جو نالو محمد بچل سھتو هيو. کيس سڄو ڳوٺ بچو فقير سڏيندو هو. غريب مسڪين، هاري، اڻ پڙهيل ۽ خوددار ماڻھو هيو. زمين ڪاهڻ لاءِ به ڪنھن کان منٿ ايلاز ڪري نه وٺندو هو. بابا وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. بابا ٻيو نمبر هيو. وچ ۾ ڀينرون به ڄاون، پر صغيرائپ ۾ فوت ٿي ويون. ننڍو چاچو ڄائو، تنھن کان پوءِ ستت هڪ ئي هفتي جي وڇوٽيءَ اندر ڏاڏي ۽ ڏاڏو وفات ڪري ويا.“
بھرحال ھن صاحب کي ننڍي ھوندي کان وٺي علم سان گھڻو چاھ ۽ ڏاڍو شوق ھوندو ھو. پاڻ علم جي جستجو جي سفر ۾ پھريائين پنج درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙھيو. انھيءَ دوران ڳوٺ جي مدرسي ۾ به قرآن مجيد ناظره، قرآن ۽ ديني مسائل به سکيو. جتي ھر ويلي جي ماني ٽڪي مفت ۾ ھئي ۽ ٻيا به سک کوڙ ھيا.
اھڙي طرح تعليم جاري رکندي، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڪنڊيارو ۾ ڇھون ۽ ستون، نورمحمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ اٺون ۽ نائون پاس ڪري، وري نوابشاھ ۾ مئٽرڪ ڊي سي ھاءِ اسڪول مان ۽ انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھ مان ۽ انجنيئرنگ جا پھريان ٻه سال مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ مان ۽ پويان ٻه سال ڄام شورو مان پڙھيائين. جتي آخري سالن ۾ مائٽن جي مالي ڪمزوريءَ سبب دوست حفيظ الله صديقيءَ کان خرچ جا پئسا ملڻ پڄاڻان تعليم مڪمل ڪيائين. اڄ اوھان جي اکين اڳيان سنڌ لوڪل گورنمينٽ جيڪب آباد ۾ انجنيئر آھي ۽ ان سان گڏ ھڪ اديب به آھي. جنھن جا سنڌي ساھت گھر حيدرآباد، سنڌ طرفان ھي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن:
۱ . ننڍڙي روپ وارا، چوڻيون ۽ پھاڪا.
۲ . ورجيسون (پسمنظر ۽ ڪارج)
۳ . موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پھاڪا ۽ چوڻيون.
انھيءَ کان سواءِ ھن ڪيترا ئي مضمون ماھوار ڪينجھر، ماھوار گلستان، ماھوار اديب، ماھوار نئين زندگي، عبرت مئگزين وغيرھ ۾ پڻ لکيا آھن.
جڏھن ته روزاني آفتاب اخبار ۾ ٻاراڻي صفحي لاءِ ”ٽيڪب ٽيڪو“ ڪالم، رسالي ”سنگتي“ جي ارڙھين ۽ اوڻويھين ڪڙي، عبدالواحد لغاري سان گڏجي ترتيب ڏني ۽ ھن جي ڪھاڻين جا ٽي مجموعا به چپيل آھن. ان کان پوءِ ھن جي ذھن جو لاڙو پھاڪن ۽ چوڻين ڏانھن ھليو ويو ۽ ھن لغت به تيار ڪريڇڏي آھي، جيڪا ڪينجھر ۾ قسطوار ڇپبي آھي. ٻه ڪتاب ترتيب ھيٺ آھن. ھڪرو ٿري پھاڪن بابت آھي ۽ ٻيو ٻاراڻين نصيحت آموز آکاڻين تي مشتمل پھاڪن ۽ چوڻين بابت آھي. جڏھن ته موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب زير اشاعت آھي.
آخر ۾ ڌڻيءَ در دعا آھي ته ھن ڏات ڌڻيءَ جي ڏات کي وڌيڪ سگھ ڏئي جو ھيءُ پنھنجي پياري ٻوليءَ جي خوب خدمت ڪري. آمين.
بس ”حمل فقير“ جو ھيءُ بيت چئي، مضمون کي ختم ٿو ڪريان.
سانڍيم سدا ئي، سڪ توھان جي ساھ ۾،
اندر ۾ اڌما ڏئي، سا ڪل نه ڪنھن ڪا ئي،
حمل چئي ھي تو، گھوڙن سان گھائي،
جا لئون اوھان لائي، سا ڪنھن وسري ڪينڪي.
(حمل فقير)
حوالا:
۱ . ماھوار گلستان حيدرآباد، آگسٽ ۲۰۰۴ع، ڪڙي نمبر ۶۲، سنڌي ساھت گھر، حيدرآباد.
۲ . ماھوار ڪينجھر، حيدرآباد جا مختلف پرچا، سنڌي ساھت گھر، حيدرآباد.



(سلسليوار ”ڪينجھر“ حيدرآباد، ۱۱۶، جولاءِ ۲۰۰۵ع، ص ۴۳ کان ص ۴۵ تائين، تان ٿورن سان کنيل)



محقق ۽ مشھور ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سھتي جو انٽرويو
مسز ناز سنائي

سوال: ادا! اوهان پھريون اسان جي ٻارڙن کي پنھنجو مڪمل تعارف ڪرايو.
جواب: ادي! مان ڪنڊيارو شھر ڀرسان، ڳوٺ ڄام نور الله ۾ مئي ۱۹۵۹ع ڌاري ڄائس. منھنجي والد جو نالو محمد بچل سھتو آهي. کيس سڄو ڳوٺ بچو فقير سڏيندو هو. غريب مسڪين، هاري، اڻ پڙهيل ۽ خوددار ماڻھو هيو. زمين ڪاهڻ لاءِ به ڪنھن کان منٿ ايلاز ڪري نه وٺندو هو. بابا وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. بابا ٻيو نمبر هيو. وچ ۾ ڀينرون به ڄاون، پر صغيرائپ ۾ فوت ٿي وين. ننڍو چاچو، ڀلي رکيو ڄائو، تنھن کان پوءِ ستت هڪ ئي هفتي جي وڇوٽيءَ اندر ڏاڏي ۽ ڏاڏو وفات ڪري ويا.
وڏو چاچو، بابا کان ويھارو سال وڏو هيو ۽ ننڍو ڏهاڪو سال ننڍو هيو. وڏي چاچي کي پنج پٽ ۽ ٻه ڌيئر هيون. جيڪي سمورا مون کان وڏا هيا. ساڳئي گهر ۾ رهندا هئاسين، جنھن ۾ فقط هڪ ڪوٺڙو هيو. ورانڊو وغيرھ نه هئڻ سبب، سياري ۾ ۽ برسات وقت، ڏاڍا تڪليف ۾ ٿيندا هئاسين.
ماما به ڏاڍا مسڪين هيا پر جڏهن مان نون سالن جو هيس ته سندن گهر ۾ رهڻ لڳاسين. بابا جي گذاري وڃڻ واري سال کان هڪ سال اڳ، پنھنجي نئين جاءِ ۾ لڏي وڃي رهياسين.
سوال: ادا اوهان ڀلا ڪھڙين حالت ۾ پڙهيا؟
جواب: ادي! بس الله سائينءَ جي مھرباني آهي. اڻ پڙهيل هوندي به بابا کي تعليم ڏيارڻ جو ڏاڍو احساس هيو. پھريان چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيم. انھيءَ دوران ڳوٺ جي مدرسي ۾ قرآن مجيد ناظره، قرآت ۽ ديني مسائل به سکيم. چوٿين جو امتحان ڏئي. قرآن حفظ ڪرڻ لاءِ پھرين ڳوٺ ۾ پوءِ ڪنڊياري واري مدرسي ۾ ويم. اتي منھنجا ٻه سئوٽ به پڙهندا هيا. انھن جي ريس تي اتي ويس. ڇو جو اتي ماني ٽڪي مفت هئي ۽ هر ويلي تي ملندي هئي. شھر ۾ ٻيا به سک کوڙ هوندا آهن.
ٻن سيپارن ياد ڪرڻ کانپوءِ، سائين مير محمد ڪنڀر جي مار کان اتان ڀڳاسين. مان ۽ منھنجو سئوٽ حافظ منورالدين، وري اچي ڳوٺ واري مدرسي ۾ پڙهڻ لڳاسين. پرائمري اسڪول ۽ مدرسو به لڳ ڀڳ گڏ هئا. پھرين شاگرد مدرسي ايندا هيا. اتان ئي سڌو اسڪول ويندا هئا. جنھن لاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر سائين علي نواز سھتو موڪل وٺڻ ايندو هيو. هڪ ڏينھن سائين قاري منظور احمد ڏنگراج کي چيائين؛ ”هيل اسڪول ۾ پنجين جا شاگرد ناهن، جڏهن ته اسڪول پنجين تائين منظور ٿيل آهي.“ پوءِ اسان ٽنھي ڏانھن اشارو ڪري چيائين؛ ”اهي پوءِ به قرآن ياد ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن انھن کي به ڇڏيو ته کين وٺي وڃان.“
سائين قاري صاحب مون کي، حافظ منور ۽ حافظ احمد عليءَ کي چيو ته؛ ”توهان اسڪول ۾ ڀلي پنجون درجو پڙهڻ لاءِ وڃو.“ ان ڏينھن کان وٺي، اسان پنجين ۾ پڙهڻ لا ويٺاسين. اتفاق سان، مان ۽ حافظ احمد علي پاس ٿياسين. پاس ٿيندي ئي بابا کي انگريزي پڙهڻ جو ارادو ڏيکاريم. کيس ٻڌايم ته قرآن ياد ڪرڻ منھنجي وس جي بات ناهي. جنھن تي پھرين ناراض ٿيو. آخر ۾ چيائين؛ ”ابا! مون کان به ننڍڙي آيت يا سورت ياد نه ٿي ٿئي. تو کان به واقعي نه ٿيندي هوندي. هل ته ڀلا انگريزيءَ ۾ داخلا وٺي ڏيانءِ.“.
ائين مون کي گورنمينٽ ها اسڪول ڪنڊيارو ۾ داخلا وٺي ڏنائين. اتان به اٺين درجي ۾ دل کٽي ٿي وئي. وڏي مار موچڙي کانپوءِ، هڪڙي شرط تي پڙهڻ لاءِ راضي ٿيس. اهو اِهو ته مون کي چاچا وٽ، حيدرآباد ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏي ايندؤ.
مجبوراً مون کي بابا حيدرآباد ڇڏي ويو. نور محمد هاءِ اسڪول ۾ اٺون ۽ نائون پاس ڪيم. چاچا جي بدلي نواب شاهه ٿي ته ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ميڊيٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان ڪيم. انجنيئرنگ جا پھريان ٻه سال نوابشاهه مان ۽ پويان ٻه سال ڄامشوري مان ڪيم. آخري سالن ۾ چاچا خرچ ڏيڻ بند ڪيو. الله سائينءَ نه ڇڏيو. حفيظ الله صديقي، ڪلاس فيلو هيو، تنھن بنا گهرڻ جي پئسا ڏنا ته تعليم پوري ڪيم.
سوال: اڄ جا وڏا ماڻھو، ڏکين حالتن ۾ پڙهيا سي وڌيڪ ڪڙهيل آهن يا هاڻوڪا ۽ جديد طرز ۽ سھوليتن واري ماحول ۾ پڙهندڙ؟
جواب: ادي! اصل تعليم ته آهي ئي ڏکين حالتن ۾ علم پرائڻ. انھيءَ سان ماحول ۽ معاشري جي ڄاڻ ملي ٿي. ماڻھو ڏک سک برداشت ڪرڻ سکي ٿو. سک ۾ رهڻ واري کي، نه دل ۾ احساس نه دماغ ۾ علم ٽڪندو آهي. جيئن کير ڪاڙهڻ کانپوءِ منجهانئس مکڻ، گيھه ۽ مائو ڪڍي سگهجي ٿو، تيئن ڪڙهڻ کانپوءِ، ماڻھوءَ جون خوبيون ظاهر ٿينديون آهن. اهو ئي سبب آهي ته جن ماڻھن مدرسن جي تڏن تي ويھي تعليم پرائي، تن جو اڄ وڏو نالو آهي. ڇو جو اهي پڙهڻ سان گڏ ڪڙهي نڪتا هيا. جڏهن ته جديد طريقي ۽ سھوليت واري تعليم حاصل ڪرڻ وارا، سواءِ وڏائي ۽ غرور جي ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيا آهن.
سوال: ننڍي هوندي سنگتين ساٿين سان ملي اڪثر ڪھڙيون حرڪتون ڪندا هئا؟
جواب: ادي! غريب ماڻھوءَ جون ڪھڙيون حرڪتون آهن؟ پھرين ته مائٽ گهران ۽ ڳوٺان نڪرڻ ڪو نه ڏيندا هيا. جيڪڏهن سنگتي ساٿي ٽولڙو ڪري، آنڀو، ڦوٽا يا مٽرن جون ڦريون پٽڻ ويندا هياسين ته ڳوٺ راڄ جا ماڻھو رستي روڪ ڪري يا دڙڪا ڏئي ڳوٺ موٽائيندا هيا. ساڳ يا پلي پٽڻ يا ووڻاٺيون وڍڻ ويندا هياسين ته وڏڙن مان ڪو هڪ اڌ گڏ ضرور هوندو هيو. ڪمند پٽڻ جي نوبت ان ڪري نه ايندي هئي جو چيچڙي تي ويٺل پنجابي هاري، ٻار سمجهي هڪ اڌ ڇڙي ڏئي ڇڏيندا هيا.
هلڪي ڦلڪي چوري يا ڪوڙ تان به مار ملندي هئي. جنھنڪري انھن کان ٽھندا هياسين. هونئن به جيڪڏهن ٻارائپ ۾ حرڪتون يا غلطيون نه ڪيون ها ته شايد اڄ ايترو سڌارو نه اچي ها. ماڻھو، غلطين ۽ حرڪتن مان ئي سکندو آهي.
سوال: ادبي دنيا ۾ اچڻ لاءِ، اوهان جي ذهن ۾ پھريون خيال ڪھڙو آيو؟
جواب: ادي! غريب آباد، نوابشاهه ۾ چاچا ۽ مان، مسواڙي جاءِ ۾ رهندا هياسين. ڀرواري جاءِ ۾ چار پنج نوڪري پيشه به مسواڙ تي رهندا هيا. منجهانئن ٻه ڄڻا، چاچا جي کاتي ۾ نوڪري ڪندا هيا. وٽن اخبار به ايندي هئي، جيڪا سڀ پڙهندا هياسين. چنيسر چانڊيو کي ته ڪتابن پڙهڻ جو به شوق هوندو هيو. سائين مير حسن لاکو به اتي ويندو هيو. اهو به ڪتابن جو شوقين هئو. پنھنجي خانگي لائبريري هيس. اتان پڙهڻ لاءِ ڪتاب به آڻي ڏيندو هيو.
اسان جي ان وقت وندر فقط اخبار ۽ ڪتاب هيا. پڙهڻ جو شوق ائين جاڳيو. شوق ۾ ڪتاب پڙهڻ، خريد ڪرڻ ۽ گڏ ڪرڻ جي عادت پئي.
گهڻي پڙهڻ سبب، گهڻو سوچيندو هيس. اڪيلائپ ۾ سوچي سوچي هڪ ڏينھن سمورا خيالات ڪاپيءَ تي لکي ڇڏيم. اهي وکريل خيال هئا. جڏهن ذهن خيالن سان ڀرجي ويندو هيو ته پني ته لکڻ سان ذهن جو بار هلڪو محسوس ڪندو هيس. ائين لکڻ جي به عادت پئجي وئي.
سوال: ننڍپڻ جون ڪھڙيون ساروڻيون اٿوَ؟
جواب: ادي! بس هڪڙو واقعو ٻڌايان ٿو. ننڍڙو هيس جو ننڍو مامو، شاخ تي وهنجڻ لاءِ وٺي ويو. مون کي شاخ ۾ لھڻ نه ڏنائين. پنھنجي هٿن ۾ جهلي وھنجهاريائين. مون کي ڪپر تي ويھاري پاڻ ٽٻيون ڏيڻ لڳو. مون به ضد ڪيس ته مون کي به پاڻيءَ ۾ لاهه. لاهي بيھاريائين ته پاڻي سيني تي آيو پئي. مان جڏهن سندس مدد کانسواءِ پاڻيءَ ۾ بيھي رهيس ته دلجاءِ ٿيس. مون کي ڇڏي پوءِ وري ٽٻيون ڏيڻ لڳو.
کيس ٽٻيون ڏيندو ڏسي، مون کي به ريس ٿي. هو ٽٻيءَ ۾ هيو جو مون به ٽپو ڏئي، ٽٻي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ائين ڪرڻ سان منھنجا پير مٿي کڄي ويا. اونڌي منھن، سيني ۽ پيٽ تي ترڻ لڳس. منھنجو منھن پاڻيءَ ۾ هيو. هلڪڙو هئڻ سبب پاڻي سان لڙهڻ لڳس. منھنجي ذهن ۾ هيو ته پير کوڙڻ چاهيندم ته کوڙي سگهندم. ايتري ۾ مون واري مامي ٻنھي ڏڪندڙ هٿن سان چيلھه مان پڪڙي ٻاهر ڪڍيو. يڪدم ڪپر تي ويھارڻ لڳو ته ضد ڪيومانس. ضد ڪرڻ تي ٿـڦـڙ وهائي ڪڍيائين. روئڻھارڪي شڪل ٺاهي، گهر وٺي آيو. جڏهن اهو منظر ياد ايندو آهي ته سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن مامو پاڻيءَ مان نه ڪڍي ها ته شايد اڄ هن دنيا ۾ نه هجان ها.
سوال: اوهان جيڪو پنھنجي ٻارڙن کي قرب ڏيو ٿا، تنھن ۾ ۽ جيڪو والدين طرفان اوهان کي مليو، تنھن ۾ ڪھڙو فرق آهي؟
جواب: ادي! ٻنھي ۾ وڏو فرق آهي. وڏڙن اسان کي ڏکين ۽ مسڪينيءَ وارين حالتن ۾ قرب ڏئي پاليو ۽ پڙهايو. جڏهن ته الله سائينءَ جي مھربانيءَ سان، اسان جا ٻارڙا چڱي ماحول ۾ پلجن ۽ پڙهن ٿا. البت نوڪري سانگي کانئن الڳ رهڻو ٿو پوي. گڏجي نه رهڻ سبب، سندن پڙهائي، اٿڻي ويھڻي ۽ ڳالھائڻ ٻولھائڻ تي نظر گهٽ ٿي رهي.
سوال: اوهان ٻارڙن لاءِ ڇا لکيو آهي؟ ڇا لکڻ کپي؟
جواب: ادي! افسوس اٿم جو مون ٻارڙن لاءِ تمام گهٽ ۽ نه هئڻ برابر لکيو آهي. آفتاب اخبار ۾ ٻاراڻي صفحي لاءِ ٽيڪب ٽيڪو نالي ڪالم لکيو هئم. ٽي چار ڪالم ڇپيا پر وڌيڪ نه هلي سگهيو.
ٻارڙن جي رسالي سنگتي جي ارڙهين ۽ اڻويھين ڪڙي، عبدالواحد لغاريءَ سان گڏجي ترتيب ڏني هئم.
سوال: اوهان ادب جي ڪھڙين صنفن تي لکو ٿا؟
جواب: ادي! شروع ۾ ته مون فقط ڪھاڻيون لکيون. ٽي مجموعا به ڇپيل آهن. ان کانپوءِ ذهن جو لاڙو، پھاڪن ۽ چوڻين گڏ ڪرڻ ڏانھن هليو ويو. انھن جي لغت ترتيب ڏني اٿم، جيڪا ڪينجهر ۾ قسطوار ڇپي آهي. ٻه ڪتاب به ڇپيا آهن. هڪڙو ورجيسون ۽ ٻيو ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پھاڪا، ٻه ڪتاب ترتيب هيٺ آهن، هڪڙو ٿري پھاڪن بابت آهي ۽ ٻيو ٻاراڻين نصيحت آموز آکاڻين تي مشتمل پھاڪن ۽ چوڻين بابت آهي. جڏهن ته موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪن ۽ چوڻين جو ڪتاب، زير اشاعت آهي.
ان کان علاوه، پھاڪن ۽ چوڻين بابت ڪافي مضمون لکيا اٿم، جيڪي ڪينجهر ۽ مومل ۾ ڇپيا آهن. ڪجهه ترجما به ڪيا اٿم. ٽي چار مضمون اسلام آباد مان شايع ٿيندڙ ”السنڌ“ ۾ به ڇپيا آهن.
پھاڪن ۽ چوڻين بابت اڃا به ڪيترا ئي مضمون رٿ ۾ آهن. حياتيءَ ۽ ھمت ساٿ ڏنو ته انھيءَ موضوع سان نباهبو رهبو.
سوال: گلستان بابت اوهان جون ڪھڙيون تجويزون آهن؟
جواب: ادي! گلستان آهي ئي ٻارڙن جو رسالو. ان ۾ ٻارڙن جي پسند جو ئي خيال رکيو وڃي ته بھتر. ٻارڙا پاڻ ڏانھن منسوب هر شيءِ کي پسند ڪندا آهن. پنھنجي تصوير، پنھنجو لطيفو، پنھنجي ڪھاڻي، پنھنجو نالو ۽ پنھنجي ايڊريس، هر ٻار کي پسند هوندا آهن. انھن ڳالھين جو خيال رکيو ويو ته گلستان کي به پنھنجو رسالو سمجهندا.
ان کان علاوه نصيحت آموز ڳالھيون ۽ ذهني آزمائش جا سلسلا پڻ جاري ڪجن. ذهين ۽ محنتي ٻارڙن کي انعام پڻ ڏنا وڃن.
سوال: گلستان جي پڙهندڙن لاءِ ڪھڙو پيغام ڏيڻ پسند ڪندؤ؟
جواب: ادي! پڙهندڙن کي صلاح آهي ته هر ڪم، محنت ۽ دل سان ڪن. پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ به دلچسپي وٺن. پنھنجي راءِ به ڏين ۽ رسالي کي سينگارڻ ۾ تعاون پڻ ڪن. جيڪو به ڪم ڪن، محنت ۽ محبت سان ڪن. ان ۾ ئي شان آهي، ان ۾ ئي مان آهي.


انجنيئر عبدالوهاب سهتو
منظور احمد سولنگي
ڪنھن به انسان جي وڏ-ماڻهائپ ۽ مھانتا، ان اڏولتا تي ئي ٻڌل آهي ته هو محنت جي عظمت تي ڀاڙي ٿو. ”ماڻهو شڪست لاءِ پيدا ناهي ٿيو، سندس ڪردار مڃائڻ وارو آهي“. محنت ۾ عظمت آهي. جو محنت محبت سان ڪري ٿو، سو سوڀارو بڻجي ٿو ۽ هو جو به چاهي حاصل ڪري سگهي ٿو. خاص ڪري ”ناماچاري“. محنت سؤلي ناهي جو ڪن ڪي ڳڀرو. هر ذي الروح محنت ڪري ٿو، صرف ۽ صرف پاڻ لاءِ. پر ڪي ماڻهو ان سوچ کان الڳ ۽ منفرد مقام جا صاحب ٿين ٿا. هنن اڳيان ذاتي مفاد ڪجهه به نه آهي. هو قومي مفاد لاءِ کاهوڙين ٿا. مقصد کي بچائڻ لاءِ جستجو ڪن ٿا. پاڻ ارپڻ جي جذبي تحت انهن جي اها ڪوشش قومن کي گهگهه اونداهيءَ مان روشنيءَ طرف آڻي ٿي. ان جستجوءَ ۾ هو قلم ۽ ڪتاب کي پنھنجو پيشرو بنائين ٿا. جسم جو رت ست ڏيڻ کان ڪين ڪيٻائين. هميشه انسانن کي سچ ۽ حق جو درس ڏيندي، پنھنجي اکين جو نور نچوئيندي زندگي گذارڻ، هنن جو محبوب مشغلو بڻجي پوي ٿو.
انسان اوَرچائيءَ وسيلي ئي ڪاميابيءَ جي منزل ماڻي ٿو. اها محنت ئي آهي، جنھن جي سھاري سان کوج ۽ لوچ ۾، رات ڏينھن هو رُڌل ۽ ريڌل رهي ٿو. تان ته ڪنھن نتيجي تي ترت پھچي، پنھنجي ڪارائتي راءِ سان حقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سخت پورهئي ۽ نرمل نظر جي ضرورت پوي ٿي. دنيا ۾ اهي ئي ڪامران ۽ ڪامياب ماڻهو ليکيا وڃن ٿا، جن پگهر جي پورهئي سان حق ۽ سچ جي ڳولها ڪئي ۽ پاڻ پتوڙيو آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾، لاڙڪاڻو منفرد مقام جو مالڪ آهي. هر دور ۾ هن خطي جي ماڻهن اعلى بصيرت ۽ سوچ جو عملي ثبوت ڏنو آهي. لاڙڪاڻو، جتي سياسي اعتبار کان پاڪستان جو محور رهيو آهي، اتي علم ادب جي ميدان ۾ به هتان سنڌي ساهتيه جو سج اڀريل ڏسڻ ۾ آيو آهي. وڏا قربدار، مخلص ۽ اعلى گڻن وارا انسان، هن مردم خيز زمين تي آباد آهن. جيڪي نه فقط پنھنجي زبان سان سچا ۽ مخلص آهن، پر انسان ذات جي ڪم اچڻ ۽ مدد ڪرڻ ۾ پڻ اڳرا رهيا آهن. هتان جي سڀاڳي سرزمين اهڙا ته ادبي گوهر پيدا ڪيا آهن، جن جون ڪيل خدمتون، ادب ۾ مثالي حيثيت جون حامل آهن.
هن ضلعي جا لائق ليکڪ، پنھنجي صلاحيتن عيوض، پوري هند ۽ سنڌ ۾ سڃاتا وڃن ٿا. منھنجو اشارو انهن معتبر هستين ڏانهن آهي، جن سنڌي علم ادب جي کيتر ۾ سڦلي خدمت ڪري، مثالي ۽ من پسند مقام ماڻيو آهي. سنڌي ادب جي مختلف شعبن ۾ پنھنجي ذھني عرق-ريزيءَ وسيلي، عطائي بڻجڻ جو مثالي ثبوت ڏنو آهي. انهن ۾ لاڙڪاڻي جو حصو مڙني کان ممتاز درجو رکي ٿو. جاچي ڏسبو ته هڪ ڊگهي فھرست سامھون ايندي. اهي محقق اسان جي نظرن کان اوجهل نه آهن، جن سنڌي زبان لاءِ پنھنجي زندگي وقف ڪئي آهي. اهڙن ادراڪي انسانن، ذڪاوت جي صاحبن ۽ همہ صفت هيرن مان انجنيئر عبدالوهاب سھتو به ڳڻيو وڃي ٿو. اهو مالڪ جو لاڙڪاڻي سان قرب رهيو آهي، ته جيڪو هت آيو، سو هت ئي رهجي ويو. ان ڪري لاڙڪاڻو حاڪماڻو، ساهه سيباڻو، سنڌ جو عدن سڏجي ٿو.
سھتو صاحب به اصل ڪنڊيارو جو آهي، پر هتي اچي، هتان جو ٿي ويو. سندس مستقل رهائش پروفيسر ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ آهي. سنڌ جي پارَ واري حصي ۾، ڪنديارو، ڳوٺ ڄام نور الله ۾ غريب ماءُ جي ڪُک مان جنم ورتل ٻار، ماءُ جي هنج ۾ ڏينھن ۽ راتيون گهارڻ بعد، جڏهن ڌرتي ماءُ تي پير رکيائين ته امڙ کيس ٻولي سيکاري ۽ اڱڻ تي پنڌ ڪرڻ سيکاريو ۽ جڏهن پنڌ جو پڪو ٿيو، ته پوءِ ڳوٺ جي مِٽيءَ ۾ ڊوڙندو رهيو ۽ جڏهن ڳالهائڻ ۾ پڪو ٿيو تڏهن ماءُ ۽ والد جي ڪوششن سان اسڪول ۾ وڃڻ لاءِ مس، قلم، ڪُپڙي تيار ڪري امڙ ضرور تيل سرمو ڪيو هوندو. تيار ڪري والد سان گڏ اسڪول پھتو، استاد ۽ شاگرد، هن خوبصورت معصوم ٻار کي ڏسي ضرور خوش ٿيا هوندا. جڏهن الف ب پڙهيو ته استاد، دوست، شاگرد پڻ حيران ٿي ۽ سمجهيائون ته هي ذهين شاگرد ثابت ٿيندو. وقت گذرندو ويو، ’عبدالوهاب سھتو‘ پنھنجي مس ڪُپڙي ۽ قلم کي ايترو ته زور سان پڪڙيو، جو هن نيٺ وڃي هڻي هنڌ ڪيو ۽ ڏکئي سبجيڪٽ مئٿميٽڪ جو ماهر بنجي، انجنيئر بڻيو ۽ وري ادب طرف جي مڙيو ته دهقاني ادب، لوڪ ادب جي هڪ صنف اصطلاح ۽ پھاڪا ۽ چوڻين جو خزانو هٿ ڪيائين ۽ پنھنجو نالو ڪڍيائين. اصطلاح، پھاڪا ۽ چوڻيون، ڏاهپ جا نڪتا آهن. ڏاهپ جو ادب، انساني مشاهدن ۽ تجربن جو نچوڙ هوندو آهي، جنھن ذريعي سماجي ضابطي (Social Contact) کي لاڳو ڪري، سماج کي بھتر کان بھتر بنائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هنن جي وسيلي، ٻوليءَ کي سپڪ ۽ سوادي بنايو ويندو آهي. هي ٻوليءَ جا زيور آهن، جنھن سان ٻوليءَ جي رس ۽ چس کي قائم رکيو ويندو آهي ۽ تمام گهڻي مطلب کي ٿورن لفظن ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو. يعني ”سمنڊ کي ڪوزي ۾ سمائڻ“ ۽ اهڙي قسم جو ادب ۽ ماڻهو، تمام گهڻا نقطيدان ٿين ٿا. اسان جو هيءُ اديب به، تمام گهڻو نقطه دان آهي ۽ هر ڳالهه به پنھنجي ان نقطه دانيءَ کي چوڻين ۾ ظاهر ڪندو آهي.
سنڌي پھاڪن ۽ ورجيسن تي، سنڌي ساهت ۾ سنجيده ۽ ساکائتي قلمڪار هن صاحب، ماضي قريب ۾ ٿيل روايتي سھيڙ/ تاليف واري گس کي ڇڏي، تحقيق ۾ معياري اصولن مطابق جيڪا لوڪ ادب/ ڏاهپ جي اهميت، تاريخي حيثيت ۽ ڇنڊڇاڻ (Classification) ڪري، سنڌي ساهت ۾ ان گنجائش، کوٽ جو پورائو ڪيو آهي. اهڙي ڪوشش تحقيق جي شاگردن يا لسانيات جي ماهرن لاءِ به لاڀائتي ثابت ٿيندي.
سھتو صاحب، جنوني ڪيفيت جي حد تي رسي، ارضيات (Geology) جي متلاشي ماهرن، جيڪي تيل گئس جي ڳولا لاءِ سدائين سفر ۾ هوندا آهن، تيئن هي صاحب به پھاڪن پويان هميشه سرگردان نظر ايندو. جي ڪٿي به ٿورڙي خبر پيس ته، ٺڪ اتي پھچندو ۽ اتان مواد حاصل ڪندو. لوڪ ادب تي ڪم ڪرڻ، هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڇو ته تحقيق ۽ تاريخ جي تھه تائين پھچڻ لاءِ، وڏي کاهوڙ ۽ جاکوڙ جي ضرورت پوي ٿي. اهڙو ڪم، ڪو ماهر ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو سمنڊ جي عميق مان موتي ميڙي چونڊي، ٻاهر ڪڍي اچي. اهو هڪ وڏي صبر ۽ همت جو ڪم آهي ۽ چڱي ڀلي کان اها ڳر نه ڳرندو.
سھتو صاحب سنڌي علم و ادب ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان سنڌي پھاڪن ۽ چوڻين تي جيڪو ۽ جيترو ڪم ڪيو آهي، اهو سنڌي ٻوليءَ جو تمام وڏو اثاثو آهي. هن صاحب سنڌ جي پھاڪن بابت انتھائي ٺوس ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي. هو ماڻهن جي سينن ۾ دفن سنڌي ٻوليءَ جا خزينه ڳوليندو رهي ٿو ۽ سنڌي ٻولي توڙي ادب کي مالامال ڪندو رهي ٿو. سچ پچ ته سھتو صاحب، اڳين لوڪ ادب جي ماهرن جو تسلسل آهي، جيڪو لوڪ ادب جو وکر گڏ ڪندو رهي ٿو. اهو کيس ادبي دنيا ۾ نشانبر ڪندو رهندو. اهو سنڌي علم ادب ۾ ميڙي چونڊي وارو جذبو، هن جو مشغلو به آهي ۽ علم ادب جي ميدان ۾ واڌارو پڻ آهي. هت هڪ عام روايت مطابق ٻه چار ڪتابچا ڏسي ڪم ڪيو وڃي ٿو پر تحقيق ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار نه هوندو آهي. پر عبدالوهاب سھتو، ان جي ابتڙ ڪم ڪري ٿو. هي پنھنجي ميڙي چونڊي کي مڪمل تحقيقي انداز ۾ پرکي ٿو. هو انجنيئر به آهي ۽ پنھنجي محڪمي ۾ آفيسر به ۽ سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ تھذيبي روايتن جو امين به.
انجنيئر عبدالوهاب سھتو، هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ ادبي کيتر ۾ پير پاتو ۽ پوءِ تحقيق جي پِـڙَ ۾ قدم ڌريائين ۽ وتي ٿو پھاڪن جا بڻ بنياد ڳولهيندو. تحقيقي عمل تمام گهڻو اولو آهي، هن ۾ رُڪَ جا چڻا چٻاڙڻا پون ٿا، هي هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه ناهي. هي دوستيءَ جو پڪو ۽ کرو، غريب پرور، سادگي پسند، ڪوڙ کان نفرت ڪندڙ، ٻيائيءَ کان ڪوهين ڏور، مٺڙي طبيعت رکندڙ، دوستن کي ڪتاب ڏيڻ ۾ سخي، ادبي ذوق ۽ شوق رکندڙ، صوم ۽ صلواة جو پابند، نيڪ، مخلص انسان ۽ انيڪ خوبين جو خاوند ۽ ڪميٽيڊ محقق ۽ اسڪالر آهي.
تعارف:
نالو:  انجنيئر عبدالوهاب سھتو
جنم:  ڄام نور الله، ڪنديارو، نوشھروفيروز- مئي ۱۹۵۹ع.
تعليم: 
·      گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄام نور الله ۷۰-۱۹۶۵ع.
·      گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو- ڇھون ۽ ستون ۱۹۷۰ع
·      نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد - اٺون ۽ نائون ۷۴-۱۹۷۳ع
·      ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه - مئٽرڪ ۷۵-۱۹۷۴ع
·      گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه - (پري انجنيئرنگ) ۷۷-۱۹۷۶ع
·      مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه/ ڄامشورو- ۸۴-۱۹۷۸ع
·      شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور- ايم اي (سنڌي) ۹۳-۱۹۹۲ع
ادب : *پھرين ڪھاڻي ”ناچو“: ساهتي پبلييشن ڪنڊيارو ۾، سائين سکيو خان چنو جي اصلاح سان ڇپي-۱۹۷۸ع
تصنيف: *ڪھاڻين جا ٽي مجموعا: ۱. هراس، ۲. جڏهن بُت ئي چوي ڪافر، ۳. هٿ جي وڍي.
ترجما: * السنڌ، اسلام آباد لاءِ چار مضمون.
تحقيق: * پھاڪن ۽ چوڻين جي موضوع تي ڏهاڪو کن مقالا/ مضمون، ڪينجهر ۽ مومل ۾ ڇپيل.
تنقيد: * ”ورجيسي ٻولي“ ۽ ”جواب ڏيو“ ڪتابن تي تنقيدي مقالا، ڪينجهر ۽ مومل ۾ ڇپيل.
ڪھاڻيون (ڇپيل):
۱ - هراس (آڪٽوبر ۱۹۸۹ع)
۲ - جڏهن بُت ئي چوي ڪافر (نومبر ۱۹۹۲ع)
۳ - هٿ جي وڍي (۱۹۹۹ع)
پھاڪا ۽ چوڻيون/ ورجيسون  (ڇپيل):
۱ - ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پھاڪا (اپريل ۲۰۰۲ع)
۲- ورجيسون: پسمنطر ۽ ڪارج (نومبر ۲۰۰۳ع)
۳ - موزون آکاڻين تي مشتمل پھاڪا ۽چوڻيون (آگسٽ ۲۰۰۴ع)
۴ - اترادي پھاڪا ۽ چوڻيون (مارچ ۲۰۰۶ع)
۵ - گل شڪر (نئين سر لکيل) مارچ ۲۰۱۱ع.
۶ - پھاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون (جولاءِ ۲۰۱۵ع
۷ - لاڙي پھاڪا ۽ چوڻيون (سيپٽمبر ۲۰۱۵ع)
۸ - ڳوٺاڻو ڳُڙ (نئين سر لکيل) ڊسمبر ۲۰۱۵ع.        
تاليف ۽ ترتيب:
۱ - عبدالڪريم گدائي: روايت ۽ بغاوت جو شاعر (جنوري ۲۰۰۶ع)
۲ - تنقيديون تجزيا: پروفيسر نذير احمد سومرو (جنوري ۲۰۱۳ع)
۳ - موهيو مون کي جن: پروفيسر نذير احمد سومرو (مئي ۲۰۱۵ع)
۴ - جيڪب آبادي صاحب ڪتاب ۽ سندن ڪتاب (ڇپائيءَ هيٺ)
پھاڪا ۽ چوڻيون:
۱ - چوڻين ۽ پھاڪن تي مشتمل مضمون
۲ - چوڻين ۽ پھاڪن بابت مضمون ۽ مقالا
۳ - ٿري پھاڪا ۽ چوڻيون
۴ - نصيحت آموز آکاڻين وارا پھاڪا ۽ چوڻيون
۵ - تاريخي واقعن منجهان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا
۶ - ماڳ مڪان وارا چوڻيون ۽ پھاڪا
۷ - سنڌي لغات، پھاڪا ۽ چوڻيون
۸ - سنڌي لغات، اصطلاح ۽ چوڻيون
۹ - پھاڪن ۽ چوڻين جي تاريخ، وغيره.
عبدالوهاب سھتو نه صرف لوڪ ادب ۾ پنھنجو ڪونتل ڪڏايو آهي. پر سنڌي علم ادب جي پنجن ئي شعبن، ٿنڀن جن ۾ تخليق، تحقيق، ترتيب، ترجمو ۽ تنظيم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سال ۹۳-۱۹۹۲ع سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ، اعلى تعليم پي ايڇ ڊي لاءِ رجوع ڪيائين. پر ڀاڳ نه ڀڙايس. اتفاقاً ٽاپڪ منظور ٿي نه مليس. ڪافي ڪوششن جي باوجود اهو ڪم ٿي نه سگهيو. ان ڪري دل ڀڄي پيس ۽ ان عمل کان هميشه لاءِ رڪجي ويو. پر پوءِ به دانائي کان ڪم وٺندو رهيو. سنڌي علم ادب ۾ تعريف جوڳو ڪم ڪيو اٿائين. چئي سگهبو ته پاڻ لوڪ ادب، سنڌي علم ادب ۾ گهمندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت رکي ٿو. اميد آهي ته پنھنجي زور قلم وسيلي سنڌي علم ادب، ماروئڙن ۽ سنڌ جي خدمت اَحسن طريقي سان بجا آڻيندو.

**


انجنيئر عبدالوهاب سهتو
مٺل جسڪاڻي
هونئن ته هر ليکڪ جي لکڻ جو پنهنجو انداز آهي ئي، پر انجنيئر عبدالوهاب سهتو جو پنهنجو نجو اسلوب آهي. هن جا ويهارو کن ڪتاب آهن، جن مان شروعاتي ٽي ڪتاب ڪهاڻين جا مجموعا آهن ۽ ۱۲ ڪتاب پهاڪن ۽ چوڻين/ورجيسين تي مشتمل آهن. اهي ۱۵ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. رهيل ڇپجڻ جي مرحلي ۾ آهن. پهاڪن ۽ چوڻين تي مشتمل سندس ڪتاب، سندس تخليق نه، تحقيق ۽ ترتيب تي مشتمل آهن. بظاهر تمام سولو، پر حقيقت ۾ اهڙو ڏکيو ڪم، جيڪو ٻيا نه ڪري سگهيا آهن، اهو عبدالوهاب سهتو ڪري رهيو آهي. هن اڪيلي جيترو ڪم ڪيو آهي، ايترو ڪنهن ٻئي ڪيو به آهي، ته اهو لڪل ڇو آهي؟ ظاهر ڇو نه آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کان اهڙو ڪم نه پڳو آهي، ته انجنيئر عبدالوهاب سهتو کي جس هجي.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو سان سوال جواب ڪندي معلوم ٿيو ته سندس ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ ڄام نورالله آھي. ان وقت تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوابشاھ ۾ ھيو. ھاڻي ضلع نوشھروفيروز آھي. محمد بچل سھتو جي فرزند ارجمند انجنيئر عبدالوهاب سهتو جي جنم تاريخ پنجين مئي اوڻويھ سؤ اوڻھٺ عيسوي سال آهي. تفصيل ٻڌائيندي ٻڌايائين ته؛ ”مون ڳوٺ بابت ھڪ مضمون لکيو آھي؛ ”ڄائم جنھن ڄام ڳوٺ ۾“. سو ڪينجھر رسالي جي ڳوٺ نمبر ۾ شايع ٿيل آھي. منھنجي بلاگ تي پڻ رکيل آھي. اگر ڪير مطالعو ڪرڻ گھري ته اتي معائنو ڪري سگھي ٿو“. هن ٻڌايو ته ”پرائمريءَ جا پنج درجا، سال ۱۹۶۴ع کان ۱۹۶۹ع، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄام نورالله، تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوابشاھ، مون پنھنجي ڳوٺ منجھ ئي پڙھيا، جو اسان جي ڳوٺ ۾ ھيو ئي، بلڪ اڄ تائين آھي ئي، پرائمري اسڪول. ڪنڊيارو، ھاڻي ته ڳوٺ سان ڳنڍيو پيو آھي، ان وقت ميل کن پنڌ تي ھيو. اتي سرڪاري اسڪول ھيو. جتي انگريزي پڙھڻ لاءِ ويس. ڇھون ۽ ستون درجو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ڪنڊيارو، اٺون ۽ نائون درجو نورمحمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد، مئٽرڪ سال ۱۹۷۵ ڌاري ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاھ مان ڪئي. اٺين درجي ۾ ڪجھ دوستن سان اڻبڻت ٿي، ڪجھ حيدرآباد ۾ پڙھڻ جو آسرو ۽ شوق ٿيو ته اوڏانھن آيس. منھنجو ننڍو چاچو، ڀلي رکيو سھتو، ان وقت اريگيشن کاتي جي مسو ڀرڳڙي سب ڊويزن ۾ جونيئر ڪلارڪ ھيو. بيراج ڪالونيءَ ۾ ڪوارٽر ھيس. شادي ٿيل نه ھيس، ڇڙو رھندو ھيو. مان ساڻس اتي وڃي رھيم. مون کي اٺين درجي منجھ، سندس آفيس جي ڀرسان واري اسڪول، نور محمد ھاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏنائين. ماني مٺارام ھاسٽل منجھ، استادن جي ميس ۾، کائيندا ھياسين. جڏھن اتان بدلي ٿيو، ته وقتي طور ھاسٽل ۾ به رھيس. جڏھن ھڪ ھنڌ ٿانيڪو ٿيو ۽ نوابشاھ منجھ پوسٽنگ ٿيس ته ميٽرڪ مون اچي نوابشاھ جي ڊي سي ھاءِ اسڪول مان ڪئي. نتيجي طور فرسٽ ييئر ۽ انٽر (پري انجنيئرنگ) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھ منجھان سال ۱۹۷۷ع ۾ ڪئي. بي اِي (سول) جا پھريان ٻه سال به اتان ڪياسين. پويان ٻه سال ڄام شورو منجھان ڪياسين. سال ۱۹۸۴ع ۾ اتان ڊگري وٺي، نوڪريءَ جي تلاش کي لڳاسين“.
هڪ سوال جي جواب ۾ چيائين ته؛ ”سائين منھنجا! مون بي اي (سول) سال ۱۹۸۴ع ۾ ڪئي. ان وقت انجنيئرنگ جو جاب ھٿ ڪرڻ لاءِ، گرئجوئيشن جي ڊگري ئي ڪافي ھوندي ھئي. ضرورت به نه ھئي ۽ اڳتي وڌيڪ پڙھائي ڪرڻ جي سگھ به نه ھئي. تنھن ھوندي به، سال ۱۹۹۳ع ۾، ايم اي (سنڌي) شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور منجھان ڪئي، سال ۱۹۹۶ع ۾، جڏھن مان حيدرآباد واري آفيس ۾ پوسٽيڊ ھيس، ايم اِي (انوائرنمينٽ) لاءِ فارم ڀريو ھيم، جيڪو منظور ٿيو ۽ فيس به جمع ڪرايم. ڪلاس شروع ٿيڻ وارا ھيا جو منھنجي بدلي، جيڪب آباد ٿي وئي. اتان، شام وارا ڪلاس ڄام شوري ۾ اٽينڊ ڪرڻ ڏکيا ھيا. ٻيو ته فيلڊ جي نوڪريءَ دوران، وڌيڪ پڙھائيءَ لاءِ وقت ڪڍڻ، ناممڪن ھوندو آھي. انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس نه ڪرڻ جو سبب اھو ھيو“.
رهائش جي حوالي سان سُڌ ڏيندي جواب ڏنائين ته؛ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ پهرين سال ۱۹۸۴ع بعد ۾ سال ۱۹۹۰ع ڌاري لاڙڪاڻي منجھان شادي ڪرڻ سبب، هو لاڙڪاڻي جو رهواسي ٿي ويو. جڏهن ته سال ۱۹۹۴ع کان سال ۱۹۹۹ع تائين حيدرآباد بدلي ٿي وڃڻ سبب لڏي به ويو، پر سال ۲۰۰۰ع ڌاري وري واپس لڏي اچي لاڙڪاڻي شھر منجھ رھائش اختيار ڪئي.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”لکڻ جي شروعات سائين سکيو خان چنو جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ ۱۹۷۸ع کان ڪئي، کيس ڪينجھر ادبي ايوارڊ سال ۱۹۹۷ع ۾ پڻ مليو“. هن ٻئي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته؛ ”علمي ادبي ماحول، اسان جي ڳوٺ ۾ نه ھيو. البته نوابشاھ ۾ رھڻ دوران، ٿورو گھڻو ماحول مليو. جنھن ۾ پڙھڻ سان دلچسپي وڌي. پوءِ لکڻ ڏانھن به لاڙو ٿيو. اسان جي خاندان ۾، منھنجي پيءُ جو مامو عالم ھيو. پير جھنڊي جي مدرسي منجھ پڙھيو ھيو. ان جو اثر سڄي ڳوٺ تي پيل ھيو. مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جي نالي سان مشھور ھيو. ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ فقه جو ٽيچر ھيو. سال ۱۹۴۶ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس لکيل قرآن مجيد جي پھرين ٻن پارن جو تفسير ”معارف القرآن“ نالي سان ڇپيل آھي. معارف نالي سان نوابشاھ منجھان سال ۱۹۳۶ع کان ۱۹۳۶ع ڌاري رسالو به جاري ڪيائين. جنھن جا چوويھ شمارا نڪتا ھيا“. هن وڌيڪ ٻڌايو ته؛ ”موجودھ وقت ۾، لکڻ پڙھڻ جي حساب سان، مٽن مائٽن منجھان، مان ئي سرگرم آھيان. منھنجو ھڪڙو ننڍي ھوندي جو ڪلاسي ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھرو، جيڪو مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ بيسڪ سائنس جو چيئرمين آھي، سو پڻ ديني ڪتابن ۽ مقالن جي تاليف ۽ تصنيف ۾ سرگرم آھي“.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو ھن وقت ايس اي (سپرنٽينڊنگ انجيئر) پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ طور پروموٽ ٿيو آھي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ آھي. ان کاتي ۾ ۱۹۸۴ع کان وٺي ڪم ڪري پيو. سندس موجب؛ ”انجنيئرنگ جي جاب لاءِ بي اِي ئي ڪم آئي. ايم اي (سنڌي) ڪم جي ناھي“. مون پڇيو ته؛ ”ماضي ۽ حال جي تعليمي سرشتي کي ڪيئن ڀيٽيو ٿا؟ ماضي ۾ ڪهڙا مثبت پاسا هئا، حال ۽ مسقبل لاءِ ڇا تجويز آهي؟“ جواب ۾ چيائين ته؛ ”اسان کي جن استادن پڙھايو، اھي پنھنجي شغل سان سچا ھيا. فقط استاد ھيا. ٻيو ڪجھ نه ھيا. نه منجھن ٻي ڪا لالچ يا لوڀ ھيو. پنھنجي شاگرد کي ٽيوشن پڙھائڻ، عيب سمجھندا ھيا. ڇا ته سندن پڙھائڻ جو انداز ھيو. صاف سٿري پوشاڪ ۾ صاف سٿرا ٿي ڪلاس منجھ ايندا ھيا، ڪو به لفظ ٻٽي معني وارو نه ڳالھائيندا ھيا. رڳو ڏنڊي تي راڄ نه ھين. نصيحت ڪري ڄاڻندا ھيا. ڳالھائڻ ٻولھائڻ، اٿڻ ويھڻ، ھلڻ چلڻ جو ڇا ته ڍنگ ھين، جيڪو اڄ جي استادن ۾ ڪونھي. اھي شوق منجھان استاد ٿيندا ھيا، ھاڻوڪا شايد مجبوريءَ کان استاد ٿين ٿا. مڙني اسڪولن ۾ استاد موچارا ھيا. ڪنھن ۾ به گھٽتائي نه ھئي“. هن چيو ته؛ ”ميرٽ جي موت کان پوءِ، پڙھائي به فوت ٿي وئي آھي. ميرٽ کي جيستائين پوريءَ طرح بحال نه ٿو ڪجي، تيستائين تعليم جو ٻيڙو ٻڏل ئي ھوندو. جڏھن شاگرد کي خبر آھي؛ مون وارو پڙھڻ نه اڄ (امتحان ۾) ڪم جو آھي، نه سڀاڻي (نوڪري وٺڻ وقت) ڪم جو آھي، ته پوءِ اھو محنت ڇا لاءِ ڪندو؟ استاد به مٿن مغزماري ڇو ڪندو. مائٽ به سندن پڙھائيءَ تي زور ڇو ڏيندا؟ جتي رشوت جو راڪاس، ناچ وجھيو ويٺو نچي، اتي سڌاري جي توقع رکڻ عبث آھي“.
مون پڇيو ته؛ ”اوهان ڪهاڻي ڇڏي، يا ان ڏانهن لاڙو گهٽائي لوڪ ادب، اهو به پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪم ڇو هٿ ۾ کنيو؟ ڪو خاص سبب؟“ هُن وراڻيو؛ ”ڪھاڻي ڇڏڻ جو وڏو سبب، ڪھاڻيءَ تي مغز ماري ھيو. ڪوڙي پلاٽ کي اھڙو بڻائڻو ھيو، جو سچ جو گمان ٿئي. گھڻا ئي جھد ڪيم پر آخر ڪوڙن قصن ۽ ڳالھين کان بيزار ٿي پيم. ان ڪري راھ مٽيم. لکڻ جي عادت نه مٽيم. لکڻ جاري رھيو. اتي ئي اتي، پھاڪن ۽ چوڻين ڏانھن لاڙو ٿيو. اھي سچ ۽ حقيقتن تي مبني آھن. مٿن، جوڙڻ ڪرڻ لاءِ، ڪوڙ گھڙڻا نه ٿا پون. موضوع به اڻ کٽ آھي. منھنجي حياتي کٽي سگھي ٿي، موضوع ڪو نه کٽائي سگھبو. اھي پھاڪا، عوام جي مک منجھان نڪتل آھن. ھر ڪو کين پنھنجو سمجھي ٿو. ڀلي پھاڪا فحش ئي ھجن، ته به ھر ڪنھن کي منجھانئن ڪو نه ڪو نقطو مليو وڃي. چاکائو ذھنن کي ذھني آسودگي مليو وڃي. مون کي به ان موضوع ۾ ذھني آسودگي ملي ٿي. واندي کان ورتڻ چڱي ھوندي آھي. ٻئي ھنڌ مٿو کپائڻ کان، انھن تي ويچار ڪرڻ ۾ ذھني طراوت ملندي آھي. وقت گذري ويندو آھي، خبر ئي نه پوندي آھي“.
هڪ ٻئي سوال ”اوهان چوڻين ۽ پهاڪن جي حوالي سان تمام گهڻو ۽ سٺو ڪم ڪيو آهي، ان تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ذهن ۾ آيو، نه آيو، سنجيدگي سان پي ايڇ ڊي ڏانهن لاڙو ڇو نه ٿيو؟“ جي جواب ۾ چيائين ته ”مون پھاڪن ۽ چوڻين تي ان لاءِ توجھ ڏنو جو ڪھاڻين جي اندر، استعمال ٿيل ٻوليءَ کي ڪردارن جي اصل ٻولي ڳالھرائڻ واسطي ليکڪ کي اوڏانھن توجھ ڏيڻو ھوندو آھي. پر انھن جي ڪٺي ڪرڻ ۾ ايترو محو ٿي ويم جو ڪھاڻين جي گھڙڻ لاءِ نه فرصت رھي، نه وري ايترو دماغ بچيو. اڃا به ان ئي ميدان ۾ آھيان. نڪرڻ لاءِ ھيءَ عمر ٿوري آھي. ميدان تمام وسيع ۽ اڻکٽ آھي“. هن چيو ته ”ايم اي (سنڌي) ڪئي ئي ان لاءِ ھيم جو پھاڪن ۽ چوڻين جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ارادو ھيو. ايم اي بعد، جڏھن خيرپور يونيورسٽيءَ ۾، ڊاڪٽر ادل سومرو صاحب جن جي رھبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ، ”ذاتيون ۽ قومون؛ پھاڪن ۽ چوڻين جي تناظر ۾“ جي عنوان سان فارم ۽ سيناپسس جمع ڪرايم ته رد ڪيا ويا. سفارش وغيرھ جو زور ڏيڻ يا ڏيارڻ جي منڍئون ھير نه ھئي، سو اھا رٿا راھ ۾ رھجي وئي. پي ايڇ ڊي جو خيال دل مان لاھي ڇڏيم. اھا ٻي ڳالھ آھي ته ان عنوان تي مون ڪافي ڪم ڪيو ھيو، جيڪو، اگر حياتي رھي ۽ سرير ۾ سڪت باقي بچي ته پورو ضرور ڪبو. وڌيڪ جيڪا رب جي مرضي“.
شادي متعلق پڇڻ تي ٻڌايائين ته؛ ”شادي، ڳوٺان نه ڪئي اٿم. ڇو جو اتي ڏي-وٺ جو رواج ھيو. مون وٽ پاءُ پاڻي ڏئي سڱ وٺڻ لاءِ ڪجھ نه ھيو. منھنجي نوڪريءَ جو گھڻو عرصو ۽ خاص طور تي جواني/ جوڀن وارو حصو، لاڙڪاڻي ۾ گذريو آھي. جنھن سببان لاڙڪاڻي منجھان، ارينجڊ شادي ڪئي اٿم. منھنجو سھرو پڻ، ذات جو سھتو ھيو. ان به اتان (قنبر مان) شادي ڪئي ھئي، جڏھن ته پاڻ حيدرآباد جو ھيو. نتيجي طور، منھنجي شادي به؛ نه عزيزن منجھان آھي، نه ئي وري پيار جي رچايل آھي. منھنجي ٽن سؤٽن، جيڪي زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جا ملازم آھن، به لطيف آباد حيدرآباد مان ارينجڊ شادي ڪئي آھي. مون سان به ساڳيو مسئلو ھيو، تنھنڪري انھن وانگر ٻاھران ڪئي آھي“.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو نوڪري به ڪندو رهيو، لکڻ پڙهڻ به جاري رکيو، گهر تي به ڌيان ڏنائين، مٽي مائٽي ۽ ياري دوستي ۾ به نڀائيندو رهيو، علمي ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رهيو، اولاد جي تربيت لاءِ پڻ وسان نه گهٽايائين. مون چيو ”اوهان جي اولاد بابت ڪجهه ٻڌائڻ پسند ڪريو ته...“، پاڻ وراڻيائين؛ ”منھنجو ھڪڙو پٽ، ماشاءَالله، بي اي (سول) ڪرڻ کان پوءِ ايم اي (اسٽرڪچر) ڪئي. ھاڻي سول ايوي ايشن کاتي جي انجنيئرنگ شعبي ۾ ايگزيڪيوٽو گروپ ون ۾ سرڪاري ملازم آھي. ٻئي نمبر تي نياڻي آھي، جنھن بي بي اي (فنانس) ڪئي آھي. ٽيون نمبر ٻار پٽ آھي، جيڪو سول انجنيئرنگ جي آخري سال منجھ مھراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پڙھي ٿو. ٽيون پٽ ميٽرڪ ۾ آھي ۽ چوٿون ٻن سالن جو آھي. مولا جو گنج آھي. رب کين پنھنجي ھنجئون گنجئون ڏيندو. ڇو جو ڏئي ته رب، اب ڇا ڏيندو؟“


(هفتيوار ”سنڌ اشوز“ حيدرآباد، سومر ۱۴ آگسٽ کان آچر ۲۰ آگسٽ ۲۰۱۷ع تائين)


انجنيئر عبدالوهاب سهتو
محنتي ۽ محبتي ماڻھو
ھمير گاد
آئون جڏهن ستين يا اٺين ڪلاس ۾ پڙھندو هيم ته ان وقت مون ڪٿي هڪ ڪتاب جو ٽائيٽل پڙھيو هو جيڪو پهريون ڀيرو پڙھڻ سان ئي منهنجي ذھن تي نقش ٿي ويو هو ان ڪتاب جو نالو هو ”جڏهن بت ئي چوي ڪافر“ ۽ اها خبر بلڪل به نه هئي ته ان ڪتاب جو ليکڪ ڪير آ ڇاڪاڻ ته ان ڪتاب جو نالو ئي اهڙو مختلف هو جو سواءِ ان نالي جي ٻيو سڀ وسري ويو هو. ان ڪتاب جو ليکڪ تمام پيارو ۽ محبتي ماڻھو انجنيئر عبدالوهاب سهتو هو.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو ۵ مئي ۱۹۵۹ع ۾ ڳوٺ ڄام نورالله ڪنڊياري ۾ جنم ورتو.
پاڻ نه صرف هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آھي پر ان سان گڏ هو هڪ بهترين محقق پڻ آھي. سندس پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪافي تحقيق ٿيل آھي.
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”هراس“ جي نالي سان ۱۹۸۹ع ۾ مرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان ڇپيو.
ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”جڏھن بُت ئي چوي ڪافر نومبر ۱۹۹۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران ڇپايو ويو.
سندس ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب ”هٿ جي وڍي جنهن کي عبدالخالق ڪنڊياروي اڪيڊمي ڄام نورالله طرفان ۱۹۹۹ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو جي پهرين ڪهاڻي ”ناچو“ جي نالي سان هئي جيڪا ساهتي پبليڪيشن ڪنڊيارو ۾ ۱۹۷۸ع ۾ سکيو خان چنو جي اصلاح سان ڇپي هئي.
گهڻي عرصي کان هن هاڻي ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون آھن. ڪهاڻي ڇڏڻ جو سبب ٻڌائيندي هن ڪٿي چيو هو ته؛ ”ڪهاڻيءّ تي وڏي مغز ماري هئي ڪوڙي پلاٽ کي اهڙو بڻائڻو هو جو سچ جو گمان ٿئي.گهڻي ڪوشش ڪيم پر آخر ڪوڙن قصن ۽ ڳالهين کان بيزار ٿي پيم ان لاء راھ مٽايم، ليڪن لکڻ جي عادت نه مٽايم، لکڻ جاري رھيو. اتي ئي اتي، پھاڪن ۽ چوڻين ڏانھن لاڙو ٿيو. اھي سچ ۽ حقيقتن تي مبني آھن.“
هونئن به پهاڪا چوڻيون ۽ ورجيسيون اسان جي لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل آھن.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (ڪهاڻين کان علاوه)
۱- ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا (۲۰۰۰ع)
۲- ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج (۲۰۰۳ع)
۳- موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون (۲۰۰۴ع)
۴- اُترادي پھاڪا ۽ چوڻيون. (۲۰۰۶ع)
۵- گل شڪر (نئين سر لکيل) (۲۰۱۱ع)
۶- لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون.( ۲۰۱۵ع)
۷- ڳوٺاڻو ڳُـڙ (نئين سر لکيل) ۲۰۱۵ع
۸- ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون.(۲۰۱۶ع)
۹- طبي پهاڪا ۽ چوڻيون (۲۰۱۶ع)
۱۰- چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين) ۲۰۱۷ع
۱۱- پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب) ۲۰۱۷ع
۱۲- ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون.(۲۰۱۷ع)
۱۳- گهاگهر منجهه ساگر. (۲۰۱۸ع)
۱۴- پهاڪن جي پاٻوهه (سنوار سڌار) ۲۰۱۸ع
۱۵- شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلُو. (۲۰۱۸ع)
۱۶- نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون. (۲۰۱۹ع) وغيره شامل آهن.
پھاڪا ۽ چوڻيون (اڻ ڇپيل)
۱- چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون ڇپائيءَ ھيٺ
۲- تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پھاڪا ڇپائيءَ ھيٺ
۳- پھاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون ڇپائيءَ هيٺ.
ڏٺو وڃي ته پهاڪن ۽ چوڻين کي ڪٺو ڪري ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ تمام ڏکيو ڪم آھي جنهن جي لاء انجنيئر عبدالوهاب سهتو واقعي تعريف جي لائق آھي.
۽ مان نه ٿو سمجهان ته سنڌي پهاڪن چوڻين ۽ ورجيسين تي جيترو ڪم سائين عبدالوهاب سهتي ڪيو آھي شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪيو هجي.
سندس لکڻيون ڄاڻ جي کاڻ آھن.
ان کان علاوه انجنيئر عبدالوهاب سهتي تمام بهترين نقاد پروفيسر نذير احمد سومري جو تنقيد ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ ۽ ٻيو ڪتاب ”موهيو مون کي جن“ جيڪو شخصيتن ۽ خاڪن تي مشتمل آ، انهن ٻنهي ڪتابن کي ترتيب ڏئي ڇپرايا آھن.
اهي ٻئي ڪتاب پروفيسر نذير احمد سومري جي وفات کان بعد، انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب سمورو مواد سهيڙي ان کي ڇپرايو هو.
سائين عبدالوهاب سهتي سان پهرين ملاقات آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ٿي هئي پاڻ هڪ ادبي پروگرام ۾ شرڪت جي لاء آيل هئا.
آئون ان پهرين ئي ملاقات ۾ سندس ڪردار ۽ گفتار تي موهت ٿي ويس.
ان کان بعد سائين سان منهنجون ملاقاتون، ساڻس رستي هلندي يا وري ڪنهن ادبي پروگرام ۾ ٿيون.
تازو مان ۽ منهنجا ماسات اظھر سومرو ۽ صفدر ڪنهن ڪتاب جي مهورت کان واپسي تي اچي رهيا هياسين ته روڊ جي ٻئي پاسي کان گاڏي ۾ سائين عبدالوهاب سهتو اچي رهيا هئا ته ماسات اظھر چيو ته هلو ته سائين سان ملئون اسان ٿورو اڃان اڳتي وڌياسين ته سائين ڏسي اسان کي هٿ جي اشاري سان چيو اوهان اتي بيهو آئون پاڻ اوهان ڏانهن اچان ٿو پوء سائين گاڏي کي سائيڊ تي بيهاري اسان سان مليا.
هن ۾ مون ڪڏھن به وڏائي نه ڏٺي. نه ته اڪثر اديبن کي مون ڏٺو آھي هڪ ڪتاب ڇپجڻ کان بعد ۾ پاڻ کي هوا ۾ اُڏامندو محسوس ڪندا آھن. سائين عبدالوهاب سهتو ننڍن سان به ائين ئي پيار ۽ محبت سان ملندو آھي جيئن پنهنجي ھم عمر وارن سان.
عبدالوهاب سهتو جو اخلاق، انڪساري، ڪشاده دلي ۽ هر آئي جو احترام ۽ خلوص سان آڌرڀاءُ ڪرڻ سندس اهڙا گڻ آهن، جيڪي مون تمام گھٽ ماڻهن ۾ ڏٺا آھن.
رب سائين کيس اڃان به زور قلم گهڻو عطا ڪري ته جيئن پڙھندڙن کي پڙھڻ لاءِ اڃا به گهڻو ڪجھ ملي سگهي.

(روزاني ھلال پاڪستان، اڱارو ۲۲ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع، منجھ شايع ٿيل)


انجنيئر عبدالوھاب سهتو
مختصر تعارف ۽ ويچار - فيس بوڪ انٽرويو (ٽئين ڪڙي)
ترتيب: مٺل جسڪاڻي
مهربان پڙهندڙو! فيس بوڪ انٽرويو سلسلي جي ٽئين ڪڙي ۾ پهاڪن، چوڻين، ورجيسين، محاورن ۽ اصطلاحن تي شايد سنڌ ۾ ٻين سڀني کان گهڻو ڪم ڪندڙ محقق ۽ ڪهاڻيڪار انجنيئر عبدالوھاب سهتي جو مختصر تعارف ۽ سندس ڪجهه ويچار اوهان جي نظر ڪجن ٿا. اميد ته قبول پوندا.
اوهان جي محبتن ڀري مثبت موٽ، اوهان لاءِ وڌيڪ معلومات ۽ بهتر ويچار ونڊڻ لاءِ اتساهه بڻبا. اوهان جي مطالعي منتظر سوال جواب آهن:
سوال ۱. اوھان جو نالو:
جواب: عبدالوھاب.
سوال ۲. ولديت ذات سميت:
جواب: محمد بچل سھتو.
سوال ۳. رھائشي پتو (ڄم جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت):
جواب: ڄم پنج مئي ۱۹۵۹ع، ڄم جو ھنڌ ڳوٺ ڄام نورالله، تعلقو ڪنڊيارو، ضلع نوابشاھ/ نوشھروفيروز، موجودھ پتو: ۸۹- پروفيسرس ڪالوني، گھٽي -۳، قنبر روڊ، لاڙڪاڻو.
سوال ۴. تعليم:
جواب: بي اي (سول) (سال ۱۹۸۴ع) ، ايم اي (سنڌي) (سال ۱۹۹۳ع).
سوال ۵. ڪرت:
جواب: پيشو: انجنيئر.
ڌنڌو/ ڪار: پرنسپال، لاڙڪاڻه گرامر اسڪول، لھر ڪالوني، ميرو خان روڊ، لاڙڪاڻو.
سوال ۶. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر:
جواب: پڙھڻ، لکڻ، بلاگنگ ۽ فيسبڪ تي چئٽ.
سوال ۷. ليکڪ آھيو تہ شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
جواب: ڪھاڻيڪار (ڪھاڻين جا ٽي مجموعا)، مضمون نگار (چند مضمون)، مترجم (چند مضمونن جا). ۲. لوڪ ادب ۾ پھاڪا ۽ چوڻيون (سورھن کن ڪتاب ڇپيل). لغتيات (ورجيسون؛ پسمنظر ۽ ڪارج)
سوال ۸. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
جواب: نثر (افسانا، مضمون/ مقالا، ڪالم). شاعريءَ ۾ فقط شاھ جو رسالو.
سوال ۹. سير سفر، اوھان جي نظر ۾:
جواب: چڱو آھي، پر ھوند سان. بشرطيڪ ساٿي خوبصورت ھجي، موسم سھاني ھجي، روڊ رستا شاندار ھجن، گاڏي آرامده ھجي، ڊرائيور خوبرو ۽ فرمانبردار ھجي، پنھنجي صحت سالم ھجي.
سوال ۱۰. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾:
جواب: سدا قائم ھجن. سٺيون آھن. شرط اھو آھي ته منجھن ويٺل محفل جا مور، گفتي جا ڄاڻو، لفظن جا سپورنج، سخن چين، سخن ور، سخن دان، ديده ور، دل کولي داد ڏيندڙ ھجن.
سوال ۱۱. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾:
جواب: چڱيون. اڻيھي نه ھجن. زندگيءَ ۾ ھڪ اڌ يادگار تقريب پڻ ٿيڻ گھرجي. بشرطيڪ مندوبين مانائتا/ شانائتا، علم جا ڄاڻو، گفته شناس، گفتگو جا ماھر، ادب شناس، اديب/ ادب سان پيش ايندڙ، لفظن جا گوھر سندن چپن تي ھجن. نه ڊاڙي لٻاڙي ھجن، نه گلم جا توبچي ھجن. نه گفتي جا غازي ھجن، نه ٺڪائي ٻٽاڪي ھجن.
سوال ۱۲. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾:
جواب: تمام ڀليون. شرط اھو آھي ته نيڪ نيتيءَ تي مبني ھجن. اھڙو لڪائي سخا ڪجي جو وٺندڙ وٺندي عار محسوس نه ڪري، ڏيندڙ جا ڏيندي ھٿ سور نه ڪن. نام نمود، ديد شنيد کان پري ھجي.
سوال ۱۳. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا:
جواب: ڳنڍڻ وارا، برداشت ۽ سھپ سان جيترو ھلي سگھن. وري ڀرم رکڻ وارو رب ڪريم آھي، تنھن کي پارت آھي.
سوال ۱۴. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا:
جواب: سھپ ۽ برداشت وارا. شرط اھو آھي ته اڳلا به پٽ پٽان نه ڪن.
سوال ۱۵. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو:
جواب: آف وھائيٽ ۽ آسماني.
مٽيءَ تي ڇڻڪار سان اٿيل ھٻڪار جي مھڪ واري خوشبوءِ وڻندڙ، فرحت بخش آھي. ٻين خوشبوئن سان مٿي ۾ سور پوندي دير نه ٿيندي آ.
سوال ۱۶. اوھان جي پسند جي سواري:
جواب: چؤ-ڦيٿي. ماڊل نئون ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ، آرامده، پيٽرول اڻ-ميو، اسٽيئرنگ پنھنجي ھٿ ۾ ھجي.
سوال ۱۷. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو:
جواب: ھزارون خواھشين ايسي ڪه ھر خواھش پي دم نڪلي، بھت نڪلي ارمان ميري، ڦر ڀي بھت ڪم نڪلي. بھرحال دنيا جون خواھشون ڌارجن، ته ھزارين آھن. رب پاڪ انھن کان پناھ ۾ رکندو. بس کانئس اھا تمنا آھي ته ھلنديءَ ھلائي، ڪنھن جو محتاج نه ڪري، نه ڪنھن جو ڳيجھو ڪري.
سوال ۱۸. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
جواب: الله کين سدائين آباد رکي، ڪا تڪليف نه ڏئين. اگر انھن تي تڪليف آئي، اھا ڦري پاڻ تي ايندي. اسان کي ھجي نه ھجي، انھن کي ضرور ھجي. ور نه ته عربي چوڻي آھي؛ الاقارب کالعقارب.
سوال ۱۹. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
جواب: الله سدا آباد رکين. سدا خوش ھجن. اھي خوش آھن، اسان خوش آھيون. انھن جي خوشيءَ ۾ اسان جي خوشي آھي. انھن جي تڪليف، اسان جي تڪليف آ.
سوال ۲۰. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن:
جواب: الله ﷻ سڀني کي سوچي سمجھي ٺاھيو آھي. ظاھر توڙي باطن، صورت توڙي سيرت. جيڪي به آھن، تمام ڀلا آھن. الله ﷻ جي جوڙ تي ڪو به اعتراض ناھي. تمام سھڻي آھي. اگر مون کي سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته منھنجي سمجھ جي ڪمي ڪوتاھي آھي.
سوال ۲۱. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، تہ ضرور لکو:
جواب: محنت ۾ عار نه سمجھڻ گھرجي. جيڪو به ڪم ڪجي سچتائيءَ سان ڪجي. منجھس ڪو به جھول نه ڇڏجي. دل و جان سان، بنا ڪنھن ناغي يا ڪوتاھيءَ/ ڪاھليءَ جي ڪجي.


انجنيئر عبدالوهاب سهتو
سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو ڪهڪشائون کوجيندڙ هڪ سپورنج
رياض ڪلهوڙو (نئون ديرو)
سنڌ جي ھر علائقي جو پنھنجو رُوپ، سونھن ۽ سڀاءُ آهي، سنڌ ڌرتيءَ جي چپي چپي ۾ پنهنجو مزو، راحت، سڪون ۽ سرهائي محسوس ٿيندي آهي. هتي، پيار ۽ پريت ملندي، قصا ملندا، ڪھاڻيون ملنديون، تاريخ ملندي ۽ تاريخي ماڳ ملندا. سنڌ جي ٻين علائقن جيان ساهتي پرڳڻو به الفت ۽ محبت جي قلعي سان سڃاتو ويندو آهي. ساھتي پرڳڻو سنڌ جو وچولي وارو علائقو ۽ علم ادب ۽ ثقافتي ورثي جي لحاظ کان مالامال آھي. ڪن جھونن ليکڪن ۽ خاص طور ھندو برادريءَ جي دانشورن جو خيال آھي ته ساھتي يا ساھتيه نالو، ھن علائقي تي سھتا برادريءَ جي ڪري پيو، ڇو ته ڪافي تعداد ۾سھتا ھن خطي ۾ رھن ٿا. لوڪرام ڏوڏيجا پنھنجي ڪتاب ’منھنجو وطن، منھنجا ماڻھو ۾لکيو آهي ته:
”سھتا قبيلو سھتا سنگھ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، جيڪو موڙا سنگھ يا مورا سنگھه سنڌي راجپوت جو پٽ ھو.“ سندس چوڻ موجب؛ ”جوڌپور جي ٻن شھزادن جو اقتدار تان جھيڙو ٿي پيو. جنھن کانپوءِ موڙا سنگھ جوڌ پور ڇڏي، سنڌ جي ڀرسان واري علائقي تي حڪمراني ڪرڻ لڳو. جڏھن ته سندس پٽ سھتا سنگھه، سنڌ جي وچولي واري علائقي ۾ پنھنجي جاگير ٺاھي ۽ ايئن ھتي سھتا سنگھه جي نالي پٺيان سھتا قبيلو وجود ۾ آيو ۽ ھيءُ علائقوساھتيه پرڳڻو سڏجڻ لڳو“.
ساھتي پرڳڻو ڪنڊيارو، نوشھروفيروز ۽ مورو تعلقن تي مشتمل ھو، جنھن ۾ ٺارُوشاھه، مٺياڻي، ڀريا، درٻيلو ۽ ھالاڻيءَ سميت ۵۲ ننڍڙا شھر ۽ ڳوٺ شامل ھئا. اڳي اھو سمورو ساھتي پرڳڻو نوابشاھه ضلعي جو حصو ھو. انگريزن جي زماني ۾ جڏھن سنڌي لِپيءَ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي ٺاھي وئي تڏھن ان ڪميٽيءَ ساھتي پرڳڻي جي سنڌيءَ کي اسٽينڊرڊ يا معياري ٻولي پڌرو ڪيو ھو. ھونئن به ساھت لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جو آھي، جنھن جي معنى ’علم، ادب ۽ ثقافت‘ آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جامع سنڌي لغات ۾ لکيو آهي ته:
”ساهتي: ث. سهتا قبيلي جي گھڻائي واري ايراضي جو نالو (جتي سهتن جي گھڻائي هئي، نوشهروفيروز ضلعو ۽ ان جي اتر وارو ڀاڱو)“.
ساهتي پرڳڻي، سنڌ کي جن امر ڪردارن سان نوازيو آهي، انهن ۾ هڪڙو عبدالوهاب سهتو آهي. سنڌ جو جھرجھنگ لتاڙي، ڪتبخانن جون الماڙيون جانچي، ڪتابن ۽ رسالن کي ڇنڊي ڇوهي ”پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن“ سان لاڳاپيل مواد ڳولهي، نئين سر ڇپائي، اهڙي ته مضبوط ڪوٽ ۾ بند ڪيو، جو پيڙهيون پيون پڙهنديون.
عبدالوهاب ولد محمد بچل سهتو، ۵ مئي ۱۹۵۹ع، اڱاري ڏينهن، ڳوٺ ڄام نورالله، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. نوشهروفيرز ساهتي پرڳڻي جو هڪ تاريخي ضلعو آهي. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، ۱۹۷۰ع ۾ پنجون درجو پاس ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو ۾ داخل ٿيو، جتان ستون درجو پاس ڪري، ۱۹۷۳ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان اٺون ۽ نائون درجو پاس ڪري، وري ڊي سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۷۵ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۷۷ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه مان انٽر جو امتحان پاس ڪري، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي نوابشاهه/ ڄامشورو ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۸۴ع ۾ بي اِي جو امتحان پاس ڪيائين. سندس پيشوراڻه صلاحيتون ته انجنيئرنگ سان وابسطه رهيون، پر پاڻ سنڌي ادب سان ننڍي هوندي کان چاهه رکندو هو، ايستائين جو ۱۹۷۸ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”ناچو“ ساهتي پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان ڇپجي منظرعام تي آئي ۽ پذيرائي ماڻيائين. اهو سندس قلم جي اثر ۽ خيال جي گھرائي جو نتيجو هو. ادب ڏانهن، شوق ۽ ذوق، کيس ادب جي ڊگري ڪرڻ تي آماده ڪيو ۽ ۱۹۹۳ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي (سنڌي ادب) جو امتحان پاس ڪيائين.
عبدالوهاب سهتو نه رڳو انجنيئر ۽ ليکڪ پر هڪ سٺو تعليمدان پڻ آهي. انجنيئر جي حيثيت سان سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي ”لاڙڪاڻو گرامر اسڪول“ ۾ پرنسپال طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. ”عظيم شخص ڪڏهن نه چوندو ته عظيم آهيان. ڇا هيرو ڪڏهن چوندو آهي ته هيرو آهيان“ شيلي، هي قول شايد سهتي صاحب جهڙن عظيم شخصيتن لاءِ لکيو آهي. عبدالوهاب سهتو هڪ گھڻ پاسائو ليکڪ آهي. پاڻ  ڪھاڻيڪار به آهي ته مضمون نگار به آهي، مترجم به آهي ته محقق، مولف ۽ مرتب به آهي. لوڪ ادب جي سلسلي ۾ پھاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي ڪيل سندس ڪم اڀ ۾ چمڪندڙ چنڊ جيان آهي، جيڪو صدين تائين زندهه رهندو.
عبدالوهاب سهتي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ڪهاڻين جا ٽي مجموعا ترتيبوار ۱. هراس (آڪٽوبر ۱۹۸۹ع)، ۲. جڏهن بت ئي چوي ڪافر (نومبر ۱۹۹۲ع) ۽ ۳. هٿ جي وڍي (۱۹۹۹ع) شامل آهن. پهاڪن ۽ چوڻين جي حوالي سان سندس ڇپيل ڪتابن ۾؛ ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا (اپريل ۲۰۰۲ع)، ورجيسون: پسمنظر ۽ ڪارج (نومبر ۲۰۰۳ع)، موزون آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (آگسٽ ۲۰۰۴ع)، اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون (مارچ ۲۰۰۶ع)، گل شڪر ”نئين سر لکيل“ (مارچ ۲۰۱۱ع)، پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون (جولاءِ ۲۰۱۵ع)، لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون (سيپٽمبر ۲۰۱۵ع)، ڳوٺاڻو ڳڙ ”نئين سر لکيل“ (ڊسمبر ۲۰۱۵ع)، ماڳن ۽ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (جون ۲۰۱۶ع)، طبي پهاڪا ۽ چوڻيون (ڊسمبر ۲۰۱۶ع)، چونڊ سنڌي چوڻيون ”ترتيب ۽ تدوين“ (فيبروري ۲۰۱۷ع)، ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون (اپريل ۲۰۱۷ع)، پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون ”ترتيب“ (آگسٽ ۲۰۱۷ع)، گھاگھر منجھ ساگر (جنوري ۲۰۱۸ع)، پهاڪن جي پاٻوهه (اپريل ۲۰۱۸ع)، شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو (آڪٽوبر ۲۰۱۸ع) ۽ نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون (مارچ ۲۰۱۹ع) شامل آهن. ان کان علاوه پاڻ ڪجھ ڪتاب کي تاليف ڪيائون ۽ ترتيب ڏنائون. جن ۾ ”عبدالڪريم گدائي: روايت ۽ بغاوت جو شاعر (جنوري ۲۰۰۶ع)، تنقيدون ۽ تجزيا: پروفيسر نذير احمد سومرو (جنوري ۲۰۱۳ع) ۽ موهيو مون کي جن: پروفيسر نذير احمد سومرو (مئي ۲۰۱۵ع) شامل آهن. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ اياز شناس، جڳ مشهور عالم، پروفيسر ڊاڪٽر فياض لطيف لکيو آهي ته؛ ”عبدالوهاب سهتو پيشي جي لحاظ کان انجنيئر آهي، پر هن جي شخصيت جا ٻيا به ڪيئي معتبر حوالا آهن. هو هڪ سچيت اديب ۽ ڪهاڻيڪار سان گڏ محقق ۽ مرتب آهي ته سٺو مقرر ۽ مطالعو ڪندڙ به. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو سماجي ۽ ادبي حلقن ۾ گھڻو ڪري غير متضاد ۽ مڙني سان محبت ۽ انس جو تعلق قائم رکندڙ شخص طور سڃاتو وڃي ٿو“.

