; سنڌي شخصيتون: سائين شيوارام - شاهد حسين تيوڻو

08 April, 2017

سائين شيوارام - شاهد حسين تيوڻو

سائين شيوارام
تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ
شاهد حسين تيوڻو

ٺاروشاهه جيڪو هڪ تاريخي شهر رهيو آهي. ۽ هي شهر ماسٽر چندر جو ساز ۽ آواز به رهيو آهي ته هي ساڳيو ئي شهرهن وقت تعليمي ماهر استاد سائين شيوا رام جو شهر به آهي. سائين هن وقت ڪامياب ۽ ڀلوڙ استاد جي وڏي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ سائين هن وقت جي ايس ٽي جي حيثيت سان سرڪاري عهدي تي مقرر آهي. ۽ پنهنجي بي لوث محنت ۽ ايمانداريءَ سان اڄ به سرڪاري اسڪول اندر شاگردن کي علم جي نور سان روشناس ڪري رهيو آهي.

سائين شيوارام سماج جو هڪ اهڙو فرد آهي. جيڪو سماج کي اڏڻ لاءِ تعليم جي ميدان ۾ 30 سالن کان انفرادي طور تي ڪردار ادا ڪندي اجتماعي ڪردار بڻجي ويو. جيڪو پنهنجي شخصي ذات کان ٽپي هڪ اداري هڪ درسگاهه جي صورت اختيار ڪري ويو ۽ اهڙائي فرد پنهنجي وجود اندر هڪ ڳجھي طاقت رکندا آهن ۽ اونداهين ۾ ڦاٿل بي سهارا انسانن کي اڀرندڙ سج سان سڃاڻ ڪرائيندا آهن ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيندا آهن اهڙا ئي متحرڪ انسان هماليه جبل جي اوچين چوٽين کان به وڌيڪ  اوچا نظر ايندا آهن. اهڙن ارڏن انسانن جي حوصلن کي ڪهڙيون به مشڪلاتون هجن ڪڏهن به پست ڪري ناهن سگھنديون، ڇاڪاڻ ته سندن مقصدن جو محور عوام جي ڀلائي هوندو آهي. اها سائين جي هڪ شعوري ”ڪمٽمينٽ“ هئي جنهن هٿين خالي شهر جي اونداهين گھٽين ۾ علم جي روشنيءَ جو ڏيئو هٿ ۾ کڻي در در تي وڃي هر گھر اندر ڪيترائي ڏيئا ٻاريا. سائين جي لاڳيتو جدوجهد ڪڏهن ڪڏهن  سائين کي اهڙي موڙ تي بيهاريندي هئي جتي سائين جي وجود ۾ ڪجهه ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي هئي پر هن آدرشي ۽ ارڏي انسان ڪڏهن به پنهنجي حوصلن ۽ ارادن ۾ تر جيتري به ڪمزوري نه آڻيندي پنهنجي تعليمي جدوجهد جو سفر جاري رکيو جو اڄ شيوا انگلش گرامر هاءِ اسڪول ۽ شيوا ڪوچنگ سينٽر ڪامياب ادارا بڻجي چڪا آهن جن پنهنجي تاريخ ۾ هزارين شاگردن کي علم جي نور سان نوازيو آهي ۽ اڄ ڪيترا ئي شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ مختلف عھدن تي فائز آهن.

خدا تعالى هن شهر کي ڪيترن ئي عظيم شخصيتن سان نوازيو آهي جن سڄي دنيا اندر پنهنجو پاڻ مڃرايو ۽ هن شهر جي سڃاڻپ پئي ڪرائي آهي اهڙين ئي شخصن ۾ سائين ”شيوارام“ جي شخصيت پڻ ڳڻي وڃي ٿي جنهن جي اکين ۾ گھوري ڏسڻ سان ماڻهن جي خوشحاليءَ  ۽ ترقيءَ جي خوابن جي جھلڪ نظر ايندي، ائين محسوس ٿيندو ڄڻ اهي خواب ڪنهن امانت جيان هن مڙس سانڀي رکيا هجن.

سائين پنهنجي زندگيءَ جون سڀ خواهشون ختم ڪري علم جي ڦهلاءُ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙيندو رهيو. هن تاريخي ڊگھي سفر ۾ هن آدرشي انسان کي ابوجهل جي پوئلڳن ۽ تعليم دشمن قوتن وقت به وقت هن جي راهه ۾ هزارين رنڊڪون پيدا ڪيون پر هن دودي مڙس ڪڏهن به هنن غير فطري پيدا ڪيل رنڊڪن ڏانهن غور ڪونه ڪيو ۽ پيرين اگھاڙي به اڀن شيشن ۽ وڇايل ڪنڊن تي پنهنجي زندگي جو سفر جاري رکيو ۽ پنهنجي ديوانگي جي حد تائين پنهنجن مقصدن سان ”ڪميٽڊ“ رهيو. سائين جي ٺوس ۽ اٽل فيصلن علم دشمن قوتن جي سوچن کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪامياب ادارا اڄ به وڏي واڪي ٻڌائين پيا ته سندن حوصلا هماليه ۽ کير ٿر جبلن جيان اوچا آهن جن کي ڪير به پست نه ٿو ڪري سگھي.

سائين شيوا رام کي مون هميشه تمام گھڻ رخي شخصيت جي صورت ۾ ڏٺو ، هڪ وڏو انسان پرست ، هڪ تمام سٺو دوست ۽ سماج سڌارڪ جيڪو سنڌ گريجوئيٽس اسوسئيشن (سگا) جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي غريبن ، لاچارن جي پڻ مدد ڪندو رهي ٿو ۽ سندس ئي اداري جي اندر ڪيترائي درجن  شاگرد مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سائين جيڪو هٿين خالي هجڻ جي باوجود به ٺاروشاهه شهر ۾ جديد قسم جي تعليم جو ذمو پنهنجن ڪلهن تي کنيو بيٺو آهي. سندس علم سان چاهه ان ڪري به آهي ته جيئن شهر واسي علم جي روشني سان هن سماج جي بهتر اڏاوت ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. جنهن سماج کي جاگيردارن، سرمائيدارن، پيرن ۽ ميرن جهالت جي ڪاري گھگھه اونداهه ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن سماج اندر بدامني ، ڪرپشن ، بيروزگاري ناجائز دولت گڏ ڪرڻ جو گندو ۽ بڇڙو رواج عروج تي هجي ته ان ڪوڙهه جهڙي بيماريءَ ۾ وڪوڙيل هن سماج اندر سائين شيوا رام جهڙا مهان انسان ۽ اڏول ڪردار ئي تبديليءَ جو مُحرڪ بڻجندا آهن.
محترم سائين شيوا رام صاحب جي روپ ۾ هن ننڍڙي ۽ تاريخي شهر ٺاروشاهه اندر تعليم ۽ سجاڳيءَ جو سفر هڪ نئين اُڀرندڙ سج جيان جاري ۽ ساري آهي، خدا تعالى جي درٻار ۾ اها دعا آهي ته سائين جي اڳواڻيءَ ۾ هي تعليمي سفر هن اڀرندڙ سج جي روشنيءَ جو سفر ائين ئي جاري ۽ ساري رهي.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا ، گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي،
اهڙي گھري چيخ ٿين ٿا.

جيڪا دنيا جاڳائي ٿي، جيڪا دنيا بدلائي ٿي..

No comments:

راءِ ڏيندا