مرحيات عنايت ميمڻ
منظور ڪوھيار
نالو ۽ ذات، هڪ ٻئي جي ابتڙ.
جيئن اوهان ڪنهن پٺاڻ جو نالو نزاڪت،
ٻروچ جو نالو نفاست ۽ شيخ جو نالو سخاوت ٻڌندؤ ته ضرور حيران ٿيندئو، تيئن ڪنهن ميمڻ
جو نالو عنايت ٻڌي، اوهان کي حيرانگيءَ سان گڏ پريشاني ضرور ٿي هوندي ته، ميمڻ ۽ عنايتَ،
کوڙو لڳي ئي نه ٿو. اصولي طور تي ميمڻ جو نالو بچل، رکيل، ڪفايت يا ڪنايت ته سٺو لڳي
ٿو؛ پر ميمڻ سان گڏ عنايت بالڪل ڪو نه ٿو ٺهي. پر وڏڙن هن معصوم نونهال جو نالو عنايت
رکي، ساڻس جٺ ڪري ڇڏي. هاڻي جڏهن به هي پنهنجي ميمڻڪي رڳ ڏيکاريندو آهي، ته هر ڪو کيس
طعنو هڻي چوندو آهي ته؛ پنهنجي ذات نه ڏس، نالي کي ڏس.
چوندا آهن ته؛ ’هڪ غريب جو ٻار،
ٻيو بجلي ۾ هٿ.‘ هيءُ هڪ ميمڻ، ٻيو بجليءَ واري کاتي ۾ نوڪري. هاڻي ٻڌايو ته ڪهڙي شريف
يا ڪميڻي جو سندس کاتي ۾ ڪم نه پيو هوندو. ان ڪري سنگت ساٿ ۽ اوڙي پاڙي وارو وڌيل بجليءَ
جو بل، سندس مٿي ۾ هڻي، پاڻ سڪون سان وڃي گھر ويهندو آهي. پوءِ عنايت ڄاڻي ۽ بجليءَ
جو بل ڄاڻي. هن ويچاري مٿي جي سور لاهڻ لاءِ ايتريون ته هوميوپيٿيءَ جون دوائون ورتيون
آهن، جو هاڻ هو پاڻ هوميوپيٿي ڊاڪٽر بڻجي ويو آهي. هوميوپيٿيءَ جو اشتقاق، عبدالوهاب
سهتو وري تحقيق جي ساگر ۾ غوطا کائيندي، هيئن ڪڍي ٿو ته؛ اهو بنيادي طور تي ويدڪ دؤر
جو لفظ آهي ۽ سنئون سڌو چئن لفظن تي مشتمل آهي يعني؛ ’هو + مُيو+ پيو+ ٿي‘. سندس چوڻ
مطابق ته؛ جڏهن آريا سنڌوءَ جي ڪنارن تي ويهي رگويد جي رچنا پيا ڪندا ھيا ته سندن انڌا
اونڌا ويڄ وري بيمارن تي تجربا ڪندا هيا. صبوح جو مريض رڳو چيلھ تي هٿ رکي، پنڌ ڪندي،
ويڄن جي آشرم ۾ پهچندو هو ته، شام جو سنئون لڳو پٽ تي پيو هوندو هو.
”ڇا ٿيو، مريض کي؟ صبوح جو ته رڳو
چيلھ تي هٿ هيس، هاڻي ته ساه ئي نه ٿو کڻي؟!“ مريض جا ڀائر حيرانگيءَ مان ويڄن کان
پڇندا هيا ته ويڄ هڪدم وراڻيندا هيا ته؛ ”کڻو، پنهنجي ڀاءُ کي.!“ مريض ڏانھن اشھد آڱر
جو اشارو ڪري، وڌيڪ ٻڌائيندا ھين؛ ”هو مُيو پيو ٿئي.“
”پر ڪيئن؟!“ مريض جا وارث، لاشو
کڻڻ کان پھرين ٻيو سوال پڇندا ھين، جنھن جي جواب ۾ هڪ ويڄ حقيقت ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪندو
هيو؛ ’زهرات جو وزن ٿورو وڌيڪ اچي ويو هيس.‘
ٻيو ويد وري مئل جي ڀاءُ کي ڪلهي
تي هٿ رکي، آٿت ڏيندي چوندو هيو ته؛ ’مريض مئو ته خير آ، وزن جي ته خبر پئي.‘
ائين ان طريقي علاج جي ابتدا ٿي.
پوءِ جڏهن آرين جو هڪ ٽولو جرمنيءَ پهتو، ته انهن ان ’هو ميو پيو ٿي‘ کي ترقي وٺرائي
’هوميو پيٿڪ‘ ڪري ڇڏيو.“
ان تي هڪ ڏينهن عنايت ميمڻ پر زور
احتجاج ڪندي چيو؛ ”مان پاڻ ڪيترن سالن کان وٺي اهو علاج وٺندو رهيو آهيان، ته ڇا مان
مرحيات آهيان؟“
عبدالوهاب اتي جو اتي منهن تي ڦهڪايس؛
”جي مئل ناهين، ته اهو شعر ڇو لکيو ٿي، ته:
تحفي ۾ جنم ڏينهن تي هوءَ پيار کڻي
آئي،
گڏ مرڻ ۽ جيئڻ جو اقرار کڻي آئي،
ٻئي سال جنم ڏينهن تي، هوءَ موٽي
ته آئي،
پر پنهنجي هنج ۾ هڪ ٻار کڻي آئي.“
”اهو ته مزاحيه شعر آهي!“ عنايت
مرحيات وراڻيس.
”اهڙي قسم جي مزاح ته مرحيات ڪيو
ٿي. سنئون سڌو، شعر مان ’هو ميو پيٿڪ‘ جي دوائن جي خوشبوءِ اچي ٿي.“ عبدالوهاب، پنهنجي
ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائيندي چيس.
مون به سهتي جي اهڙي ڳالھ تي اعتراض
واريو ته؛ ”هڪ زنده جاويد شخص کي، جيڪو هر روز اڌوراڻي موٽر سائيڪل کي زوردار ڪِڪ هڻي،
آفيس وڃي ٿو. آفيس ۾ توائي کائيندي، ماڃر جي مهاڻن کي مات ڪري ٿو. شام جو ريڊيو تي
فضيلت سان پروگرام ڪري ٿو. ڏينهن ۾ ٽي پاءَ اٽي جا کائي وڃي ٿو. رات جو کڇٽ به ڪري
ٿو، سو مرحيات ڪيئن ٿي سگھي ٿو.“
عبدالوهاب سهتي هڪدم چيو؛ ”مڪيش
جو اهو گانو ٻڌو ٿئي؟“
پڇيومانس؛ ”ڪهڙو؟“
وراڻيائين:
”زنده هون اس طرح ڪي جيسي زندگي
نهين،
جلتا هوا چراغ هون، مگر روشني نهين.“
مڪيش جي ڳايل معنى خيز گاني جا ٻول
ٻڌي، لاجواب ٿي ويس. سوچيم، ڪيڏي نه حقيقت آهي، هن دؤر ۾ ڪيترا ئي انسان زنده هوندي
به در گور آهن ۽ در گور انسانن لاءِ جيئي! جيئي! لڳي پئي آهي. مون دل ئي دل ۾ سوال
اٿاريو، ته ڪير ٿو چوي ته عبدالوهاب سهتو ملان دو پيازه جي مدرسي مان پڙهيو آهي، سچ
پچ ته سقراط جي شاگردن منجھان آھي ۽ زهر ڏيڻ جي لائق آهي. هڪ ڏينهن مان به عنايت مرحيات
کي عزت و احترام، پيار ۽ پاٻوه سان ”مرحوم و مغفور ادا عنايت!“ ڪري سڏ ڪيو، ته ڏکارو
ٿي چيائين؛ ”۽ بروٽس، تون به!؟“
عنايت ميمڻ جڏهن شيڪسپيئر جي ڊرامي،
’جوليئس سيزر جو الميو‘ مان ڊائلاگ هڻي مونکي ’بروٽس‘ سان ملايو، ته قهري ڪان ٿي لڳو.
مون کيس ڪاوڙ وچان چيو؛ ”عبدالوهاب سهتو، تو کي عنايت مرحيات سڏي، ته ٻٽيهي ٻاهر.....
مان رڳو هڪ دفعو چيومانءِ ته رڙ نڪري ويئي، ڇو؟“
”حسين بن منصور حلاج کي جڏهن ماڻهن
پٿر پئي هنيا، ته هن ٽهڪ پئي ڏنا، پر جڏهن سندس دوست شبلي گل هنيس، ته رڙ نڪري ويس.
ڪنهن پڇيس، ته ’ٻين جي اڇلايل پٿرن تي ٽهڪ پئي ڏنئي ۽ شبليءَ جي هڪ گل تي ايڏي رڙ؟..‘
چيائين؛ ’ٻيا بي خبر هيا! شبلي کي ته خبر هئي، ته مان ڪيرآهيان.‘ ٿڌو ساه ڀريندي وڌيڪ
چيائين؛ ”عبدالوهاب سهتو ته اصلي ساهتيه پرڳڻي جو آ، ان تي ڪهڙي ميار! ڌريان ئي ڌاريا،
مٽ مئيءَ جا نه ٿيا! تون ته چانڊڪا پرڳڻي جو ۽ پاڙيسري دوست. پاڙو نبين کي به پيارو
آ. تنهنجو مونکي مرحيات چوڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن کي سنڌ جي نئين ٺهيل، وري اتي جو اتي
ڊهيل روڊ مان چنهبيارو پٿر ڪڍي هڻڻ آهي.“
سندس ڏنل ميارن مٿان ميارن هيٺان،
زير بار ٿي چپ ٿي ويس. سندس لفظن ۾ دم به هيو، ته خم به هيو، ڏک به هيو، ته رنج به
هيو، غم به هيو ته الم به هيو..
لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ ڪنهن ميمڻ
۽ ڄٽ جي دوستي ائين آهي، جيئن گدڙ ۽ اُٺ جي. توهان کي اهو مثال ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو هوندو.
ان جو پس منظر لاهوري محلي جو بزرگ سائين عبدالله مڪاني ائين ٻڌائيندو آهي، ته انگريزن
جي ايامڪاريءَ ۾ جڏهن لاهوري ڳوٺ اڃا لاڙڪاڻي جو محلو نه ٿيو هيو، ته ان جا چار پاڙا
هيا. ڳوٺ جي وچ ۾سراين جو پاڙو، جنهن ۾ لاهوري کرلن جا ڌڱ مڙس رهندا هيا. سندن ڀر
۾ واڻڪو پاڙو، جنهن ۾ ريجھومل لاهوري جھڙا انسان دوست رهندا هيا. اتر ۾ ميمڻ ۽ سندن
آڏاڻا پيا ٺڪ! ٺڪ ڪندا هيا. باقي ڏکڻ ۾ ڄٽڪو پاڙو سڏبو هيو، جنهن ۾ تعليم کاتي جا استاد،
وڪيل، صحافي ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا نوڪري پيشه رهندا هيا. پڙهيلن هوندي به ڄٽڪو پاڙو
ان ڪري سڏبو هو، جو ان پاڙي ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي ۽ کٽي کلَ رهندي هئي. هر هفتي ڪو نه ڪو
ٽڳو ضرور ٿيندو هيو، جنهن جو فيصلو سرائي خان بهادر ٺارو خان لاهوري وٽ رکيل هوندو
هيو. ان ڪري ٻين پاڙي وارن جي، اسان جي پاڙي وارن سان، بنھ نه لڳندي هئي. انهن جي راءِ،
اسان لاءِ اها هوندي هئي ته؛ ڄٽ ملوڪ گلم جو زيان. اسان جي وري انهن مٿان اک نه ٻڏندي
هئي. چوندا هياسين ته؛ واڻيو ۽ ميمڻ نه دوست؛ ڦڦڙ ۽ اوجھري نه گوشت!........
انهيءَ تاريخي پس منظر ۾، مان ڄٽ
جي، عنايت ميمڻ سان ڪيئن لڳي؟.. ان جو سبب ڪو ’بگ بين‘ جھڙو حادثو نه هو، پر لاهوري
محلي جي سٻوجھ ميمڻن ۽ اٻوجھ ڄٽن جي گڏيل راءِ مطابق ته دماغي خلل هيو. سندن خيال مطابق
ته اهو ادب آهي، جيڪو ذات پات ۽ دين ڌرم جا ويڇا ختم ڪري ٿو ۽ ماڻهو جيئري ئي جنت مان
بي دخل ٿي وڃي ٿو. ان جو برملا اظهار لاهوري محلي جي مسجدن جا خطيب به هر جمعي تي پنهنجي
زوردار خطبن ۾’سوال خود ڪرد، جواب خود دارد‘ جي تحت ڪندا رهندا آهن ته؛ ”ڪتابن ۾ لکيل
آهي ته؛ جڏهن ڪو ماڻهو اديب ٿئي ته جنت جون حورون ۽ غلمان به خدا کان پناه گھرن ٿا،
ته اي خدا انهيءَ حوالِي اديب کي، اسان ڏانهن نه موڪل.. ابا ڇووو!؟... ڇو ته سڄو ڏينهن
اهي پيو اسان جي خمدار زلفن ۽ رخَ روشن تي شعر يا مضمون لکندو ۽ ڪاغذ ڪارا ڪندووو!...
ڪندو ڪجھ به نه!...ڇا ابا؟ ... ڪندو ڪجھ به نه!.... ٻاهتر حورن ۽ سؤ کان وڌيڪ غلمانن
کي ڪو مرد مومن ئي پڄي سگھي ٿو، اديب جو ڪم ناهي.... جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو، محشر
متل هوندو ته خدا چوندو؛ اهي اديب هٿ مٿي کڻن جيڪي چوندا هيا، ’دوزخ دڙڪو، بهشت دلاسو!“
جڏهن اهي اديب هٿ مٿي کڻندا ته، خدا ملائڪن کي حڪم ڪندو ته انهن کي دوزخ جو رستو ڏيکاريو
ته خبر پوين. اهو ٻڌڻ کانپوءِ اهي نڀاڳا هڪ ٽنگ تي نچندا ۽ فيض احمد فيض جي غزل چوندا
ويندا:
”اڪ فرصت گناه ملي، وه ڀي چار دن،
ديکين هين هم نه حوصلي پروردگار
ڪي.“
اهڙن نيڪ خطيبن جا خطبا ٻڌي، ڪڏهن
ڪڏهن مونکي به ائين لڳندو آهي، ته ادب شايد مرتدن ۽ گمراهن جو دين آهي، جيڪي سنئون
سڌو رستو ڇڏي پنهنجو دڳ وٺن ٿا. بس ڪن ڪن کي آخري عمر ۾ خدا، شيخ اياز ۽ جمال جھڙي
توفيق عطا ڪري، سنئين دڳ لائي ٿو ۽ پوءِ :
رند ڪي رند رهي، هاٿ سي جنت نه گئي،
باقي گھڻا ته لطيف جي ان شعر وانگر
اٽل ٿي، پنھنجي پير تي قائم رھن ٿا:
”سچو تون مَ ڪفر سين ڪافر مَ ڪوٺاءِ،
هندو هڏ مَ آهين، جڻيو تو مَ جڳاءِ،
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.“
مون هڪ ڏينهن سنڌ جي مشهور، بي ريا
۽ بي رحم، نقاد ڪامريڊ ڪريم بلوچ کان پڇيو؛ ”عنايت ميمڻ جي شاعري ڪيئن آهي؟“
وراڻيائين؛ ”ڏاڍي سٺي آهي.“
ان ڏينهن کان وٺي، مان به کيس سٺو
شاعر تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪري سندس هي شعر مونکي وڻڻ لڳو ۽ سندس سنجيدگي ۽ گھر گنڀيرتا
تي يقين ٿيڻ لڳو:
”فڪر فهم ۽ ادراڪ کي ڇهي ئي نه ٿو
رڳوٿو يار
کي تڪي شاعر
مسئلا جھنجھوڙي
ٿا پڇن مون کان
اسان تي
ڇو نه ٿو لکي شاعر
چند سڪن
۽ سستي شهرت لئه
هي ڪهڙي
بڪواس ٿو بڪي شاعر
سڪ سونهن
۽ پيار جا ڪري سودا
هي ڪهڙي
واٽ ٿو وٺي شاعر“
پر مان بنان رک رکاءَ جي هتي اهو
به ٻڌائي ڇڏيان ته اهڙي سٺي شاعريءَ هوندي به جيڪڏهن ڪامريڊ ڪريم بلوچ جي راءِ ڪنهن
به ادبي حادثي جي ڪري، اوچتو بدلجي وئي ته اسان جي به بدلجي ويندي. ڇو ته هر ليکڪ کي
پنهنجي عزت پياري هوندي آهي ۽ ان معاملي ۾ هر چڱو ۽ لڱو ليکڪ، نهايت خود غرض ۽ سطحي
هوندو آهي. هونئن به لاڙڪاڻي ۾ رهي، اُبت ڪنڊڙيءَ سان اٽڪائڻ ڪهڙي عقلمندي آهي؟.......
سچ ته اهو آهي، سنڌ جي ٻين اديبن
يا ليکڪن وانگر، عنايت ميمڻ ڪو شاھ لطيف، سچل، سامي، اُستاد بخاري، اياز ۽ نارائڻ شيام
کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪو نه ڪئي. نه وري مان مرزا قليچ بيگ، پير حسام الدين راشدي
۽ ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، اياز قادري ۽ جمال ابڙو جو نثر پڙهي، ڪا نثر نگاري ڪئي. پر
اسان ٻنهي کي تپن مومن ڪيو هو. منهنجو مطلب آهي، ته زماني جي ڏنل تواين اديب ۽ ليکڪ
بڻايو. جيئن چئبو آهي ته، جھنگ جي تتي گھر نه ٺري ۽ گھر جي تتي جھنگ نه ٺري. تيئن اسان
به ٻنهي پاسن جا تايل ۽ تتل هياسي. جڏهن ’شريڪ حيات‘ به ڪنهن پاڙي جي ’شريڪ تصورات‘
سان، اسان جي تعريف ڪندي ائين چوي، ته ’بس ادي، لکيو منجھ نراڙ قلم ڪياڙي نه وهي. مان
ته ان ماريي جا پنا ميڙي ميڙي ٿڪجي پئي آهيان‘، ته پوءِ توائي ته ضرور وٺندي نه....
ڪنهن دل جلئي سچ چيو آهي ته؛ دنيا جي اديبن جون زالون، سندن شريڪ حيات ضرور آهن، پر
شريڪِ غم ناهن. جيڪڏهن ڪو اديب اها دعوى ڪري ٿو ته سندس شريڪ حيات سندس شريڪ غم به
آهي، ته ان جھڙو ڪوڙو هن دنيا جي تختي تي ٻيو ڪو نه هوندو. اهڙي اديب کي سنڌي ادبي
بورڊ جي مُفتين کان فتوا ڏياري، لفظن جي سنگ و خشت سان سنگسار ڪرائي سگھجي ٿو، ته جيئن
نوان اديب عبرت حاصل ڪن ۽ اڳتي ڪوڙ کي ادب واحترام سان پيش ڪرڻ جو هنر هالا مان سکي
اچن.
ٻيو سبب سماجي حالتون هيون. جيئن
پوءِ تيئن سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ابتري، حساس ماڻهن لاءِ عذاب ٿي پئي. منافقي
۽ رياڪاري کٽي نه، پر وڌي وئي. ان دؤر ۾ ڪي ماڻهو پنهنجي اندر جي اظهار لاءِ پامفليٽ
ٺاهي ورهائيندا هيا. ڪي اخبارن ۾ ڪالم لکندا هيا. ڪن ادب جو سهارو ورتو هو. ڪي تقريرون
ڪندي هيانءَ جي باھ ڪڍندا هيا ۽ پوءِ وقت جي سرڪار سڳوري انهن جا لاھ ڪڍندي هئي. ان
ڪري لاڙڪاڻي ۾شريڪِ خيال ماڻهن جا ٽولا پنهنجي پنهنجي انداز ۾ سرگرم هوندا هيا ۽ ان
جو عملي اظهار هيو؛ ”ايم آر ڊي“ جي تحريڪ. جنهن ۾ هر خيال جي ماڻهوءَ حصو ورتو، پر
وڏيرن ۽ جاگيردارن انهيءَ کي فينستائيءَ سان تينوال ڪري، سندن جوش ۽ جذبي کي لوليون
يا لالي پاپ ڏئي سمهاري ڇڏيو.
هم خيالي جا صرف اهي سبب نه، پر
عنايت ميمڻ ۽ منهجي هم راز ۽ هم دم هجڻ جا ڪي لوڪ ڏاهپ وارا نڪته ۽ عالمي معيار به
هيا. جيئن چوندا آهن ته ’چنڊو چنڊي کي سؤ ڪوه تي ڳولهي لهي‘، تيئن نه سهي. پر اسان
هڪ ٻئي کي ائين ڄاتو سڃاتو، جيئن لطيف سائين جي شعر جي هڪ سٽ آهي:
’پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار‘
يا جيئن فارسي جي چوڻي آهي:
’ڪند هم جنس باهم جنس پرواز
ڪبوتر با ڪبوتر، باز با باز‘
يا جيئن انگريزي ۾ ’هارلي وائيٽ‘
جو شعر آهي:
Mockingbirds may sing like parrots.
Horses, rabbits crunch on carrots.
Many species act as one
To lark and run in the sun.
But in times of stormy weather,
Birds of a feather flock together.
عنايت ميمڻ
خوبصورت شاعر۽ ڀلوڙ انسان
جو جنم ڏينهن مبارڪ
آصف رضا موريو
عنايت ميمڻ لاڙڪاڻو
شهر جي سڃاڻ هڪ پڙهيل لکيل انسان سان گڏ صاف سٿري شاعر، ڪالمنگار ۽ شارٽ ڪهاڻي ليکڪ
جي آهي جيڪو گيت، غزل، آزاد شاعري، ٽيڙو، قطعي، وائي وغيره جهڙين صنفن ۾ تمام سٺو
لکي ٿو. لاڙڪاڻو شهر ۾ سچل ادبي مرڪز جي ادبي هنرمندن کان پوءِ هي واحد ادبي يگانو
آهي جيڪو ڪيترن سالن کان شهر ۾ ماهوار مشاعرو ڪرائيندو رهي ٿو. عنايت ميمڻ جي گهراڻي
سان منهنجو دوستاڻو تعلق، قريبن پنجويهه ٽيهه سال پراڻو آهي جو هو منهنجي گهڻ
گهرئي ۽ پياري دوست سعيد ميمڻ جو وڏو ڀاءَ آهي.
عنايت ميمڻ جو جنم
لاهوري محلي ۾ ۳ مارچ ۱۹۵۷ع ڌاري ٿيو. هن پنهنجي پرائمري تعليم حيدري محلي جي پي
سي اسڪول مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ ۱۹۷۵ع ۾ گورنمنٽ پائلٽ هاءِ اينڊ سيڪندري اسڪول لارڪاڻو
مان ۽ ايم اي (اقتصاديات) ۱۹۷۹ع ڌاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان حاصل ڪئي. ۱۹۷۵ع ۾ ئي ميٽرڪ پاس ڪري روينيو آفيس واپڊا ۾ نوڪري مليس جتان سٺ سال ڄمار پوري ڪري سال
۲۰۱۷ع جي ٽين فيبروري تي رٽائر ڪيائين.
لاهوري محلو لاڙڪاڻو
شهر جي ادبي تاريخ ۾ ادب، تعليم، کيل ۽ فنون لطيفه جي حوالي سان بيجاري جو ڪم ڪيو
آهي جتان لاڙڪاڻو شهر جا بهترين شاعر، اديب، تعليم دان، کلاڙي وغيره پيدا ٿيا جهڙوڪ
ڪشن چند بيوس، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ميمڻ عبدالغفور، سائين ڄام کوکر، عبدالله مڪاني
وغيره. عنايت ميمڻ جو سمورو گهراڻو ئي مهذب ۽ اديب آهي جو سندس ڀاءَ امان ميمڻ وڏي
پائي جو اديب آهي سندس ننڍو ڀاءَ سعيد ميمڻ پڻ انگريزي اخبار ڊان جو فوٽوگرافر هئڻ
سان گڏ بهترين صحافي، شاعر ۽ اديب آهي.
عنايت ميمڻ جو ادب ڏانهن
لاڙو شعوري نه پر قدرتي طور رهيو آهيِ جو پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ هن جي ويجهو
لفظن کان وڌيڪ ٻيو ڪو سگهارو ذريعو ڪونه هيو ان لاءِ اندر جي اساٽ کي اجهائڻ لاءِ
هن قلم جو سهارو ورتو. پنهنجي ادبي اوسر لاءِ سندس شروعاتي سکيا گهر سنڌي ادبي
سنگت جو پليٽ فارم رهيو. ڪيئي ورهيه اڳ سندس دوستن جون ادبي ۽ تهذيبي ڪچهريون سڪي
تلاءُ محلي ۾ اديب ۽ مورخ غلام قادر بروهي جي گهر واري بيٺڪ ۾ ٿينديون رهنديون
هيون جتي شهر جا گهڻا تڻا سريلا شاعر، فنڪار، اديب ۽ ٻيا سخنور جهڙوڪ سرڪش سنڌي،
رزاق مهر، سليم ڪورائي، شوڪت ڪيهر، ملڪ آگڻي، عبدالغفار تبسم وغيره به ايندا رهندا
هيا.
ڏيک ۾ ڏانوائتو،
رويي ۾ مهذب ۽ ڳالهائڻ ۾ سگهڙ عنايت ميمڻ هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي جو سندس تمام مشاغل
بهترين، ڪارآمد ۽ ساڀيان وارا آهن هو اديب هئڻ سان گڏ هڪ حاذق حڪيم ۽ هڪ مشاق يوگي
پڻ آهي. پنهنجي تمام شخصي گڻن کي هن پاڻ تائين محدود ڪونه رکيو آهي پر دوستن،
احبابن ۽ شهر وارن کي پڻ انهن خوبين مان لاڀ ڏيندو رهندو آهي. صحت ڏانهن باخبري جي
ادا سبب ئي سٺ جي پيٽي ۾ هئڻ جي باوجود سندس خوبصورت شخصيت ۽ نکار ٽيهاڻين وهي جي
جوان جو ڏيک ڏيندي رهي ٿي.
ساهه کڻي ٿي تون
زندهه آهيان مان
اهڙي ناطي کي ڪهڙو
نانءُ ڏيان
گلن جهڙا ٻارڙا ڊائجسٽ
۾ هڪ ٻاراڻي ڪهاڻي سان ادبي سفر جي شروعات ڪندڙ عنايت ميمڻ جو هڪ ڪهاڻين جو ۽ ٻيو
شاعري جو ڪتاب مڪمل ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن جڏهن ته محبت ۽ فاصلا نالي سندس اي بڪ
جي صورت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ته هن وقت تائين هو ۳۰ کان مٿي ڪهاڻيون پڻ لکي چڪو
آهي جن مان ۱۵ ڪهاڻيون هن وقت تائين ڇپجي چڪيون آهن. سن ۲۰۰۰ع کان ريڊيو پاڪستان
لاڙڪاڻو سان ڪمپيئر طور وابسته آهي جتي ستن سالن کان هڪ ادبي پروگرام رسالو ۽ هيلپ
لائين پروگرام ڪري رهيو آهي. گذريل سٺ ستر مهينن کان لاڙڪاڻو ۾ هر مهيني جي پهرين
تاريخ تي رائيٽرز طرفان شام جو پنجين وڳي هڪ مشاعرو ڪندو رهي ٿو جنهن ۾ نه رڳو تر
۽ شهر جي نون شاعرن کي متعارف ڪرائيندو رهندو رهي ٿو پر ان ادبي لڏي جي مسافرن کي
پنهنجي پنههنجي فن جي مظاهري جو موقعو ڏئي اڳتي وڌائڻ جو رستو پڻ هموار ڪندو رهندو
آهي.. سندس سالگرهه جي موقعي تي هن سهڻي انسان جي سٺي صحت، هنرمندي ۽ ادبي اوسر جي
دعا ڪندي هڪ ننڍڙي پيار ڀري ڀيٽا.
ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار عنايت ميمڻ جون بي تڪلف ڳالهيون
ڳالهه ٻولهه:
ساجد سنڌي/ رضوان گل
• ادبي سڃاڻپ؟
ڪھاڻي، شاعري، اخباري ڪالم ۽
ريڊيو لاڙڪاڻي تي ڪمپئرنگ.
• ڇپيل ڪتاب ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟
بس ھڪڙو شاعري جو اي بوڪ آھي،
جيڪو ويب سائٽ تي آھي.
”محبتون ۽ فاصلا.“
• اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪيترو
ٿيندو؟
تقريبن ٢؛ ھڪڙو رھيل شاعري جو
ڪتاب، ۽ ٻيو ڪھاڻين جو ڪتاب، جيڪي ٻئي تيار آھن.
• مڃتا ايوارڊ/ سرٽيفڪيٽ ڪهڙا ۽
ڪنهنجي طرفان مليا؟
ڪو به نه
• لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ پهرين
تخليق ڪٿي شايع ٿي؟
پھرين تخليق ٻاراڻي ادب جي
حوالي سان نڪرندڙ گلن جھڙا ٻارڙا ۾ ڇپي. اھا ئي اصل ۾ منھجي پھرين تخليق ھئي، جيڪا
ٻاراڻي ڪھاڻي ھئي.
• لکڻ جا محرڪ ڪهڙا هئا؟
ھي سماج جنھن ۾ پاڻ رھون ٿا يا
کڻي چئجي ته ڀوڳيون ٿا.
۽ ان ۾ موجود اھي سڀئي ماڻھو ۽ انھن سان
لاڳاپيل مسئلا جيڪي لکڻ لاءِ اتساھ جو سبب بڻجن ٿا.
• مزاجن توهان ڪهڙي قسم جا ماڻهو
آهيو؟
اندر ۾ بلڪل نرم ٻاھر ۾ ماڻھون
چوندا آھن ته شوخ آھين. پر اصل ۾ مون کي ڪوڙ ۽ منافقي زھر لڳندي آھي ان ڪري گھٽ
ماڻھن کي وڻندو آھيان.
• پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي
ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
پھرين ملاقات ۾ ان جي گفتگو جو
انداز ٻڌائيندو آھي ته ھو ڪيتري پاڻي ۾ آھي.
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري؟
محبت، خالص محبت، منافقي ۽ نفرت
کان آجي محبت.
• توهانجو قابل فخر ڪم؟
اھو معيار مان ڀلا پنھنجو پاڻ
ڪئين ٿو جوڙي سگھان اھو ڪم ته تنقيد ڪرڻ وارن جو آھي خاص ڪري انھنجو جيڪي ڀينڊ
کنيون بيٺا ھوندا آھن.
• دولت، شهرت ۽ محبت مان چونڊ
ڪرڻي پوي ته ڇا چونڊيندئو؟
محبت جھڙي ڪا دولت ڪونھي. اھا
محبت جيڪا سستي شھرت جي عذاب کان آجي ھجي. ڇوت منھجي نظر ۾ شھرت ۽ دولت کي ڪو جٽاءُ
ڪونھي. محبت ڪردار جوڙي ٿي ۽ ڪردار مرندو ناھي. ھميشھ نسل در نسل ياد رھندو آھي.
• زندگيءَ جو ڪو اڻ وسرندڙ واقعو؟
سکر کان گمبٽ مائٽن ڏي ويندي،
ننڍي ھوندي ھلندڙ ٽرين مان ڪري پيو ھيم پر پوءِ به بچي ويم جڏھن ته مونکي پاڻ کي، اڄ
تائين تعجب ٿيندو آھي ۽ اعتبار بلڪل به نه ايندو آھي.
• مڪمل تخليقڪار ۾ ڪهڙيون خوبيون
هئڻ گهرجن؟
پيارا! جي ڪو به تخليق ڪار مڪمل
ٿيو ته ان وقت ان جو موت ٿيندو. جستجو ئي اصل ۾ تخليقار جي وڏي ۾ وڏي خوبي آھي.
• ادبي ۽ ثفافتي ادارن جي
ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهيو؟
نه بلڪل به نه! اھي سڀ ادارا
ھاڻي نالي-ماتر اديبن جا اسٽاڪ ايڪسچينج ٿي پيا آھن. اھي نالي-ماتر اديب، سياسي
وڏيرن وانگي اصلي ادب ۽ اديبن لاءِ استحصالي قوت آھن، جن کي صرف روزگار جو وسيلو
کپي ۽ ھو روزي ڪمائي رھيا آھن ۽ ادب کي ڏاڪڻ بڻائي ”ڪوٺي“ تي چڙھي ويٺا آھن ۽
پنھنجو الو سڌو ڪري وڃن ٿا. باقي اصلي اديب يا تخليقار ته ويچارا جئري ئي عذاب ۾
آھن.
• زندگيءَ جو ڪڙو سچ؟
زندگيءَ جو ڪڙو سچ اھو آھي ته
اوھان حق جي ڳالھ ڪريو .
• گهڻي ڪاوڙ ڪهڙي ڳالهه تي ايندي
آهي؟
نا انصافيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳندي
آھي. صلاحيتن مطابق ماڻھوءَ کي معيار ملڻ گھرجي. پر ھتي ڪوڙ ۽ منافقيءَ جو راڄ آھي.
چاپلوسي ۽ خوشامند جو دور آھي.
• ادب جو بنيادي ڪارج ڪهڙو آهي؟
ادب جو بنيادي ڪارج آھي سماجي
جاڳرتا پيدا ڪرڻ. ماڻھو جڏھن فڪر فھم ۽ ادراڪ سان جئيڻ جو مقصد
سمجھي وڃي ٿو ته ڄڻ زندگي آسان ٿي پوي ٿي.
• لکڻ وقت ڪهڙي ڪيفيت هوندي آهي؟
ڪا خبر نه پوندي آھي ته ڪھڙي
جھان ۾ آھيان. اھو احساس ئي آھي، جيڪو لکڻ لاءِ اتساھ ڏئي ٿو. باقي ڪيفيت کي
سمجھائي نٿو سگھجي.
• نئين سرجندڙ ادب مان ڪيترو
مطمئن آهيو؟
نئون ادبي رجحان به حالتن موجب
ئي پيدا ٿيندو آھي. اڄ جي دنيا اڳي جھڙي ناھي ۽ نه ئي وري اڳي جھڙا ماڻھو آھن. اڳي
اسان ڀٽائي کي سڃاڻيندا ھياسين، سمجھندا ھياسين، پر اڄ جو ٻار پڇي ٿو ته ڀٽائي ڪير
ھيو؟
ادب ۾ تخليق ۽ تحقيق رھي ئي
ناھي ۽ نه ئي وري شاعريءَ ۾ ڪو فڪر بچيو آھي. بس نچو ڪڏو ۽ سستي شھرت حاصل ڪيو.
اھو آھي، اڄ جو ماحول. جنھن ۾ ادب جي ڪا خوشبوءِ ئي ڪونھي. اڳي اخبارن ۾ سراج،
فقير محمد لاشاري، ھدايت منگيءَ جھڙا ماڻھو ھيا ته ٻولي عام ماڻھن تائين فضيلت سان
پھچندي ھئي. نظرياتي ماڻھو پيدا ٿيندا ھيا، وڻندڙ ماحول ھيو.
ھاڻي ته سڀ ڪاروباري ماڻھو آھن
نظرياتي ماڻھو رھيو ئي ناھي.
ميڊيا جا سڀئي رکوالا، خود-ساختا
دانشور آھن. ھو پنھنجي چينلس تي ڪلاشنڪوف ۽ رپيٽر ڪلچر جي ڄاڻي ٻجھي تشھير ڪري
رھيا آھن ۽ ھيڏانھن وري قومي ايڪتا ۽ ثقافت جون ڳالھيون ڪن ٿا. نتيجي ۾ ٻھراڙيءَ
جو ماڻھو ڦر ۽ اغوا جون وارداتون سکي ڪري، ھيرو بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سڄي سنڌ لٽ
جو مال ٿي پئي آھي. اڳي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ کي تقدس جي علامت سمجھيو ويندو ھيو ۽ ھاڻي
ڊراما ڏسي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ واري کان نئين نسل کي ڀؤ ٿئي ٿو.
• زندگي توهان جي نظر ۾؟
زندگي ڏاڍي خوبصورت آھي. جي ان
کي ڪنھن ڪارج سان، ڪنھن ترتيب سان گذارجي .
• ڏک توهان جي نظر ۾؟
ڏک ھڪ ليکڪ جو سرمايو آھي. جي نه
ملي ته لکي به نه سگھندو.
• خوشي توهان جي نظر ۾؟
ھڪ لمحي جو خواب جنھن جي حقيقت
اڄ جي دور ۾ مشڪل آھي.
• سونهن توهانجي نظر ۾؟
چھري کان وڌيڪ، اندر جي
خوبصورتي وڻندي آھيم. اھا ئي منھنجي نظر ۾حقيقي سونھن آھي.
• پيار توهان جي نظر ۾؟
زندگيءَ جي بنيادي ضرورت، جنھن
بنا انساني وجود ممڪن ئي ناھي.
• دوستي توهان جي نظر ۾؟
دوستيءَ کي بي غرض ھجڻ گھرجي.
ان ۾ دوستيءَ جو اصلي حسن ظاھر ٿي پوي ٿو.
• عورت اوهان جي نظر ۾؟
قدرت جي حسين تخليق. جنھن بنا
اللھ ۽ ان جي بندگيءَ جو تصور پڻ اڌورو آھي.
• ڪنهن کان نفرت آهي؟
مونکي ڪوڙو ۽ منافق ماڻھو زھر
لڳندا آھن.
• اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
شاعري يا ٻيو ڪو تخليقي ڪم يا
وري يوگا.
• زندگيءَ جي وڏي کان وڏي حاصلات؟
اھا خوشفھمي مونکي زندگيءَ ۾
ڪڏھن به ناھي رھي. ان ڪري منھنجون حاصلات به محدود آھن. جيڪو آھي ۽ جيڪو مليو، ان
تي گذارو ڪري ويندو آھيان.
• ڪا رهجي ويل خواهش؟
خواھشون ڀلا کٽڻ جون ڪٿي آھن. خواھشون
ئي زندگيءَ جي ھجڻ جو سبب آھن پر ان ۾ به پيار جو ھجڻ لازمي آھي.
پيار جي ڪا گھڙي
اڌاري ڏي،
پوءِ ڀلي قيام
تون ڪاري ڏي.
• ڪهڙي قسم جي ماڻهن کان متاثر
ٿيندا آهيو؟
اھي جيڪي سچا ھجن ۽ بي غرض
محبتن جا قائل ھجن.
• زندگيءَ جي ڪا سڀ کان پياري
شيءِ؟
اھو احساس جنھن ۾ منھنجي ڪل
ڪائنات ھجي.
• جيون جي ڪا کل جهڙي ڳالهه؟
جڏھن صبح جو آئينو ڏسندو آھيان.
آئينو ڏسندي ڇا محسوس ڪندا
آهيو؟
آئيني کي ڳالھائيندي محسوس ڪندو
آھيان. ھو مونکي روز چوندو آھي ته؛ چريا ھي ڇاٿو ڪرين؟ ڇو ٿو پنھنجا ڏينھن ڳڻين؟
• ڪنهن سفر جي تمنا؟
ڪا به نه.
تمنائن کي دل ۾
سمھاري ڇڏيوسين
ائين پنھنجو جيون
اجاري ڇڏيوسين
• ڪا شخصيت جنهن جي جدائيءَ جو
احساس ٿيندو هجي؟
زندگئ جا اھي سڀ ڪردار، جن
ننڍپڻ توڙي جوانيءَ ۾ ساٿ ڏنو، اھي يا ته گذري ويا يا وري وڇڙي ويا آھن پر اھي سڀ
ڪردار وساري ڇڏيا آھن. مان حقيقت پسند آھيان. ان ڪري جيڪو ٿيو، اھو صحيح سمجھندو
آھيان.
• اهي ماڻهو جن تي اوهان کي رشڪ
آيو؟
اھڙو ڪو به ماڻھو ڪونھي. مان
پنھنجي زندگي، پاڻ جئيندو آھيان. پوءِ اھا ڪھڙي به ھجي.
• اوهان جي وڏي ۾ وڏي خوبي ۽
خامي؟
خوبي ۽ خامي آھي؛ حقيقت پسندي.
• ٻيهر زندگي مليوَ ته؟
جي ائين ممڪن ھجي ھا ته اسان
پنھنجي اڳين کان ڪجھ سکي وٺون ھا.
• شادي پنهنجي پسند يا مائٽن جي
پسند هئڻ گهرجي؟
مائٽن جي پسند ضروري آھي. جي
مڪمل گھر رشتن کان سوا اڌورو آھي.
• ظلم ڏسندي ڇا محسوس ٿيندو آهي؟
ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آھي.
• مستقبل ۾ اوهان دنيا کي ڪيئن ٿا
ڏسڻ چاهيو؟
پر امن ۽ منافقت کان آجي دنيا.
• اهو خواب جيڪو هن وقت تائين
پورو نه ٿيو هجي؟
اھو خواب ئي ڪھڙو جيڪو حقيقت جو
روپ ڌاري؟!
خواب بس خواب
ھوندا ھن،
صبح ٿيندي ئي
وساري ڇڏبا ھن.
• سماج ۾ تبديلي ڪيئن ايندي؟
انصاف سان، ۽ برابري جي بنياد
تي قانون جي نفاظ سان .
• زندگيءَ جي هائيڊ پارڪ لاءِ ڪو
ڪڙو سچ؟
شيطان کي پٿريون ھڻي ۽ يزيد تي
لعنتون وجھي، پنھنجا مذھبي فرض ته پورا ڪيون ٿا پر عام زندگيءَ ۾ اسان انھن جھڙو
ڪردار به ادا ڪيون ٿا. جيڪو عمل منافقيءَ جي زمري ۾ اچي ٿو. مونکي اھڙا ماڻھو ناھن
وڻندا جن جي زبان ۽ دل، عمل سان متضاد ھجي.
• جيڪڏهن توهان کي پنهنجي دل جي
ڳالهه، ڪنهن شعر ۾ ٻڌائڻ لاءِ چئجي ته ڪهڙو شعر ٻڌائيندؤ؟
سنڌ جي ھن سار کي
معنيٰ کپي
روح جي اظھار کي معنيٰ
کپي
ما جي ڇاتئ لڳي
جيڪي مليو
ان سچي پيار کي معنيٰ
کپي
جو اسڪول ۾ استاد
کي ڳولي پيو
ان سنڌي ٻار کي معنيٰ
کپي
چند سڪن تي وڪامي
ٿي وڃي
زندگئ جي ھار کي معنيٰ
کپي
موھن دڙو روئي
چوي ٿو سنڌ کي
منھنجي ھن آثار
کي معنيٰ کپي
• وڻندڙ موضوع؟
ڪھاڻي، شاعري ۽ موسيقي
• اهڙو ڪتاب جيڪو هن وقت تائين
ذهن تي ڇانيل آهي؟
ماءِ داغستان.
• ڪلا جي دنيا ۾ پسند جي شخصيت؟
اھي سڀ ڪلاڪار، جيڪي دل سان ڪم
ڪن ٿا، ڏاڍو وڻندا آھن.
• موسيقيءَ ۾ ڪنهن کي ٻڌندا آهيو؟
محمد يوسف، محمد ابرھيم، محمد
جمن، جڳجيت، متالي، گھنشام واسواڻي، اما لالا، شلپا ۽ ڪاجل چندريماني.
• پسند جا نثر نگار؟
امر جليل ۽ شيخ اياز.
• پسند جا شاعر؟
سنڌيءَ ۾ ڀٽائي ۽ اياز، اردوءَ
۾ ساحر، ساغر ۽ غالب.
• وڻندڙ لباس؟
سياري ۾ پينٽ شرٽ، اونھاري ۾
سلوار قميص.
• وڻندڙ خوشبوءِ؟
رابيل جي مھڪ
• پسند جو ڪوٽيشن؟
شور آھي شڪايتون
آھن
عدل ناھي عدالتون
آھن
ساھ کڻو منھنجي
مرضئ سان
حڪم آھي ھدايتون
آھن
دليون ويران ٿيون
رھن اڪثر
رڳو مسجدن ۾
سجاوٽون آھن
وک وک تي نوان
خدا جوڙيا سين
مطلب جون بس
عبادتون آھن
ڪنڌ جھڪيو دل
جھڪي ئي نٿي
محبت ۾ ب ملاوٽون
آھن
شور آھي شڪايتون
آھن......
No comments:
راءِ ڏيندا