(ڏيھاڙي عوامي اخبار، صفحو ۴، ۱۱ مئي ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)




انجنئير عبدالوهاب سهتو

سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو املهه موتي

ظفر گهنڃو قادري  

رب جا وڏا احِسان آهن جو اسان جي سنڌ صوفين، اديبن، شاعرن ۽ اڪابرن جي ڌرتي سڏي وڃي ٿي. هن ڌرتيءَ تي صوفياءِ ڪرام جي تجرباتي علم جو سايو هميشه ڇَپَر ڇانءَ جيان رهيو آهي. سندن محبتن جي سفرن ۽ سير و سياحت ۾ به ڄڻ سنڌ ڌرتيءَ جي حسن کي حبيبن جي هٻڪار بخشي هجي. اهڙن سالڪن ۽ پارکن جي پهري ۾ آباد ٿيندڙ، هن سنڌ ڌرتيءَ وقتًا فاوقتًا ڪيئي املهه موتيءَ داڻا اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جي صورت ۾ ڏيئي، ڄڻ هن ديس ۾ رهندڙن تي ڪو اڻ ڳڻيو احسان ڪري ڇڏيو هجي. تاريخ گواهه آهي ته سنڌ هميشه ادبي طور اوج ۽ موج ۾ رهي آهي. انهيءَ موج مستيءَ ۾، مست نگاهن جي علمبردار سائين عبدالوهاب سهتي جو ذڪر نه ڪيان ته شايد هن جي ڪيل علمي ادبي پورهيي سان ناانصافي ٿي پوندي. سندس فڪر ۽ فهم، ڏاهپ ۽ علمي ادبي شعور کي ٿورڙو پنهنجي ناچيز معلومات مطابق، قلم ڌڻين اڳيان رکندس. سنڌي ادبي تاريخ ۾ سائين استاد عبدالوهاب سهتي جو سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين جو پورهيو هماليه جي قد جيان اوچو ۽ لاڀائتو آهي. بيشڪ نظم، نثر يا وري ڪو ٻيو ادبي ڪم، پنهنجي جڳهه تي هڪ وڏي اهميت رکي ٿو. پر آئون سمجهان ٿو ته پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪرڻ ڪي ٽو پھاڙ جي چوٽيءَ تي ڏکيائين جا سفر ڪري پهچڻ کان گهٽ ڪونهي. سائين عبدالوهاب سهتو تعلقو ڪنڊيارو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڄام نور الله سهتو ۾ محمد بچل سهتي جي گهر اندر پنج مئي ۱۹۵۹ع تي جنم ورتو. سندس ابتدائي تعليم جو سلسلو ۱۹۶۵-۶۶ع ڌاري معصوم مسڪراهٽن جي پهري ۾، گورنمينٽ پرائمري اسڪول مان شروع ٿيو. پنجون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ، سندس والدين، شفقت ۽ محبتن جي سائي ۾ انگريزي تعليم لاءِ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو ۾ داخل ڪرايس ۽ اتان ستون درجو پاس ڪري ۱۹۷۳ع ۾ مست هوائن جي ارڏي شهر حيدرآباد جي گورنمنٽ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. جنهن ۾ سنڌ جي ڀلوڙ اديبن پنهنجي حياتيءَ جا ڪافي سال پڙهندي، کلندي، ساڃاهه ونديءَ جي سفر ڏانهن گامزن ٿيندي، هن اسڪول کي ارپي ڇڏيا.

سائين جن مئٽرڪ ڪلاس لاءِ وري نوابن ۽ ساداتن جي شهر نوابشاهه جو رُخ ڪيو. مئٽرڪ دي سي ھاءِ اسڪول ۽ ايف اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مان، پنهنجي روايتي ڏاهپ جي انداز ۾ سُٺن نمبرن ۾ ڪري، سول انجنيئرنگ جا پھريان ٻه سال پڻ اتان ڪرڻ پڄاڻان، ڄامشورو جي دل ۽ رولاڪ محبوبن جي ديس ۾ سندن سونهن سان جڙيل مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجيءَ مان پويان ٻه سال پڙھي ڊگري ورتي. پڙهائيءَ دوران، سائين عبدالوهاب سهتي ڪيترين ئي ڏکيائين جو منهن ڏٺو پر حوصلو ڪڏهن به پست ڪو نه ڪيائون. هِن ڪڻڪائي رنگ جي مشابهت رکندڙ انسان کي شايد منزلن تائين پهچڻ لاءِ ڄڻ ڪنهن آويءَ ۾ پچڻو هو، ڪنهن شاعر چواڻيءَ ته؛

نهائين کان نينهن، سک منهنجا سُپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻاھر ٻاڦ نه نڪري.

گورک جبل جهڙا سبزه زار حوصلا رکندڙ، هي شخص پنهنجي عملي جدوجھد ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيو. سندس خوشبوءِ جي رنگينيءَ ۾ رڱيل هن عِلمي ملاقات ۾ پنهنجي عقل ۽ فهم کي سدائين سيرياب ڪندو رهيو. هميشه يونيورسٽي ۾ سٺي شاگردن ۾ شمار ٿيندڙ هو. سائين عبدالوهاب سهتو صاحب نيٺ پنهنجي بي اي سول ٽيڪنالوجي ۾ پوري ڪري، علمي زندگي طرف وڌڻ جي جستجو ۾ بلند حوصلا کڻي، پنهنجي قسمت کي آزمائيندو رهيو ۽ بالآخر نيتن جو ثمر ملندي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمنٽ ۾ بطور سپروائيزر (سب-انجنيئر) ٿي پنهنجي پروفيشنل ۽ ٽيڪنيڪل زندگي جي شروعات ڪئي. سائين جن جي مونسان ملاقات جيڪب آباد ۾ سال ۱۹۹۶ع ڌاري تڏهن ٿي، جڏهن سندس پوسٽنگ جيڪب آباد شهر ۾ ساڳئي ڊپارٽمنٽ ۾ ٿي جتي آئون به ساڳئي کاتي ۾ سب انجنيئر طور ڪم ڪندو هوس. بهرحال سائين هڪ اديب سان گڏوگڏ هڪ سٺو ماهر انجنيئر بلڪ جيڪڏهن آئون ايئن چوان ته سائين سهتو صاحب هڪ ادارو هو ته گهٽ نه هوندو. پنهنجي ڪم ۾ بلڪل مهارت رکندو هو وڏي سٺي ڳالهه سائينءَ ۾ اها به هئي جو هو اسان ننڍن ملازمن کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ وٺي، هميشه شفيق استاد جيان انجنيئرنگ جو ڪم به سيکاريندو هو ۽ اڄ آئون اهو ضرور هِت ٻڌائيندو هلان ته آئون جنهن منزل تي آهيان، تنهن ۾ به منهنجي استاد انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو وڏو هٿ آهي. سهتو صاحب انجنيئرنگ ۽ ادب کي گڏ کڻي هلڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سندس ادبي لاڙي جو اندازو، ان مان به لڳائي سگھجي ٿو جو هو جيڪب آباد جي اديبن شاعرن جهڙوڪ؛ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، مرحوم ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي، الطاف گوهر پيچوهو، سائين محمد اسحاق شيخ صاحب ۽ مرحوم قطب الدين تاب سان اڪثر منهنجي پراڻي اسڪوٽر تي گڏ هلي، ادبي گفتار ڪندا هئاسين ۽ ايئن ان جي محبتن جي پاڇاوين ۾ ڪجهه علمي ادبي ڪچهرين جو مون تي به شايد ٿورو اثر رهيو. سائين استاد عبدالوهاب سهتي کي جڏهن آئون لکندي ڏسندو هوس ته يقين ڪيو ايئن لڳندو هو ڄڻ سادي ڪاغذ تي سندس قلم ڪنهن اسٽيج تي نِرتڪي رقاصه وانگر رقص ڪندي هجي. ان وقت سائين هڪ ڪتاب پهاڪن تي مشتمل هئي  سا لکندو هو. مطلب ته سائين جيترو سٺو انجنيئر هو، اوترو بهترين پهاڪن ۽ چوڻين جي صنف ۾ انجنيئرڊ ۽ وڏو منصوبا بندي جو هڪ ماهر هو. مونکي ائين لڳندو هو ڄڻ سائين ڄمڻ کان هن صنف جي مهارت رکندڙ هڪ جسد خاڪي هو، جنهن کي پهاڪن جي دنيا ۾ ايئن به چوندا آهن ته ”ڄائيندي ئي ڄام آهين.“ سائين جن ننڍي هوندي کان ئي لکڻ جو شوق رکندا هئا. سندس پهرين ڪهاڻي ”ناچو“ جيڪا سال ۱۹۷۸ع ڌاري ساهتي پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان ادبي منظر ڪشي جي جهلڪ ڏيندي، منظر عام تي آئي ۽ پوءِ ادب جي اوسيئڙي ۾ رهي رهي نيٺ سندي ادب ۾ ۱۹۹۳ع ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري ورتائون. سائين عبدالوهاب سهتي هميشه پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسين جي اونهي سمنڊ ۾ هڪ ڪامياب تيراڪ وانگر غوطا هڻي، سندس اوناهي مان مواد ڪٺو ڪري، ٻاهر ڪڍي ڪتابن جي صورت ڏيڻ ۾ پاڻ کي ڪامياب ۽ بهترين قلمڪار ثابت ڪيو. سندس قلمي پورهئي جي جيڪا تعريف ڪجي سا گهٽ آهي. سائين هميشه چوندو هو ته؛ جنهن فيلڊ ۾ هجو، ان ۾ سچائيءَ ۽ جاکوڙ سان محنت ڪندا رهو. رب ڌڻي اوهان کي ڪاميابين جا ايترا خواب ۽ انهن ۾ سمايل حقيقتون ارپي ڇڏيندو جو اوهان دنگ رهجي ويندئو. سائين عبدالوهاب جي ڇپيل ڪتابن ۾ سندس مشهوري جي بلنديءَ تي پنهنجو مقام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون تن ۾ ڪهاڻين جا ٽي مجموعه ۱. هراس آڪٽوبر سال ۱۹۸۹ع، ۲. جڏهن بت ئي چوي ڪافر سال ۱۹۹۲ع ۽ ۳. ’هٿ جي وڍي‘ سال ۱۹۹۹ع شامل آهن.

سهتي صاحب، پهاڪن ۽ چوڻين جي صنف ۾ قلمي پورهيي سان خوب پاڻ ملهلايو ۽ ڏسندي ڏسندي ڪيترا ئي ڪتاب بهترين انداز ۾ لکيا، جيڪي تمام گهڻا مشهور ٿيا.. پهاڪن ۽ چوڻين جي صنف ۾ اهي ڪتاب، اوهان کي سنڌي ادب ۾ پهاڪن جي صنف جو وڏو خال ڀريندي نظر ايندا. سائين جن جي لکڻ جو سلسلو سندس زندگيءَ سان ڳنڍيل ۽ جوڙيل رهندو هيو ۽ اڳتي آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون سن ۲۰۰۴، اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون سن ۲۰۰۶، ”گل شڪر“ نئين انداز ۾ لکيل ۲۰۱۱ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين بابت هڪ زبردست مضمون جولاءِ ۲۰۱۵ ۾ لکيائون، جنهن جو عنوان هو؛ لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون. هن ڪتاب ۾ سائين لاڙ ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ ٺهيل پهاڪن ۽ چوڻين کي وڏي باريڪ بيني سان بيان ڪيو آھي، جيڪو علمي ۽ ادبي تاريخ ۾ وڏو مقام رکي ٿو. ساڳئي سال، هڪ ٻيو ڪتاب ”ڳوٺاڻو گُڙ“ ۽ ماڳن ۽ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ پوءِ طبي پهاڪا ۽ چوڻيون لکي پورو ڪيائون.

سائين عبدالوهاب سهتي کي پهاڪن ۽ چوڻين تي باقاعده لکڻ جي دسترس هئي. نه رڳو پهاڪن تي پر ڪتابن جي ترتيب آوري ۾ به مهارت هئي. انهيءَ جو ثبوت سندس ڪتابن مان لڳائي سگهجي ٿو. سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ۱- چونڊ سنڌي چوڻيون ۲- ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون ۳- گهاگهر منجهه ساگر ۴- پهاڪن جي پاٻوه ۵-شاه جي شاعري ۾ پهاڪاتي پهلو ۶- نصيت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون ۷- عبدالڪريم گدائي: روايت ۽ بغاوت جو شاعر ۸- تنقيدون ۽ تجزيا: پروفيسر نذير احمد سومرو ۹- موهيو موکي جن : پروفيسر نذير احمد سومرو.

سائين عبدالوهاب جي علمي پورهئي تي جيڪڏهن آئون ڪو ڪتاب لکان ته شايد سنڌي ادب ۾ ڪنهن ڀلوڙ ادبي شخصيت جو اضافو ٿي پوي. سائين سهتو صاحب  هميشه محبت پسند ۽ غير متضاد شخصيت جو حامل شخص ۽ پنهنجي شعبي ۾ انجنيئرنگ جو ٺاهوڪو هوشيار ۽ با اخلاق جرئتمند انجنيئر رهيو آهي. سائين هن وقت پبلڪ هيلٿ کاتي مان سپرنٽيڊنگ انجنيئر طور رٽائر ٿي، لاڙڪاڻي شهر ۾ هڪ اسڪول، لاڙڪاڻو گرامر اسڪول ۾، پرنسپل طور ڪم ڪري رهيو آهي. شايد انهيءَ خاطر ته علم و ادب سان سندس رشتو ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين جڙيل رهي.



انتساب انجنيئر عبدالوهاب سهتو نالي

 

سنڌ جي هڪ قابل انجنيئر، ادب جي ڄاڻو ۽ دين کان واقف انسان جي نالي جيڪو سمجھو ته منهنجو به ٽيچر ٿي رهيو آهي.

ڪجھه سالن کان جهاز هلائڻ، پڙهائڻ ۽ رلڻ کي ڇڏي ڪراچي ۾ اچي رهيو آهيان. ظاهر آهي ته ۸۰ جي ويجھو اچي ٿيو آهيان، هاڻ اها همت نه رهي آهي. دل جي ڊاڪٽر ۽ آرٿو پيڊڪ سرجن ته گھڻي هلڻ ۽ گھڻي ڳالهائڻ کان به منع ڪئي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ جي هيڪاندي شوق کي ڏسي انڪار نه ڪري سگھندو آهيان ۽ ڏهه پندرهن منٽ ملي وٺندو آهيان. مون ڏٺو آهي ته هر آيل منهنجي ڪمري جي چوڌراي نظر ڦيرائي اهو سوال ضرور ڪندو آهي ته سائين توهان جي لئبريري ڏسڻ تي دل چوي ٿي، اها ته ضرور وڏي هوندي!

جواب ۾ آئون اهو ئي چوندو آهيان ته يارو! مون وٽ ته پنهنجن ڪتابن جو ئي سيٽ ناهي. منهنجي زندگي جهازن تي گذري، جن تي جڏهن جونئر هئس ته رهائش لاءِ ننڍڙو ڪمرو (ڪئبن) هو. وڏي عهدي يعني چيف انجنيئر ٿيڻ تي بيڊ روم سان گڏ ڊرائنگ روم ۽ آفيس به هئي، ۽ هڪ بدران ڪنهن جهاز تي ٻه ته ڪنهن تي ٽي ڪٻٽ به هئا، پر تيستائين شادي به ٿي وئي هئي ۽ انهن ڪٻٽن ۾ اسان زال مڙس ۽ ٻن ٻارن جي ضروري سامان لاءِ به گھٽ Space  ٿي ٿي. ان ڪري ڪتاب ته ڇا پر بوٽن جو به هڪ جوڙو رکڻو پيو ٿي. ڳوٺ هالا ۾ ننڍپڻ کان ٽن چئن ڪٻٽن تي مشتمل لئبريري هئي، جيڪا پوءِ ڪراچيءَ شفٽ ڪيم ۽ سامونڊي نوڪريءَ دوران مختلف بندرگاهن مان ورتل ڪتاب، ڪراچي اچي دوستن ۾ ورهائيندو هوس يا ڪجهه پاڻ لاءِ رکندو هوس. پر پوءِ هڪ ڏينهن سال ۱۹۷۳ع ۾ پروفيسر سليم ميمڻ صاحب کي سڀ ڪتاب سگا وارن لاءِ ڏئي ڇڏيم، جنهن گلشن پاسي جي هڪ سنڌي اسڪول کي مون پاران ڏئي ڇڏيا. هاڻ جيڪي ڪتاب اديبن ۽ ادارن کان ملندا آهن يا خريد ڪندو آهيان، اهي پڙهڻ بعد هالا جي گرلس ڪاليج لئبريري ڏي موڪلي ڇڏيندو آهيان. هن ڪاليج وارن منهنجي نالي ڪتابن جي هڪ ڪارنر ٺاهي آهي.

“سائين پوءِ لکڻ لاءِ توهان کي ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي ضرورت ته پوندي هوندي؟” هو پڇندا آهن، ۽ بلڪل صحيح ٿا پڇن. مون کي هر قسم جي ڪتاب جي هر وقت ضرورت پوندي رهي ٿي ۽ مون کي يڪدم ملي ويندا آهن. انهن دوستن جي مهرباني آهي، جيڪي سالن کان پنهنجي لئبريري مان يا ٻين وٽان منهنجي ضرورت جا ڪتاب هٿ ڪري مون ڏانهن پوسٽ ڪندا رهن ٿا. هن وقت انهن جو ٿورو مڃڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ انهن جو نالو لکڻ ضروري آهي. اهي آهن لاڙڪاڻي مان پروفيسر مختيار سمون، قمبر مان عباس ڪوريجو، سکر مان ادل سومرو، ۽ عبداللطيف انصاري، ڪراچيءَ مان امر جليل ۽ پروفيسر سليم ميمڻ صاحب. انهن نيڪ انسانن کي فقط فون ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ ڪتاب مون تائين پهچي ويندا آهن.

مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته انهن ڏينهن ۾ نه هئي انٽرنيٽ، گوگل ۽ وڪيپيڊيا ۽ نه مون وٽ جهاز تي سنڌي ۽ اڙدو جون ڊڪشنريون. پوءِ لکڻ دوران ڪٿي منجھندو هوس يا ڪنهن لفظ بابت پڇڻو پوندو هو ته انهن شروع وارن ڏينهن ۾ ٽي ماڻهو مون لاءِ علاؤالدين جي ڏيئي وارا جن هوندا هئا: شمشير الحيدري، قمر شهباز ۽ تاجل بيوس. افسوس جو انهن کان موڪلائي سال ٿي ويا. انهن جي جاءِ هاڻ نوجوان ٽهيءَ جا ڪنڊياري جو مولانا محمد قاسم سومرو، سڪرنڊ جو پروفيسر غلام نبي چنا ۽ لاڙڪاڻي جو انجنيئر عبدالوهاب سهتو آهن. ماشاءَ الله هنن نوجوانن جي ادب توڙي مذهب جي ڳالهين بابت ڇا ته ڄاڻ ۽ clear سوچ آهي. انهن مان جن کي سڀ کان وڏي عرصي کان ۽ سڀ کان گھڻو ڊسٽرب ڪندو رهان ٿو، اهو آهي عبدالوهاب سهتو ... ان ڪري هن وقت هي ڪتاب هن جي نالي منسوب ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھان ٿو. مٿي جن جن ماڻهن جا نالا لکيا اٿم، انهن سڀني مون کي لکڻ لاءِ سهولت پيدا ڪئي آهي... ايتري قدر جو عبداللطيف انصاري، عباس ڪوريجي ۽ عبدالوهاب سهتي جهڙن مون پوڙهي کي ڪمپيوٽر ۾ به ڀڙ ڪري ڇڏيو آهي. انهن ۾ محمد سليمان وساڻ‘، حيدرآباد جي ’راڻي ميگھواڙ‘ ۽ ’جاويد پنھور‘ جا نالا شامل ڪرڻ به ضروري سمجھان ٿو.

پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته عبدالوهاب سهتي سان منهنجي فقط فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي. ڪجھه سال اڳ ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال مون کي هفتي کن لاءِ پاڻ وٽ گھرايو هو. هڪ ڏينهن هو مون کي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڪنهن سنگت جي دعوت ۾ وٺي ويو، جيڪا مختيار سمون ۽ ان جي ساٿين طرفان ڪئي وئي هئي. ڪيترائي ماڻهو آيل هئا ۽ پنهنجي شوق موجب گھڻي کان گھڻن سان يادگار طور فوٽو به ڪڍرايم. ڪيترا ڄاتل سڃاتل لڳي رهيا هئا. انهن ۾ هڪ پوليس آفيسر عرفان سمون به هو، جنهن سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي، پر اتي ويٺل مهمانن ۾ هن کي ڏسي آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته ڪو ڏٺل وائٺل ٿو لڳي. بعد ۾ ڪراچي پهچڻ تي مختيار ٻڌايو ته اهو واقعي عرفان هو. اهڙي طرح عبدالوهاب سهتو به ان دعوت ۾ هو گڏ فوٽو به ڪڍرايم. بعد ۾ ان لاءِ به سوچيندو رهيس ته ڄاتل سڃاتل ٿو لڳي. دراصل جيئن ئي فنڪشن (تقريرون) ختم ٿيو ته پرنسپال صاحب مون کي اتي وڌيڪ ترسڻ نه ڏنو ۽ واپس ڪئڊٽ ڪاليج وٺي آيو. سو تڪڙ تڪڙ ۾ ڪجھه ماڻهن سان فقط فوٽو ڪڍرائي سگھيس. بعد ۾ فيس بڪ تي عبدالوهاب صاحب جا فوٽو ڏسي عبدالوهاب کي فون ڪيم ته مهمانن ۾ هڪ توهان به لڳائو ٿي. هن جي ها ڪرڻ تي مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته اهو ماڻهو جنهن جو سالن کان آئون فون تي مٿو کائيندو اچان، ان سان هڪ دفعو ملاقات ٿي پر آئون چڱي طرح ڳالهائي نه سگھيس.

عبدالوهاب کان آئون گھڻي ڀاڱي اهي سوال پڇندو آهيان، جيڪي اسلام بابت هوندا آهن. ماشاءَ الله، آئون اهو ئي چوندس ته هن جو تمام گھڻو مطالعو آهي ۽ هن جو يادگيرو به سٺو آهي. منهنجي هر سوال جو جواب هو نه فقط ان ئي وقت ڏيندو آهي پر اهڙي ته سٺي نموني سان سمجھائيندو آهي جو مون کي يورپ جا نو مسلم گورا ياد اچي ويندا آهن، جن کان سچ ته مالمو (سئيڊن)، ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) ۽ بودو (ناروي) جهڙن شهرن جي مسجدن ۾ واعظ ٻڌي اسان جهڙن جاهلن کي دين جي ڄاڻ ٿي نه ته اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته اسان جي ڳوٺن ۾ نه اهڙا مدرسا هئا ۽ نه وري ڪي عالم دين، جيڪي اڄ ڪلهه جتي ڪٿي عام ٿي پيا آهن.

عبدالوهاب پروفيشن جي لحاظ کان جيتوڻيڪ انجنيئر آهي، پر ادب ۽ مذهب تي هن جو ايڏو ته مطالعو ۽ صحيح سوچ ۽ عقيدو آهي جو هن سان ڳالهائڻ يا بحث ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته قدرت هن کي سمجھائڻ جي صلاحيت ڏني آهي. آئون ته اهو ئي سوچيندو آهيان ته عبدالوهاب صاحب کي ٽيچر ٿيڻ کپندو هو. هو تازو ۶۰ سالن جو ٿي رٽائرڊ ٿيو آهي. هن کي کپي ته هو پاڻ - يا لاڙڪاڻي جا ماڻهو هن جا دين تي ليڪچر ٻڌڻ لاءِ هن کي مدعو ڪن. عبدالوهاب صاحب کي معلومات سان گڏ سمجھائڻ جي به ڏات آهي. جن ڳالهين ۾ منهنجو هن سان اختلاف ٿي پوندو آهي يا مون کي سمجھه ۾ نه ايندو آهي ته هو ڏاڍي آرام سان - يعني ٿڌي طبيعت سان دليلن ذريعي سمجھائڻ ۽ مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي - نه ته اسان وٽ اسان جا استاد يا مولوي صاحب ڪا شيءِ بار بار پڇڻ تي يا بحث ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪن ٿا. عبدالوهاب سهتو صاحب کي مون هميشه انگريزيءَ جي ان چوڻيءَ تي عمل ڪندي ڏٺو ته:

Don’t raise your voice, improve your reasoning.

عبدالوهاب جي زندگيءَ ڏي نظر ٿي ڪجي ته هن ٻالڪپڻ کان غربت ۽ ڳوٺ جي ماحول ۾ گذاريو ۽ هر قسم جي تڪليف کي منهن ڏنو. سخت تڪليفن ۾ رهي تعليم کي جاري رکيو ۽ نه رڳو انجنيئر ٿيو پر ادب ۾ به تعليم حاصل ڪئي. هو ادب جي انهن خذمتگارن مان آهي، جيڪي خاموشيءَ ۾، بنا ڪنهن شوبازيءَ جي ادب جي خذمت ڪندا رهن ٿا. هن مختلف زبانن ۽ علائقن جي پهاڪن ۽ چوڻين تي جيڪو هيستائين ڪم ڪيو آهي، ان جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. بقول فقير دلبر علي لغاريءَ جي اسان وٽ جن انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ لکيو آهي، انهن مخلص ماڻهن ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو پڻ هڪ آهي. هن سنڌي ادب جي خذمت ڪرڻ کي هڪ اتم عبادت تسليم ڪيو آهي.

عبدالوهاب سڄي زندگي محنت ۽ محنت ڪندو اچي. هن جو ڪنهن وزير، مشير يا امير سان واسطو ناهي، جنهن ذريعي هن سفارش سان ڊگري حاصل ڪئي هجي.... نوڪري حاصل ڪئي هجي. ڏٺو وڃي ته هو هڪ غريب گھر ۾ ڄائو ۽ ٻاروتڻ کان هو جدوجهد ڪندو اچي. هو اسان جي ماڻهن لاءِ مثالي ڪردار آهي ۽ نوجوانن لاءِ - خاص ڪري اهي جيڪي خود ترسي (Self Pity) جو شڪار رهن ٿا، انهن لاءِ انسپائريشن ۽ موٽيويشن آهي.

عبدالوهاب، ڪنڊيارو شهر ڀر سان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڄام نور الله ۾ ۱۹۵۹ع ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد بچل سهتو هو، جنهن کي سڄو ڳوٺ “بچو فقير” سڏيندو هو. پنهنجي والد بابت عبدالوهاب ٻڌائي ٿو ته “منهنجو والد هڪ غريب مسڪين، هاري، اڻ پڙهيل ۽ خوددار ماڻهو هو. زمين ڪاهڻ لاءِ به ڪنهن کان منٿ ايلاز ڪري نه وٺندو هو.”

عبدالوهاب کي ننڍي هوندي کان وٺي علم سان گھڻو چاهه هو. پاڻ پهريان پنج درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. انهيءَ دوران ڳوٺ جي مدرسي ۾ به قرآن مجيد ناظره، قرآن جي معنيٰ  ۽ ديني مسائل بابت به ڄاڻ حاصل ڪئي. اهڙي طرح تعليم جاري رکندي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو مان ڇهون ۽ ستون ڪلاس، حيدرآباد نور محمد هاءِ اسڪول مان اٺون ۽ نائون ڪلاس پاس ڪري، وري نواب شاهه ۾ ميٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول مان ۽ انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاهه مان ۽ انجنيئرنگ جا پهريان ٻه سال مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي نواب شاهه مان ۽ انجنيئرنگ جا پويان ٻه سال ڄامشورو مان پڙهيائين - جتي آخري سالن ۾ مائٽن جي مالي ڪمزوريءَ سبب سندس ڪلاس ميٽ دوست حفيظ الله صديقيءَ کان خرچ جا پئسا ملڻ پڄاڻان تعليم مڪمل ڪيائين.

۱۹۸۴ع ۾ انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد عبدالوهاب پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان ڪئي. پھرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿيس. هونءَ ته عبدالوهاب سهتو کي توهان ڪنڊياروي چئي سگھو ٿا، پر ۱۹۹۰ع ڌاري لاڙڪاڻي مان شادي ڪرڻ ۽ اتي رهي پوڻ ڪري هو لاڙڪاڻوي سمجھيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سال ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۶ع تائين هن جي پوسٽنگ حيدرآباد ۾ رهي ۽ هو حيدرآباد لڏي ويو پر پوءِ سال ۲۰۰۰ع ۾ وري لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ اتي پڪيءَ طرح رهائش اختيار ڪيائين.

مشهور پروفيسر ۽ اديب، مٺل جسڪاڻي ٻڌائي ٿو ته انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب لکڻ جي شروعات سائين سکيو خان چنا جي رهبري ۽ رهنمائيءَ ۾ ۱۹۷۸ع کان ڪئي. کيس ڪينجھر ادبي ايوارڊ سال ۱۹۹۷ع ۾ مليو. عبدالوهاب پاڻ ٻڌايو ته: “علمي ادبي ماحول، اسان جي ڳوٺ ۾ نه هو. البته نواب شاهه ۾ رهڻ دوران، ٿورو گھڻو ماحول مليو. جنهن ۾ پڙهڻ سان دلچسپي وڌي. پوءِ لکڻ ڏانهن به لاڙو ٿيو. اسان جي خاندان ۾، منهنجي پيءُ جو مامو عالم هو. پير جھنڊي جي مدرسي منجھه پڙهيو هو. ان جو اثر سڄي ڳوٺ تي پيل هو. هو مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جي نالي سان مشهور هو. هو ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ فقه جو ٽيچر رهيو. سال ۱۹۴۶ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس لکيل قرآن مجيد جي پهرين ٻن پارن جو تفسير “معارف القرآن” نالي سان ڇپيل آهي. معارف نالي سان نواب شاهه منجھان رسالو به جاري ڪيائين. جنهن جا چوويهه شمارا نڪتا هئا”. هن وڌيڪ ٻڌايو ته : “موجوده وقت ۾ لکڻ پڙهڻ جي حساب سان، مٽن مائٽن منجھان، آئون ئي سرگرم آهيان. منهنجو هڪڙو ننڍي هوندي جو ڪلاسي ڊاڪٽر عبدالرزاق گھانگھرو، جيڪو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ بيسڪ سائنس جو چيئرمين ھيو ۽ ھاڻي رٽائر آھي، سو پڻ ديني ڪتابن ۽ مقالن جي تاليف ۽ تصنيف ۾ سرگرم آهي.”

عبدالوهاب سهتو صاحب نه فقط هڪ سٺو ڪهاڻيڪار آهي پر ان سان گڏ هو هڪ بهترين محقق پڻ آهي. سندس پهاڪن ۽ چوڻين تي ڪافي تحقيق ٿيل آهي.

سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “هراس” جي نالي سان ۱۹۸۹ع ۾ مرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان ڇپيو. ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو “جڏهن بُت ئي چوي ڪافر” نومبر ۱۹۹۲ع ۾ سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران ڇپايو ويو. سندس ڪهاڻين جو ٽيون ڪتاب “هٿ جي وڍي” جنهن کي عبدالوهاب ڪنڊياروي اڪيڊمي ڄام نور الله طرفان ۱۹۹۹ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

عبدالوهاب بعد ۾ ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي “پهاڪن ۽ چوڻين” ڏي ڌيان ڏنو. بقول هن جي اهي سچ ۽ حقيقتن تي ٻڌل آهن. ڪهاڻي لکڻ تي وڏي مغز ماري ڪرڻي پوي ٿي ۽ ڪوڙي پلاٽ کي اهڙو بڻائڻو پوي ٿو جو سچ جو گمان ٿئي. هونءَ به پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسيون اسان جي لوڪ ادب جي اهم صنف ۾ شامل آهن.

 

سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (ڪهاڻين کان سواءِ)

۱۔ ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا

۲۔ ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج

۳۔ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون

۴۔ اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون

۵. گل شڪر (نئين سر لکيل)

۶. لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون.

۷. ڳوٺاڻو ڳُڙ (نئين سر لکيل)

۸. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون.

۹. طبي پهاڪا ۽ چوڻيون.

۱۰. چونڊ سنڌي چوڻيون (ترتيب ۽ تدوين)

۱۱. پهاڪن ۽ چوڻين بابت مقالا ۽ مضمون (ترتيب)

۱۲. ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون.

۱۳. گھاگهر منجھه ساگر.

۱۴. پهاڪن جي پاٻوهه (سنوار سڌار)

۱۵. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو.

۱۶. نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون،

وغيره، شامل آهن.

 

پهاڪا ۽ چوڻيونُ (اڻ ڇپيل)

۱. چوڻين ۽ پهاڪن تي مشتمل مضمون. (ڇپائيءَ هيٺ)

۲. تاريخي واقعن منجھان نڪتل چوڻيون ۽ پهاڪا. (ڇپائيءَ هيٺ)

۳. پهاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون. (ڇپائيءَ هيٺ).

 

آئون نٿو سمجھان ته سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسين تي جيترو ڪم سائين عبدالوهاب سهتي ڪيو آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪيو هجي. سندس لکڻيون ڄاڻ جي کاڻ آهن. ان کان سواءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتي تمام بهترين نقاد پروفيسر نذير احمد سومري جي تنقيد ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب “تنقيدون ۽ تجزيا” ۽ ٻيو ڪتاب “موهيو مون کي جن” جيڪو شخصيتن ۽ خاڪن تي مشتمل آهي، انهن ٻنهي ڪتابن کي ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي. اهي ٻئي ڪتاب پروفيسر نذير احمد سومري جي وفات کانپوءِ انجنيئر عبدالوهاب سهتو صاحب سمورو مواد سهيڙي ڇپرايا.

هتي اهو به لکندو هلان ته سائين عبدالوهاب صاحب ۱۹۹۳ع ۾ ايم اي (سنڌي) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪئي. هن کي ته پهاڪن ۽ چوڻين جهڙي سبجيڪٽ  تي Ph.D ڪرڻ کتي ٿي ... ۽ مون کي اسان جي يار پروفيسر ۽ شاعر ادل سومري ٻڌايو ته هن جي سرپرستيءَ ۾ عبدالوهاب صاحب پي. اڇ. ڊي جو پروگرام به ٺاهيو هو، پر پوءِ نوڪريءَ جي بدليءَ ۽ مشغولين جي ڪري هن اهو پروگرام ڇڏي ڏنو.

عبدالوهاب کي ماشاءَ الله پنج ٻار آهن. وڏي پٽ عبدالمهيمن BE (سول) ڪرڻ کانپوءِ ايم اِي (اسٽرڪچر انجنيئرنگ) ۾ ڪئي ۽ هاڻ سِول ايوي ايشن کاتي جي انجنيئرنگ ۾ ايگزيڪيوٽو گروپ ون ۾ سرڪاري ملازم آهي. ٻئي نمبر تي نياڻي ميمونا آهي جنهن MBA ڪئي آهي ۽ FBR - انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسرياڻي آهي. ٽيون ٻار عبدالمنعم بي اي (سول انجنيئرنگ) بعد، جيوٽيڪنڪس ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ جيڪب آباد ۾ نوڪري اٿس. چوٿون ٻار عبدالمومن اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ پڙهي رهيو آهي. عبدالمنتقم، سڀ کان ننڍو آهي ۽ پرائمري تعليم حاصل ڪري رهيو آهي.

عبدالوهاب صاحب سان جيڪي مليا هوندا، اهي اهو ئي چوندا ته سهتو صاحب جو اخلاق، انڪساري، ڪشاده دلي ۽ هر آئي جو احترام ۽ خلوص سان آڌرڀاءُ ڪرڻ - سندس اهڙا گڻ آهن، جيڪي تمام گھٽ ماڻهن ۾ نظر ايندا. رب سائين کيس اڃا به زور قلم گھڻو عطا ڪري، جيئن پڙهندڙن کي پڙهڻ لاءِ اڃا به گھڻو ڪجھه ملي سگھي.

“منهنجي پڙهندڙن لاءِ اوهان طرفان ڪو پيغام؟” مون کانئس پڇيو.

“محنت ۾ عار نه سمجھڻ گھرجي. جيڪو به ڪم ڪجي سچتائيءَ سان ڪجي. منجھس ڪو به جھول نه ڇڏجي. هر ڪم دل ۽ جان سان، بنا ڪنهن ناغي يا ڪوتاهيءَ/ ڪاهليءَ جي ڪجي.”

 

الطاف شيخ

۰۳۰۰-۹۲۴۱۶۶۶

ڪراچي

۲ جولاءِ ۲۰۲۱

 

(الطاف شيخ صاحب جي تازو ڇپيل ڪتاب ”نڪري ويا ناکئا“ تان کنيل)

 




عبدالوهاب سهتي جي لطيف شناسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

انجنيئر عبدالوهاب ولد محمد بچل سهتو ڪنڊياري ضلعي نوابشاهه/نوشهري فيروز ۾ ۵ مئي ۱۹۵۹ع تي جنم ورتو. ستين درجي تائين ڪنڊياري ۽ پوءِ حيدرآباد نور محمد هاءِ اسڪول ۽ نوابشاهه ڊگري ڪاليج مان ۱۹۷۷ع ۾ انٽرميڊئيٽ ڪري مهراڻ يونيورسٽي مان سول انجنيئرنگ (بي اِي) ۱۹۸۴ع ۾ ڪيائين ۽  ان کانسواءِ شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي سنڌي ڪيائين. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ مان ۲۰۱۹ع ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر طور رٽائر ڪرڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي گرامر اسڪول جي پرنسپال جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. سنڌي ادب سان دلچسپي ۽ شوق سبب سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندي مستقل مضمون ۽ مقالا لکندو رهي ٿو، سندن ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن شروعات ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي. سندس ڪتاب هن ريت آهن: ‘هراس’ (ڪهاڻيون) ۱۹۸۹ع، ‘جڏهن بت ئي چوي ڪافر’ (ڪهاڻيون) ۱۹۹۲ع، ‘هٿ جي وڍي’ (ڪهاڻيون) ۱۹۹۹ع، ‘ننڍڙي روپ وارا چوڻيون ۽ پهاڪا’ ۲۰۰۲ع، ‘ورجيسيون: پس منظر ۽ ڪارج’ ۲۰۰۳ع، ‘موزون آکاڻين تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون’ ۲۰۰۴ع، ‘اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون’ ۲۰۰۴ع، ‘لاڙي پهاڪا ۽ چوڻيون’ ۲۰۱۵ع، ‘طبي پهاڪا ۽ چوڻيون’ ۲۰۱۴ع،  ‘ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون’ ۲۰۱۷ع، ‘گهاگهر منجهه ساگر’ ۲۰۱۸ع، ‘نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون’ ۲۰۱۹ع ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب ترتيب، تدوين ۽ ترجما آهن. ‘سک وندي’ ڪتاب پرڏيهي ڪهاڻين جي ترجمي تي مشتمل آهي. شاهه جي شاعريءَ جو پهاڪاتي پهلو ڪتاب انجنيئر عبدالوهاب سهتي مرتب ڪيو، جو ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر ۲۰۱۸ع ۾ شايع ڪيو.

‘پهاڪاتي پهلو’ جي موضوع جي باري ۾ سهتو صاحب لکي ٿو ته، “شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام اندر مختلف النوع علم يڪجا آهن، جن جي نشاندهي اهو عالم ۽ ڏاهو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي ايترن علمن تي دسترس هجي. اهي علم آهن داستان، وياڪرڻ، صرفي نحوي ترڪيب، اصطلاح، ورجيسون، تشبيهون، تمثيلون، تلميحون، پهاڪا، چوڻيون وغيره”. ۱۸۴ صفحن تي مشتمل ترتيب ڏنل هن ڪتاب ۾ هيٺيان مضمون شامل آهن:‘پهاڪن ۽ چوڻين طور ڪتب ايندڙ مصرعون’ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ‘شاهه جا پهاڪا’ ڊاڪٽر اياز قادري، ‘شاهه جي ڪلام ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون’ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ‘روز مره جي سنڌي زندگيءَ ۾ شاهه جا قول’، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، ‘آيتون آهن’ (الف بي وار چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون) ڪريم بخش خالد، ‘شاهه ۽ پهاڪا’ سيد اظهر گيلاني، ‘شاهه جي ڪلام ۾ اصطلاح ۽ پهاڪا’ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، ‘شاهه ڀٽائي جا بيت- پهاڪا’ حافظ محمد احسن چنا، ‘شاهه لطيف جي شاعري ۾ چوڻيون’ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ‘سر ڪلياڻ ۾ آيل چوڻيون: محاورا ۽ اصطلاح’ مير محمد ڀيو، ‘شاهه جون چوڻيون’ (سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسينيءَ جي حوالي سان) نياز همايوني، ‘سرديسيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو’ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، ‘سر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال’ ڊاڪٽر مخمور بخاري، ‘سر حسينيءَ ۽ سر مارئيءَ ۾ پهاڪن، چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو’، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي.

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته، “شاهه سائينءَ جي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جو واهپو ته سماج ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر شاهه جي انهن پهاڪاتي سٽن ۽ بيتن تي تحقيقي ۽ علمي ڪم تمام گهٽ ٿيو آهي، جڏهن ته ان جي ضرورت تمام گهڻي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين تي گذريل ٽيهارو کن سالن کان نامور محقق، انجنيئر عبدالوهاب سهتي انتهائي ڪارائتو ڪم تسلسل سان پئي ڪيو آهي، جنهن جي شاهدي سندس پهاڪن ۽ چوڻين جا تحقيق تاليف ۽ تدوين ڪيل ۱۵ ڇپيل ڪتاب آهن”. (ص- ۸) ڪتاب جي شروع ۾ عبدالوهاب صاحب انهن سڀني ليکڪن جو تعارف ڏنو آهي، جن جا اهي مضمون ۽ مقالا شامل آهن، انهيءَ کانپوءِ ترتيب وار اهي مضمون آندا آهن، هيٺ چند حوالا پيش ڪجن ٿا.

ڪريم بخش خالد جي وزنائتي مقالي ۾ الف-بي وار چونڊ پهاڪا ۽ چوڻيون سڀني سرن مان آيل آهن، هيءُ هڪ محنت طلب ڪم آهي جو شاهه جي شاعريءَ جا شائقين شوق سان نڀائيندا پيا اچن پاڻ لکي ٿو ته، “شاهه لطيف  جو رسالو، سنڌ جي تاريخ جو ثقافتي ماخذ آهي، سنڌي معاشرت جي منجهس مانڊاڻ آهي ۽ زبان جو ايترو وسيع ۽ ڪثير ذخيرو، جو شايد دنيا جي ڪنهن به شاعر جي ڪلام ۾ ايترا محاورا، ضرب المثال، پهاڪا وقت سر ۽ موضوع جي مطابق دِلي مدعا بيان ڪرڻ لاءِ معياري ادبي فقرا ملي سگهن”. (ص- ۵۹)

سيد اظهر گيلاني لکي ٿو، “ظاهري طرح سان پهاڪو، هڪ ننڍي چوڻي آهي جيڪڏهن غور ڪبو ته ان ۾ وڏو راز سمايل نظر ايندو، پهاڪي ۾ نادر نڪتا ۽ نصيحت آميز ڳالهيون ملن ٿيون، جيڪڏهن گفتگو جي دوران جملي ۾ پهاڪو استعمال ٿيندو ته ان ۾ نئون روح ڦوڪجي ويندو ڄڻ خطيب جي خطابت کي چار چنڊ لڳي ويا”. (ص- ۸۳) ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي موجب، “شاهه عبدالطيف جي شاعريءَ جو مطالعو ڪندي مان ان ويچار ۾ غلطان ٿي رهجي ويندو آهيان ته ڪهڙو سبب آهي جو شاهه جي ڪلام جي گونج، ان جي رسائي، ٻين هم فڪر سخنورن کان ججهي آهي، شاهه عبداللطيف هڪ وڏو عالم هو، هن پنهنجي ڪلام ۾ ضرورت، موقعي ۽ مناسبت سان قرآني آيتون، حديثون، پهاڪا، چوڻيون، بيحد هنر منديءَ سان ڪتب آنديون آهن، شاهه عبداللطيف پنهنجي ڪلام ۾ چوڻيون ۽ پهاڪن کي موتين وانگر جڙي، پيش ڪيو آهي، شاهه لطيف وٽ اهو فن بي مثل هو. جنهن کي کيس پنهنجي هم عصر شاعرن ۾ تمام اوچو مقام عطا ڪيو”. (ص- ۸۸)

هن سڄي ڪتاب ۾ آيل ليکن ۾ محققن الڳ الڳ انداز سان لطيفي بيتن مان انيڪ پهاڪا ۽ چوڻيون آندا آهن، ڪجهه جي طرفان ڪن خاص سرن جو اڀياس پڻ آهي ته ڪي مضمون پوري رسالي جو احاطو موضوع مطابق ڪن پيا، ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي. اڃان به ڪي مضمون ۽ مقالا هن ڏس ۾ يقيناً هوندا، جيئن ڊاڪٽر شازيه پتافيءَ جي پي ايڇ ڊي تحقيق “شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس” ۾ آيل ٻه مقالا، “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو پهاڪي طور استعمال” ۽ “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو چوڻين جي روپ ۾ سنڌي سماج ۾ استعمال” ۽ ٻيا ڪي مضمون نه اچي سگهيا آهن، انجنيئر عبدالوهاب جي هن ڪارائتي ڪاوش ۾ هڪ اهم موضوع تي محققن جي محنت سامهون آئي آهي.

شاهه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر: (اصطلاح، ورجيسيون ۽ محاورا) عبدالوهاب سهتي جو ڪتاب رومي پبلشر ۲۰۲۱ع ۾ شايع ڪيو. موضوع مطابق آيل مضمونن ۾ “شاهه عبداللطيف ڀٽائي: هڪ اصطلاح ساز شاعر: سيد منظور نقوي، “اصطلاح ۽ شاهه لطيف جي شاعري” راز شر، “سر پرڀاتيءَ جي اصطلاحن جو اڀياس” زيب نظاماڻي، “سر پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي” اعجاز احمد ميمڻ، “سر رپ ۾ اصطلاح ۽ چوڻيون” نياز سرڪي، “سر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون” ڊاڪٽر اسد جمال پلي، “سر سورٺ ۾ محاورن جو استعمال” احمد خان ڪيريو، “سرڪاموڏ ۾ آيل اصطلاح” ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، “سر ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح” ڊاڪٽر نور افروز خواجه، “سر مارئيءَ ۾ ڪم آيل اصطلاح” ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، “سر مومل راڻو ۾ محاورن جو استعمال” احمد خان ڪيريو، سر يمن ڪلياڻ ۾ آيل اصطلاح ڊاڪٽر نور افروز، “شاهه جي رسالي ۾ اسلامي اصطلاح” حافظ راشد انڍڙ، “هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ” ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ ۽ ٻيا آهن. مقدمي ۾ عبدالوهاب سهتو لکي ٿو ته،

”ٻولي سلاست ۽ بلاغت جي پد تي تڏهن پهچندي آهي جڏهن منجهس قدامت ۽ جدت جي آميزش سان ڌرتيءَ تي مروج اصطلاح ۽ ورجيسون، استعارا ۽ ڪنايا، تشبيهون ۽ تمثيلون، پهاڪا ۽ چوڻيون منڊيءَ تي ٽڪ جيان ٽانڪي ۽ ٽوپي سجائجن، شاهه جو سمورو ڪلام، شعر جي انهن خوبين سان پڻ ٽٻٽار ۽ ٽنڊڙيل آهي، جيئن، “پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن”، “گهڙيا سي چڙهيا”، “ڇُٽا ڦٽ ڇڙي پوڻ”، “سوري جنين سيج، مرڻ تنين مشاهدو” ۽ ٻيا آهن. (ص- ۱۳)

حافظ ارشد انڍڙ عربي لفظ “اصطلاح” جي وضاحت ڪرڻ کانپوءِ شاهه جي شاعريءَ ۾ اسلامي اصطلاحن جي اوک ڊوک ڪندي “ڪارڻي”، “شهادت”، “ڪوفي”، “قاضي”، “عزازيل ۽ ابليس”، “دائودي”، “معلم”، “الست بربڪم”، “نجاست”، ”ڪن فيڪون”، “ميثاق”، “ارواح” ۽ ٻين محاورن ۽ اصطلاحن کي واضح ڪيو آهي، موضوع مطابق هيءَ مقالن جي سهيڙڻ جي ڪاوش وڻندڙ ۽ معلوماتي آهي. انجنيئر عبدالوهاب جون لطيف شناسيءَ ۾ هي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۰ مارچ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

5 comments: