; سنڌي شخصيتون: مشتاق باگاڻي

14 April, 2017

مشتاق باگاڻي

مشتاق باگاڻي
بيمثال شاعر جو جنم ڏينهن
رکيل مورائي
هيءَ اهو دور هئو جڏهن مذهب جي مقدس نالي تي جڙيل هن ملڪ جي بادشاهي مسند تي، پاڻمرادو بڻيل، امير المومين، جنرل ضياءُ ويٺل هئو، هن جي آمريت جيتري ۽ خوفناڪ هُئي، سنڌي ماڻهن سميت سنڌي اديبن جو اهڙو ئي  حوصلو بلند هُئو.
اسين ٻارڙا هُئاسين، سياسي ڪارڪنن بڻجڻ جي شوق ۾ هئاسين پر ان کان وڌيڪ شاعر بڻجڻ جو جنون طاري هُئو، ڪتاب فقط سياسي پڙهبا هُئا، اهي اسان لاءِ سڀ ڪجهه هُئا، ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هيون جيڪي ان وقت اسان جي استاد شاعر سائين راشد مورائي جي درس روڊ واري اوطاق تي ٿينديون هيون.


منهنجو خيال آهي ته سائين راشد جي هيءَ ننڍڙي اوطاق موري جو علمي ۽ ادبي مرڪز هوندي هئي، شايد اڄ تائين آخري مرڪز به اهو ئي هُئو، بهرحال سنگت جون گڏجاڻيون اتي ٿينديون هيون ۽ اسان ڪنهن به هفتي گسائڻ کانسواءِ انهن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسون.
ڪڏهن ايئن ٿيندو هئو ته گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اول يا گڏجاڻي هلندي، ان وقت جي اعليٰ ذوق ۽ گهڻي ڀاڱي خوشحاليءَ جي علامت بڻيل، ڊبل سائلنسر موٽر سائيڪل زوڪاٽ ڪري اچي راشد جي اوطاق آڏو بيهندي هئي، ان مان هڪ شخص لهي اوطا ۾ هليو ايندو هئو، هن شخص جو هليو ڪجهه هن طرح جو هوندو هيو.
اڪثر اڇا ڪپڙا يا بوسڪي ڪلر وڳي ۾، مٿي تي خالي نرڙ کان پوئٽي ڇٽن ٿيندڙ وارن کانپوءِ گهاٽا ٿيندڙ ڪارا نڀور وار، بوڇڻ ڪلهي تي، سٺا سلائي ٿيل، ۽ بنهه اڍنگهي نموني پاتل ڪپڙا پيرن ۾ ڪارو سلپير، رنگ اڇاڻ ڏانهن مائل گول معصوم ۽ مرڪندڙ شرارتي اکيون، چپن تي مٺڙي مرڪ ۽ انهن مٿان ڪاريون نڀور مٿئين چپ کي ڍڪي ڇڏيندڙ، مڇون، هو جيڏو تڪڙو ايندو هئو، اوترو تڪڙو راشد سان ڪچهري ڪري هليو ويندو هئو، وري مهينو  کن هُو ڏسڻ ۾ نه ايندو هئو.
هو اڪثر ڳالهائيندو پاڻ ئي هئو، ٻئي کي گهٽ ٻڌندو هئو، سادو بڪ اڪثر سندس هٿ ۾ هوندو هئو، اڪثر ٽهڪ ڏيڻ سان گڏ پنهنجي هم عمر ۽ همعصر دوستن سان تاڙي ملائي ڳالهائيندو هو، پر اسان نوجوانن تي هُن ڪڏهن به فلڪ نه آندي، جنهن ڪري اسان سندس ويجهو ڪو نه وڃي سگهياسين، پر هڪ ڳالهه شدت سان محسوس ٿيندي هئي ته هو هڪ غير روايتي شخص ضرور آهي، جيتوڻيڪ هو شاعر به آهي، اهو پتو سندس هلئي مان اڄ به پرکي نه سگهبو.
مونکي ياد آهي ته هن جي اکين جي گهور اهڙي غضبناڪ هوندي هئي جو هو جڏهن اک ٽيٽ ڪري ڏسندو هئو ته مونکي محسوس ٿيندو هئو، سندس گهور منهنجي آرپار وڃي رهي آهي، هُن جي مزاج جي خبر گهڻو اڳتي هلي مونکي تڏهن پئي جڏهن مون آسڪر وائلڊ جو ڪتاب ”يڪچر آف ڊورين گري“ ۽ ان تي لکيل سندس تعارف پڙهيو، ڪيئن به هجي پر هن جو ان ئي سال ڪتاب ڇپيو ”هو جي ٻول ٻُريا“، شاعر طور سندس ڪتاب تي نالو لکيل هئو مشتاق باگاڻي.
ايئن هيءَ غير روايتي شخص، منهنجي اکين اڳيان مشتاق باگاڻي ٿي ظاهر ٿيو. ان بعد به هو سنگت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هئو ۽ پر اڪثر هن تنقيدي ويڪ ۾ ڪڏهن به پنهنجو شعر نه پڙهيو گهٽ ۾ گهٽ مونکي ياد ڪونهي.
ها! سنگت جي گڏجاڻيءَ کانسواءِ هو ڪيترن موقعن تي سائين راشد سان پنهنجي شعرن تي ڊگها ڊگها بحث ڪندو هئو، ڪي صلاحون وٺندو هئو ۽ وري چڱو عرصو اسان کيس ڏسڻ لاءِ سڪندا هئاسون.
هو جي ٻول ٻريا، مشتاق باگاڻيءَ جو پهريون شاعراڻو ڪتاب هئو، جنهن ۾ وايون هيون، ايئن هو منهنجي لاءِ هڪ دل گهريو شاعر ٿي سامهون آيو، منهنجي اڄ جي وقت تائين پسند جي صنف وائي آهي.
هن ڪتاب مشتاق باگاڻيءَ کي کڻي ورتو ۽ هو اهڙو شاعر ٿي اُڀريو جنهن هڪ نسل کي بيحد متاثر ڪيو. هن ڪتاب جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، هن جي هڪ وائي مها ڪوي شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪورٽ ڪيس ۾ استعمال ڪئي هُئي.
ريڍارن جو رتُ،
تو جو ڀانيو ڀت،
تاري تاري کائجان.
هن جهڙو وائيءَ جو لهجو، مشتاق ئي متعارف ڪرايو، سندس ان دور ۾ ڪتاب جنهن تيزيءَ سان ڪتاب ڇپيا اهو ڏهاڪو گذرندي هو، ايترو ئي ادب کان پري ٿيندو ويو. ايئن هو پنهنجا ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ته مصروف رهيو پر سندس ڪو به ڪتاب منظر تي نه آيو.
هونئن سندس ڇپيل ڪتاب ڪجهه هن طرح آهن.
اجهاڻل آس، ڪهاڻيون،
هو جي ٻول ٻُريا، شاعري
لڙهندڙ ونجهه، اُٻهريون لهرون، شاعري،
هو جي پهڻ پب جا، شاعري،
لاڙ جا ڏينهن، لاڙ جون راتيون. يادگيريون
سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ اهو شاعراڻو ڪتاب به آهي جنهن تي اياز صاحب جي خواهش هئي ته هو مهاڳ لکي، ان جو نالو آهي، ”ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو“
هيءُ ڪتاب اياز صاحب جي مهاڳ سميت ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي، هونئن ته مشتاق باگاڻيءَ جا ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيا پيا آهن، جيڪي سندس آزاد طبعيت جي ور چڙهيل آهن، سندس آزاد پکيءَ جهڙي طبعيت جنهن کي ادب ۾ انارڪي ڪوٺيو ويندو آهي.
هن جو ملڻ جلڻ به محدود آهي، هونئن هو ادبي تقريبن کان ته وئُن ويندڙ اديب شاعر آهي ئي.. ڪيئن به سڀ گڏي گل حسن خان لغاري، جي گهر ۾ 12 اپريل 1959ع ۾ ڄاول مشتاق احمد لغاري شايد دنيا ۾ پهريون اديب شخص هجي، جنهن پنهنجي نوڪري کان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سوشالاجيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري، پنهنجي ادبي نالي مشتاق باگاڻي اڳيان ڊاڪٽر لکڻ جو اعزاز ماڻيو آهي، جڏهن ته اڄ اهي سڀ شخص جيڪي علم ۽ ادب کان ئي نوي سيڪڙو وانجهيل آهن، اهي پي ايڇ ڊي ڪري سند وٺي هر خالي ٿيندڙ يا خالي ٿيل ڪرسيءَ جي اميدوار طور اڀا بيٺل نظر ايندا، ٻيو فائدو هو انهن ڏهن هزار جو به حاصل ڪرڻ جو موقعو نٿا وڃائين. جيڪي سرڪار سندن محنتاڻي طور منظور ڪيا آهن.
ٻئي پاسي اسان جو ڊاڪٽر مشتاق لغاري آهي، جنهن لاءِ فخر اڄ به ان ڳالهه ۾ آهي ته ادب ۾ کيس مشتاق باگاڻيءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي، سندس شاندار پي ايڇ ڊيءَ جو گائيڊ اڄ ڪالهه سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي بڻيل، محترم فتح محمد برفت هئو.
ڪنهن به فلسطيني عرب جهڙو چهرو رکندڙ ۽ امريڪي اداڪار انٿوني ڪوئن جهڙيون اکيون رکندڙ مشتاق باگاڻي جو نثر جنهن به پڙهيو آهي ان کان ڪڏهن به وسرندو ڪو نه، جيتوڻيڪ ايئن به آهي ته اسيءَ جي ڏهاڪي گذرڻ کانپوءِ جن نوجوانن لکڻ شروع ڪيو آهي، انهن کي شايد مشتاق باگاڻي نالو ٻڌل نه لڳي.
ان ڪري مونکي مجبور ٿي لکڻو پيو آهي، ته هڪ ڏهاڪي ۾ قيد رهجي ويل اسان جو هيءَ بي مثال شاعر ۽ نثر نويس وري ڪڏهن ادب ڏانهن موٽ کائيندو هو انتظار ته رهندو ئي، ڇو ته اڄ هو پنهنجي شڪار جي دنيا ۾ مگن آهي، جيڪا شايد سندس ٿورن دوستن کي سُڌ آهي ته هو جيترو ڪمال جو شاعر آهي، اوترو ئي بيمثال نثر نويس ته اهڙو ئي پنهنجو مٽ پاڻ شڪاري به آهي، جنهن بابت پڻ سندس لکيل ڪتاب ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.

پر سڀ کان اول سندس ڪتاب ”ڪاري رات اُتر ۾ ڪانڀو“ اچڻ کپي، جنهن تي مها ڪوي شيخ اياز جو مهاڳ لکيل آهي، جيڪو اياز صاحب ڏاڍي پيار مان لکيو هئو. اميد آهي ته مشتاق جي ايندڙ جنم ڏينهن کان اڳ سندس اهو ڪتاب ايندو ۽ سندس ايندڙ جنم ڏينهن تي ان ڪتاب جو مک درشن ٿيندو. تيستائين کيس جنم ڏينهن جون اڻ ڳڻيون مبارڪون. ڪتاب جون مبارڪون ان کانپوءِ.



مشتاق علي باگاڻي
فقير الله بچايو لغاري
مشتاق علي باگاڻي صاحب ولد زوار گل حسن لغاري/ باگاڻي (جنم ۱۹۴۹-۰۴-۱۲ ع)، ڪهنه مشق اديب ۽ شاعر آهي. وڏي همت ۽ جرئت سان سڄي عمر پنهنجي حياتي جي سگهه اڄ تائين ڏيندو اچي. منهنجي لاءِ ته هو متبرڪ شخصيت آهي. مون هن ۾ ڪڏهن به وڏائي، غرور، پاڻ پڏائڻ ۽ تڪبر نه ڏٺو آهي. فقيراڻو انداز اٿس. شاهپور جهانيان کان اوڀر طرف، ڳوٺ حاجي علي بخش باگاڻي جو ويٺل آهي. هن وقت موري شهر ۾ رهي ٿو. ڪافي کان گهڻو زياده مشاهدو اٿس. لاريءَ جي ڪنڊيڪٽريءَ کان ليبر کاتي جي ڊائريڪٽري ماڻي رٽائر ڪيائين. هن وقت ورثي جون مليل زمينون، ڪچي توڙي پڪي تي، سنڀالي رهيو آهي. ڪيئي ڪتاب لکيل اٿس. ادب ۽ شاعريءَ جي ڀريل ڀنڊار مان اڃا تائين لکندو اچي. تمام سادو، کلڻو ملڻو، قد جو بندرو، وچولا شهپر رکيل، سونهاري چَٽ، تُريءَ ۾ جوار جي داڻي جهڙو رنگ، حد کان وڌيڪ سهپ جو مادو رکندڙ، نوڙت ۽ نياز وارو، شل خداوند ڪريم عمر دراز بخشيس. آمين. شڪاري ميخ به لڳل اٿس، ٺٽي ضلعي ۾ بندوق کي خوب وڄايائين.
مشتاق باگاڻي جا لکيل/ ڇپيل ڪتاب:
۱. اجهاڻل آس، ڪهاڻين جو مجموعو
۲. هي جي ٻول ٻريا شاعري (گولڊ ميدل مليل)
۳. لڙهندڙ ونجهه، اٻهريون لهرون، شاعري ”پاڪستان رائيٽس گلڊ پاران انعام يافته،
۴. هو جي پهڻ پٻ جا ادبي تاريخ
۵. لاڙ جا ڏينهن لاڙ جون راتيون سنڌي لوڪ ادب تي ڪتاب
۶. سوجهرو رسالو قسطوار ڇپيل
۷. ڳالهيون ڳنوارن جون، سنڌ جو ڪلچر
۸. ننگر ٺٽي جو سماج ”مطالعو ۽ مشاهدو“
۹. ساحلي علائقي جي جتن ۽ مهاڻن جو سماجياتي مطالعو
(انگريزي ۾)
۱۰. کراچي کي دن کراچي کي راتين ”منظوم ڊرامه“ (اردو)

اڻ ڇپيل ڪتاب:
۱. ويا گذاري ڏينهڙا ڳوٺ لغاري بجراڻي جي تاريخ
۲. ڪاري رات، اتر ۾ ڪانڀو شاعري شيخ اياز جي مهاڳ سان وغيره.

(فقير الله بچايو لغاري؛ دادلو درياھ، ڪتاب ۾ ڇپيل، پنجند ڊاٽ ڪام تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا