; سنڌي شخصيتون: مرتضيٰ اعظم عباسي - ناصر قاضي

03 December, 2015

مرتضيٰ اعظم عباسي - ناصر قاضي

مرتضيٰ اعظم عباسي
اعظمَ جي عشقَ ذوقَ هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو!
ناصر قاضي
يقيناً اها سياري جي هڪ سرد ۽ سرمئي شام هئي ۽ ان وقت مان اڃا هاءِ اسڪول جو ڇوڪراٽ ٻالڪ هئس. ان سمي پنهنجي جنم ڀوميءَ ’رتيديري‘ جي قديمي آستان، ’سيد نادر شاهه ۽ سيد صالح شاهه جي درگاهه‘ تي منعقد ٿيل سيد نادر شاهه جي سالياني ميلي جي وچئين ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس تان منهنجي واپسي ٿي هئي. آءٌ ان وقت درگاهه تان ’المنظر ڪتاب گھر‘ تي آيس، ڇا ڏسان ته هتي به هڪ ادبي ڪانفرنس جهڙي ڪچهري هلي رهي هئي، جنهن ڪچهريءَ ۾ سيد نادر شاهه واري ادبي ڪانفرنس تان موٽيل سائين سرڪش سنڌيءَ، مقصود گلَ، سڄڻ سنڌيءَ، مختار گھمري، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جهڙا اديب به خاموشيءَ سان انهن ٻنهي شاهڪار ڪردارن جي علمي ادبي گفتگوءَ مان حظ حاصل ڪري رهيا هئا. هڪ طرف تحقيق جو بي تاج بادشاهه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي علم جو مڪمل سمنڊ لڳي رهيو هو ته وري ٻئي طرف پنجن زبانن جو پڪو پختو شاعر مرتضى اعظم عباسي به ڄاڻ جي کاڻ بڻيل هو، هو ٻئي محوِ گفتگو هئا ۽ وچ شهر جي گونان گون بازار ۾ ان هڪ دڪان اندر ٻن ماضيءَ جي امر اديبن جي آوازن کان سواءِ ٻي مڙوئي سانت ڇانيل هئي. مان ان وقت هڪ اسڪولي ٻار هئس ۽ اهو ته نه سمجھي سگھيس ته سندن بحث هيٺ موضوع ڪهڙو آهي، پر اهو اڄ به ياد اٿم تي اهي ٻئي امر اديب، ان وقت پاڻ ۾ رتيديري شهر جي قدامت ۽ ان جي قديم آثارن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا.


رتوديرو، اتر سنڌ جو هڪ سهڻو تاريخي شهر، جيڪو پنهنجي سيني ۾ صدين واري قدامت اڄ به سانڍيندو پيو اچي! هي شهر گذريل اڌ صديءَ کان تعلقي جي حيثيت رکي ٿو. سياست، فنونِ لطيفه، ثقافت، شعروسخن، ڪلا توڙي تهذيبي لحاط کان سنڌ جو سائو ۽ ستابو شهر رهيو آهي. تعميراتي يادگارن جي حوالي سان رتيديري شهر جون ميرن ۽ انگريزن جي دور ۾ هندن جون ٺهرايل ماڙيُون تمام گهڻيون مشهور آهن. جن لاءِ سنڌيءَ جو هڪ لوڪ گيت ايامن کان مشهور آهي، جنهن جا ٻول آهن: ’ڏِسِي رتَي جُون ماڙيُون، وهواهه رتوديرو.. وهواهه رتوديرو.. ڀُورل ڪندو ڀيرو..!‘
سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي آباد،  مٺي پاڻيءَ توڙي مٺي مائي جي حوالي سان ملڪان ملڪ مشهور، مختلف دورن جي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍيندڙ هن شهر رتيديري جي سخن ۽ سڀيتا جي تاريخ تي جڏهن نظر وجھجي ٿي ته هن شهر جي قلمڪارن ۾ مولوي نظير حسين ’جلاليءَ‘ کان وٺي مولوي عبدالله چانڊئي تائين، سيد وريل شاهه ’پياسيءَ‘ کان ويندي سيد ڏتل شاهه ’ڏکويل‘ تائين، امرتراءِ ’سام‘ جئسنگھاڻيءَ کان وٺي قاضي عبدالحئي ’ قائل‘ تائين يا غمدل فقير کان ويندي مرتضى اعظم عباسيءَ تائين جن جن به شعروسخن سرجڻ لاءِ قلم کنيو، تن جهڙوڪر قلم جو ڀرم پرکي ۽ پاڙي ڏيکاريو.
شهر رتيديري جي انهن ڀاڳوند قلمڪارن جي ڊگھيءَ قطارَ ۾ مرتضى اعظم عباسي به هڪ اهڙو نالو آهي، جنهنجي شاعريءَ ۾ عروض جي پختگيءَ سان گڏوگڏ  فارسي گاڏڙ سنڌيءَ ۾ قديم توڙي جديد شاعريءَ جا اعلى مثال ملن ٿا. سندس اسلوب ۾ نه صرف شعري پختگيءَ جو ڏانءُ هو، بلڪ هن وٽ مختلف ٻولين جي به وسيع ڄاڻ هئي، سندس مادري ۽ پدري زبان ته سنڌي هئي، پر هن سنڌيءَ سان گڏوگڏ اردو، پنجابي، سرائيڪي ۽ فارسي ٻولين ۾به شاهڪار شاعري سرجي پاڻ مڃايو، اچو ته سندس جيون جھلڪ تي هڪ نظر وجھون.
مرتضى اعظم عباسيءَ، ۲ فيبروري ۱۹۲۵ع تي سنڌ جي پيرن فقيرن ۽ درويشن جي نگري ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ محترم جان محمد ڪلهوڙي (عباسيءَ) جي گھر ۾ جنم ورتو. مائٽن پاران سندس ڇٺيءَ تي ’غلام مرتضى‘ نالو رکيو ويو. سندس جنم هڪ پڙهيل لکيل گھراڻي ۾ ٿيو ۽ سندس اباڻي ڪرت حڪمت هئي، جنهنڪري ننڍڙي غلام مرتضى جي تعليم ۽ تربيت طرف والدين پاران خاص توجھه ڏنو ويو، ان حوالي سان هن سنڌي ست درجا، انگريزي ٽي درجا تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ عربي ۽ فارسي زبانن جي تعليم پڻ حاصل ڪئي، اڳتي هلي حڪمت ۽ ڊسپينسريءَ جا ڪورس پڻ ڪيائين ۽ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ اباڻي ورثي يعني حڪمت جو ڌنڌو پنهنجايائين. پاڻ پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي الوداع چئي، هميشه لاءِ رتيديري شهر ۾ اچي آباد ٿيو ۽ شهر جي فتحپور محلي ۾ پنهنجو دواخانو قائم ڪري، پنهنجي وقت جو هڪ ڪامياب حڪيم ثابت ٿيو، جيڪو دواخانو اڄ به ساڳئي جڳهه تي ’اعظم ڪلينڪ‘ جي نالي سان واقع آهي، جتي سندس فرزند ڊاڪٽر منظور علي عباسي مسيحائيءَ جهڙي ڪرت ۾ مشغول آهي.
چون ٿا ته مرتضى اعظم عباسيءَ، ۱۹۴۷ع ۾ صدماتي طور تي ان وقت شعر و شاعريءَ سان ناتو جوڙيو، جڏهن سندس رفيقِ حيات جو اچانڪ انتقال ٿي ويو. هن سڀ کان اول ’ملازم‘ تخلص پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجو تخلص ’اعظم‘ استعمال ڪيو. پاڻ علم عروض جو ڄاڻو، قديم عروضي شاعرن وانگر عربي ۽ فارسيءَ جي دقيق لفظن کي سنڌي ڪلام ۾ پيوست ڪرڻ جو برجستو شاعر هو، سندس ڪلام اعلى درجي جو ليکيو ويندو آهي. هن ڪلاسيڪل توڙي جديد سنڌي شاعريءَ جي مڙني رائج صنفن ۾ پنهنجي قلم ذريعي طبع آزمائي ڪئي.
سندس قلمي پورهئي مان هن وقت تائين ماضي بعيد ۾ ’عشقِ عظيم‘ ۽ ’سراج السالڪين‘ نالي ٻه ننڍا ڪبابچا ڇپجي منظرِعام تي آيا هئا، جيڪي هن وقت اڻ لڀ آهن، اهي ڪتابچا، پنجن زبانن جي هن هيڏي سگھاري شاعر پنهنجي ذاتي خرچ سان ڇپرايا هئا. ان کان سواءِ اٽڪل سندس مڪمل شاعري، سندس هٿ اکرن ۾ لکيل قلمي مسودن جي صورت ۾، سندس پونئرن وٽ سانڍيل آهي. گڏوگڏ هن پنهنجي ناياب شاعريءَ جو هڪ قلمي مسودو، پنهنجي زندگيءَ ۾ پاڻ تيار ڪري، ’انسٽٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري‘ ۾ جمع ڪرايو هو، جيڪو اڄ تائين، سندس وفات جي ارڙهن سالن گذرڻ باوجود ڇپائيءَ کان وانجهيل رهندو آيو آهي. اڳتي هلي ماضي قريب ۾ سندس شاعريءَ کي ترتيب ڏئي، منظرِ عام تي آڻڻ جو ڪم سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري شاعر مقصود گل پنهنجي هٿن ۾ کنيو، پر ساڻس حياتيءَ جي بيوفائيءَ سبب اهو ڪم اڌوري جو اڌورو رهجي ويو.
مرتضى اعظم عباسيءَ، هڪ قلمڪار هئڻ جي ناتي ادبي تنظيم ڪاريءَ جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو، ان حوالي سان رتيديري شهر ۾ ادبي ٻوٽي جي آبياري ڪندڙ پهرين سرگرم ادبي تنظيم ’لطيف ادبي سنگت‘ جي بانيءَ قاضي عبدالحي ’قائل‘ جن سرجڻهارن سان گڏجي تنظيم جو بنياد وڌو، تن ۾ مقصود گل، سرڪش سنڌيءَ ۽ مرتضى اعظم عباسيءَ هر حال ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو. ادبي حلقن ۾ اٿڻ ويهڻ ڪري، مرتضى اعظم عباسيءَ جي سنڌي ساهت جي سگھارن نالن ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ، فيض بخشاپوريءَ، بردي سنڌيءَ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ، سيد اظهر گيلانيءَ، ڊاڪٽر حاذق جوڻيجي ۽ ٻين سان ادبي توڙي ذاتي رفاقت پڻ رهي.

سنڌي سڀيتا جو هي بلند پايه شاعر، پنهنجي زندگيءَ جون ٻاهتر بهارون ماڻي، پهرين ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کانئس پوءِ سندس ياد ۾، رتيديري جي ڪجھه سڄاڻ سوچ وارن اديبن، نوجوان شاعر سميع ساجد جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ ’اعظم ادبي سنگت‘ جو بنياد وڌو، جنهن ادبي تنظيم پاران اڳتي هلي پندرهن روزه ’تلاش‘ اخبار جو اجرا پڻ ڪيو ويو. اڄ ارڙهن ورهين پڄاڻان رتيديري شهر جا اهل علم، ۽ اهل دل ماڻهو، مرتضى اعظم عباسيءَ جي شخصيت ۽ فن کي وساري ناهن سگھيا، اڄ به رتيديري واسين جي دلين ۾ سندس نالو ڌڙڪن بڻجي ڌڙڪي رهيو آهي ۽ آءٌ به اڄ سندس وڇوڙي جي ارڙهن ورهين گذرڻ تي هن ننڍڙي لکڻيءَ جي صورت ۾ کيس خراج پيش ڪريان ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا