نياز همايوني
(متوفي ۳
جنوري ۲۰۰۳ع)
گاڏي کاتي حيدرآباد جي ان مصروف علائقي ۾ اوائلي واڻڪين جائين ۽ ڪجهه
خوبصورت ماڙين جي پاڙي ۾، گاڏين جي گيراجن ۽ ڊينٽنگ پينٽنگ وارن جي ٺڙا ٺوڪي جي
گهيري ۾ هُل هنگامي ۽ گوڙ شور کان بي نياز، نياز همايوني جو اهو فليٽ منهنجي لاءِ
نهايت اتساهڪ رهيو، جتي هڪ سوڙهي ڪمري ۾ تمام وڏي لائبريري هئي، جتي رکيل الماري ۾
علم ۽ ادب جو وڏو دَفينو (ڄڻ ته هڪ گهاگهر ۾ ساگر سهيڙيل هجي). مون پنهنجي حياتي
جي حوالن ۾ سائين نياز همايوني سان تمام ٿورڙين ملاقاتن ۾ گهڻو مانُ پاتو ۽ سرت ۽
ساڃاهه آهر ڄاڻ پرائي.
پاڻ سنڌ جو اهو واحد سخنور قومي شاعر ۽ لوڪ ساهتڪار هو، جنهن کي
پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سنڌ امڙ جي سينڌ سنواري ڌرتيءَ ماءُ سان سور سليا ۽ ڏک
ونڊيا ۽ ايڏو وڏو الٿوڪار ۽ دانش جو ڌڻي هو جو فارسي ٻوليءَ سان مادري زبان وارو
ورتاءُ ڪندو هو. سندس فارسي داني وارو ڪاروهنوار ڏسي ائين لڳندو هو، ڄڻ نياز
همايوني سنڌ جو مير علي شير قانع هجي. هن جو وڏو ڪارنامو ”هفت زبان لغت (۱۹۷۵ع) جنهن لاءِ ٻين فارسي دان عالمن سان سندس انتخاب
ٿيو ۽ ان لغت جي ترتيب ۾ هن نمايان حصو ورتو. علمِ طب جو ڪتاب ”فرهنگ جعفري“ (۳ جلد ۱۹۶۰ع) ملوڪ الڪلام (خواجه
محمد زمان لواريءَ واري جي بيتن جو منظوم فارسي ترجمو ۱۹۷۷ع). تاريخ مظهر شاهجهاني (فارسي دستخط جو سنڌي ترجمو ۱۹۷۹ع) تاريخ طاهري (فارسي کان سنڌي ترجمو ۱۹۸۸ع)، مقصود العارفين (فارسي کان سنڌي ترجمو ۱۹۸۹ع) راهه عشق خميني (فارسي کان سنڌي منظوم ترجمو ۱۹۹۳ع) تاريخ تازه نواءِ معارڪه (ترجمو ۱۹۹۵ع) فرهنگ همايوني (مولانا مفتون همايوني جي لکيل
طبي لغت جي ترتيب ۱۹۹۶ع) رسالا اويسيه (شاهه لطيف رحه جو مخدوم معين رحه
ڏانهن خط ۽ ان جو جواب، فارسي کان سنڌي ترجمو ۱۹۹۶ع) ديوان مفتون (ٻيو ڇاپو ۱۹۷۳ع)، سنڌ نامه (اردو ترجمو ۱۹۷۸ع) انتخاب سنڌي شاعري (سنڌ جي اساسي شاعرن جو چونڊ ڪلام اردو ترجمو ۱۹۸۷ع)، آهوانِ صحرا (قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ترجمو
۱۹۸۸ع) ان کان علاوه ساڻيهه جي ساک (دودي چنيسر جو
منظوم داستان ۱۹۷۷ع)، ڌرتيءَ جا گيت شعري مجموعو ۱۹۷۷ع) آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (صوفي دريا خان جو ڪلام،
ترتيب ۱۹۸۹ع)، ارمغان لطيف (شاهه جي رسالي جو منظوم فارسي
ترجمو، پندرهن (۱۵) سر-ڇپيل ۳ سُرَ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀاٽ، شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي
يونيورسٽي ۱۹۹۴ع ۾ ٽه ماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ ۷۲-۱۹۷۳ع).
شاهه جي ڪلام جو منظوم فارسي ترجمو ڇپائڻ جي سلسلي ۾ مارچ ۲۰۰۴ع ۾ شاهه لطيف جي سالياني عرس جي موقعي تي نامور
اديب تاج جويي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري انوار حيدر کي نياز
همايوني مرحوم جي ڪيل ٻن ترجمن ”رساله ويسيه“ (فارسي کان سنڌي ترجمو) ۽ ارمغانِ
لطيف (شاهه جي رسالي مان ڪيل سنڌي مان فارسي ترجمو) ڇپائڻ جي گذارش ڪئي. هُن اهڙو
وعدو ڪيو ته: ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي گولڊن جوبلي تقريب جي موقعي تي انهن ٻن
ڪتابن جي پڌرائي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو...“ ان سلسلي ۾ تاج جويو کي اهي ٻئي ڪتاب
ڪمپوزنگ ۽ ايڊيٽنگ ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو، جيڪو هن مهيني ٻن اندر اڪلائي ڏنو، پر ان
وچ ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ثقافت کاتي جي چارج ڇڏي بورڊ آف روينيو جو سينئر ميمبر
بڻيو، جنهن بعد نياز همايوني مرحوم جو سنڌي ترجمو ”رساله اويسيه“ ان دور جي
سيڪريٽري سياحت ۽ ثقافت کاتو محترمه مهتاب اڪبر راشدي جي نظرداريءَ هيٺ جولاءِ ۲۰۰۵ع تي ڇپجي چڪو. پر شاهه لطيف رحه جي ڪلام جو منظوم
فارسي ترجمو پڌرو نه ٿيو...جنهن بعد ۱۰
جولاءِ ۲۰۰۴ع ۾ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ”شاهه لطيف، سنڌي
ٻولي ۽ سماج“ ڪانفرنس جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ ٺهراءُ نمبر ۲۰ ۽ ۲۱ ۾ گهر ڪئي وئي ته: ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو مرحوم
پاران عربي زبان ۾ ترجمو ڪري ڇپايل شاهه جي رسالي جا ٽيهه ئي سر سوڌي سنواري ڇپايا
وڃن ۽ نياز همايوني جو ڪيل رسالي جو منظوم فارسي ترجمو ڇپايو وڃي ۽ رهيل پندرهن (۱۵) سرن جي فارسي ترجمي ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو وڃي، جڏهن ته نياز همايوني
مرحوم جا لڳ ڀڳ ويهه (۲۰) اڻ ڇپيل مسودا ڇپائيءَ
لاءِ انتظار ۾ آهن.
نياز همايوني
تنهنجي دنيا سڀ رنگ
سانول
طارق عزيز شيخ
سنڌي
شاعري ۽ تاريخ جي حوالي سان نياز همايوني جو نالو سدائين زندهه رهندو. هو هڪ ئي
وقت سٺو شاعر ۽ بهترين مترجم هو، سندس اصل نالو مشتاق احمد نياز الدين هو پر ادبي
دنيا ۾ نياز همايوني جي نالي سان پير پاتائين. ذات جو ميمڻ هو ۽ شڪارپور جي ڳوٺ
همايون جو رهندڙ هو. پهرين اپريل ۱۹۳۰ع تي
پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، تعليم پرائڻ دوران ئي هن
حڪمت کي به علمي توڙي عملي طور شروع ڪري ڇڏيو. نياز همايوني پاڪستان جي حاصلات
واري تحريڪ ۾ پڻ سرگرم رهيو ۽ ورهاڱي تائين هڪ متحرڪ ڪارڪن جيان ڪردار نڀايائين.
نياز
همايوني شاعريءَ ۾ مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، هن جي ڪلام جو مجموعو ”ڌرتيءَ
جا گيت“ ڏاڍو مقبول ٿيو، جنهن ۾ قومي جاڳرتا جو پيغام چٽيو ٿيل آهي. هن غزل ۽ گيت ٻين
صنفن کان وڌيڪ سهڻائي سان لکيا آهن، بلڪ ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته کيس انهن تي
مهارت حاصل هئي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪي موضوع نمايان رهيا تن ۾ جدوجهد، قومي سجاڳي،
غريب جو حق لاءِ جهيڙڻ، ڏک، زندگي جي اهميت ۽ روشن خيالي شامل آهن. هو قلمڪارن
واري تحريڪ ۾ به اڳڀرو رهيو، جمعيت الشعرا واري سلسلي ۾ جهڙي طرح جڙيل رهيو ادبي
سنگت ۾ به اوترو ئي اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن سماج کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي چٽو
پڌريو ڪيو، پورهيت کان وٺي معاشري جي هر روپ کي نروار ڪيو.
فارسي ٻوليءَ
تي عبور حاصل هجڻ ڪري نياز همايوني ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ۽ ”تاريخ طاهري“ جهڙا سنڌ
جي تاريخ جا اهم ڪتاب ترجمو ڪيا. سنڌي ادب ۾ هنن ڪتابن جي تمام گهڻي اهميت آهي.
هنن ڪتابن جي ترجمي ٿيڻ بعد ڪيئي تاريخي حقيقتون معلوم ٿيون جيڪي سنڌين کي اڳي
معلوم ڪونه هيون، هن کي اردو ٻوليءَ تي سٺو عبور حاصل هو. اهو ئي سبب آهي جو هو ۱۹۶۵ع ۾ اردو مرڪزي بورڊ حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر بڻيو. نياز همايوني خواجا محمد
زمان لنواري واري جي شاعري به فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. ان کان علاوه ”فرهنگ
جعفري“ نالي طب بابت هڪڙو ڪتاب فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.
نياز
همايوني جو گيت چوڻ جو انداز نهايت خوبصورت هو، هن جي گيت ۽ رڌم، ترنم ۽ سر جو
ميلاپ نظر اچي ٿو. سندس گيت ڄڻ موسيقيت ۾ چيل ٿو لڳي، جيئن سندس مشهور گيت آهي:
تنهنجي
دنيا سڀ رنگ سانول
مون وٽ
روپ نڪو ٻهروپ الا
تنهنجي
دنيا ڪنول تي ڪرڻا
منهنجي
دنيا جر جان اونداهيل
مون وٽ
روپ نڪو ٻهروپ الا
تنهنجي
دنيا انڊلٺ ريکا
منهنجي
دنيا گدلا بادل
مون وٽ
روپ نڪو ٻهروپ الا.
هن گيت
جي ٻول تي سنڌ جي نامياري ناول نگار سراج پنهنجي هڪ تاريخي ناول جو ٽائيٽل ”تنهنجي
دنيا سڀ رنگ سانول“ به ڏنو. اها شاعر جي فن جي ڪاميابي آهي، نياز همايوني فڪري سوچ
جو هڪ تسلسل آهي، هو سنڌ جي تاريخ کان ڀلي ڀت واقف هو نه صرف سنڌ ۾ لکيل پر سنڌ
کان ٻاهر لکيل سنڌ بابت تاريخ به پڙهيل هو. سندس وسيع مطالعي سبب هن کي اها عڪاسي ڪرڻي
هئي، جنهن سان سنڌ جي عظمت بلند ٿئي. ترقي پسند ليکڪن جي تحريڪ يا قلمي جدوجهد جو
حصو ٿي سگهن ٿا پر معاشرتي ۽ سماجي صورتحال ۾ سنڌ سان ۽ سنڌين سان جيڪي جٺيون ۽
زيادتيون وقت گذرڻ سان ٿينديون رهيون اهو سڀ ڪجهه نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۾ جهلڪي
ٿو:
ائين
خدائي ظلم جي آئي،
دوزخ
دنيا بڻجي وئي،
عشق
يتيم ته سونهن بيواهه
لاش
تمنا بڻجي وئي.
نياز
همايونيءَ جي زندگيءَ ۾ ته سڪون هو پر سندس سوچ ۾ وڏي هلچل، بي چيني ۽ حرڪت هئي.
هن کي حق جي ڳالهه چوڻ جي تڙپ رهندي هئي. سنڌ سان محبت نياز جي ساهه ۾ سمايل هئي.
هن جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”ساڻيهه جي ساک“ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس هر ڪلام ڄڻ ڪو
اعلان هجي، نعرو هجي يا حق جو آواز هجي. هو حق گوئي جو شاعر هو. سندس دور پورهيت ۽
مزدور جي جدوجهد وارو دور هو، انهيءَ ڪري هو وڏيري، زميندار ۽ جاگيردار کي مخاطب
آهي، هو سوال ڪري ٿو ته:
غريب
لاءِ غريبي ۽ تنگ دستي ڇو؟
امير
لاءِ اميري ۽ خودپرستي ڇو؟
هو ون
يونٽ خلاف به علمي ۽ عملي طور اڳڀرو هو، سندس شاعريءَ ۾ ان جو عڪس چٽو پٽو نظر اچي
ٿو. هو جمهوريت تي قبضو ڪندڙن ۽ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪرڻ وارن کي للڪاري ٿو ، قوم
کي جاڳائي ٿو، ظلم خلاف اٿي ٿو، اڳتي وڌي ٿو، وڙهي ٿو، جنگ ۽ جدل لاءِ به چوي ٿو:
اٿو اٿو
جو زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري
هي ظلم
۽ جبر ٿو روحن کي تنگ ڪري.
نياز
همايوني پنهنجي همعصر شاعرن شمشير الحيدري، تنوير عباسي، ابن حيات پنهور، شيخ
اياز، امداد حسيني، سرويچ سجاولي ۽ استاد بخاري جهڙن شاعرن سان هم آواز ٿي پنهنجي ڌرتي
لاءِ بقا جي ويڙهه ڪئي.
جتي
ظالم ۽ ڏاڍي حڪمران سان موقعي پرست قلمڪار به رنگ بدلائي ڇڏيندا آهن اتي نياز
همايوني جهڙا شاعر سندس اکين ۾ مرچ ڀريندا آهن ۽ اکيون اکين ۾ وجهي چوندا آهن:
هل ته ٿيون
دنگل ڌڻي، دنيا سان پنهنجي جنگ آهه،
جا
وسيع آهه، ٿورڙن لئه ۽ گهڻن تي تنگ آهه،
هن جي
شاعريءَ جو دور جذباتي هو، انهي دور ۾ سنڌ جا تخليقڪار پوءِ ڀلي هو مصوري، شاعري، ڪهاڻي
يا تقرير ۾ نمائندگي ڪندا هجن، سنڌ لاءِ، پنهنجي ڌرتي لاءِ هڪڙو ئي فڪر رکندا هئا.
هڪ ئي مقصد تي سڀ هڪ هئا. اڄ ائين ناهي، افسوس سان ٿو چوڻو پئي ته اڄ هر شعبي سان
واسطو رکندڙ سنڌي ڪنهن هڪ ڳالهه تي به هڪ ناهن. نياز همايوني جي ڏينهن ۾ سائين جي
ايم سيد، ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، مقصود گل،
ابن حيات پنهور، شمشير الحيدري، انور پيرزادو، تنوير عباسي، سراج، طارق اشرف، شيخ
عزيز، ڄام ساقي، مدد علي سنڌي ۽ ٻيا ڪيترائي ڏات ڌڻي هڪ سوچ، هڪ مقصد سان قدم ۾
قدم ملائي اڳتي وڌندا هئا.
نياز
همايوني ڊگها شعر/نظم به چيا آهن، هن جي اهڙي شاعريءَ ۾ تسلسل به قائم آهي ۽ فني
انداز به، هو جتي سنڌ پرست شاعر آهي اتي امن جو پيغام ڏيندڙ به، هيروشيما تي آمريڪي
بمباريءَ کي نندي ٿو، دهشت گردي جي مذمت ڪري ٿو. هن جيڪو لاڙو وڌو اهو سندس پويان
ايندڙ شاعرن قبوليو ۽ کيس اڳتي وڌايو. نياز همايوني ٽرينڊ سينٽر شاعر هو. سنڌ جي
تاريخ، سياست، ادب، سماج ۽ ماحول کان ڀلي ڀت واقف هو. هن ”سنڌي شاعري قديم ۽ جديد“
۽ ”ديوان مفتون“ به مرتب ڪيا.
نياز
همايوني ۳ جنوري ۲۰۰۳ ع تي دل جو دورو پوڻ سبب حيدرآباد ۾ ۷۴ ورهين جي ڄمار ۾ انتقال ڪري ويو. هي سنڌ جو شاندار شاعر سنڌي شاعريءَ ۾
هميشه حيات رهندو. سندس پيل گيت آ سان جا قومي گيت بڻجي ويا. روشن خيال، ترقي پسند
۽ شاعريءَ ۾ جدت پيدا ڪندڙ نياز همايوني جي سوچ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي نمائندگي ڪندڙ
چئي سگهجي ٿي. هن ڏاڍي کي ڏاڍو چيو ۽ ظالم کي ظالم پورهيت ۽ غريب جي احساسن کي
شاعريءَ جي زبان سان عام ڪيو. انهن جذبن کي نمايان ڪيو جيڪي منظر عام تي آڻڻ لاءِ
هو ستم برداشت ڪندا آهن. نياز همايوني هيٺئين طبقي جو نمائندو شاعر هو. هن جي ڪنٽريبيوشن
سنڌي ادب کي سگهارو ڪيو. نياز همايونيءَ جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ کي ان جو ڪو مٽ نه
مليو آهي، ڪو ثاني نه مليو آهي، سندس خال اڃا تائين نه ڀرجي سگهيو آهي. نياز
همايوني لازوال ڪلام چئي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو.
نياز همايوني
اياز عالم ابڙو
۳ جنوري سنڌ جي مزاحمتي ۽ لوڪ
شاعري سرجيندڙ شاعر، نثر نويس، مُحقق، اردو ۽ فارسي ٻوليءَ جي وڏي ڄاڻو نياز همايونيءَ
جي ورسيءَ جو ڏينھن آهي.
نياز همايوني جو اصل نالو مشتاق ڪوري، تخلص نياز همايوني، پهرين اپريل
۱۹۳۰ع تي شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ همايون ۾ جنم ورتائين. شروعاتي
تعليم مختلف مدرسن مان حاصل ڪيائين. پاڻ اردو ۽ فارسيءَ جو ماهر ترجمه نگار ٿي گذريو
آھي.
نياز همايوني، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ لکيل مواد جو جيڪو انگ ڇڏي ويو
آهي تنهن جي تفصيل هن ريت آهي؛
ڇپيل مواد
·
دل ۽ ڌرتيءَ جاگيت،
·
فرهنگ جعفري،
·
ديوان مفتون،
·
ساڻيهه جي ساک،
·
سنڌ جي طبي تاريخ،
·
ڌرتيءَ جا گيت،
·
ملوڪ الڪلام،
·
سنڌي نامه،
·
تاريخ مظهر شاهجهاني،
·
انتخاب سنڌي شاعري،
·
آهوان صحرا،
·
تاريخ طاهري،
·
مقصود العارفين،
·
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه،
·
راههِ عشق،
·
ڪلامِ اشرف،
·
تاريخ تازه نواءِ معارڪ،
·
فرهنگ همايوني
·
رساله اويسيه
اڻ ڇپيل ڪتاب
·
اذان العارفين،
·
سنڌي رانديون،
·
سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون)،
·
اَڪ پچي ٿيا اَنار،
·
جتي منهنجا ماروئڙا،
·
دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل،
·
ڏکيا سکيا ڏينهن،
·
شاهه جو گنج،
·
گلبانگ لطيف،
·
اوٺاڻيون اويس جون،
·
اڌ صديءَ جو اکين ڏٺو احوال،
·
سمندر ڪي سانس
·
مخدوم نوح جو ڇپيل مواد.
نياز همايوني
سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر
تاج جويو
اڄ جڏهن، سرڪارون، اخبارون، ڪالم نگار ۽ غير سرڪاري تنظيمن جا مهندار، ماڻهن
کان نصب العين کسي، خود ساخته مايوسيءَ، فراريت، مصلحت پسنديءَ ۽ پئسي جي حاصلات ۽
چمڪَ جي اونهي کڏ ڏي ڌڪي رهيا آهن؛ اڄ جڏهن ’قومي سياست‘ ۾ ڀتي، بي ايمانيءَ ۽
غداريءَ جا جيوڙا انجيڪٽ ڪيا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن ٻانهپ جي سنگهرن ۾ سوگهي قوم جي
سياسي تقدير بدلائڻ لاءِ سياست نه ڪرڻ ۽ نام نهام’سماجي خدمت‘ جا نعرا ڏنا پيا وڃن؛
اڄ جڏهن سچن قومي ڪارڪنن وٽ ’پيجارو‘ ۽ ’پئسو‘ نه هئڻ سبب سندن قدر نه ٿو ڪيو وڃي؛
اڄ جڏهن ڏيکاءَ ۽ اخباري بيان بازين تي تنظيمن کي جيارڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن
نوجوانن جي تعليم کي ’نوڪريءَ‘ ۽ ٻاهرئين ملڪ وڃي ڪمائي ڪرڻ سان منسوب ڪيو پيو وڃي؛
اڄ جڏهن وطن ۾ ويهي وطن جي حقن جي سياست ڪرڻ ۽ پنهنجي سماج جي خدمت کي عبادت سمجهڻ
۽ تعليم کي پنهنجن ماڻهن جي نجات جو ذريعو سمجهڻ واري واٽ کان ٿيڙڻ جا سبق ڏنا پيا
وڃن، ۽ نتيجي طور نوجوان خُودڪشين ۽ فراريت جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪبا پيا وڃن؛ اهڙن وقتن ۽
زمانن ۾ جن ماڻهن، ’وطن يا ڪفن‘ ۽ ’آزادي يا موت‘ جي سياست جو سبق ڏنو، سماجي خدمت
کي سڀ کان وڌيڪ افضل ڪم ۽ اعليٰ عبادت تصور ڪيو، نياز همايونيءَ جو شمار اُنهن اعليٰ
انسانن ۾ ٿئي ٿو. نياز سنڌ جو اُهو آدرشي ۽ جديد قومي شاعر رهيو آهي، جنهن جي ٻولي
۽ لولي، نعرو ۽ نظريو آهي ته:
سنڌ موجود، حق موجود!
نياز هڪ غريب هاريءَ جو پُٽ هو. اڄ جڏهن سنڌ جا ڪيترا ماڻهو چانڊين مان
سيدَ، تُنين مان قريشي، ٿهيمن مان تميمي، داين مان انصاري ۽ جوڻيجن مان صديقي سڏائڻ
۽ سنڌيءَ بدران پاڻ کي عربي نسل جو فرد ڪوٺائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، تڏهن ڏسون ٿا ته
نياز همايونيءَ ڪڏهن به پنهنجي اصليت نه وساري ۽ وڏي واڪ چئي ڏنو:
آءٌ نماڻو، هاري زادو، ذات جو ڪوري، نانءُ نياز،
سڀڪو ڄاڻي، ڪين ٿو ڄاڻي، ڏِنگن وارو ڏانءُ نياز!
نياز، جديد سنڌي شاعريءَ جي پهرينءَ صف جي سرموڙ شاعرن ۾ هڪ سگهارو ۽
تخليقي شاعر ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪلام ۾ انفراديت، اسلوب ۽ خيالن جي نواڻ موجود
آهي. هيءُ ابتدا کان وٺي هڪ ئي رستي/ قومي رستي تي هلندو رهيو. زماني جي لوڏن،
لالچن ۽ سرڪاري دٻاون، هن جي مزاج، سوچ، انداز ۽ شاعريءَ جي لهجي ۾ فرق نه آندو.
سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جي ڳالهه ۽ زندگيءَ جو درد موجود آهي. سندس ٻولي سچ ڪوڏين
جهڙي صاف آهي. لفظن جي چونڊ وٽس ڪڏهن به مسئلو نه رهي؛ هو لفظن جي حسن، چونڊ ۽
استعمال جي معاملي ۾ سنڌ جو يگانو شاعر ٿي گذريو آهي.
شيخ اياز ۽ نياز همايوني، ٻه اهڙا همعصر شاعر هئا، جيڪي شاعريءَ ۽ هيئت جي
نون تجربن ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. نياز همايوني، جتي نظم جو بادشاهه آهي، اُتي هن
جا گيت، لوڪ گيت، وايون، ڪافيون ۽ دوها پڻ سندس جماليات جي لطيف پيشڪش، درياهه جي
روانيءَ ۽ ماکيءَ واري ميٺاج سبب منفرد آهن. نياز جا طويل نظم، جتي وطن سنڌ ۽ اُن
جي چپي چپي، وڻن ٽڻن ۽ گلن ڦلن سان مُحبت جي جذبي سان سرشار آهن، اُتي انهن سنڌ جي
گونگي تاريخ کي زبان ۽ سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي سمجھه ۽ غيرن کي للڪارڻ جو جذبو
بخشيو آهي. اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نياز سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو ٻهڳڻو شاعر آهي.
هن جي شاعري، مولانا گراميءَ جي لفظن ۾، ”ابتدا کان وٺي رجعت پسنديءَ ۽ ذهني
انتشار کان دور رهي آهي. آزادي، انسانيت، دوستي ۽ وطن پرستي سندس متو ۽ مقصد آهي.“
نياز، فارسي زبان جو وڏو عالم هو، پوءِ به سندس شاعري نج سنڌي ٻوليءَ جي
تشبيهن ۽ ترڪيبن جو ڀنڊار رهي آهي. هُو تشبيهن جو شاهه ڪاريگر شاعر ٿي گذريو آهي،
جنهن ميدان ۾ سندس ڪوبه همعصر شاعر شايد ئي سندس ڪلهي جُوسي ٿي سگهي يا مقابلو ڪري
سگهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو، وڏڦڙي جو وسڪارو، جابلو نئن جو جوش ۽
مستي، ترنم ۽ لئه جو آبشار موجود آهي. نياز جا دوها، نشيلين نِگاهن جي گُهورن کان
وڌيڪ دلنشين ۽ دلڪش، سندس گيت، جماليات ۽ تهذيبي حسن جا سرچشما آهن. نياز جو طويل
نظم ’ساڻيهه جي ساک‘، قومي شاعريءَ جو شاهڪار نظم آهي، جنهن ۾ هن دودي جي ڪردار کي
ايڏو ته دلڪش بڻايو آهي، جو اُن جي پيرن جي پڻي سهاڳڻين جي سينڌ جو سينڌور بنجي
پئي آهي- ۽ چنيسر جي ڪردار کي اهڙو ڪوجهو ۽ ڪميڻو ڪري پيش ڪيو اَٿس، جو مٿس لعنت
وجهڻ لازمي ٿيو پوي.
نياز، ننڍي کنڊ ۾ ’تحريڪ آزادي‘ واري پوئين دور جو شاعر آهي ۽ آزاديءَ جي
آرزو سندس شاعريءَ جو نمايان پهلو رهي آهي. نيازَ، زندگيءَ ۾ وڏا وڇوڙا ۽ غم ڏٺا،
پر هن هميشه مُنهن تي مرڪ سجائي، ٻين کي خوشيون ارپيون آهن.
نياز، وسيع ظرف جو مالڪ ۽ زندهه دل انسان ۽ بهترين دوست رهيو ، سندس دل ۽
زبان، سندس سوچ ۽ سڀاءَ ۾ عام انسانن ۽ شاعرن وانگر تضاد ڏسڻ ۾ ڪڏهن به نه آيو.
نياز جي شاعريءَ مان سندس اڇي اُجري شخصيت سان گڏ سندس دور ۽ ماحول جو سڄو رنگ
نکري بيهي ٿو. هي اهو شاعر رهيو آهي، جنهن جي ذهن ۾ قومي ۽ اجتماعي زندگيءَ جو
احساس هميشه موجود رهيو. سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ ’قومي شاعر‘ جو تاج، نياز همايونيءَ
جي سر تي ئي سونهي ٿو.
نياز همايوني، جديد سنڌ جو اُهو واحد شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ تشبيهون،
استعارا ۽ ترڪيبون، ڌرتيءَ مان ماءُ جي ٿڃ جي گُوهن وانگر ڦُٽي نڪتل محسوس ٿين ٿيون.
هن جي تشبيهن کي سنڌ جو تهذيبي ۽ قومي پسمنظر آهي ۽ اُهي آريسر جي لفظن ۾ واقعي
’سنڌ جيڏيون مٿانهيون‘ لڳن ٿيون. هن جا گيت ۽ لوڪ گيت، هن جون وايون ۽ ڪافيون، هن
جا نظم ۽ دوها، تشبيهن سان ٽٻٽار آهن؛ تشبيهون به اُهي، جيڪي دل جي اونهاين مان نڪرن
ٿيون.
ڪڏهن ته تنهنجو روپ ائين ڄڻ جلوو ٻانهينءَ واريءَ جو،
هَئي حياتي هيج ۾ اِئن ڄڻ ڇيڄ ۾ ڇيڏڪ ڪنواريءَ جو!
نياز همايوني، جديد شاعرن ۾ بردي سنڌيءَ ۽ اُستاد بخاريءَ وانگر اُهو اهم
شاعر هو، جنهن ڪلاسيڪي شاعرن جي پيرويءَ ۾، جديد شاعريءَ ۾ نئون رنگُ ڀريندي، سنڌي
ماڻهن جي ’ٻي زبان‘، بلڪ سنڌي زبان جي ’حسين لهجي‘ سرائيڪيءَ ۾ شاعري ڪئي. سرائيڪيءَ
جو ترنم، لئه ۽ موسيقي پنهنجي آهي، پر جڏهن اُها نياز همايونيءَ جي چپن تي پهچي ٿي
ته اُن جي ميٺاج ۾ مڻ مٺايون مليو وڃن. پوءِ کڻي شاعريءَ جي ڪهڙي به صنف هجي: لوڪ
گيت هجي، يا ماهيا هجن يا وري ڪافيون. نياز همايونيءَ جي سِرشت ۾ سمايل سنگيت ۽
سرائيڪيءَ جي فطري موسيقي پاڻ ۾ ملي جيڪو آهنگ تخليق ڪن ٿا، اُن جو ساءُ، هڳاءُ،
رَسُ ۽ چَسُ نرالو ۽ نئون آهي.
نياز هڪ طويل نظم لکي پاڻ کي ”سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر“ ثابت ڪيو آهي.
سنڌ، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب سان نياز جي پيار جو هي رشتو، ساهه جي تند ٽٽڻ تائين
قائم رهيو. اچو ته نياز جي ماءُ جي ٿڃ جهڙي نبار ٻوليءَ جو ساءُ وٺون!
’سنڌ ديس‘ جي سوني ڌرتي، مٽي مڻيادار، الا!
هن ڌرتيءَ تان گهور وڃان، هيءَ ڌرتي سرجڻهار، الا!
جاڳايا جنهن جنم جنم ۾، جار ڪري جهونجهار الا!
ڪويل ڄڻ ڪي ڪنول جو گُل هئي،ڪوئل جيان گفتار سنديس،
ڦوهه جواني ڄڻ ته جهڙيالي، جهڙ ڦڙ جيان جنسار سنديس،
چپڙا ڄڻ ته چنار جون مکڙيون، اکڙيون نينهن نکارسنديس.
ٻاگهي، جنهن جي مُرڪ مليح ته پيشاني پُکراج هئي،
جنهن جي هيج همير جي آڏو، قسمت ڀي محتاج هئي،
هاڻ انهيءَ جا حال ائين ڄڻ، سنڌڙي ٿي تاراج هئي!
بشڪريه عبرت
نياز همايوني
سنڌي نظم جو بادشاهه شاعر
حسيب ناياب منگي
سنڌ ڌرتي جنهن جي شاعريءَ جو
عنوان بڻي، جنهن جي نظمن جي مهڪار ۾ سنڌ جي سرهاڻ شامل رهي، جنهن جا گيت سنڌ ۽
سنڌين جو آواز بڻيا، اڄ پاڻ ان نامياري ڪوي مرحوم نياز همايوني کي ياد ڪري رهيا
آهيون. نياز جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ ڪوين ۾ ٿئي ٿو، جنهن شاعريءَ جي مختلف صنفن تي
لکي پاڻ مڃرايو. هو نه صرف سٺو شاعر هو پر نثر نويس ۽ مترجم جي حوالي سان به سندس
سڃاڻپ آهي. سندس شاعري ڳائڻ وڃائڻ جهڙي، سندس نثري تحريرون ساهه ۾ سانڍڻ جهڙيون ۽
ترجما سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. نياز همايوني جو اصل نالو مشتاق احمد ۽
سندس والد جو نالو قائم حسين ميمڻ هو. پاڻ ۱۲ اپريل ۱۹۳۰ع تي شڪارپور ضلعي جي مشهور ڳوٺ
همايون شريف ۾ ڄائو. سندس والد ٻني ٻاريءَ جو ڪم ڪندو هو. ننڍڙي مشتاق احمد کي
سنڌي، فارسي ۽ قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ڏياري وئي. ان کانپوءِ هن طب جي
تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ شڪارپور ۾ شفا خانو کولي حڪمت ڪرڻ لڳو. حيدرآباد جي
طبي ادارن ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت کي جاري رکندو آيو. بعد ۾ اردو سائنس بورڊ
حيدرآباد ۾ لائبريري انچارج ٿيو، جتان ۱۹۹۵ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين.
نياز همايوني جو سنڌي ادب ۾ پير
پائڻ ورهاڱي کان اڳ ٿيو. شڪارپور جي علمي ادبي ماحول ۾ محمد صالح عاجز، مولانا
عبدالڪريم چشتي، ممتاز علي طيباڻي ۽ شيخ اياز جي صحبت ۽ سنگت توڙي سياسي تحريڪن ۾
حصو وٺڻ جي ڪري نياز همايوني تي سنڌي شاعريءَ وڏو اثر وڌو، مٿان وري حضرت مولانا
عبدالغفور “مفتون” همايوني رحه جي علائقي جو رهواسي به هو ۽ ان جو ڪلام پڻ ٻڌندو
توڙي پڙهندو رهندو هو، اهڙي ريت هڪ هنڌ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته “عبدالڪريم”
گدائي ۽ قادر بخش “بشير” کيس شاعريءَ جي ميدان ۾ اچڻ تي همٿايو. بعد ۾ حاجي محمود
خادم جي صلاح سان عطا محمد حامي خيرپوري کي باقاعده استاد تسليم ڪيائين. (تذڪره
شعراءِ سکر ص : ۳۴۲)
نياز همايوني سنڌي ادب ۾ جيڪا
مڃتا شروعاتي ڏينهن ۾ نظم جي شاعر جي حوالي سان حاصل ڪئي سا آخر تائين سندس سڃاڻپ
جو حوالو رهي. شروعاتي ڏينهن ۾ سندس غزل تي فن جي پختگي ۽ خيالن جي ندرت، دلڪشي ۽
سٺي انداز بياني نظر اچي ٿي. سندس غزل سهڻين ترڪيبن سان فصاحت ۽ رواني وارو رهيو
آهي.
نياز نظم کي پنهنجو بڻائي جڏهن
عبور حاصل ڪيو، تڏهن سنڌي نظم جو بادشاهه تسليم ڪيو ويو. قومي نظمن کان علاوه غزل،
گيت، دوهي، ڇيڄ ۽ بيت سرجڻ جي ڪري نياز شاعري جي آسمان کي ڇهيو ۽ پنهنجي بلند
خيالي ۽ رواني کي جنهن ريت نياز مڃرايو سا چڱي ڀلي شاعر جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي.
سندس ڪلام جي پرک ڪندي مولانا غلام محمد گرامي رايو ڏنو ته :”نياز اسٽيج جو بهترين
شاعر آهي ۽ ڪشمور کان ڪيٽيءَ تائين لافاني شهرت حاصل ڪري چُڪو آهي. نياز همايوني
پنهنجي فن جي انفراديت، اسلوب جي جدت ۽ خيالات جي ندرت جي حيثيت سان سنڌي ادب ۾
اهو مقام حاصل ڪيو آهي، جو رسمي تعارف جو محتاج نه آهي. نياز نظم جو بادشاهه آهي.
نياز همايوني وڏي ڳالهه کي
مختصر ڪري پيش ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر جي آواز کي پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي
شاعريءَ کي ذريعو بڻائي خوب لکيو. هن پنهنجي نظمن ۾ ڌرتيءَ کي ساراهيو آهي. هن جون
پيش ڪيل تشبيهون ٻين کان وڌيڪ اثر واريون آهن. سادگيءَ سان ترنم ۾ هن جيڪو ڪجهه
لکيو آهي سو واقعي ڪمال جو آهي. ديس واسين جي مفلسي تي ڳڻتي، ديس جي خوشحالي،
مزدور ۽ هاري توڙي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو ورجاءُ جنهن نموني نياز همايوني
ڪيو آهي سو نظم ۾ شاهڪار مثال آهي. نياز همايوني شعرن وسيلي جنهن قافلي جي سرواڻي
ڪئي تنهن جو مقصد خوشحال سنڌ ۽ هر سنڌي جو باشعور هئڻ سندس خواب هو. کيس پنهنجي
قافلي ۾ انهن سنڌين جي ضرورت هئي، جيڪي وطن تان سر قربان ڪرڻ جي جذبي سان گڏ جوش ۽
جذبي وارا هجن. جهڙي ريت چيائين ته:
وطن جي دوستيءَ ۾ وفا جا حوصلا
کپن،
جي سر ڏيڻ جي سگهه ڏين اهي ئي
ولولا کپن.
شهر کٽڻ کانپوءِ ڀي روانا رهڻ
جي راهه ۾،
اسان کي هن سفر جي لاءِ اهي ئي
قافلا کپن.
نياز همايوني جديد شاعري جي
اصولن تي ڪلاسيڪي انداز ۾ لکي پاڻ مڃرايو. هن جي زندگيءَ تي نظر ڪرڻ کانپوءِ معلوم
ٿئي ٿو ته حڪمت ۽ ادب کان علاوه سياست ۽ صحافت به کيس محبوب رهي. جوانيءَ جي ڏينهن
۾ ڪانگريس سان سلهاڙيل هو. صحافت جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ محمد صالح عاجز سان گڏ ڪم
ڪيائين ۽ شڪارپور مان نڪرندڙ اخبار “هفتيوار جمهور” جو مئنيجر رهيو. ڪراچي ويو ته
اتان “هفتيوار شهباز” جاري ڪيائين جا ڪجهه عرصو جاري رهي ۽ بند ٿي وئي. مارچ ۱۹۵۱ع کان ۱۹۵۴ع تائين شڪارپور مان”هفتيوار
پُڪار” جاري ڪئي هيائين.
نياز همايوني جمعيت الشعراءِ
سنڌ، سنڌي ادبي سنگت، رائيٽري گلڊ سنڌ، مرڪزي اردو بورڊ وغيره سان وابسته رهيو.
پاڻ ڪيترو ئي عرصو ماهوار نئين زندگي رسالي جي صلاحڪار ڪاميٽي ۾ به شامل هو. نياز
همايوني کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترا ئي ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ، شيلڊون توڙي نقد
انعام پڻ مليا هئا. سندس لکيل، ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ :”فرهنگ جعفري ۳ جلد”، “ديوان مفتون”، “هفت زباني لغت”، “ساڻيهه جي ساک”، “سنڌ جي طبي
تاريخ”، “ملوڪ الڪلام”، “سنڌي نامه”، “تاريخ مظهر شاهجهاني”، “آهون صحرا”، “تاريخ
طاهري”، “مقصودالعارفين”، “آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه”، “راهه عشق”، “فرهنگ همايوني”، “رساله
اويسيم”، “ڌرتي جا گيت”، “انتخاب سنڌي شاعري”، “ڪليات پير محمد اشرف”، “مخدوم نوح
جو قرآن پاڪ” وغيره ڇپيل آهن. جڏهن ته سندس لکيل آتم ڪٿا، مضمونن جو مجموعو،
اخباري ڪالمن جو مجموعو ۽ ٻيا گهڻا ئي ڪتاب اڻڇپيل پوئنيرن وٽ محفوظ آهن.
اها وڏي ڳالهه آهي ته نياز
همايوني حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري رحه جي بيتن جو اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيو هو،
ان سان گڏوگڏ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام جو گهڻو حصو فارسي ۾ منظوم
ترجمو ڪيو هو. قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ۾ ترجمو ۽ امام خميني رحه جي فارسي
رومانوي ڪلام جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو. اهڙي ريت سنڌ جي قديم توڙي جديد شاعرن جي
فارسي ڪلام جو سنڌي ۽ سنڌي ڪلام جو اردو ۾ ترجمو ڪري نياز همايوني مترجم جي حوالي
سان به پنهنجي سڃاڻپ قائم رکي. ان کان علاوه پاڻ مزاحيه ڪالم به لکندو هو ۽ سندس
مزاحيه ڪلام جو مجموعو پڻ “دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل” پڻ مسودي جي صورت ۾ پونئيرن وٽ
محفوظ هوندو.
نياز همايوني زندگيءَ جا ڏکيا
سکيا ڏينهن گذاري کل ۽ خوشي ۾ نياز نوڙت سان تعلقات کي قائم رکندي ۳ جنوري ۲۰۰۳ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو
ڪيو. افسوس جو اداري جي حيثيت رکندڙ شخص جو قدر نه ٿي سگهيو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
نياز همايوني
علي نواز آريسر
آئون نه ڄاڻان ٻولي ٻي، آئون نه ڄاڻان وِرد ورود،
ذڪر ڪريان ٿو سنڌڙيءَ جو، پڙهان ٿو ان تي لک درود،
سنڌ موجود حق موجود! سنڌ موجود حق موجود!
هي سٽون ان شاعر جون آهن، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي انقلاب جي آواز
کي جهر جهنگ تائين پهچايو. سن جي سيد جي فڪر کي اُجاگر ڪرڻ ۾ هن شاعر جو وڏو ڪردار
رهيو آهي. پر افسوس جو اڄ هن شاعر کي نه صرف سيد فيملي وساري ڇڏيو آهي. پر سيد جي ڏنگن
ٻارن به هن شاعر جو ڏهاڙو ملهائڻ گوارا ڪونه ڪيو، نياز همايوني شڪارپور جي هڪ ننڍڙي
ڳوٺڙي، همايون ۾ هڪ غريب پورهيت قائم الدين همايونيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
(شڪارپور اسان لئه تمام وڏي معنيٰ رکي ٿو. سنڌ جي ڀٽائيءَ کانپوءِ
تمام وڏي شاعر ساميءَ جي مڙهي شڪارپور ۾ آهي، ته شاهه لطيف جي تسلسل شيخ اياز جي
جنم ڀومي به شڪارپور آهي؛ “آڌي رات آزادي” جھڙو شاهڪار ڪتاب ترجمو ڪندڙ نثار هَڪڙو
به شڪارپور جو آهي، ته سنڌ جي آزاديءَ جو منگل پانڊي شهيد قيوم منگي- جيڪو ڪراچيءَ
۾ پنجاب سامراج جي گولين جو کاڄ بڻيو اِهو به شڪارپور جو آهي. ته هارون چني جهڙو
مصور به شڪارپور جو آهي، جنهن جي سنگتراش هٿن ۾ جڏهن به قلم آيو آهي ته هُن اهڙا
ته چِتر چٽيا آهن، جو ڏسندڙ دنگ رهجيو وڃي.)
نياز همايوني غربت ۽ مفلسيءَ واري زندگيءَ کي ته قبول ڪيو، پر ڪنهن
جي اڳيان آڻ نه مڃي. مدد علي سنڌي ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي، ته نياز جڏهن ٻي شادي ڪئي،
ته ان مان هڪ ننڍڙي به هئس. هڪ ڀيري گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، ۽ ان ننڍڙيءَ
پنهنجي امڙ کي روئندي چيو، ته هن کان ته پاڻ پهرئين گهر ۾ خوش هئاسين؛ ته نياز جي
اکين مان لڙڪ نيسارا ڪري وهڻ لڳا، ۽ پاڻ گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ گاڏيءَ کاتي ۾ حمالپو
ڪري، ٻارڙن جي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان وٺي آيو. اهڙن مرحلن مان گذري ماڻهو پنهنجو
ايمان سلامت رکي، ۽ طِبي ڪاليج جي ڊائريڪٽر جي عهدي کي ٺڪرائي ڇڏي ته ان کان وڌ ٻي
ڪهڙي خودداري ٿي سگهي ٿي! اندر ۾ سنڌ جي ڀڙڪندڙ درد، هن کي شڪارپور ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؛
۽ شڪارپور ڇڏي اچي حيدرآباد وسايائين ۽ سنڌ جي لاءِ هلندڙ قومي تحريڪ جي جدوجھد ۾ ڪاهي
پيو. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي نوجوانن جي سينن ۾، جلندڙ باهه کي اڃا وڌيڪ ڀڙڪايو.
نياز ان دؤر ۾ هي سِٽون لکيون، جنهن دؤر ۾ سنڌ جو نانءُ وٺڻ، ڪاريهر تي پير ڏيڻ جي
برابر هيو:
جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
قوم ۾ آڻيو سجاڳي، پاڻ ڀي غفلت ڇڏيو، بيدار ٿيو!
جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
نياز همايوني، عبدالواحد آريسر سان روم پارٽنر ٿي رهيو ۽ سنڌ جي مهان
ڪوي شيخ اياز کي به ويجهو رهيو.
مون کي الائي ڇو اياز ۽ نياز ٻنهي جي شاعريءَ ۾ هڪجھڙائي محسوس ٿيندي
آهي. هڪڙي شهر جا هئڻ ڪري، يا ٻنهي جي نالن جي هم آواز ڪري، يا وري انهيءَ ڪري جو،
ٻنهي جي سيني ۾ سنڌ جي لاءِ هڪڙو درد هو، يا ٻئي سن جي سيد جي فوج جا سپهه سالار
هئا. ان ڪري، نياز هڪڙي دؤر ۾ سنڌ کان خوبصورت انداز ۾ آسيس ٿو گهري:
سنڌ، اي سنڌ! منهنجي ايامن جي سنڌ!
مونکي آسيس ڏي! منهنجي خوابن جي سنڌ!
تنهنجي گيتن کي سنگيت ڏيندو رهان،
تنهنجو چارڻ ٿي، هيءُ سين هڻندو رهان:
سنڌ جاڳي پئي! سنڌ جاڳي پئي!
نياز هر موضوع تي لکيو، ۽ سنڌ جي هر ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ ۾
خوبصورت انداز سان چٽيو آهي. هن ٻاگهيءَ تي لکيو، مارئيءَ تي لکيو، هن هوشوءَ تي
لکيو، هيمون تي لکيو، هن ڪارونجهر جبل ۽ روپلي ڪولهيءَ تي لکيو، هن مخدوم بلاول ۽
شاهه عنايت تي لکيو، سنڌ جي سرتاج شاهه لطيف تي لکيو ته سن جي سائين جي.ايم سيد تي
لکيو، هن پٺن اگهاڙن هارين تي لکيو، پيٽ بکايل ٻارن تي لکيو، پر هن جيڪو به لکيو،
جنهن تي به لکيو، سنڌ تي ئي لکيو. هن جي سنڌ سان اهڙي ته ڪمٽمينٽ (commitment) هئي، جو هن کي ڪير به خريد ڪري نه سگهيو. هو نه وِڪيو، نه جهُڪيو.
هميشه اڏول ۽ اِرادي تي مضبوطيءَ سان قائم رهيو. هو جيترو جذباتي هو، اوترو ئي
حساس به هيو، جو هن ڌرتيءَ جي عشق ۾ سرتيءَ کي به وساريو ڪونه. هن شعر ۾ کيس ياد ڪري
ٿو:
جڏهن به تنهنجي ياد اچي ٿي، ڏاڍي اوکي نبري ٿي،
ماڪ جيان ٿا ڳوڙها ڳاڙيون، ميڻ جيان دل پگهري ٿي.
ـــ
تنهنجي سٻاجهي صورت سان جي هيڪر اکڙيون چار ٿين،
برهه اسان جو بوند ٿي برسي، برپٽ تي گلزار ٿين.
نياز همايوني سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم، اديب، شاعر، محقق ۽ مترجم ٿي
گذريو آهي. هن ابتدائي سنڌي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ، مختلف مدرسن
مان فارسي ۽ طِب جي تعليم مڪمل ڪري، حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيو؛ ۽ پنهنجو دواخانو
قائم ڪيائين. ڪجهه وقت حيدرآباد جي طِبي درسگاهن ۾ استاد طور پڻ پڙهايائين.
نياز همايوني شاعريءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب، اردو ۽
فارسيءَ مان ترجما ڪيا؛ جيڪي تمام ناياب آهن. نياز همايوني سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ
تمام گهڻو ڪم ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ تي اها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هو نياز جي ڇپيل
۽ اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپرائي، جيئن اسان جي نئين ٽهي، جيڪا نياز همايونيءَ جي نالي
کان اڻ واقف آهي، ان کي خبر پوي.
نياز همايونيءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
۱- فرهنگ جعفري (۳
جلد) قديم طِب جو ڪتاب، سڌاري تيار ڪيل، (۱۹۶۰ع)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
۲- ديوانِ مفتون (مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو ڪلام)، ترتيب، (۱۹۷۳ع)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
۳- هفت زباني لغت (۱۹۷۴ع)،
مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
۴- ساڻيهه جي ساک (دودي چنيسر جو داستان: شاعري)، (۱۹۷۵ع)، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي.
۵- سنڌ جي طِبي تاريخ (۲
جلد- ۱۹۷۶ع)، سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
۶- ڌرتيءَ جا گيت (قومي شاعري)، ۱۹۷۸ع، پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو انعام يافته (ضبط ٿيل).
۷- ملوڪ الڪلام (خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي ڪلام جو سوانح سميت،
منظوم فارسي ترجمو) ۱۹۷۷ع، همايون پبليڪيشن،
حيدرآباد.
۸- سندهي نامه (اردو)، ۱۹۷۸ع
مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
۹- تاريخ مظهر شاهجھاني (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، ۱۹۷۹ع: ٻيو ڇاپو ۱۹۹۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
۱۰- انتخابِ سندهي شاعري: ۱۹۸۷ع،
اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد.
۱۱- آهوانِ صحرا (قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ترجمو)، ۱۹۸۸ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
۱۲- تاريخ طاهري (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، تصّوف جو ڪتاب ۽ شيخ مغل ڀينءَ
جي سوانح، ۱۹۸۹ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو.
۱۳- مفصود العارفين (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو: ۱۹۸۸ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
۱۴- آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (صوفي درياهه خان جو ڪلام)، ۱۹۹۳ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
۱۵- راهِه عشق (علامه خمينيءَ جي فارسي رومانوي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو)، ۲۰۰۳ع، خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد.
۱۶- تازن معرڪن جي تاريخ (“تاريخ تازه نواءِ معارڪ” جو فارسيءَ مان سنڌي
ترجمو) ۲۰۰۵ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
۱۷- فرهنگِ همايوني (طِبي لغت) ۲۰۰۴ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
۱۸- ڪُلياتِ پير محمد اشرف ڪاماري وارو: ۱۹۹۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
۱۹- رساله اويسيه (شاهه لطيف ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وچ ۾ خط و ڪتابت:
فارسيءَ مان ترجمو) ۲۰۰۵ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز/
ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ.
۲۰- دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت (ساڻيهه جي ساک ۽ ڌرتيءَ جا گيت، گڏيل ٻيو ڇاپو)،
۲۰۰۹ع، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.
۲۱- مخدوم نوح جو قرآن پاڪ (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)
اڻ ڇپيل ڪتاب
۱- اذان العارفين (شاهه عبدالڪريم جي بيتن جو مڪمل ۽ منظوم اردو ترجمو، ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
۲- سنڌي رانديون (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
۳- سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون) سنڌ جي طبيبن جو احوال
۴- اڪ پچيءَ ٿيا انار (سنڌي ڪلاسيڪي شاعري: چونڊ ڪلام)
۵- جتي منهنجا ماروئڙا (يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا ورق)
۶- اردو ۽ فارسيءَ ڪلام جي سنڌي ترجمي جو مسودو، (ترتيب هيٺ)
۷- دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل (مزاحيه شاعري)، ڇپائيءَ جي مرحلي ۾.
۸- ڏکيا سکيا ڏينهن (آتم ڪٿا- اڻ پوري) ۽ ڪالم.
۹- شاهه جو گنج، منظوم اردو ترجمو.
۱۰- گلبانگِ لطيف (شاهه لطيف جي مختلف سُرن جو منظوم فارسي ترجمو)
۱۱- اوٺاڻيون اويس جون (انگريز دؤر جي گمنام عوامي شاعرن جو ڪلام)
۱۲- اڌ صديءَ جو اکين ڏٺو احوال (اخبار ڪٽنگس)
۱۳- سمندر ڪي سانس (ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو سنڌيءَ مان اردو
منظوم ترجمو)
۱۴- ڪالم، مضمون، مهاڳ (ڪتاب جيترو مواد)
نياز همايوني هڪ فرد نه، پر اداري جي حيثيت رکندڙ شخص هو، سنڌ جي هن
عالم جو پورهيو، ڪاٿي لڳائڻ کان تمام گهڻو آهي. آريسر صاحب خاڪي جويي لاءِ چيو هو
ته، خاڪي جويي سنڌ جي نقشي جيترو ڪم ڪيو آهي، ساڳيا لفظ آئون نياز همايونيءَ لاءِ
به لکان ٿو ته هُن سنڌ جي نقشي کان به گھڻو ڪم ڪيو آهي. سندس محنتن جو اُجورو اسان
ڏيون ته به نٿا ڏئي سگهون. نياز همايونيءَ جو هيءُ پورهيو، شل سنڌي ماڻهن جي جذبن
کي جاڳائي. منهنجي خيال ۾ عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويي تي اِها ذميواري ٿي عائد ٿئي
ته هو نياز جي پورهيي کي منظر تي آڻي نوجوان نسل کي نياز جي علم ادب لاءِ ڪيل
خدمتن کان واقف ڪن. سنڌ جي هن محبِ وطن عالم، نياز همايوني ۲ جنوري ۲۰۰۳ع تي راهِه رباني ورتي.
پويان ٻن پٽن، ٻن نياڻين سميت، سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏيو.
No comments:
راءِ ڏيندا