; سنڌي شخصيتون: محمد خان مجيدي- عاجز امان الله چانڊيو

08 April, 2017

محمد خان مجيدي- عاجز امان الله چانڊيو

محمد خان مجيدي
مٽي جي خوشبو مجيدي
عاجز امان الله چانڊيو
مرشد گهوٽ لطيف جي نگري جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ سائين محمد خان مجيدي جي مٽيءَ کي شعور ڀاڪرن ۾ ڀريو ته هزارين حسناڪيون سندس چهري کي چُمي رهيون هيون ۽ ذهن جي ميخاني ۾ شاعري جو جام ڇلڪي پيو هوس سندس آڱرين درد محسوس ڪيو، جيجل سنڌ جي سنڌوءَ جي ڇاتي جي زور تي پلجي جوانيون ماڻيدڙن جي ذهنن تي زنڱ چڙهندو ڏسي دلالي جي ٽوپي وجهي بي حِسيءَ جو سرمو پائي مڇ وَٽي مڙس سڏرائي سينو تاڻي هلندڙ گهوڙن جي سنبن جون ٽاپون هڻي سنڌ جي سپنن کي ڪُچليو ته سندس روح تڙپي پيو هو ۽ سندس اندر مان هڪ چيخ اٿي هئي.


ڀلي يار اسان جو يار نه ٿي،
پر ڌرتيءَ جو غدار نه ٿي.

سورج مکي جي مُکڙي جيان مرڪندڙ سائين مجيدي جي تخليقن مان هميشه سنڌ جي مٽي سان محبت جي خوشبو ايندي رهي آهي، هر صبح اسان کي سنگيت ارپيندو آهي، پکي پنهنجي مڌر آواز ۾ سُر الاپيندا آهن ۽ ڇڙواڳ هوائون جڏهن وڻن کي ڇُهنديون آهن ته وڻن جا پن هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي تاڙيون وڄائي سُرسان ساز ملائيندا آهن جماليات ۽ ڪماليات جي ڌُن ۾ مگن سائين مجيدي جڏهن شاعري پڙهندو هئو ته سندس هٿ هوائن ۾ رقص ڪرڻ لڳندا هئا ۽ زبان به جهمريون هڻڻ لڳندي هئي پنڊال ۾ويٺلن جا هٿ نازنين جي ڇير جي ڇمڪي جيان سر ۽ ساز سان تال ملائيندا هئا ائين لڳندو هو ڄڻ ساجهرويل ڪو پکي بهار جي آمد تي پنهنجي محبوب کي پڪاري رهيو هجي.
جڏهن درد جي شدت وڌي ويندي هئيس ته پاڻ قلم جو سهارو وٺي لفظن کي ڪنوار جيان سجائي ڪاغذ جي سيج تي سمهاريندو هئو آڪاش سينڌ ۾ ستارا سنواري سانجھه جو سرمو پائي ماٿي تي چنڊ جي بنديا هڻڻ کان پوءِ جڏهن چنڊ چاندني جي ورکا ڪندو آهي ته هزارين دلربائن جي نڪ جو ڦلڙيون چمڪي پونديون آهن ۽ گَجَنِ جا سوين رنگ ۽ شيشا جَرڪي پوندا آهن،

چهرو چڳن جي اوٽ ۾ به هزارين دلڪشيون ماڻيندو آهي، سنڌو جي اکين ۾ نچندڙ ڇولين ۾ چنڊ پنهنجو چهرو ڏسندو آهي ته سنڌوءَ کي پنهنجي مست لهرن تي ويتر ناز ٿيڻ لڳندو آهي، اهڙي طرح اڄ به سندس ستارن جيان جَرڪندڙ شعرن کي پڙهندي اسان کي سائين مجيدي تي ناز آهي.

هي ڌرتي هوشو حيدر جي، هي ڌرتي سيد سُندر جي،
هي ڌرتي اڇي اندر جي، هي ڌرتي دل جي مندر جي،
هي ڌرتي شاھ عنايت جي، هي بختاور باهمت جي،
هي ڌرتي ڀٽ ڀلارن جي، هي سچو صاف سچارن جي.

پاڻ وڏي مهارت سان هنن سٽن ۾ ڪنهن مصور جيان لفظن جارنگ ڀريا اٿس ڪاشيءَ جو ڪاريگر چئجي يا پٿر کي تراشي حُسن جي مالها پارائي رنگيني جا رنگ ارپي نقش جا ڍنگ ارپي آڱرين جي سگھه ارپي هڪ حسين مورتڪار جيان هنن سٽن کي جنم ڏيندڙ مجيدي جي مٽيءَ کي ڪهڙو نانءُ ڏجي شيخ اياز جون هي سٽون ذهن تي رقص ڪري رهيون آهن ته:

مان مور نه توکان مرڻو هان،
مان ويس مٽائي ورڻو هان.

مجيدي صاحب زندهه آهن ها هِنِ جي ساهن ۾ سمايل آهي، هُنِ جي ساهن ۾ به مجيدي سمايل تنهنجي ساهن ۾ به مجيدي سمايل آهي قسم وفا جواڄ به مجيدي منهنجي ساهن ۾ سمايل آهي ماکي لار جيان مٺن وسيع خيالن کي جنم ڏيندڙ مٽيءَ سان بي انتها محبت ڪندڙ، شاعري ذريعي اسان جي ذهنن روحن ۽ ساهن کي سُرور ارپيندڙ شاعر هميشه محبتون ماڻيندا آهن.
شاعر احساسن کي ميڙندي ميڙندي خود هڪ احساس بڻجي ويندو آهي جيئن سائين مجيدي اسان لئه هڪ احساس بڻجي ويو آهي سنڌ جي لڙڪن، سُڏڪن، دردن، جيجل جي سينڌ جي شودن ۽ منافقن جي منحوس سوچن پنهنجن هٿان پٺي ۾لڳندڙن ڇُرن بي ظرفن ۽ ڪمينن جي ڪميڻپ ڏسي سندس جيءُ جُهري پيو ليڪن پاڻ وري به همتن جو سهارو ڏيندي هيئن چوي ٿو ته:

اسان لڙهي وڙهي سگهون، ملي هلي مڙي سگهون،
گلاب جان ٽڙي سگهون ۽ چنڊ جان کڙي سگهون،
چڙهي وڃون پهاڙِ تي، نظر سري ۽ لاڙ تي،
اسان وهون کٻي سڄي، اسان مان ڪو نٿو ڀڄي،
اڃان ته خون پيو کجي، اچو ته يار هڪ ٿجي.

گلدان ۾ پيل حسين گلن جيان هنن سٽن کي سنواريندي کيس اُڀ جيڏي سرهائي محسوس ٿي هوندي ڪنهن مسجد ۾ سجدو ڏيڻ مندر ۾ ماٿو ٽيڪڻ يا گرجا گهر ۾ سيس نمائي پنهنجي خدا جي سلامي ڀرڻ کي فرض سمجهيو وڃي ٿو، اهڙي طرح مجيدي صاحب سنڌ ڌرتي کي پنهنجو مجازي خدا سمجهي سجدا ڏيندي، سنڌ جي مٽيءَ کي جنت جي مٽيءَ جي ڀيٽا ڏيندي پاڪ آيتن جيان سٽون سيهڙيندي چوي ٿو ته:
تنهنجو مياري ڏوهي آهيان، جو آهيان سوئي سنڌ،
توکي ڳايان رنگ رچايان، منهنجو رنگ اهو ئي سنڌ.
هنن سٽن ۾ ڌرتي سان عشق جون حدون اورانگيندڙ شاعر مجيدي صاحب جس لهڻي ڪنوارن هٿن تي ميندي جي دلڪش گلن جيان، ڪٽورن نيڻن مان ڇلڪندڙ نگاهن جيان سانورين جي لڱن تي پيل سهڻن گجن جيان ڇيڳرين جي چيلھه تي نچندڙ سڳين جيان، ڳلڙن کي چمندڙ چاڳلين چڳن جيان، محبوبن جي مرڪن جيان، اجرڪن جي کلندڙ اکين جيان، سنڌو جي وهندڙ ڇولين جيان، بلڪل ائين سندس شاعري جا به سوين روپ آهن، ڪنهن ٿريلي جي ٻانهن ۾ ٻانهينءَ جيان نظمن جو تسلسل رکندڙ شاعر سائين مجيدي صاحب کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو.
سنڌي بڻجي سنڌين سان گڏ سنڌ ۾ توکي رهڻو پوندو،
نه ته هي ديس اسان جو توکي، روئندي کلندي ڇڏڻو پوندو.


No comments:

راءِ ڏيندا