آغا عبدالستار جان سرھندي
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
پير بخش پياسي
ڇهين اپريل جي ڀيانڪ ۽ دکدائڪ سياهه رات هئي، ٽنڊومحمدخان جي پرڪيف ۽ خاموش
مڌهم روشني ۾ ڪائنات جي هر هڪ شيءِ پنهنجن پنهنجن آشيانن ۾ آرامي هئي، ائين ٿي لڳو
ڄڻ گهر، مسجدون، مندر ۽ عمارتون سڀ ننڊاکڙي جي گهيرٽ ۾ ورتل هجن، اچانڪ ابر ۾
اهاءِ ٿيو، ماٺيڻي ماحول ۾ هيبت طاري ٿي ۽ دهشت جي دونهن سان سارو شهر دونهاٽجي
ويو. فضا ۾ گجگوڙ ٿي، وحشت سان سارو ماحول دهلجي ويو، وڄ ڪڙڪي ڪنهن جو ڪنڌ ڪريو رڻ
گجيو راڙو ٿيو. مجال هئي جو ڪنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ سري هجي. ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪوبه
نڪري نظاري نروار نه ٿيو. بي رحم بادل گرجندو رهيو. انهيءَ گوڙ ۽ گهمسان جي حالت ۾
هڪ معصوم دنيا جي ”عيش و عشرتن“ کان بي نياز هڪ الهڙ شهزادي وانگيان دنيا جي حرص و
حوس کان آزاد رات جي گهلندڙ ٿڌڙيءَ هير ۾ هڪ اڏامندڙ پکي جيان پنهنجا پر سيريندو
تارن جي جهرمٽ سان اکيون ملائيندو پنهنجي ڌن ۽ مستيءَ ۾ مگن پنهنجي وڳر کان وڇڙي
بي راهه روي جي ڪيفيت ۾ وڻ جي هڪڙي ٽاريءَ کان اڏري مٺڙيون ٻوليون ٻوليندو، پنهنجي
آکري جي ٻي ٽاري ڏانهن موٽي رهيو هو ته يڪا يڪ واٽ ويندي هڪ رهزن ۽ ظالم شڪاري جي
بي رحمانه ۽ بزدلانه گولين جي بک ٿي ويو ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏنائين، هي بهار جي ٽڙيل
مکڙي جا گل مس ٿي هئي. تنهن ريٽي رت جي هن راند ۾ پاڻ ملهائي بنا ڪنهن احتجاج ۽
عذر جي پنهنجي عزيزن، قريبن دوستن ۽ ٽنڊومحمدخان جي شهرين کي جدائي جو اهڙو گهرو
داغ ۽ پيار جي اهڙي پيڙا ڏئي ويو، جنهن جا زخم اڄ به ڳاڙهي گلاب جي رتول رنگ جيان
هر دل ۾ تادم تازا قائم ۽ دائم آهن.
دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،
خاصن خليلن کي، سختيون سهائي،
الله صمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي،
انهيءَ ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.
جتي ظلم ۽ ڏاڍ جو ڏهڪاءُ هجي اتي معصوم ائين اجل جو شڪار ٿيندا آهن، اتي
چمن ۽ گلشن اجڙي سنسان ۽ ويران ٿي ويندا آهن، اتي بلبلون ۽ ڪوئليون ٻولڻ ڇڏي ڏينديون
آهن، اتي خوشبوءِ سان ڀريل هوائون حبس جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ دم گهٽجڻ لڳندو
آهي. ان دل ڏاريندڙ واقعي تي ٽنڊومحمدخان جي هر شهري شهيد آغا عبدالستار جي
ناگهاني موت تي نه فقط پنهنجا پانڌ ڳوڙهن سان پسايا، بلڪه انتهائي غمناڪ طريقي سان
پنهنجي دلي همدردي جو اظهار ڪيو.
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيان اڳي سي جيا.
شيڪسپيئر پنهنجي نظم "As you like it" ۾ اظهار خيال ڪندي چيو ته
سڀ انسان اداڪار آهن. هي دنيا هڪ اسٽيج جي مثل آهي، جنهن ۾ انسان ٻالڪپڻي کان پيري
تائين ست پارٽ ادا ڪري ٿو. شيڪسپيئر جي خيال موجب شهيد عبدالستار پنهنجي چوٿين اسٽيج
تي پير پائي چڪو هو، جيڪو هڪ بهادر سپاهيءَ جو آهي ۽ لڙائي ۾ وطن جي آبرو لاءِ
پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي، پر تقدير کيس ساٿ نه ڏنو، نه ڄاڻان هو ڪيتريون
حسرتون ۽ خواهشون دل ۾ کڻي پنهنجي پوين کي درد فراق ۽ جدائي جي اوڙاهه ۾ اڇلي ويو.
شهيد عبدالستار سرهندي جنهن جو ننڍپڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊي سائينداد ۾
پنهنجي والد پير اسدالله سرهندي جي سکيا هيٺ ٿي گذريو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم
سرفراز ڪي جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي، جتي هن پاڻ کي هڪ ذهين شاگرد ثابت ڪيو. هو هر سال ڪلاس
۾ اول ايندو هو. ڏهن سالن جي عمر ۾ پنجون درجو پاس ڪري هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊي
سائينداد ۽ ٽنڊومحمدخان جي پرڪشش، دلفريب ۽ روح پرور وسندين آبادين ڦليلي جي ڪنارن
۽ هڪ جيڏن دوستن عزيزن و اقارب ۽ ڀائرن کي خيرباد چئي پنهنجي پياري پڦي سان گڏجي
اعليٰ تعليم لاءِ اسلام آباد جي دلڪش مرغزارن ڏانهن روانو ٿيو. جتي پاڻ انتهائي
آزاد ۽ اعليٰ سوسائٽي واري خوشگوار ماحول ۾ مئٽرڪ تائين تعليم ۽ تربيت ورتائين،
اتي نوان ذهين دوست ۽ ساٿي پيدا ڪيائين. پنهنجي پڙهائي سان گڏ سير و تفريح ۽
راندين روندين ۾ ڀرپور حصو ورتائين، جنهن ڪري سندس شخصيت ۾ بردباري، انڪساري، نظم
و ضبط نشست برخواست حيا ۽ شرم جهڙيون خصلتون ۽ خوبيون نمايان نظر اچڻ لڳيون. هن کي
علم سان گهڻو لڳاءُ هو، هر فرصت واري وقت ۾ ڪمپيوٽر ۽ ٽائپ رائيٽر جي ٽريننگ وٺندو
هو. هن کي ايڪهين صدي جي سائنسي ۽ معاشي ترقي جي چئلينجن جي ڀليءَ ڀت پروڙ هئي.
راقم الحروف کيس قريب کان ڏٺو هو ۽ چڱيءَ طرح سمجهيو هو. مسلسل پنجن سالن جي جدائي
کي محسوس ڪندي مئٽرڪيوليشن بعد سندس والد کيس واپس ڳوٺ ٽنڊومحمدخان گهرائي ورتو،
سندس مرضي هئي ته مزيد تعليم هو هاڻ هتي حاصل ڪري. موسمن ڦيرو کاڌو، تقدير جي لکئي
کي ڪير ٿو ٽاري سگهي. هن اسلام آباد جون خوبصورت رونقون ۽ دل گهريا دوست ساٿي ۽
استاد سڀ ڇڏي، جدائي جا داغ دل ۾ کڻي مٺي به ماٺ اچي پنهنجو اصلوڪي وڳر سان مليو.
هن مير غلام علي خان ٽالپر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي ۽ پنهنجي
پڙهائي جو سلسلو جاري رکندو آيو، هو پنهنجو گهڻو وقت پنهنجي ڪوچنگ ۽ اسٽڊي ۾ صرف ڪندو
هو، باقي وقت گهر اچي آس پاس ۽ پنهنجي والدين، استادن ۽ دوستن سان گذاريندو هو.
تعليم دوران هن اين سي سي جي باقاعده ٽريننگ حاصل ڪئي، اين سي سي جي لباس ۾ سندس
شخصيت هڪ بي باڪ بهار فوجي جوان جهڙي ٿي نظر آئي. پاڻ امتحان جو فارم به پر ڪيو
هئائين. امتحان ۾ باقي هڪ مهينو بچيو هو، جنهن رات هي واقعو ٿيو، ان کان اڳ شام جو
پنهنجي والد پير اسدالله ۽ بزرگن سجاده نشين الحاج حضرت عبدالحميد جان سرهندي
مجددي صاحبزاده الحاج علامه عبدالوحيد جان سرهندي مجدد ۽ ٻين پنهنجن ڀائرن سان گڏ
منهنجي گهر مهمان هئا. ٺيڪ ٻئي ڏينهن ساڳئي وقت سندس اباڻي قبرستان مقبره شريف تي
سندس تدفين ٿي.
مون تي سندس هن اوچتي واقعي تي غم جا پهاڙ ڪري پيا هئا. مون ڪرب کي وڏي
حوصلي سان دل تي پٿر ٻڌي برداشت ڪيو هو، خبر ناهي کيس ڪهڙي نظر لڳي. قدرت پاران
قضا جو قلم وهي ويو جو هي انتهائي حسين و جميل نوجوان پنهنجي مٺڙي ۽ پياري پيءَ جي
اکين جو تارو اک ڇنڀ ۾ پنهنجن پيارن کي هميشه لاءِ ائين جدائي جو داغ ڏئي ويو،
جيئن بهار جي مند ۾ هڪ خوبصورت من موهيندڙ گلابي گل هوا جي جهونڪن تي لڏندڙ سر سبز
ٽاري تان ٽٽي ڪري پيو هجي ۽ حيرت ۽ عبرت جو نظارو بڻجي ڪومائجي پن پن ٿي وکري هوا
۾ اڏامي ويو هجي.
No comments:
راءِ ڏيندا