; سنڌي شخصيتون: عنايت ميمڻ، منظور ڪوھيار، آصف رضا موريو، رضوان گل، ساجد سنڌي،
Showing posts with label عنايت ميمڻ، منظور ڪوھيار، آصف رضا موريو، رضوان گل، ساجد سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label عنايت ميمڻ، منظور ڪوھيار، آصف رضا موريو، رضوان گل، ساجد سنڌي،. Show all posts

17 December, 2015

عنايت ميمڻ

مرحيات عنايت ميمڻ
منظور ڪوھيار
نالو ۽ ذات، هڪ ٻئي جي ابتڙ.
جيئن اوهان ڪنهن پٺاڻ جو نالو نزاڪت، ٻروچ جو نالو نفاست ۽ شيخ جو نالو سخاوت ٻڌندؤ ته ضرور حيران ٿيندئو، تيئن ڪنهن ميمڻ جو نالو عنايت ٻڌي، اوهان کي حيرانگيءَ سان گڏ پريشاني ضرور ٿي هوندي ته، ميمڻ ۽ عنايتَ، کوڙو لڳي ئي نه ٿو. اصولي طور تي ميمڻ جو نالو بچل، رکيل، ڪفايت يا ڪنايت ته سٺو لڳي ٿو؛ پر ميمڻ سان گڏ عنايت بالڪل ڪو نه ٿو ٺهي. پر وڏڙن هن معصوم نونهال جو نالو عنايت رکي، ساڻس جٺ ڪري ڇڏي. هاڻي جڏهن به هي پنهنجي ميمڻڪي رڳ ڏيکاريندو آهي، ته هر ڪو کيس طعنو هڻي چوندو آهي ته؛ پنهنجي ذات نه ڏس، نالي کي ڏس.