; سنڌي شخصيتون: روشن عطا

08 April, 2017

روشن عطا


روشن عطا
عاشق حسين ساند

سنڌي ڊرامن جي ناليواري اداڪارا روشن عطا ۳۰ مارچ ۲۰۱۱ع تي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، عطا ۱۹۶۴ع کان پنهنجي فني سفر جو آغاز ريڊيو پاڪستان کان شروع ڪيو، روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقعو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ سندس تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا، هن ۲۰ کان وڌيڪ سنڌي فلمن، لاتعداد ٽي وي جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ، اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ ٽي وي تي مرحوم نور محمد لاشاريءَ سان سندس جوڙيءَ کي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو، هوءَ جيڪا هالي ووڊ جي ”صوفيا لارين“ ۽ بالي ووڊ جي ”نرگس“ کان گهڻو متاثر هئي. سنڌ جي هن اداڪارا جيڪا پنهنجي بهترين اداڪاري ڪري ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏيندي هئي.


سندس ٽي وي ڊرامن جا ڪيترا ئي مداح آهن. سنڌي ڊرامن توڙي فلمن ۾ امڙ جو لقب ماڻيندڙ اداڪارا اها روشن عطا ئي هئي، جنهن کي سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو اداڪار ”امڙ“ چئي پڪاريندو هو. هن سنڌي فلم ”ممتا“ توڙي ڪي ٽي اين جي ٽيلي فلم ”درياءَ پار“ ۾ سدوري جي ماءُ جو ڪردار ڪري پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. هن سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار ڪري پنهنجو پاڻ کي امڙ جي ڪردارن لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو. هر پروڊيوسر ۽ فلم ساز کي جڏهن امڙ جي ڪاسٽ سامهون ايندي هئي ته، روشن عطا جو ڪردار انهن لاءِ لازم بڻجي ويندو هو. روشن عطا جي اڄ ڇهين ورسي آهي، پر شوبز ساٿين سميت سندس مٽ مائٽ به هن ليجنڊ اداڪارا کي وساري ويٺا آهن. اداڪارا روشن عطا ۱۹۴۰ع ۾ آغا دلمراد جي گهر شڪارپور ۾ اک کولي. هن جي والدا ڊاڪٽرياڻي فيروز جان ۱۹۹۰ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ننڍپڻ ۾ هن جو پورو خاندان سعودي عرب شفٽ ٿي ويو هو، هن جي عمر ان وقت ۷ سال هئي. هي اتي ۶ سال رهي ۽ هن ۶ حج به ڪيا. سورھن ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن جي شادي پنهنجي ماسات عطا محمد سان ۱۹۵۸ع ۾ ٿي، ان مان هن کي ۸ ٻارن جو اولاد ٿيو پر مختلف وقتن تي هن جا ۵ ٻار خدا کي پيارا ٿي ويا، جن مان هڪ ڌيءَ شگفته پاڻ پي ٽي وي تي ڪم ڪري چڪي آهي. هن اسٽيج ڊراما به ڪيا، انهن جي ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪجهه ڊراما لکيا به. اداڪارا روشن عطا جون سنڌي فلمون ”ڌرتي دل وارن جي“، ”فيصلو ضمير جو“، ”ڌرتي لال ڪنوار“، ”ڌرتي ۽ آڪاش“، ”حاضر سائين“، ”رت ۽ اجرڪ“، ”اُميد“، ”ڦل ماڇي“، ”طوفان گهونگهٽ لاءِ ڪنوار“، ”مورک“ ۽ ٻيون شامل آهن، جڏهن ته جن ڊرامن ۾ هن اداڪاري ڪئي، انهن ۾ ”گامون سچار“، ”گهر ڀاتي“، ”آس“، ”زندگي اولڙا“، ”بُري هن ڀنڀور ۾“، ”جياپو“، ”ماروي جنگل“، ”تپش“، ”چار مسافر“، ”سير سوا سير“ ۽ ٻيا شامل آهن،
روشن عطا سنڌ جي وڏن آرٽسٽن مان هڪ هئي ۽ سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي. سنڌي فلم، ٽي وي، اسٽيج ۽ ريڊيو جي تاريخ ۾ مرحوما روشن عطا جون فني خدمتون هميشه نمايان رهنديون، هن فنون لطيفه جي انهن سڀني شعبن کي هڪ ماءُ وانگر پاليو، ۽ هر فنڪار ۽ پروڊيوسر کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو. سنڌي فلمون جيتريون به ٺهيون، تقريبا گهڻين ئي سنڌي فلمن ۾ پاڻ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. جيئن ته هوءَ وڏي ملنسار، مهمان نواز ۽ خوبصورت پڻ هوندي هئي، ان ڪري فن جي شعبي جي هر فرد سان هن جو پيار هوندو هو. هوءَ جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي آئي ته اتي به ريڊيو، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ به ڪريڪٽر ايڪٽر جا رول، اڪثر روشن عطا کي ئي نصيب ٿيندا هئا.
هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي ٽيليويزن جي اردو سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. جڏهن ته سندس، پنھنجي همعصر فنڪارائن اداڪارا مرحومه شهزادي، قمرالنساءِ هڪڙو، بينا (نجما ڪاوش جي والدا)، ممتاز ڪنول وغيرھ سان فني مقابلو پڻ هوندو هو. ساڳئي وقت جڏهن ٽي وي جا پرائيويٽ ڊراما شروع ٿيا ته هن به پنهنجو پروڊڪشن هائوس کوليو. ان جي ذريعي ڊراما ٺاهڻ جون ڪوششون  پڻ ڪندي رهي. جيڪي پڻ اڻ پوريون رهجي ويون. پاڻ ڪافي سالن تائين ڪئين ڪردار ادا ڪيا، پي ٽي وي ايوارڊ يافتا روشن عطا، هڪ اسڪول ۽ هڪ ادارو هئي. هوءَ هر نئين ايندڙ فنڪار ۽ فنڪارا جي بي حد همت افزائي ۽ پذيرائي پڻ ڪندي هئي، اڪثر فنڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سندن ڀرپور ساٿ پڻ ڏيندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن به ڪراچي جي فنڪارن جو ڪو احتجاج هوندو، هو ته هوءَ هر جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي. روشن عطا جيتوڻيڪ سنجيدا چهري جي مالڪ هئي پر منهنجي مزاحيا خاڪن جي پروگرامن ”رس چس“ ۽ ”کل ڀوڳ“ ۾ جيڪا خوبصورت اداڪاري ڪيائين سا اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي.
سندس جوڙي گهڻو ڪري نور محمد لاشاري، انور سولنگي ۽ يعقوب ذڪريا سان بي حد مقبول هوندي هئي. اڄ به هر پروڊيوسر ۽ هر اداڪار کي مرحوما جي ڪمي هر وقت محسوس ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس ڄمڻ کان مرڻ تائين جدوجهد، فني سفر، نامور ڪردارن جو ذڪر ڪجي ته سندس اڻ کٽ محنت جو حق ادا ئي نه ڪري سگهبو. جيئن ته مرحومه، اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جو هڪ اهم باب هئي، جيڪڏهن ڪراچي ٽيليويزن ۽ ثقافتي ادارا، مرحوما جي فني پورهيي تي ڪي پروگرام پيش ڪن، ۽ ڪا سندس ورسي ملهائين، ته اڄ جي ڏسندڙن ۽ فنڪارن کي مرحوما جو فني پورهيو، ڪنهن اسڪول ۽ يونيورسٽي کان گهٽ ڏسڻ ۾ نه ايندو.



روشن عطا
سنڌي ڊرامن ۽ فلمن جي امڙ
عاشق حسين ساند
دنيا جي هن ڦرندڙ گولي تي ڪي شخصيتون پنهنجن ڪردارن ۾ امر بڻجي وينديون آهن ۽ هن فاني دنيا ۾ وڇوڙي بعد به ڳچ عرصي تائين ياد رهنديون اهڙن ئي امر ڪردارن ۾ ڊرامن جي دنيا ۾ عروج ماڻيندڙ مرحومه روشن عطا پڻ شامل آهي جنهن جا مرحوم نورمحمد لاشاري سميت ٻين وقت چوٽيءَ جي اداڪارن سان ڪيل ڪردار اڄ به اسانجي دلين پٿر تي اڪريل لفظن جيان محفوظ آهن. سنڌي ڊرامن جي ناليواري اداڪاره روشن عطا جي ڇهين ورسي (اڄ) ملهائي پئي وڃي. اداڪاره روشن عطا ۳۰ مارچ ۲۰۱۱ تي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ڪسمپرسي واري حالت ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي۔ هوءَ ڪينسر، بلڊ پريشر، شگر، ڦڦڙن جي بيمارين ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا هئي۔ روشن عطا ۱۹۶۴ ع کان پنهنجي فني سفر جو آغاز ريڊيو کان شروع ڪيو۔ روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقعو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا۔ هن ۲۰ کان وڌيڪ سنڌي فلمن، لاتعداد ٽي وي جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن، اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ ٽي وي تي مرحوم نور محمد لاشاريءَ سان سندس جوڙي کي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو۔ هوءَ هالي ووڊ جي صوفيا لارين ۽ بالي ووڊ جي نرگس کان گهڻو متاثر هئي. سنڌ جي هن اداڪاره جيڪا پنهنجي بهترين اداڪاري ڪري ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏيندي هئي ۽ سندس ٽي وي ڊرامن جا ڪيترائي مداح آهن. سنڌي ڊرامن توڙي فلمن ۾ امڙ جو لقب ماڻيندڙ اداڪاره اها روشن عطا ئي هئي، جنهن کي سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو ”امڙ“ چئي پڪاريندو هو. هن سنڌي فلم ممتا توڙي ڪي ٽي اين جي ٽيلي فلم درياءَ پار ۾ ۾ سدوري جي ماءُ جو ڪردار ڪري پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. هن سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار ڪري پنهنجو پاڻ کي امڙ جي ڪردارن لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو هجي. هر پروڊيوسر ۽ فلم ساز کي جڏهن امڙ جي ڪاسٽ سامهون ايندي هئي ته، روشن عطا جو ڪردار انهن لاءِ لازم بڻجي ويندو هو. روشن عطا جي اڄ ڇهين ورسي آهي، پر شوبز ساٿين سميت سندس مٽن مائٽن به هن ليجنڊ اداڪاره کي وساري ويٺا آهن. اداڪاره روشن عطا ۱۹۴۰ع ۾ آغا دلمراد جي گهر ۾ شڪارپور ۾ اک کولي. هن جي والده ڊاڪٽرياڻي فيروز جان ۱۹۹۰ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ننڍپڻ ۾ هن جو پورو خاندان سعودي عرب شفٽ ٿي ويو هو، هن جي عمر ان وقت ۷ سال هئي. هي اتي ۶ سال رهي ۽ هن ۶ حج به ڪيا. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ماسات عطا محمد سان ۱۹۵۸ع ۾ ٿي، ان مان هن کي ۸ ٻارن جو اولاد ٿيو پر مختلف وقتن تي هن جا ۵ ٻار خدا کي پيارا ٿي ويا، جن مان هڪ ڌيءَ شگفته پاڻ پي ٽي وي تي ڪم ڪري چڪي آهي. هن اسٽيج ڊراما به ڪيا، انهن جي ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪجهه ڊراما لکيا به. اداڪاره روشن عطا سنڌي فلم ڌرتي دل وارن جي، فيصلو ضمير جو، ڌرتي لال ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، رت ۽ اجرڪ، اُميد، ڦل ماڇي، طوفان گهونگهٽ لاءِ ڪنوار، مورک ۽ ٻيون شامل آهن، جڏهن ته جن ڊرامن ۾ هن اداڪاري ڪئي، انهن ۾ گامون سچار، گهر ڀاتي، آس، زندگي اولڙا، بُري هن ڀنڀور ۾، جياپو، ماروي جنگل، تپش، چار مسافر، سير سوا سير ۽ ٻيا شامل آهن. ميڊم روشن عطا سنڌ جي وڏن آرٽسٽن مان هڪ هئي ۽ سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي. سنڌي فلمن، ٽي وي، اسٽيج ۽ ريڊيو جي تاريخ ۾ مرحومه ميڊم روشن عطا جون فني خدمتون هميشه نمايان رهنديون. هن فنون لطيفه جي انهن سڀني شعبن کي هڪ ماءُ وانگر پاليو، ۽ هر فنڪار ۽ پروڊيوسر کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو. سنڌي فلمون جيتريون به ٺهيون، تقريبا گهڻين ئي سنڌي فلمن ۾ پاڻ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. جيئن ته هوءَ وڏي ملنسار، مهمان نواز ۽ خوبصورت پڻ هوندي هئي، ان ڪري فن جي شعبي جي هر فرد سان هن جو پيار هوندو هو. هوءَ جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي آئي ته اتي به ريڊيو، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ به ڪريڪٽر ايڪٽر جا رول، اڪثر ميڊم کي ئي نصيب ٿيندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي ٽيليويزن جي اردو سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. جڏهن ته سندس، پنھنجي همعصر فنڪارائن اداڪاره مرحومه شهزادي، قمرالنساءِ هڪڙو، بينا (نجمه ڪاوش جي والده)، ممتاز ڪنول وغيرھ سان فني مقابلو پڻ هوندو هو. ساڳئي وقت جڏهن ٽي وي جا پرائيويٽ ڊرامه شروع ٿيا ته هن به پنهنجو پروڊڪشن هائوس کوليو. ان جي ذريعي ڊراما ٺاهڻ جون ڪوششون  پڻ ڪندي رهي. جيڪي پڻ اڻ پوريون رهجي ويون. پاڻ ڪافي سالن تائين ڪئين ڪردار ڪرڻ کان پوءِ، آخري ايامن ۾ پي ٽي وي ايوارڊ روشن عطا هڪ اسڪول هو. هوءَ هر نئين ايندڙ فنڪار ۽ فنڪاره جي بي حد گهڻي همت افزائي ۽ پذيرائي پڻ ڪندي هئي.اڪثر فنڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ساٿ پڻ ڏيندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن به ڪراچي جي فنڪارن ڪو احتجاج ڪيو هوندو، ته هوءَ هر جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي. ميڊم روشن عطا جيتوڻيڪ سنجيده چهري جي مالڪ هئي پر منهنجي مزاحيه خاڪن جي پروگرامن ”رس چس“ ۽ ”کل ڀوڳ“ ۾ جيڪا خوبصورت اداڪاري ڪيائين سا اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي. سندس جوڙي گهڻو ڪري نور محمد لاشاري، انور سولنگي ۽ يعقوب ذڪريا سان بي حد مقبول هوندي هئي. اڄ به هر پروڊيوسر ۽ هر اداڪار کي مرحومه جي ڪمي هر وقت محسوس ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس ڄمڻ کان مرڻ تائين جدوجهد، فني سفر، نامور ڪردارن جو ذڪر ڪجي ته سندس اڻ کٽ محنت جو حق ادا ئي نه ڪري سگهبو. جيئن ته مرحومه، اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جو هڪ اهم باب هئي، جيڪڏهن ڪراچي ٽيليويزن ۽ ثقافتي ادارا، مرحومه جي فني پورهئي تي ڪي پروگرام پيش ڪن ۽ ڪا ورسي ملهائين ته اڄ جي ڏسندڙن ۽ فنڪارن کي مرحومه جو پورهيو ڪنهن اسڪول ۽ يونيورسٽي کان گهٽ ڏسڻ ۾ نه ايندو.



روشن عطا
ملڪهءِ جذبات
سيد يار محمد شاهه
سنڌي فلمن، ٽي وي، اسٽيج ۽ ريڊيو جي تاريخ ۾ مرحومه ميڊم روشن عطا جون فني خدمتون هميشه نمايان رهنديون. هن فنون لطيفه جي انهن سڀني شعبن کي هڪ ماءُ وانگر پاليو، ۽ هر فنڪار ۽ پروڊيوسر کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو. سنڌي فلمون جيتريون به ٺهيون، تقريبا گهڻين ئي سنڌي فلمن ۾ پاڻ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين.
شعبه طب سان تعلق رکندڙ ميڊم پنهنجو فني سفر سعودي عرب کان واپس اچي پنهنجي گهر واري عطا محمد سان گڏ حيدرآباد مان ريڊيو جي ذريعي شروع ڪيو. پاڻ ان وقت علاج به ڪندي هئي ۽ صداڪاري به ڪندي هئي. جيئن ته هوءَ وڏي ملنسار، مهمان نواز ۽ خوبصورت پڻ هوندي هئي، ان ڪري فن جي شعبي جي هر فرد سان هن جو پيار هوندو هو.
هوءَ جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي آئي ته اتي به ريڊيو، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ به ڪريڪٽر ايڪٽر جا رول، اڪثر ميڊم کي ئي نصيب ٿيندا هئا. جڏهن ڪراچي ٽيليويزن جي ڊرامن جو دور شروع ٿيو ته بلوچ صاحب، هارون رند، محمد بخش سميجو، منظور قريشي ۽ بيدل مسرور وغيرھ کيس، بحيثيت هڪ سٺي خاتون ۽ هڪ سٺي فنڪاره جي، هر پروجيڪٽ ۾ بڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي ٽيليويزن جي اردو سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. جڏهن ته سندس، پنھنجي همعصر فنڪارائن اداڪاره مرحومه شهزادي، قمرالنساءِ هڪڙو، بينا (نجمه ڪاوش جي والده)، ممتاز ڪنول وغيرھ سان فني مقابلو پڻ هوندو هو. مونکي سندس ڊرامن جو تعداد ۽ نالا ته گهٽ ياد آهن. مون سان گڏ، منهنجي چاچي ايس گل جي سنڌي فلم ”سهڻا سائين“ ۾، پنهنجي ڌيءَ سميت ڪم ڪيائين. سندس ڌيءَ پڻ اڳتي هلي ٽي وي جي هڪ نامور اداڪاره به ٿي، پر وري شادي کان پوءِ هوءَ، ڪراچي ٽيليويزن تي ملازمت ڪرڻ لڳي ۽ اداڪاري ڇڏي ڏنائين. ”سهڻا سائينءَ“ ۾ ھوءَ، منهنجي چاچي جي تمام ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيڻ لڳي. سندن نشستن ۾ اڪثر پنهنجي هڪ فلم ٺاهڻ جي خواهش ظاهر ڪندي رهندي هئي.
پنهنجي ڪجهه فلمي ڪهاڻين جا پلاٽ به اڪثر ايس گل صاحب سان ڊسڪس ڪندي رهندي هئي. هڪ سنڌي فلم ٺاهڻ مرحومه جي وڏي خواهش هئي. جيڪا هوءَ پوري ڪري نه سگهي. ساڳئي وقت جڏهن ٽي وي جا پرائيويٽ ڊرامه شروع ٿيا ته هن به پنهنجو پروڊڪشن هائوس کوليو. ان جي ذريعي ڊراما ٺاهڻ جون ڪوششون  پڻ ڪندي رهي. جيڪي پڻ اڻ پوريون رهجي ويون.
مون سان سنڌي فلم ”سهڻا سائين“ دوران جيڪا سندس قربت قائم ٿي، اها آخر تائين قائم رهي. پاڻ ڪافي سالن تائين ڪئين ڪردار ڪرڻ کان پوءِ، آخري ايامن ۾ پي ٽي وي ايوارڊ پڻ ماڻي چڪي هئي. مون پنهنجي فلم ”محب شيدي“ ۾ محب جي ماءُ جو ڪردار کيس ڏنو هو. فلم جي اوپننگ به روشن عطا سان، درگاهه سخي هاشم شاهه تي ڪئي ويئي. پاڻ جيڏي مهل مڪالما ڳالهائي رهي هئي ته سندس خوبصورت پرفارمنس ۽ خوبصورت ڊائلاگ ڊليوريءَ تي ات بيٺل هدايتڪار شاهه اسد، زاهد معصومي ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. فلم ”محب شيدي“ ۾ يعقوب ذڪريا ۽ گلاب چانڊيو سان هڪ منظر ۾ هڪ رات جي شوٽنگ جي دوران ايڏي خوبصورت اداڪاري ڪيائين جو سڀ سندس مداح بنجي ويا ۽ شوٽنگ ڏسندڙ به روئيندا رهيا.
روشن عطا هڪ اسڪول هو. هوءَ هر نئين ايندڙ فنڪار ۽ فنڪاره جي بي حد گهڻي همت افزائي ۽ پذيرائي پڻ ڪندي هئي.
مرحوم هارون رند، محمد بخش سميجو ۽ بيدل مسرور سندس بي حد گهڻي عزت ڪندا هئا. جڏهن ميڊم سيٽ تي ايندي هئي ته سڄي ماحول کي، پنهنجي شاهه خرچي ۽ خوبصورت جملن سان، ڄڻ ميڙو مچائي ڇڏيندي هئي. اڪثر فنڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ساٿ پڻ ڏيندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن به ڪراچي جي فنڪارن ڪو احتجاج ڪيو هوندو، ته هوءَ هر جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي.
مرحومه مونکي اڪثر گڏجي فلم ٺاهڻ ۽ ٽي وي ڊراما ٺاهڻ لاءِ پئي چوندي هئي ۽ فون به ڪندي هئي، پر اڪثر هوءَ پنهنجو ئي ڪو اسڪرپٽ ڏيڻ چاهيندي هئي ۽ سندس هر اسڪرپٽ ۾ سندس زندگيءُ جي پيڙا ئي شامل هوندي هئي. هن معاشري ۾ زندگي ڪيئن گذاري، ڪيئن جدوجهد ڪئي، ڪيئن اولاد کي پاليو ۽ ڪيئن هنن کي پنهنجي پنهنجي مقام تي پهچايو، اها سڀني کي خبر آهي.
جيتوڻيڪ منهنجي يادگيرين ۾ سندس جيڪي يادگار ڪردار آهن، انهن ۾ سميجي صاحب جي مشهور اردو سيريل ”انتها“ ۽ سنڌي سيريل ”ڪونج“ جو ڪردار هميشه ياد رهندو. ”انتها“ جي هڪ منظر ۾ سندس ڌيءَ کي کوهه ۾ اڇلائي ماريو ٿو وڃي. جيڪا منهنجي ڪردار جي سازش ئي هوندي آهي. پوءِ سندس حق ۾ هڪ عوامي ريلي نڪري ٿي، جيڪا حڪومت جي خلاف هوندي آهي. آئون ۽ محمود صديقي، ان ڊرامي ۾ استحصالي ۽ ظالم وڏيرا هوندا آهيون. ان منظر ۾، ڪوڙي اداڪاري ڪندي، هن ريليءَ ۾ اچي ميڊم روشن عطا جي مٿي تي هٿ رکندا آهيون. کيس ڪوڙي آٿت ڏيندا آهيون. ات محمود صديقي هڪ عوامي تقرير ڪئي جيڪا مڪمل ايڪسٽيمپور هئي. منظر ڏاڍو پسند ڪيو ويو پر اتفاق سان ڊرامي جي قسط اٺين بجي نشر ٿي ۽ نوين بجي وارين خبرن ۾ ساڳيو اهڙو ئي منظر پي ٽي وي جي خبرنامي ۾ ڏيکاريو ويو. جنهن ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف لاڙڪاڻي ۾ اهڙي ئي هڪ مظلوم خاتون جي مٿي تي هٿ رکي اهڙي ئي قسم جي تقرير ڪئي هئي. جنهن تي ٻئي ڏينهن اخبارن گهڻيئي ڪجهه لکيو هو. پروڊيوسر کي به اهڙا منظر ٻيهر نه پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.
ميڊم روشن عطا جيتوڻيڪ سنجيده چهري جي مالڪ هئي پر منهنجي مزاحيه خاڪن جي پروگرامن ”رس چس“ ۽ ”کل ڀوڳ“ ۾ جيڪا خوبصورت اداڪاري ڪيائين سا اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي. سندس جوڙي گهڻو ڪري نور محمد لاشاري، انور سولنگي ۽ يعقوب ذڪريا سان بي حد مقبول هوندي هئي. اڄ به هر پروڊيوسر ۽ هر اداڪار کي مرحومه جي ڪمي هر وقت محسوس ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس ڄمڻ کان مرڻ تائين جدوجهد، فني سفر، نامور ڪردارن جو ذڪر ڪجي ته سندس اڻ کٽ محنت جو حق ادا ئي نه ڪري سگهبو. جيئن ته مرحومه، اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جو هڪ اهم باب هئي، ان ڪري پنهنجين ساروڻين ۾ سندس لاءِ جيڪي ٻه اکر لکون پيا، ان جو مطلب پنهنجي فنڪارائن جو حق ادا ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ڪراچي ٽيليويزن ۽ ثقافتي ادارا، مرحومه جي فني پورهئي تي ڪي پروگرام پيش ڪن ۽ ڪا ورسي ملهائين ته اڄ جي ڏسندڙن ۽ فنڪارن کي مرحومه جو پورهيو ڪنهن اسڪول ۽ يونيورسٽي کان گهٽ ڏسڻ ۾ نه ايندو.



روشن عطا
سنڌ ڊرامن جي امڙ
عاشق حسين ساند
سونهاري سنڌ جي سينڌ هزارين مڻيادار مڻين سان ڀري پئي آهي. هر طرف قيمتي لازوال ڪردار شخصيتون روشن ۽ چمڪندڙ تارن جيان چمڪي رهيون آهن جنهن تي سنڌوءَ جو ساگر ڏسي ڪري جل ٿل مستيون ڪري پنهجي پاڻ کي اٿلائي ۽ پٿلائي ور ونگڙ ڏئي ڪري وڏي لاڏ ۽ ڪوڏ جوش ۽ جلال مان انهن کي سلامي ڏئي رهيو آهي ۽ پيغام ڏئي رهيو آهي. ايڪويهن صديءَ جي علم ادب فن ۽ تهذيت جي متوالن کي ته پنهجي سڃاڻپ کي ڪڏهن به نه وسارجو اوهان جو مجسمو جنهن مٽيءَ منجهان ڳوهيو ويو آهي ان مٽيءَ جو اوهان تي هڪ قرض آهي ۽ اهو قرض اوهان کي لاهڻو پوندو جي لاهي نٿا سگهو ته وري اچڻ واري نسل ڏانهن منتقل ڪرڻو پوندو ته جيئن ان خمير مٽيءَ جو قرض لهي وڃي ۽ سڀ سور ٿڪ لهي وڃن. تاريخ گواهه آهي ته هن مٽيءَ جي خمير جو قرض انهن جوڌن، قلمدانن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، محققن، ڪلاڪارن، سرن جي سرتاجن، پوري ايمانداريءَ سان لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيتري قدر آئون سمجهان ٿو ته اهو قرض انهن تي باقي به نه آهي. کوڙ سارا مٺڙي سنڌ جا سپوت موجود آهن. جن پنهنجي امڙ سان وفا ڪئي آهي انهن جي مٿان پنهنجي جند جان قربان ڪري ڇڏي آهي ۽ دنيا ۾ اهڙي نموني ته مقدمو پيش ڪيو آهي جنهن تي شاهه جي ڌرتي انهن سورمن تي ناز ڪري ٿي. هر ڪنهن پنهنجو فرض مختلف طريقن سان ادا ڪيو آهي انهن مان سنڌي ڊرامن ۾ امڙ طور سڃاتي ويندڙ عالمي شهرت يافته فنڪاره روشن عطا پڻ هڪ آهي جنهن پنهنجي فن وسيلي سڄي دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي.
سنڌي ڊرامن جي ناليواري اداڪاره روشن عطا جي اٺين ورسي (اڄ) ملهائي پئي وڃي. اداڪاره روشن عطا ۳۰ مارچ ۲۰۱۱ تي ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ ڪسمپرسي واري حالت ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي۔ هوءَ ڪينسر، بلڊ پريشر، شگر، ڦڦڙن جي بيمارين ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا هئي۔ روشن عطا ۱۹۶۴ ع کان پنهنجي فني سفر جو آغاز ريڊيو کان شروع ڪيو۔ روشن عطا ريڊيو پاڪستان تي شروع وارن ڏينهن ۾ برقعو پائي ايندي هئي، جڏهن ته هن جا مٽ مائٽ تمام گهڻي مخالفت ڪندا هئا۔ هن ۲۰ کان وڌيڪ سنڌي فلمن، لاتعداد ٽي وي جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ، اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو ۽ ٽي وي تي مرحوم نور محمد لاشاريء سان سندس جوڙي کي گهڻو پسند ڪيو ويندو هو۔ هوءَ هالي ووڊ جي صوفيا لارين ۽ بالي ووڊ جي نرگس کان گهڻو متاثر هئي. سنڌ جي هن اداڪاره جيڪا پنهنجي بهترين اداڪاري ڪري ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏيندي هئي ۽ سندس ٽي وي ڊرامن جا ڪيترائي مداح آهن. سنڌي ڊرامن توڙي فلمن ۾ امڙ جو لقب ماڻيندڙ اداڪاره اها روشن عطا ئي هئي، جنهن کي سنڌ جو ننڍو توڙي وڏو ”امڙ“ چئي پڪاريندو هو. هن سنڌي فلم ممتا توڙي ڪي ٽي اين جي ٽيلي فلم درياءَ پار ۾ ۾ سدوري جي ماءُ جو ڪردار ڪري پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. هن سنڌي فلم ”فيصلو ضمير جو“ ۾ بيگم نصرت ڀٽو جو ڪردار ڪري پنهنجو پاڻ کي امڙ جي ڪردارن لاءِ ڄڻ وقف ڪري ڇڏيو هجي. هر پروڊيوسر ۽ فلم ساز کي جڏهن امڙ جي ڪاسٽ سامهون ايندي هئي ته، روشن عطا جو ڪردار انهن لاءِ لازم بڻجي ويندو هو. روشن عطا جي اڄ اٺين ورسي آهي، پر شوبز ساٿين سميت سندس مٽن مائٽن به هن ليجنڊ اداڪاره کي وساري ويٺا آهن. اداڪاره روشن عطا ۱۹۴۰ع ۾ آغا دلمراد جي گهر ۾ شڪارپور ۾ اک کولي. هن جي والده ڊاڪٽرياڻي فيروز جان ۱۹۹۰ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ننڍپڻ ۾ هن جو پورو خاندان سعودي عرب شفٽ ٿي ويو هو، هن جي عمر ان وقت ۷ سال هئي. هي اتي ۶ سال رهي ۽ هن ۶ حج به ڪيا. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ماسات عطا محمد سان ۱۹۵۸ع ۾ ٿي، ان مان هن کي ۸ ٻارن جو اولاد ٿيو پر مختلف وقتن تي هن جا ۵ ٻار خدا کي پيارا ٿي ويا، جن مان هڪ ڌيءَ شگفته پاڻ پي ٽي وي تي ڪم ڪري چڪي آهي. هن اسٽيج ڊراما به ڪيا، انهن جي ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪجهه ڊراما لکيا به. اداڪاره روشن عطا سنڌي فلم ڌرتي دل وارن جي، فيصلو ضمير جو، ڌرتي لال ڪنوار، ڌرتي ۽ آڪاش، حاضر سائين، رت ۽ اجرڪ، اُميد، ڦل ماڇي، طوفان گهونگهٽ لاءِ ڪنوار، مورک ۽ ٻيون شامل آهن، جڏهن ته جن ڊرامن ۾ هن اداڪاري ڪئي، انهن ۾ گامون سچار، گهر ڀاتي، آس، زندگي اولڙا، بُري هن ڀنڀور ۾، جياپو، ماروي جنگل، تپش، چار مسافر، سير سوا سير ۽ ٻيا شامل آهن. ميڊم روشن عطا سنڌ جي وڏن آرٽسٽن مان هڪ هئي ۽ سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي. سنڌي فلمن، ٽي وي، اسٽيج ۽ ريڊيو جي تاريخ ۾ مرحومه ميڊم روشن عطا جون فني خدمتون هميشه نمايان رهنديون. هن فنون لطيفه جي انهن سڀني شعبن کي هڪ ماءُ وانگر پاليو، ۽ هر فنڪار ۽ پروڊيوسر کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو. سنڌي فلمون جيتريون به ٺهيون، تقريبا گهڻين ئي سنڌي فلمن ۾ پاڻ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. جيئن ته هوءَ وڏي ملنسار، مهمان نواز ۽ خوبصورت پڻ هوندي هئي، ان ڪري فن جي شعبي جي هر فرد سان هن جو پيار هوندو هو. هوءَ جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي آئي ته اتي به ريڊيو، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ به ڪريڪٽر ايڪٽر جا رول، اڪثر ميڊم کي ئي نصيب ٿيندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي ٽيليويزن جي اردو سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. جڏهن ته سندس، پنھنجي همعصر فنڪارائن اداڪاره مرحومه شهزادي، قمرالنساءِ هڪڙو، بينا (نجمه ڪاوش جي والده)، ممتاز ڪنول وغيرھ سان فني مقابلو پڻ هوندو هو. ساڳئي وقت جڏهن ٽي وي جا پرائيويٽ ڊرامه شروع ٿيا ته هن به پنهنجو پروڊڪشن هائوس کوليو. ان جي ذريعي ڊراما ٺاهڻ جون ڪوششون  پڻ ڪندي رهي. جيڪي پڻ اڻ پوريون رهجي ويون. پاڻ ڪافي سالن تائين ڪئين ڪردار ڪرڻ کان پوءِ، آخري ايامن ۾ پي ٽي وي ايوارڊ روشن عطا هڪ اسڪول هو. هوءَ هر نئين ايندڙ فنڪار ۽ فنڪاره جي بي حد گهڻي همت افزائي ۽ پذيرائي پڻ ڪندي هئي.اڪثر فنڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ساٿ پڻ ڏيندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن به ڪراچي جي فنڪارن ڪو احتجاج ڪيو هوندو، ته هوءَ هر جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي. ميڊم روشن عطا جيتوڻيڪ سنجيده چهري جي مالڪ هئي پر منهنجي مزاحيه خاڪن جي پروگرامن ”رس چس“ ۽ ”کل ڀوڳ“ ۾ جيڪا خوبصورت اداڪاري ڪيائين سا اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي. سندس جوڙي گهڻو ڪري نور محمد لاشاري، انور سولنگي ۽ يعقوب ذڪريا سان بي حد مقبول هوندي هئي. اڄ به هر پروڊيوسر ۽ هر اداڪار کي مرحومه جي ڪمي هر وقت محسوس ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس ڄمڻ کان مرڻ تائين جدوجهد، فني سفر، نامور ڪردارن جو ذڪر ڪجي ته سندس اڻ کٽ محنت جو حق ادا ئي نه ڪري سگهبو. جيئن ته مرحومه، اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جو هڪ اهم باب هئي، جيڪڏهن ڪراچي ٽيليويزن ۽ ثقافتي ادارا، مرحومه جي فني پورهئي تي ڪي پروگرام پيش ڪن ۽ ڪا ورسي ملهائين ته اڄ جي ڏسندڙن ۽ فنڪارن کي مرحومه جو پورهيو ڪنهن اسڪول ۽ يونيورسٽي کان گهٽ ڏسڻ ۾ نه ايندو.

No comments:

راءِ ڏيندا