; سنڌي شخصيتون: December 2014

24 December, 2014

نظير سمون - ناصر قاضي

نظير سمون
سرن جو ساکي، رنگن جو رانديگر ۽ شاعريءَ جو شائق
ناصر قاضي
ڪنهن شاعر پنهنجي هيءَ خوبصورت سٽ سرجي ڏات کي ڪيڏي نه ڊگھي حيات بخشي ڇڏي آهي ته ’ڏات جي ڏيهه ۾ رات ٿيڻي نه آ... ..‘ بيشڪ اها ڏات ئي آهي، جيڪا ڏيهن جي ڏاتر طرفان عطا ٿيندي آهي. ڏات هڪ اهڙي شڪتي آهي، جيڪا ڪنهن به رنگ توڙي ڍنگ ۾ پنهنجو پيام عام تائين پهچائيندي آئي آهي ۽ اها ئي ڏات يقيناً نصيبن واري جي ئي حصي ۾ ايندي آهي.

اياز عالم ابڙو - هاشم شورو

اياز عالم ابڙو
هاشم شورو
اياز سان پهرين ملاقات چٽي ياد اٿم. اياز، علي بابا سان ڊاڪٽر نواز قمر عباسيءَ جي ڪلينڪ تي آيو. مون کي زوار نقوي ڪجهه ڪتاب ڏنا ته وڪڻي ڏي، سو ڪجهه وڪيا ڪجهه مون وٽ پيا هئا جيڪو هڪ ڪتاب علي بابا کي پيش ڪيو ۽ هڪ اياز کي، ”سائين نالو ڇا لکان؟“ مون اياز کان سوال ڪيو. ”اياز عالم ابڙو“. ”ڇا؟“ اياز سمجهو ته مون نالو صحيح طرح نه ٻڌو آهي سو ڏاڍيان چيائين؛ ”اياز عالم ابڙو“. مون اياز لاءِ پنهنجي ذهن ۾ جيڪا تصوير جوڙي هئي سا هرگز هن اياز جهڙي نه هئي. منهنجي ذهن ۾ اياز جي شبيهه مرحوم نسيم کرل جهڙي ڳري ليکڪ جهڙي هئي، پر هيءُ ته سنهڙو سيپڪڙو ۽ جيتامڙو اياز اهڙيون دئوس ڪهاڻيون ۽ ناٽڪ ٿو لکي، عجب آهي.

مير علي بخش ٽالپر - روچي رام

مير علي بخش ٽالپر
جنھن جهڙو اڄ ڳوٺن ۾ به ڪونهي!
روچي رام
اڄ اسانجي اوسر ۽ اڳتي وڌڻ جا رستا بند ٿي ويا آهن. پاڪستان بند گلي ۾ اچي جامد ٿي ويو آهي. ان وقت مونکي پنهنجو پيارو دوست ۽ ساٿي مير علي بخش ٽالپر گهڻو ياد ٿو اچي. جيتوڻيڪ هو سنڌ جي اڳوڻي ميرپورخاص جي خطي جي حڪمران ۽ بهادر شخص مير شير محمد خان ٽالپر جي خاندان جو فرد هو پوءِ به هن دور  ۾ مير علي بخش وڏو انقلابي هو. هن جو ايوب دور ۾ بلوچستان جي تحريڪ ۾ وڏو هٿ هو. هو سنڌ جي عوامي تحريڪ جي بانين محترم رسول بخش پليجو ۽ محترم فاضل راهو سان گڏ بنياد رکڻ ۾ شامل هو.

مير علي شير قانع ٺٽوي

مير علي شير” قانع“ ٺٽوي

سنڌ جي تاريخ سهيڙيندڙ

مختيار احمد ملاح



ڪلهوڙن جي دور کي سنڌ جي علم ۽ ادب جي تاريخ جي لحاظ کان ”سونهري دور“ چيو ويندو آهي. هن دور ۾ سنڌ ۾ اهڙا نامور شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن جي شهرت، ديس پرديس عام هئي. هن ئي دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي، عربي، فارسي، هندي ۽ اردو علم ۽ ادب تمام گهڻي ترقي ڪئي. سنڌ ۾ لکت جو رواج عام ٿيو ۽ باقاعدي نصاب جوڙي اسڪولن ۾ نظام تحت رائج ڪيو ويو. علم جي اڪثر شاخن تي بيشمار ڪتاب عربي، فارسي، ۽ سنڌي ۾ لکيا ويا ۽ ترجمو ٿيا. سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي شاعري جي تاريخ فارسي ۾ لکي وئي. ان سلسلي ۾ وڏو نالو عظيم مورخ علي شير قانع جو اچي ٿو، جنهن سنڌ جي تاريخ تي بيشمار ۽ لازوال ڪتاب لکي ان کي اسان تائين پهچايو.

ڄام خان سندراڻي - شازيه حسن

ڄام خان سندراڻي
سنڌ ۾ تعليم جو رابن هڊ
شازيه حسن
جڏهن ڪچي جي علائقي جي ڪنهن گهر يا ٻوڏ واري پاڻيءَ جي سرحدن تي گهوٽڪيءَ جو ڪو ٻار اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪندو هجي يا بيماريءَ جو بهانو ڪندو هُجي ته اُن کي پيءُ ماءُ اهوئي چوندا آهن ته ”اسڪول وڃ پُٽڙا نه ته ڌاڙيل ڄام خان سندراڻي ايندو ۽ توکي پاڻ وٺي ويندو.“
جيڪڏهن ٻارن کي اسڪول ۾ ڪو مسئلو آهي ته ڄام خان اُن جي حل کي يقيني بڻائيندو آهي. جيڪڏهن ٽرانسپورٽ جو مسئلو هوندو ته ڄام خان ٻارن جي گهرن ٻاهران پنهنجي موٽر سائيڪل بيهاري اُنهن جو انتظار ڪندو آهي ته جيئن اُنهن کي اسڪول پهچائي سگهي ۽ هو پاڻ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو آهي ته جيئن ڪو به ٻار اسڪول کان محروم نه ٿي سگهي.

الله بچايو کوسو - ناصر قاضي


الله بچايو کوسو
چارڻ پنهنجي چنگ کي چوري ڪاڏي گم ٿي ويو
ناصر قاضي
خالق جون اڻکٽ عطائون جيڪڏهن بارانِ رحمت جو روپ وٺي، ڪنهن به بشر مٿان برسي پون ٿيون ته نتيجي ۾ ڪريم پنهنجي ڪريميءَ جا ڪروڙين قربائتا ڪرشما ڏيکاري ٿو ۽ امالڪَ ائين به ٿئي ٿو، جو ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ننڍڙو ٻالڪ پنهنجي گڏ ڪيل خرچيءَ مان ٻاراڻيون بينون خريد ڪري، پنهنجي منهن سان ڦوڪون ڏيڻ کان پنهنجي عشق جو آغاز ڪري ٿو، اڳتي هلي اهو ٻالڪ ڌرتيءَ جو اهو سريلو الغوزي جو وڄتڪار بڻجي وڃي ٿو، جو ان مٿان شهرت جي ديوي به ديواني ٿي پوي ٿي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهو وقت به اچي ٿو، جو اهو ئي الغوزي ڌڻي پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه کان پرڏيهه، واهڻ کان واشنگٽن توڙي ڳوٺاڻين چؤيارين کان چين تائين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سونهاريءَ سنڌ جو سفير بڻجي، فن جو مظاهرو ڪري، سنڌ جي خاص ثقافتي ساز الغوزي کي روشناس ڪرائي، واهڻ ۽ وستيءَ ۾ واهه واهه کان وٺي، عالمي شهرت ماڻي ڏيکاري ٿو.

منير احمد ماڻڪ

ماڻڪ

جيڪو تخليق جو ٻرندڙ جبل هو!

منور سراج



ماڻڪ بابت ڪجھه ڳالهائڻ منهن جي لاءِ ائين مشڪل ڪم آهي جيئن ڪنهن ٻار لاءِ لهرن سان ڀريل درياهه ۾ لهڻ.

ماڻڪ، جنهن خودڪشيءَ کي ڪنهن خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هو منهنجي لاءِ هن مهل تائين هڪڙو پراسرار خواب بڻيل آهي. اهڙو خواب، جيڪو ڪنهن به تعبير جو محتاج ناهي.

هو پنهنجو خواب به پاڻ هو ۽ تعبير به پاڻ هو!