; سنڌي شخصيتون: رسول ميمڻ

28 November, 2021

رسول ميمڻ

رسول ميمڻ

هڪ عظيم دانشور جو وڇوڙو!

ليکراج ميگھواڙ



هوُ جيڪو سوچ فِڪر علم ادب ۽ تنقيدي نِگاھه جو پيروڪار هو. هو جيڪو ننڊ ۽ آرام ۾ سائنسي فلسفي جي ذرڙن کي ميڙيندي جاچيندي پروڙيندي انهن نتيجن کي جڏھن ڪاغذ جي سيني تي ڪارن نيرن ۽ ساين اکرن سان لکي ڏسندو هو ته هُو وشال ڪائنات جي انهن پيچيده پيچرن تي هلڻ شروع ڪندو هو! هو اهڙي ئي تفڪر کي روحُ جي غذا ۽ حياتي جي بقاءَ جو گيان پيو سمجهندو هو ۽ ڳوليندو به هو. هو هميشه اهو چوندو هو ته “زندگيءَ جي حسن جو جوهرَ جستجو تڙپ ۽ جدوجهد ۾ ڦٽو ڪيل آھي!” اُھو شخص اُھو دانشور اُھو ماڻھو اڄ اسان کان جسماني طور جدا ٿيو آھي. جنهن لکيو هو ته؛

موت انڌو آهي، جيڪر اهو تنهنجو چهرو ڏسي ته زندگيءَ تي عاشق ٿي پئي. موت بي رحم بادشاھه آهي جنهن جي درٻار ۾ مھلت ڪنهن به ڪرسيءَ تي ويٺل نه آھي موت ٻوڙو سردار آهي جنھن تي آهُنِ جو ڪو اثر نه آهي، موت انڌو فقير آهي! جيڪو بنا تفريق سڀني جي در تي سَينَ هڻي ٿو.


رسول ميمڻ ايئن به لکيو هو ته؛ ”دنيا جا سڀ موضوع موت تي ختم ٿي، نئين زندگيءَ کي جنم ڏين ٿا.”

هن جنهن جاءِ جنهن ماڳ تي جنم ورتو هو. اھو ماڳ سنڌ جي فاتح ماڻھن جو هنڌ آھي. هن جنهن جڳھه تي پنهنجي شعوري ۽ فطري اکَ کولي هئي اُھا جاءِ سکر شهر هو، ۽ اُھي حسين لمحا جيڪي سنڌ کي هڪ يگاني ۽ فلسفي جي شڪل صورت ۾ ملڻ ويا پئي اُھو تاريخ جي پيٽ ۾ هضم ٿيل تاريخ هڪ جنوري ۱۹۵۶ع هئي.

هو اديب جيڪو هر پنڌ کي ۽ پيڙاءُ کي ارتقا چوندو هو. جنهن لاءِ امر جليل پڻ چيو هو ته “ٻاويهن سالن جو نوجوان رسول ميمڻ ان شهر جو آهي، جنهن شهر مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ کي جنم ڏنو آهي”.

رسول ميمڻ صاحب سان منهنجي ملاقات جو هڪ خيال هڪ اوسيئڙو هڪ تمنا هڪ خواهش هڪ اهڙو تصور بنجي وئي آھي، جيڪا هاڻي شايد منهنجي زندگي جي هڪ عظيم ڏُک مان تبديل ٿي چڪي آهي! هن سان ڪال تي ڪچهري ٿيندي هئي. هُو جيڪو بار بار اهو نصيحت ڪندو هو ته “يار ادب ۾ ارتقا ضروري ڇو ناهي؟” هو ايئن به چوندو هو ته “ڇا سنڌي ڪهاڻي وقت ۽ دور جي فِڪري پيچرن تي هلي نه ٿي سگهي!” هو اهڙو تخليقڪار جنهن سنڌي ڪهاڻي جي جديد مزاج تي گهڻو ڌيان ڇڪايو. هن جي اھا خواهش هن جي روح جي گھراين تائين پئي ڏنگ ڏيندي هئي ته“اسان وٽ ڪهاڻي جو مزاج تبديل ڇو نه ٿو ٿئي! هو جيڪو اهو چاهيندو هو ته سنڌي ڪهاڻي عالمي سطح جي فنپاري ۽ گهاڙيٽي ۾ پنهنجو ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي.”

مون ڪجهه ئي ڏينهن اڳ جڏھن ميسنيجر تي مئسيج ڪيو ته “سر ميرپورخاص ڪڏھن پيا اچو ۽ طبيعت اميد ته بهتر ٿي چڪي هوندي؟” هُن مونکي ٻه ڏينهن بعد ريپلائي ڪيو هو ته “يار طبيعت ۾ مزو ناهي، گذريل ٻن راتين کان آرام جي ديوي کي ويجهو اچڻ نه ڏنو آھي، هوءَ مون تي گهڻو ڏمريل آھي ۽ مونکي اڃان ڪجهه ڏينهن ۽ راتيون لڳنديون جو هن ديوي کي ويجهو اچڻ نه ڏيان شايد..!” مون رسول ميمڻ صاحب جا اهي مسينجر تي مونکي موٽ ۾ ڪيل مئسيج پڙھي سندس نمبر تي ڪال ڪئي، طبيعت پڇا ڪئي ته کلڻ لڳو ۽ وراڻيو ته يار ليک تون منهنجي ايتري فڪر نه ڪر مان موت کي مات ڏئي چڪو آھيان.

مون پنهنجا ڪم پورا ڪري ڇڏيا آھن. باقي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ميرپورخاص اچان پيو هن دفعي تو سان ضرور ڪچهري ڪبي. آئون سائين جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي خوش ٿيو هئس جو سائين سان ڪچهري ڪبي.پر مونکي اها خبر نه هئي هُو جيڪو قالو بلا جهڙو ناول نگار به ايئن اوچتو هليو ويندو.هُو جنهن جي مسڪراهٽ ۽ جنهن جي لفظن ۾ هڪ ڊگھي ڄمار جو جيئندان پسي سگهجيو پئي! هُو جنهن جي نوڙت ۽ آڌرڀاءُ ۾ سنڌو جي سينڌ جو سونهن سمايل هو. هُو جيڪو عظيم دانشور هوندي به هڪ عام ماڻھو سان عام ماڻھو  ٿي ڳالهائيندو هو ۽ گفتگو پئي ڪندو هو.

هُو چوندو هو ته ادب جو ڪارج زندگي جي هر شعبي کي پلصراط سمجهي زندگي گذارڻ آهي! جيڪو ماڻھو جهڙو ملي ان سان اهڙو بنجي ئي پيش اچجي، هر رنگ ۾ رڱجڻ ۽ هلڻ ئي ادب جو ڪارج آھي. باقي جيڪي ڪارج وهنوار گهڙيا ٺوڪيا ۽ پابندي سان رکيا ويا آھن، انهن ۾ ڪارج ۽ ان ۾ صداقت جو مادو ڪيترو آھي سو مون ڪڏھن ڏسڻ ۽ پسڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي!

هُو چوڏھين سالن جي عُمر ۾ جڏھن مير معصوم لائبريري سکر ۾ وڃڻ لڳو هو، اُھا ڄمار ٽالسٽاءِ پڙھڻ جي نه هئي، اُھا عمر گارشيا مارڪيز سمجهڻ جي نه هئي! هي ان عمر ۾ رشين ادب پڙھي ڪهاڻي لکڻ جي ابتدا ڪري ٿو. هي چوندو هو ته ٽالسٽاءِ صوفي منش فقير قسم جو ليکڪ آھي. هو اهو به چوندو هو ته لطيف جبل شاعر آھي هن جي اڳيان دنيا جي ٻي شاعري ڀيٽي نه ٿي سگهجي، هُو اِھو پڻ چوندو هو ته اياز صاحب سنڌي ۽ جديد شاعري جو موجد آھي.

هُن کان ڪير پڇندو هو ته سنڌي ڪهاڻي ۾ جنهن عالمي ادب جي ڪهاڻي کي فني طور ڪنهن ڇهيو ته هُو دل وڏي ڪري چوندو هو ته سنڌي ڪهاڻي ۾ ماڻڪ ۽ حليم بروهي جو ناول اوڙاھه تمام زبردست قسم جو ڪم آھي، پر هن ناول کي چاليھه سالن بعد پذيرائي ملي آھي! ۽ پوءِ هُو ڏکارو ٿي، خشڪ چپن سان چوندو هو ته اسين پنج هزار سال پراڻي قوم آھيون پر افسوس اسان جي ادب جي ڄمار فقط هڪ سئو سال ڇو آھي.؟

هي اھو شاعر هو جنهن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون گُل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هن نوَ لکا نوَن هائيڪو تي هڪ نئين صنف متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هُو جيڪو پنهنجي ذاتي زندگي نوڪري جي حوالي سان خانه بندوش رهيو! هُو جيڪو اڄ به فائونٽين مس واري قلم سان لکندو هو، هُو جيڪو ڏاهپ جي راھه جو متوالو هو.هو فلاسافر هوندي به زندگي جي معاملن ۾ انتهاپسند نه رهيو! هُو جنهن پنهنجي صندوق ۾ رکيل ڪتاب برساتي پاڻي سبب پُسيو وڃن ٿا پر افسوس نه ڪندو هو! چوندو هو مزو تڙپ ۾ آھي، اهڙو مزو حاصلات ۾ ڪونهي.

هو جيڪو باغي به هو ته سالم به هو. هُو جيڪو فطرت جي هر مظھرَ ۽ لقاءُ سان بي پناھه  پيار  ڪندو هو. هُو جيڪو مسلسل ارتقائي متحرڪ حالت ۾ رهندڙ هڪ اهڙو يگانو قلمڪار به هو ته مصروف تر رهندڙ خاموش ماڻھو به هو.هُو جنهن پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکڻ ٿي چاهي! پر وقت ايتري وٿي نه ڏني جو هو ڪم ڪري وڃي سگهي ها. هُن جو قلم ۽ سندس فائونٽين پينَ اڄ به لکڻ واري ٽيبل تي اداس آھن. ايئن غمگين آھن جيئن ڪنهن ڀڳل ٽاري تي ڪي يتيم پکيئڙا پنهنجي ماءُ جي اچڻ جو انتظار ڪندا هجن. هُو جيڪو اڄ اسان کان جسماني طور ويو هليو پر هي اسان جي روح ۽ فڪر کان ڪيئن ٿو جدا ٿي سگهي؟ هڪ فلاسافر هڪ عظيم دانشور جنهن جا فِڪري پنڌ پيڙائون ۽ ڀوڳنائون اسان جي علمي ادبي پرورش ڪنديون رهنديون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


رسول ميمڻ

امر پيرزادو

رسول ميمڻ جي وڇوڙي جي خبر مون کي ايئن ڇرڪايو, ايئن دل ۾ چڪ وڌو جيئن آصف فرخي جيئن حسن منصور جيئن راز ناٿن شاهي جيئن حسن درس جي وڇڙڻ تي دل کي چيڀٽ آئي هئي. ڪي اهڙا رشتا هوندا آھن جن سان اوهان جون ملاقاتون ڪڏھن ڪڏھن ٿينديون آھن پر انهن ملاقاتن سان دل جي سچائي جو اهڙو تاثر ٺھي ويندو آھي جنهن جي خبر , جنهن جي حيراني جي مهل انهن جي وڇوڙي تي ظاهر ٿيندي آھي. ڪو پيار جو پراڻو ڌاڳو ڇڄندو آھي ۽ دل اداسي ۾ ويڙھجي ويندي آھي. رسول ميمڻ سان به اهڙو ئي رشتو هو, پري جو رشتو پر دليون ڳنڍيندڙ رشتو. رسول ميمڻ سان پهرين ملاقات اياز جاني گلشن حديد سنگت ۾ ڪرائي جڏھن اياز جاني حديد سنگت طرفان علي حسن چانڊيو ۽ منهنجي شاعري تي پروگرام ڪيو هو جنهن جو عنوان هو ٻه شاعر چار نقاد. ان پروگرام جي صدارت رسول ميمڻ ڪئي هئي. رسول ميمڻ ٻنهي شاعرن تي گڏيل مقالو لکيو هو, اهو منهنجي شاعري تي لکيل پهريون مقالو هو. ان پروگرام ۾ بابا به هيو جنهن تقرير ۾ چيو هو اڄ مون کي ڪيترن ئي سالن کان پوء رسول ميمڻ سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آھي. بابا گهر اچي امان کي چيو اڄ امر تي پروگرام ٿيو هو سو رسول ميمڻ تنهنجي پٽ لاء چيو ته هن جي شاعري ايئن آھي ڄڻ مٽي مان پاڻمرادو گل ٽڙي پيو هجي. اها راء مون لاء اهم ان ڪري هئي ته رسول ميمڻ جي هئي ۽ ان ڪري به هئي جو بابا اها ورجائي رهيو هو. ان کان پوء رسول ميمڻ صاحب کي مان بابا جي هڪ ورسي جي پروگرام ۾ مقالي پڙھڻ ۽ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ لاء دعوت ڏني هئي ۽ هن اتي اچي هڪ شاندار مقالو ڪوهيڙي ۾ لڪل درد پڙھيو هو. هن جي اها عادت هوندي هئي ته ادبي پروگرامن ۾ تقرير نه ڪندو هو پر لکيل اسم پڙھندو هو جيڪو سدائين لاء محفوظ ٿي ويندو هو.  رسول ميمڻ سان پوء ادبي پروگرامن ۽ فيس بڪ تي ڳالهه ٻولهه هلندي رهي ۽ اها ڳالهه ٻولهه فيس بڪ جي هڪ ڇرڪائيندڙ خبر ختم ڪري ڇڏي جنهن جي لاء دل اڃا اداس آھي. هو هڪ ذھين ليکڪ ۽ مثبت سائنسي سوچ رکندڙ ترقي پسند اديب هو جيڪو پنهنجي لکڻين وانگي پنهنجي موت سان به حيران ڪري ويو.

 

(امر پيرزادو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


رسول ميمڻ

نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار سان ڪچهري-۱

امر اقبال

اوهان جو ننڍپڻ، اباڻو شهر، شروعاتي زندگي... انهيءَ باري ۾ ڄاڻڻ چاهينداسين...

مان سمجهان ٿو ته دوستن کي خبر هوندي ته منھنجو تعلق سکر سان آهي. سکر شھر سان.... سکر شھر ۾ ئي مون بنيادي تعليم حاصل ڪئي. هاءِ اسڪول جي تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي. ايم بي بي ايس مون لاڙڪاڻي مان ڪئي. ان کانپوءِ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي... پيٿالاجيءَ ۾....

لکڻ جي شروعات مون ڪئي ۱۹۶۹ع ۾. انھيءَ سالِ مون هِڪڙي ڪھاڻي لکي. اُها ڪھاڻي دوستن کي سُٺي به لڳي، پَر وري جڏهن ڪجهه ڏينھن کانپوءِ انھيءَ کي پڙهيم، ته مون کي اها ڪھاڻي نه وڻي. مون انھيءَ کي ڦاڙي ڊسٽ بن ۾ وجهي ڇڏيو. مون ڏاڍي اسٽڊي ڪئي پوءِ. منھنجو گهڻو جيڪو وقت گذرندو هُيو، اهو سکر جي مير معصوم شاهه لئبريريءَ ۾ گذرندو هيو. اسڪول مان ٿي، مان سِڌو لئبريريءَ ۾ هليو ويندو هيس. ان لئبريريءَ ۾ جيڪا ڪتابن جي سليڪشن هئي، اها تمام سٺي سليڪشن هئي. سائين غلام مُرتضيٰ شاهه لئبريريءَ جو انچارج هوندو هيو، جنھن اسان کي ٻُڌايو ته، هِنَ لئبريريءَ لاءِ ڪتابن جي سليڪشن شيخ اياز صاحب پاڻ ڪئي آهي. اُتي جيڪو ڪجهه مون پڙهيو، ان پڙهڻ مون کي ايڏو متاثر ڪيو، جو اُنَ مون کي هِڪڙي راهَه ڏني. ڇاهي جو، ڏسو نه..... چوڏهن سالن جي عُمر هِڪَ اهڙي عمر آ، جيئن تَپيل لوهُه هجي.... ڌَڪُ هڻوس ته جاڏي چاهيو، اوڏهين مُڙي پوي... ۱۹۶۹ع ۾ مان هُيم چوڏهن سالن جو.... ٽالسٽاءِ کي مُون اُتي پڙهيو، مئڪسم گورڪيءَ کي پڙهيو.... ڇو جو رَشين لٽريچر انھن ڏينھن ۾ ڏاڍو عام هوندو هيو. ڪتابَ مارڪيٽ ۾ ملندا هئا. هر هنڌ اهو لٽريچر مُھيا هوندو هيو...

انهن ڏينهن ۾ گھڻو رشين لٽريچر اردوءَ  جي معرفت سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿيو...

گهڻو ڪري اُهو ادب اردوءَ ۾ هوندو هيو. سوويت يونين جي سپورٽ هوندي هئي اُنَ کي. سفارت خانو هوندو هُيو، انھيءَ ۾ ادب جا سيڪشن هوندا هئا. سنڌي سيڪشن به انھيءَ ۾ هُيو، ڪجهه عرصو.... ايڏا زبردست ۽ سستا ڪتابَ انھن ڏنا، جو اسان جي نوجوانَ کي هَڻِي، هِڪڙي راهَه تي موڙي وڌئون. هڪڙي پُوري ٽھيءَ انھن ڪتابن مان پنھنجي راهه ٺاهي.... ٽالسٽاءِ مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هُو فقير.... صوفي طبيعت جو هڪڙو اديب آ.... ان جي هڪڙي ڪھاڻي مون پڙهي. منھنجي دماغ ۾ اهڙي ويھجي وئي، جو مان لئبريريءَ کان هليم ته گهر پھچڻ تائين، ڄڻ ته مدهوش لڳو پيو هيس... پوءِ مون جيڪا شروعات ڪئي لکڻ جي، اُنَ ۾ مون جيڪي ڪھاڻيون لکيون، اهي Descriptive. ... وضاحتي.... بيانيه قسم جي Formation ۾ هيون. اهي ڪھاڻيون “امن جي نالي” ڪتاب ۾ آهن، جيڪو ۱۹۷۶ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتابَ کي، اُنَ وقت، ماڻھن ڏاڍو appreciate به ڪيو. پَر پوءِ وري مون جڏهن، ٻيو به عالمي ادب پڙهيو، خاص ڪري سائوٿ آمريڪن لٽريچر، ته مون چيو، ته ادب ته آهي ئي ٻي شيءِ..... ۽ ادب جو اهو به فارميٽ آهي. جيڪا عالمي Criticism آ، انھيءَ ۾ انھيءَ Descriptive ادب جي گنجائش ناهي....

پاڻ وٽ جيڪي ڪهاڻيون، نظرين جي لهر ۾ لکيون ويون، اهي ته وقت جي وهڪري ۾ لُڙهي ويون...

هن وقت به اسان انھيءَ Stream مان نڪري ناهيون سگهيا. جيڪڏهن حوالا (References) ڪٿي آهن، ته اُهي انھن ڪھاڻين جا آهن. جيڪا جديديت آ، ماڊرنزم آ، پوسٽ ماڊرنزم آ ۽ ان سان لاڳاپيل جيڪي جُزا (Ingredients) آهن، اُهي انھن ڪھاڻين ۾ اسان کي نظر نه ٿا اچن. سواءِ هِڪَ ٻن اديبن جي، جن کي ان وقت قبول ئي ڪو نه ڪيو ويو....

 نالا کڻڻ چاهيندؤ انهن جا...

مان توهان کي ٻُڌايان.... ماڻڪ جيئن هُيو. هُنَ وٽ اهي سَڀُ Factors هُيا. پَر اُنَ کي ايڏي اهميت نه ڏني وئي. مان توهان کي ٻڌايان... حليم بروهيءَ جو ناول “اوڙاهه” ۱۹۷۵ع ۾ مون پڙهيو. مون چيو، هِنَ وٽ ته زبردست فارميٽ آ.... “اوڙاهه” جو پنجويھه ٽيھه سال ڪٿي ذڪر ئي ڪو نه هيو. هاڻي وڃي Realization ٿي آ، ته يار! هي به ته ناول آهي... هي به ته زبردست قسم جو ناول آ.... حليم بروهيءَ کي ان وقت، اهو مقام، ڪنھن نه ڏنو... ڇو جو، اسان وَٽِ، جيڪڏهن شاعريءَ ۾، جيڪڏهن ڪھاڻيءَ ۾، جيڪڏهن ناول ۾، جذباتي طريقي سان، قومپرستي موجود نه هوندي هئي، ته انھيءَ ادب کي Condemn ڪيو ويندو هيو. اسان جا Semi Socialist دانشور، جيڪي ان وقت هيا، جيڪي چوندا هيا ته، اسان جي ڪميونزم تي هڪڙي گرفت آ، سچُ ٻڌايانوَ ته، انھن کي ڪميونزم ۽ سوشلزم جي خبر ئي ڪو نه هئي. صرف ڪجهه سطحي مضمونَ پڙهي، قومَ کي وٺي وڃڻ پئي چاهيئون، ان راهَه ڏي، جنھن راهَه جي کين صحيح خبر ئي ڪو نه هئي ته، اسان هنن کي ڪاڏي ٿا پيا وٺي وڃئون؟!.... حقيقت اِها آهي.... سو اُهي پنھنجن جلسن ۾ اديبن تي تنقيد ڪندا هئا، “يار! هُو ڦلاڻو اديب ته ڏس، ناول لکيو ٿئين؟! انھيءَ ناول کي مان چُلھي جي باهه ۾ وجهي ساڙي ڇڏيان”.... جيڪڏهن ڪو اديب هَٽندو هُيو، انھيءَ Track کان، ته ائين چيو ويندو هيو. جيڪا هڪ وڏي ٽريجڊي هئي. اسان جي پُوري ٽھي انھيءَ ۾ Involve ٿي نظر اچي ۽ انھيءَ ۾ اسان جا وڏا ڪريئيٽيو رائيٽر به موجود آهن. سنڌ ۾، اسان جو ادب انھيءَ Track تي هليو آ. افسوس جھڙي ڳالهه آهي ته، جتي دُنيا ۾، شاهه لطيف جي ڏينھن ۾ روس ۾ گوگول  ٿو پيدا ٿئي ۽ اهو “Dead Soul” ٿو لکي، اهو توهان پڙهي ته ڏِسو...... گهڻا سئو سالَ ؟!...چار سئو سال پھريون..... ان جو ناول پڙهي ته ڏسو. اُنَ دؤرَ جا ناوِلَ ته پڙهي ڏسو. سوشلزم جو ڪو تصور ئي نه آيو هو ان وقت ۾.... انھن ۾ جيڪي ماڊرن ادبَ جا Ingredients آهن، اهي نظر ٿا اچن، چار سؤ سالَ پھريون به. ... اسان جي ناوِلَ، اسان جي ڪھاڻيءَ جي عمر گهڻي آ؟!.... هڪ سؤ سال. ... ۲۰۰۷ع ۾، منھنجي خيالَ ۾ هڪ سؤ سالَ پورا ٿيا، شارٽ اسٽوريءَ کي.... ناول ته ڪلھه جي ڳالهه آ.

ورهاڱي کان ٿورواڳ ۾. ..

ورهاڱي کان ٿورو اڳ ۾ جي ڳالھه آ.... پَر اهي ناولَ وري اهڙا لکيا ويا.....

بيانيه اندازَ ۾. ..

سٺو بيانيه انداز هيو. هلو ٺيڪ آ، هِڪڙو بُنياد انھن رکيو. اها تمام سُٺي ڳالھه آ. پَر اسان پنج هزار سالَ پُراڻي قومَ آهيون. وري سوچيون ٿا ته اسان جي ناوَلَ، اسان جي ڪھاڻيءَ جي عُمر صرف هڪ سؤ سالَ..... عجيب ٿو پيو لڳي ڏاڍو. ايڏا ڏينھنَ، هي جيڪو دؤر هليو، دنيا ۾ سڀ ڪجهه لکيو پئي ويو، دُنيا پڙهي رهي هئي، ته اسان ڪاٿي هياسي؟ ڏاڍي اِها افسوس جي ڳالھه آ. پَر هاڻي، ڪجهه نوجوان اهڙا آهن، جن انھيءَ Track کي تبديل ڪيو آ. هاڻي هِڪڙو نئون Trend شروع ٿيو آ ۽ اهو نئون Trend اسان جي لاءِ تمام گهڻو ضرور آهي، ڇو جو جيستائين اسان جو ادب، جيڪو Modern Criticism تي پورو اچي، اهو نه لکيو ويندو، تيستائين اسان دنيا ۾ Introduce ٿي نه ٿا سگهئون.

اوهان پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ بيانيه انداز کان اڳتي ايندي علامت نگاري، سرريئلزم، يا ميجيڪل ريئلزم واري انداز ۾ لکندي، ڪهڙن عالمي ڪهاڻيڪارن مان Inspiration ورتي؟

علامت نگاري، سحرانگيز حقيقت نگاري، ميجيڪل ريئلزم..... انھيءَ جي تاريخ تمام پُراڻي آهي. حضرت عيسيٰ کان به پھريان جي آ. جڏهن ميٿالاجي آ. جڏهن يونان جون ڏند ڪٿائون آهن. ڏند ڪٿائن کان شروعات ٿي ٿئي. هر شيءِ.... اسان جو عقيدو، يونانين جو عقيدو، رومين جو عقيدو.... انھن جو بنيادُ ڏند ڪٿائي آهي..... ۽ ميجيڪل ريئلزم به اتان ئي ٿي شروع ٿئي ۽ جيڪا هلندي اچي مون کي سائوٿ آمريڪن ليکڪن جي لکڻين ۾ نظر آئي. انھن جي ناولن ۾ نظر آئي. انھيءَ جو وڏي ۾ وڏو ريفرنس اَٿَوَ گارشيا مارڪئيز. گارشيا مارڪئيز کي مون پڙهيو ۽ ٻه ٽي ٻيا به ليکڪ آهن. انھيءَ کانپوءِ اسان وٽ ڪافڪا آهي. مون ڪاميو کي پڙهيو. ڪاميو کانپوءِ جيمس جوائس آ.... اِهي جيڪي يورپين رائيٽر آهن، انھن وٽ به هڪڙو منفرد انداز هيو. جن ادب کي هڪڙو نئون Track ڏنو، وجوديت جي صورت ۾. وجوديت کي ڳولي لڌائون ۽ جيڪو بيانه طريقو هيو، هلندو پئي آيو، انھيءَ کي هنن هڪڙو نئون موڙ ڏنو ۽ وري سائوٿ آمريڪن لٽريچر جيڪو اُتي پروڊيوس ٿيو، اتان جي اديبن اُن ۾ اهڙي ته ميجيڪل ريئلزم ۽ هڪڙو سحر وجهي ڇڏيو، جو پڙهندڙ صفا گرفتار ٿي ويو ان ۾.

توهان جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ جيڪو جادو سمايل آهي، ان جي تخليق وقت توهان جي پنهنجي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟

هڪڙو انگريزيءَ  ٽَرم آهي “Dispersonification”. ...

پنهنجي جسمَ کي وساري ڇڏڻ...

پنھنجي جسم مان نڪري، پرواز ڪرڻ. اها ڏات آ. اها ڏات ماڻهوءَ ۾ يا ته Genetically موجود آ، ان جي جِين ۾ آ.... يا وري، ڪجهه سائوٿ آمريڪن ليکڪ Dispersonification جي اسٽيٽ ۾ وڃڻ جي لاءِ Drugs استعمال ڪندا هئا. اهي لکڻ کان پھريان اهڙا Drugs وٺندا هئا، جو پنھنجي جسم مان نڪري اڏام ڪندا هئا ۽ پوءِ وري جڏهن واپس موٽندا هئا پنھنجي اوريجنل اسٽيٽ ۾، ته حيران ٿي ويندا هئا، ته يار! اِهو ته منھنجو لکيل ئي ڪونھي ڪو.... هڪڙي اهڙي اسٽيٽ به آهي، عدم دنيا جي اسٽيٽ آهي. پوءِ جيڪو اُها ماڻي سگهي. مون جڏهن ناول “قالو بلا” لکيو، ته ان وقت مون سان اها اسٽيٽ هئي. مان توهان کي ٻُڌايان ته مان ننڍڙو هوندو هيس، پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هيس، ته انھن ڏينھن ۾ سکر جھڙي شھر ۾ به لائيٽ نه هوندي هئي. بجلي نه هوندي هئي. اسان گاسليٽ واريون هٿ بَتيون ٻاري رکندا هئاسي جارن ۾. انڌيريون ڪوٺيون هونديون هيون، جن ۾ سڀ سمھندا هئاسي. ڀتين تي پاڇا ٺھندا هئا..... سو، منھنجي ماءُ ڪھاڻيون ٻُڌائيندي هئي. مان ڏسندو هيس ته هوءَ جن ڪردارن کي Describe ڪندي هئي، مان انھن ڪردارن ۾ شامل ٿيندو ويندو هيس. مان ڏٺو ته، مان انھن ڪردارن سان گڏ گهمي رهيو هيس. مون ۾ ڪا طاقت هئي ان وقت به، جو انھن ڪردارن ۾ شامل پئي ٿيندو ويس. منھنجي امڙ ۽ منھنجي ڏاڏي جو ڀاءُ زوار احمد، ڳوٺان ايندو هُيو، اهو به اسان کي ڪھاڻيون ٻڌائيندو هُيو.

جنهن کي توهان پنهنجو هڪ ڪتابُ به ارپيو آهي...

ها، بلڪل.... انھن ڏينھن ۾ نه ٽي وي هوندي هئي ۽ نه ڪي ٻيون سھولتون. اسان جي لاءِ Entertainment اها هوندي هئي ته رات جو سمھڻ کان پھريان هڪڙي ڪھاڻي ٻُڌڻي آ. زوار ٻِيڙيون ڏاڍيون پئيندو هو. هُو ذاڪِرُ هوندو هُيو. سُوٽو هڻي سگريٽ جو دونھون جو ڇڏيندو هيو، ته ان جي دونھين ۾ به شڪليون ٺھنديون وينديون هيون. ديوَ، پريون، اپسرائون، اسان کي نظر اينديون هُيون، ڄڻ اسان جي سامھون اڏامن ٿيون. (کلندي).

اوهان جي گهرَ جي ڏاڪڻ  جي هُريءَ ۾ جيڪا صندوق رکيل هوندي هئي، جنهن ۾ اوهان لِکي، رکندا  ويندا هيئو. اُها صندوق اڃان آهي؟

(ٿڌو ساهُه ايندي) صندوق اها گم ٿي وئي. زندگيءَ ۾ مان.... خانه بدوش جنھن کي چئجي، صفا ائين رهيو آهيان....

پنهنجين نوڪريُن جي حوالي سان؟!

نوڪريءَ جي حوالي سان مان سنڌ حڪومت ۾ رهيس. سڄي زندگيءَ، ڪڏهن لاڙڪاڻو، ڪڏهن سکر، ڪڏهن شڪارپور، ڪڏهن سائين! ڪراچيءَ، وري هيڏي ٿرپارڪر واري پاسي ڏي..... سو، ٽين ۽ ڊَٻا پاڻ سان گڏ هوندا هيا.... پوءِ جڏهن مان شفٽ ٿيندو هيم نه، ته مون کان گهڻيون شيون رهجي وينديون هيون. منھنجا ڪتاب گم ٿي ويندا هيا. صندوق، جيڪا اوهان ياد ڏياري، هڪ دفعي مينھن وسيو ته پاڻي اندر هليو ويو. منھنجو شاعريءَ جو پُورو هڪڙو ڪتابُ هيو.... مان لکندو آهيان فائونٽين پين سان، مَسُ واري پين سان..... بال پين مان هاڻي به استعمال نه ڪندو آهيان..... اهو سڄو ڪتابُ، وڃي جو ڏسان ته Washout ٿي ويو آ.... سو، اها صندوق بلڪل هوندي هئي، جنھن ۾ مان پنھنجو سمورو Material رکندو هيس. اها صندوق الاهي پُراڻي هئي، اسان جي ڪا خانداني صندوق هئي. اسان جو گهر هوندو هُيو، سکر جي گلستان گهٽيءَ  ۾. وڏو گهر هوندو هيو. ڪچو گهر هُيو، پر هُيو ٻَه ٽي ماڙ.... مٿي به ٺھيل هوندو هيو. مٿي رڳو اوندهه ئي اوندهه هوندي هئي. ڪوٺي ڪوٺيءَ ۾.... صندوق به اوندهه ۾ پئي هوندي هئي. مان وڃي اُها صندوق کولي ويھندو هيس. ان ۾ وڌڙن جا ڪي ڪتابَ ۽ رسالا به پيل هوندا هئا. اهي به کولي ويھي پڙهندو هيس ۽ پوءِ ان ۾ پنھنجون ڪھاڻيون، ڪجهه تخليقون به رکندو ويندو هيس.....


رسول ميمڻ

(الوداع سائين)

رحمت سومرو

ھو جيڪو پنھنجي سڀاءَ ۾ ڪنھن فلسفي وانگر لڳندو ھو، ھٺ، وڏائي کان ڪوھين ڏور، شانتي ۽ اطمينان جو مجسمو. پنھنجي ڪھاڻين ۽ لفظن جي سلطنت ۾ فقيراڻو مزاج رکندڙ بادشاھه وانگر. سندس آخري لکڻي، جيڪا فيس بڪ تي لکيل آھي، ان ۾ ھن “درگذر” جي دوا جو لکيو ۽ ٽئين ڏينھن تي پاڻ اچانڪ ھن دنيا جو در ٽپي اھڙي دنيا لاءِ ھتان گذري ويو جتان واپسي ممڪن ناھي. سندس ناول “قالو بلا” ۾ ھڪڙو مک ڪردار وارث پنھنجي ساٿياڻيءَ عرشنا جي زندگي واپس ورائڻ لاءِ انيڪ ديوتائن ۽ خدائن جا در کڙڪائيندو آھي. پر رسول صاحب ايئن اوچتو ھليو ويو جو کيس پنھنجي زندگي گھرڻ لاءِ ڪا اھڙي التجا ڪرڻ جي مھلت به نه ملي سگھي. نه ته ھو پنھنجي اڌوري لکڻين کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ضرور ھڪ دفعو خدا کان ڪجھه گھڙيون حياتي جي اجازت وٺي ھا.

پر ھن پاڻ ئي لکيو ھو ته؛ “موت انڌو فقير آھي، جيڪو بنا تفريق جي سڀني جي در تي سَينَ ھڻي ٿو”

ھو پيٿالاجسٽ ھو، جراثيمن جي دنيا کي خوردبيني وسيلي ڏسندو ھو، ايئن ئي سندس لکڻيون به ھڪڙي خوردبيني وانگر ھيون/ آھن، جن وسيلي سماج جا لڪل پاسا ڏسي سگھجن ٿا.

آئون سوچيان ٿو ھي نومبر مھينو ويندي ويندي سنڌي ادب لاءِ ڪيڏو نه نقصانڪار ثابت ٿيو آھي.! ڪجھه ڏينھن پھريان سائين شوڪت شورو گذاري ويو ۽ چوويھه نومبر تي سائين رسول ميمڻ اوچتو وڇڙي ويو. رسول ميمڻ؛ جنھن جي جڏھن به ڪا تحرير پڙھبي ھئي ته ھڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي، ھو انيڪ اسرارن سان ڀريل ليکڪ ھو، جنھن جي لفظ لفظ ۾ جادو ھو. ھن جي ڪھاڻين ۾ ھر سٽ اندر نئين دنيا ھئي، سندس ھر جملي ۾ حيرتن جو نئون جھان ھو. ھو پنھنجي طبعيت ۽ شخصيت ۾ جيترو نرم مزاج ھو، سندس لکڻيون ايتريون ئي تُزُ ۽ تيز ھيون. ھن ھڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کان سواءِ فقط لکيو ۽ پنھنجي لفظ لفظ کي پڙھندڙن تائين آڻڻ چاھيو ان ڪري ھن پنھنجن لکڻين جا ڪيترائي ڊجيٽل ايڊيشنز به آندا جيڪي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي محفوظ آھن.

ڪراچيءَ ۾ سندس سعدي ٽائون واري گھر ۾ ساڻس ٽي چار ڀيرا ملاقات ٿي، گھر جي گھنٽي وڄائيندا ھئاسين ته در جي اندران ئي “راڪو” (سندس ڪتو) پري کان ئي ڀونڪندو ھو، رسول صاحب ان کي ھڪل ڪري خاموش ڪرائي در کولي، پنھنجي لازوال مرڪ سان آڌرڀاءُ ڪندو ھو. گذريل سال وبا جي ڏينھن ۾ آئون، رحمت پيرزادو ۽ احمد شاڪر ساڻس ملياسين، وبا ۾ لکيل سندس نئون ناول، (شايد آخري) “ڪتا” کائنس وٺڻو ھو، گھنٽي وڄائيسين ته سائينءَ در کوليو پر ھن دفعي “راڪو” جو ڪو آواز نه آيو.

پوءِ ٻڌايائين ته مون جيڪو ناول لکيو آھي “ڪتا”، جيئن لکي پورو ڪيم ته “راڪو” ٻئي ڏينھن تي گذاري ويو. سندس چھري تي ان جي موت سبب اداسي ھئي، پوءِ ھو آھستي آھستي ٻين موضوعن تي آيو. ھو نج فڪشن ۽ فلسفي جو ماڻھو ھو، ھن جي لکيل ھر ننڍي کان ننڍي لکڻيءَ ۾ به سندس گھرو مطالعو ليئا پائيندي نظر ايندو ھو. (سندس اھو ناول “ڪتا”، ٽي چونڊ ڪھاڻيون ۽ لڳ ڀڳ پندرنھن نثري نظم ابابيل جي خاص شماري ۾ شايع ٿيا). رسول صاحب سان جيڪي ملاقاتون ٿيون، انھن ۾ ھن پنھنجي ڪھاڻين جا پس منظر به ٻڌايا، ھن ٻڌايو ته سندس ڪھاڻي “گٽر تي ويٺل ڀگوان” ھن موسميات وٽان گذرندي گٽر اڳيان پيل پٿر کي ڏسي لکي ھئي، اھو پٿر ھر ايندڙ ويندڙ کي آگاھه ڪندو ھو ته “خيال سان گذرو”. “اک ڇنڀ” ناول جو پلاٽ کيس ڪياماڙي ۾ ڪنھن پراڻي ظاھر ٿيل پُل منجھان مليو. کيس لاطيني آمريڪا جا ليکڪ ڏاڍا پسند ھئا، جن ۾ ڪارلوس فيونتيز، گارشيا مارڪيئز، ماريو ورگاس لوسا شامل ھئا. فيس بڪ تي سندس فلسفياڻن گفتن کي وڏو ساراھيو ويندو ھو.

فلسفي جي موضوع تي سندس آيل ڪتاب “الف کان اڳ” بابت ھن ھڪڙي ڪچھري ۾ ٻڌايو ته ھن ان ۾ لڳ ڀڳ پنجاھه سنڌي نوان لفظ ٺاھيا آھن. ان کان سواءِ سندس ڪتاب پليسبو، نوسيبو سميت ڪيترائي فلسفي جي موضوع تي مضمون شايع ٿيا. ھو ميڊيڪل سائنس جو ماڻھو ھو، ان ڪري ادب ۾ رسول ميمڻ پنھنجين ڪھاڻين ۾ ميڊيڪل جي ڪجھه بيمارين کي پڻ ڪھاڻين جي شڪل ڏني. جينياتي بيمارين کي فڪشنائيز ڪيو. سندس آخري ڪتاب سينڊروم نفسياتي ڪھاڻين تي آڌاريل آھي. جن ۾ ھن نفسياتي مسئلن کي ڪھاڻين جي شڪل ڏني. ھو صحيح معنيٰ ۾ جديد ليکڪ ھو، جنھن پنھنجو الڳ رستو وٺي پڙھندڙن جو ھڪڙو وسيع حلقو پيدا ڪيو. سندس لکيل ناولن “نجومي”، “اوڻويھه عورتون“،“اسٽيل جا پنج گلاس”، “قالو بلا”،“ اک ڇنڀ” ۽ “ڪتا” سنڌي ناول جي تاريخ کي ھڪڙو نئون موڙ ڏنو.

پنھنجي آخري ڪھاڻين جي ڪتاب “سينڊروم” ۾ لکي ويو آھي ته:

”تصوير ھڪجھڙي رھي ٿي، حقيقت ھڪجھڙي نه ٿي رھي سگھي، ماڻھو حقيقت آھي، انڪري اڄ آھي سڀاڻي نه آھي.”

ھو ڪالھه ھيو، اڄ نه آھي، پر سڀاڻي ۽ ايندڙ وقت ۾ پنھنجي طاقتور نثر سبب وڏي شانَ ۽ مانَ سان سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.

الوداع رسول سائين.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



رسـول ميـمـڻ

تعارف

نـاميـاري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو پـورو نالـو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هن ۱ جنوري ۱۹۵۶ع تي سکر ۾ جنم ورتو. سندس پرائمريءَ کان ڪاليج تائين جي تعليم سکر شهر ۾ ئي ٿي. هن مئٽرڪ جو امتحان ۱۹۶۹ع ۾ پاس ڪيو. ۱۹۷۸ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، ۱۹۸۱ع ۾ شڪارپور جي مشهور راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۳ع تائين سکر سول اسپتال ۾ ساڳئي عهدي تي رهيو. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۰ع تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو. ۱۹۹۱ع ۾ لاهور مان ’ڊپلوما ان ڪلينيڪل پيٿالاجي ڪيائين، ۱۹۹۲ع ۾ موٽي اچي سول اسپتال سکر ۾ پيٿالاجسٽ ٿيو. ۱۹۹۸ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ GPMS ڪراچيءَ ۾ ’هسٽوپيٿالاجي‘ (Histopathology) ۾ ايم. فل لاءِ داخل ٿيو ۽ ۲۰۰۰ع ۾ هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم. فل ڪيائين. ۲۰۰۰ع کان آخر تائين ڪياماڙي اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ رهيو.

رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ سـان شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پهريون شعر ۱۹۷۶ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشهور اديب رزاق مهر شايع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪهاڻي ’مارو پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ۾ ڇپي. رسول ميمڻ، ڪهاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽهيءَ جي نمائنده ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هن وقت تائين ســندس هي ڪــتاب ذڪر لائق آهن:

’امن جي نالي‘ (۱۹۷۷ع)

’ڪـافـر ديــوتا‘ (۱۹۷۹ع)

’چـچـريل زندگين جا قافلا‘ (۱۹۸۱ع)

’ابابيل جي اڏام‘ (علامتي ڪهاڻيون: ۱۹۹۳ع)

’فونو‘ (۲۰۱۰ع)

اُوشا جي آشا‘ (۱۹۷۹ع)

ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن‘ (۱۹۸۸ع)

عشقَ جو آسيب

حليمان

سونو ڏند

اوڻويههَ عورتون

قالوبلا

نجومي

ساڌٻيلي جا گيت

ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

وطن، پرين ۽ موت

روشنيءَ جو مينار

اوجاڳي جا خواب!

الف کان اڳ

اک ڇنڀ

عجيب وارتائون

پليسبو [سائنسي فلسفو]

نوسيبو

وقت جو بادشاهه

گارشيا گذاري ويو

کُليل دَري

محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

سنڌي ٻوليءَ جو ھيءُ ناميارو ڪهاڻيڪار ۲۴ نومبر ۲۰۲۱ع تي ميرپورخاص ۾ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا تان کنيل)


رسول ميمڻ

پنھنجي ڏات ۾ حيات رهندو

منير چانڊيو

گذريل ڪجهه ڏينھن کان ڄڻ ان ڳالھ جو يقين ئي نه ٿو اچي، ته سائين رسول ميمڻ صاحب جسماني طور تي هاڻي اسانجي وچ ۾ نه رهيو آھي. مان هن جي وفات جون خبرون ٻڌان به ٿو، سوشل ميڊيا تي ڏسان به ٿو پر تنھن هوندي به ايئن ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ اهو سکر جو ڪو ٻيو غلام رسول ميمڻ هوندو، جيڪو ڊاڪٽر به هو، پيٿالاجسٽ به هو، ته ميڊيڪل جي شاگردن جو استاد به هو، پر اسان وارو سنڌي ادب جو ليجنڊ رسول ميمڻ نه هوندو، جنھن سنڌي ادب ۽ ٻوليء کي شاعريء، ڪهاڻيء، ناول، مضمون، فلسفي ۽ ترجمن جا املھ ڪتاب ڏنا، جنهن کي مسلسل لکڻو هيو ۽ ٻيا به ڪيترائي خوبصورت ۽ شاهڪار ناول ڏيڻا هئا. هن ڪيتري ته سادگيء سان چيو هو: ´´مون شاعري انڪري ڪئي جو مونکي لفظن جو ذخيرو گڏ ڪري ڪهاڻي لکڻي هئي ۽ مون ڪهاڻي لکڻ جي پرئڪٽس انڪري ڪئي جو مونکي ناول لکڻا هئا.`` ۽ هن ”اوڻويھ عورتون“ کان ويندي ”قالو بلا“، ”نجومي“، ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ”اک ڇنب“ ۽ ”ڪتا“ تائين هڪ کان هڪ خوبصورت ناول تخليق ڪيا. مونکي ان ڳالھ تي سدائين خوشي ۽ فخر رهندو ته هڪ ناول نويس طور به ۽ ڄڻ ته هڪ ننڍي ڀاء طور به هن مونکي تمام گهڻو ڀانئيو، پيار ڪيو ۽ پنهنجي گهر جو ڀاتي سمجهيو.

سال ۲۰۱۳ع جي هڪ آچر ڏينھن، مان ۽ منهنجو دوست رحمت پيرزادو سندس گهر ۾ ويٺا هجون. اسان گڏجي مانيون کاڌيون، چانھيون پيتيون ۽ خوب ڪچھريون ڪيون. اتي هڪ خوشگوار موڊ ۾ مون کانئس پڇيو: ”سائين! اوهان ڊاڪٽر به آھيو ته پيٿالاجسٽ به، مونکي اهو ٻڌايو ته، ”جڏهن به مان ڪنھن اهڙي ماڻھوء جي ڀرسان هجان، جنھن کي زڪام هجي، ته مان به جلدي زڪام ۾ وٺجي ويندو آھيان، پر جڏهن منهنجي محبوبه کي زڪام ٿيندو آھي ۽ مان هن جي نڪ سان نڪ ملائي هن جي چپن تي ڪس ڪندو آھيان، ته به مونکي ڪجهه به نه ٿيندو آھي. ايئن ڇو آھي.؟“ ته هو جنھن کي مون عام طور تي وڏا ٽھڪ ڏئي کلندي گهٽ ڏٺو هو، وڏا ٽھڪ کلي پيو ۽ کلندي چيائين: ”يار مونکي تنھنجون ڳالھيون گارشيا مارڪيز جي ڪردارن جھڙيون لڳنديون اٿئي! هاڻي به تو هن جي ڪردار جھڙي ڳالھ ڪئي آھي. هن کي جڏهن سندس محبوبا ڇڏي وڃي رهي هوندي آھي، ته هو چوندو آھي. مونکي هاڻي ڪالرا ٿي ويندي، ڇو ته تون مونکي ڇڏي وڃي رهي آھين.“

هڪڙي ڀيري هو مون وٽ ڄامشوري آيو. مان کيس سنڌو درياھ تي وٺي ويس، اسان وڃي المنظر ريسٽورنٽ جي فرسٽ فلور تي ويٺاسين. مختلف ڳالھيون ٿيون، مون کيس چيو: ته ”اوهانجو ناول ”نجومي“ مونکي سنڌي ٻوليء جو واحد ناول لڳي ٿو، جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو مسئلو بيان ٿيل آھي، ته ان جو ڪلائيميڪس ۾ حل به ڏنل آھي.“ هن  مون واري ڳالھ تي سوچيندي چيو ته ”هان! ھوندو پر يار مان ان تي سوچيو نه اٿمانء..“ ”شايد اوهان ڊاڪٽر انڪري..“ هو مرڪيو ته مون پنهنجي ڳالھ کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو نه وڃايو. ”جڏهن ڪو به مريض اچي اوهانکي پنهنجي مرض جي باري ۾ ٻڌائيندو آھي، ته اوهان ان مرض جي حساب سان ڪا نه ڪا دوا تجويز ڪندا آھيو..“ ”ھا ايئن هوندو آھي.“ ”ناول ۾ نجومي وٽ جيڪي فرد اچن ٿا ۽ پنهنجا مسئلا کيس ٻڌائن ٿا هو کين آخر ۾  کين انھن جو ڪو نه ڪو حل ضر۔ ڏسندي، پنهنجي هڪ اڻ لکيل ناول جو موضوع ٿو ڊسڪس ڪري. مان ان ناول جو موضوع ٻڌي ان جي تعريف ٿو ڪيان ۽ اهو ناول پوء ”اک ڇنڀ“ جي نالي سان شايع ٿو ٿئي. هن جڏهن ”ڪتا“ ناول لکي پورو ڪيو ته انتھائي حيرت ۽ افسوس مان مونکي فون ڪندي چيائين: اڙي يار منير! ”راڪو“ (سندن پاليل ڪتو) مري ويو.مان سندس سعدي ٽائون ڪراچي واي گهر ڪيترائي ڀيرا ويو هوس. اتي مون ”راڪو“ ڏٺو هو، جيڪو عام ڪتن جي ڀيٽ خاصو صحتمند هو.هن پنهنجي ناول ڪتا ۾ لکيو آھي ته ”ڪتا ماڻھوء جو اثر قبول انسانيت سکن ٿا ۽ نتيجي ۾ ساڻس ساٿ نڀائين ۽ وفاداري ڪن ٿا.“ مون سندس ان ڳالھ تي سوچيو ته مونکي سندس تجربو ۽ مشاهدو ڪمال جو لڳو. اسانجو ڪتن سان ورتاء ٺيڪ نه آھي، نتيجي طور تي اهو پنهنجي پاڻ مان وحشت ڪڍي نه سگهيو آھي، جڏهن ته سڌريل سماجن ۾ ڪتو ماڻھوء جي گهر جو ڀاتي هوندو آھي. ”راڪو“ سائين رسول ميمڻ جو گهر ڀاتي هو. ان جي موت جو کيس صدمو رسيو پر هن کي حيرت اها ھئي ته ان جو تڏهن ٿيو، جڏهن هن ناول ”ڪتا“ لکي پورو ڪيو. هڪڙي ڀيري مون کائنس هڪ ڪهاڻي جو پس منظر پڇيو. ڪهاڻيء جو نالو ”عبدالله افغانيء جون ٻڪريون هيون“ ھن ان جو پس منظر ٻڌائيندي چيو ته ”يار هي اسانجي سوسائٽي جي پريان افغان ڪئمپ آھي، اتان هڪ ڪراڙي افغاني جون ٻڪريون هيڏانھن اينديون هيون، جيڪي ماڻھن جي بنگلن جي ٻاهران لڳل گل ۽ ٻوٽا کائي وينديون هيون. هڪ ڏينهن انهن بنگلن وارن ڇا ڪيو جو ٻڪريون ڪھي اڇلائي ڇڏيائون. گهڻي دير تائين جڏهن ٻڪريون ڏانهس واپس نه وريون ته هو ٻڪرين جي ڳولا ۾ اچي اسان واري سوسائٽي نڪتو ۽ ڏٺائين ته سندس ڪا ٻڪري ڪٿي ڪٺي پئي آھي ته ڪا ڪٿي. هن جا پٽ افغان آمريڪا جنگ ۾ بمباريء ۾ مارجي ويا هئا. هن کان جڏهن ڪو سندس پٽن جي باري ۾ پڇندو هو ته هو انهن لاء چوندو هو. ”منهنجا پٽ ھن وقت جنت ۾ کير پيئندا هوندا.“ ساڳي ڳالھ هن پنهنجي ٻڪرين جي ڪوس تي پڻ چئي ته منهنجون ٻڪريون هاڻي جنت ۾ کير پيئنديون هونديون.“ جنت ۾ ۾ ٻڪرين جي کير پيئڻ واري ڳالھ مونکي وڻي، ته مون ان جو ساڻس اظھار ڪيو. هو منهنجي ان ڳالھ تي معصوميت سان مرڪي ويٺو. هن جي ناولن کان اڳ ۾ مان سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين کان متاثر هوس. جيئن ”ڊاڪٽر ربنواز پوڙھو ڪيئن ٿيو؟“، ”قصاگو“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بھترين ڪهاڻيون آھن، جن پنهنجو اثر ڇڏيو آھي. مونکي سندس لکڻين جي مئجيڪل ريئلزم واري عنصر ڏاڍو متاثر ڪيو، جيڪو مٿي بيان ڪيل  ڪهاڻين ۾ نمايان آھي. ايئن سندس سوشل ريئلزم واري پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻيون انور رتول“ ۽ ٻيون اهم آھن. هڪڙي ڀيري مون سندس هڪ ڪهاڻيء جو ذڪر ڪيو، جنهن ۾ ھڪ عورت کي هڪ نوجوان نوحه خوان جو پرسوز آواز  سڪون ڏيندو آھي. هوء جڏهن به کيس ٻڌندي آھي، سندس دل کي قرار اچي ويندو هو. ان ڪهاڻيء ۾ سائين رسول ميمڻ صاحب ان عورت جي احساسن کي ڏاڍي اثرائتي انداز سان قلم بند ڪيو آھي. ته هن حيرت مان پڇيو: ”اها ڪھاڻي تو پڙھي آھي؟ مون سمجهيو ته ان کي ڪو به نگ پڙھندو..“ مون کيس ٻڌايو ته ”ها مون پڙھي آھي ۽ مونکي ڏاڍي وڻي هئي. ان ۾ اهو عورت وارو ڪرار ڪمال جو آھي.“ ”ھا.. پر توکان اڳ ۾ ڪنهن به ماڻھوء ان ڪھاڻيء جو ذڪر نه ڪيو آھي، ان ڪهاڻيء جي موضوع ۽ پس منظر جي ڪري شايد“ ”مونکي ته ڪهاڻي ڏاڍي وڻي ۽ مونکي منهنجي ننڍپڻ ڏانهن واپس وٺي وئي..“ مون هن سان جڏهن جڏهن به ڳالھايو هو، جنهن به موضوع تي ڳالهايو هو، جنهن ترتيب يا بي ترتيبيء سان ڳالهايو هو ۽ هن هڪ بهترين ٻڌندڙ طور مونکي ٻڌو ۽ سمجهيو هو. ۽ پاڻ جڏهن به ڳالهايو هو ته هڪ يگاني عالم ۽ اسڪالر طور ڳالهايو هو. هن سان ڳالهائي دل کي خوشي ۽ سڪون حاصل ٿيندو هو. سائين رسول ميمڻ جو ڳالھايل هر هڪ لفظ سون ۾ تورڻ جو مستحق آھي ته سندس لکيل هر هڪ لفظ موتين ۾ تورڻ جي.. هن جيڪو به لکيو، شاعري کان ڪهاڻيء تائين، ڪھاڻيء کان ناول تائين ۽ ناول کان فلسفي تائين، هڪ عالمي سطح جي معيار موجب لکيو  آھي. هو هڪ صاحب_ڪردار انسان هو، هو هڪ باظرف ۽ اعلي انسان هو، ۲۰۱۵ع ۾ جڏهن منهنجي قاسم آباد حيدرآباد شادي پئي ٿي ته پاڻ فئملي سميت ان ۾ شريڪ ٿيو ۽ آخر تائين اهو دلي سٻند برقرار رکيائين. سندس سڪ ڀريو ساٿ مون لاء ڪنهن وڏي وٿ کان گهٽ نه هو.سندس مرتئي جي ڪري منهنجي دل هڪ دائمي سوڳ ۾ وٺجي وئي آھي ۽ ان ڳالھ کي مڃڻ لاء تيار نه آھي ته هو هاڻي جسماني طور تي اسانجي وچ ۾ نه رهيو آھي. هڪ غلام رسول ميمڻ جي گذاري وڃڻ تي ڪنهن کي يقين اچي به وڃي پر سنڌي ادب جو ليجنڊ سائين رسول ميمڻ پنهنجي نرالي ڏات ۾ حيات رهندو.

 

(سلسليوار سڦلتا حيدرآباد جنوري فيبروري ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)


رسول ميمڻ

پھرين ورسيءَ جي حوالي سان.

رحمت سومرو

ميڊيڪل ڪاليج جي ھڪڙي ھاسٽل اندر، ميرپور خاص ۾ اھا رات به ٻين راتين وانگر ھڪڙي عام رات ھئي، جنھن رات ۾ ھو دل جي بيوفائي سبب موڪلائي ويو. سندس اوچتي وڇوڙي تي چاھيندڙن ۽ پڙھندڙن کي ھن جي ناول “قالو بلا” جو ھيرو “وارث” شدت سان ياد آيو ھئو، جيڪو پنھنجي محبوبا “عرشنا” جي ٽٽندڙ ساھن جي تند جي سلامتيءَ لاءِ وقت جي ھر ديوتا جو در کڙڪائيندو آھي، انساني تاريخ جي ھر ڏاتار وٽ ھن جي زندگيءَ جي بخشش طلبيندو آھي، پر پوءِ به موت “عرشنا” جي مُک تي اجل جو عَلم کوڙي ھليو ويندو آھي. ان رات، خبر ناھي ته ھن جادوگر ليکڪ پنھنجي ساھن ۾ پيدا ٿيندڙ سوڙھ کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪنھن کي سڏ ڪيو ھوندو! سڏ ڪيو به ھوندو الائي نه! ڇاڪاڻ ته ھو نه مذھبي ھئو، نه ئي دھريو ھئو، ھو صرف انھن ٻنھي راھن جي مھڙ تي بيھي ھر لنگهندڙ ماڻھو جا مشاھدا ڪندو ھئو ۽ پاڻ کي “Agnostic” سڏيندو ھئو.

ھن جي شخصيت ۾ ٻارڙن جھڙي معصوميت ھئي. چھري جي شانتي ۽ اطمينان منجھان گوتم جو ٻيو روپ لڳندو ھئو. لڳ ڀڳ 3۲ ڪتاب لکندڙ رسول ميمڻ ھڪڙو اھڙو بادشاھ ليکڪ ھئو، جنھن جي لکڻين جي سلطنت ۾ ڪو به پڙھندڙ داخل ٿيندو ته لفظن جي جادوءَ ۾ قابو ٿيڻ کان بچي نه سگهندو. ھن جا ڪردار پڙھندڙ کي آڱر کان وٺي اھڙي دنيا ۾ ڇڏي ايندا جتي ماڻھو پاڻ کي وساري نئون وجود کڻي ايندو. ھن جون لکڻيون پڙھي ماڻھوءَ حيرت جا نوان جھانَ ڏسي سگهن ٿا. ھو غريب وطن جي شاھوڪار ٻوليءَ جو اھڙو بي باڪ ليکڪ ھئو، جنھن پنھنجي سٽ سٽ ۾ ذھن کي ڌوڏيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ ڳالھيون لکيون. ٿورن لفظن ۾ گهڻو ڪجھ لکڻ واري فن ۾ ھو بيمثال ھئو.

رسول ميمڻ ھڪ وسيع مطالعو رکندڙ ماڻھو ھئو. ميڊيڪل سائنس ته ھن جو پنھنجو سبجيڪٽ ھو، پر گڏوگڏ نفسيات ۽ فسلفي تي به ھن جهجهو لکيو. پيٿالاجسٽ ھئڻ سبب ھن نه رڳو جراثيمن جي دنيا کي خوردبيني وسيلي ڏٺو، پر ان سان گڏو گڏ سماج اندر جيڪي مسئلا ھئا، ھن جيڪي مشاھدا ڪيا انھن منجھان ھر ننڍي ۽ وڏي موضوع کي قلم سان ظاھر ڪندو رھيو.

دوستو فسڪي ۽ ٽالسٽاءِ کان علاوه ھن کي لاطيني آمريڪا جا ليکڪن وڌيڪ متاثر ڪيو. سنڌ ۾ ھن کي منير احمد ماڻڪ پسند ھو. رسول ميمڻ شاعري پڻ ڪئي، سندس شاعري جو پھريون ڪتاب ۱۹۷۹ ۾ “اوشا جي آشا” نالي سان ڇپيو ھو جنھن ۾ نظم، وايون ۽ ھائيڪا شامل آھن. ۽ ۲۰۱۹ ۾ “ساڌ ٻيلي جا گيت” جو ڊجيٽل ايڊيشن آيو. ھڪڙي ذميوار لکيڪ جي حيثيت ۾ ھن پنھنجو لکيل ھر لفظ ايمانداريءَ سان پڙھندڙن تائين پھچائڻ گهريو ان ڪري پنھنجي لکڻين جا ڊجيٽل ايڊيشن پڻ آندا، جيڪي سنڌ سلامت فورم تي موجود آھن، جن منجهان ھاڻي ڪجه ڪتابي صورت ۾ ڇبجي چڪا آھن. سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ سندس پڙھندڙن ۽ چاھيندڙن جو ھڪ وڏو انگ پيدا ٿيو. سوين ڪھاڻيون لکندڙ رسول ميمڻ جا ۲۰۰۷ کان ۲۰۲۱ تائين ڇھ ناول شايع ٿيا. سندس آخري ناول “ڪتا” شايع ٿيو، جيڪو ٻين کان وڌيڪ مشھور ٿيو. ابابيل مئگزين ۾ ڇپجڻ کان پوءِ ٿوري وقت ۾ ان ناول جا ٻه ڇاپا اچي چڪا آھن. رسول ميمڻ مختلف نفسياتي مسئلن تي به ڪھاڻيون لکيون، اھي سموريون ڪھاڻيون “سينڊروم” نالي ڪتاب ۾ موجود آھن. ان کان علاوه ھن جينياتي بيمارين تي به ڪھاڻيون لکيون. جينيٽڪس ۾ دلچسپيءَ سبب ھن پنھنجي ڪتاب “خدا، روح ۽ سائنس” ۾ مفڪراڻو بحث ڪيو آھي ۽ ان ئي ڪتاب ۾ ھن گاڊ جين جو خيال پيش ڪيو. فلسفي تي سندس ٻيا مختلف ڪتاب “پليسيبو”، “نوسيبو”، “الف کان اڳ ۾” پڻ شايع ٿيا. “الف کان اڳ ۾” ڪتاب اندر ھن ڪوشش ڪري فلسفياڻن ۽ سائنسي لفظن جا نوان سنڌي لفظ ٺاھيا ۽ ڪتاب ۾ ڏنا. ھن وقت ڏسجي ته ھن جا لکيل ڇھ ئي ناول سنڌي ادب ۾ ھڪ الڳ حيثيت ۽ مڃتا ماڻي چڪا آھن. سندس ناول سنڌي فڪشن ۾ ھڪڙو نئون موڙ ثابت ٿيا آھن.

حقيقت اھا آھي ته جنھن سماج ۾ ادب، ھِتان ھُتان جي مشڪري بڻيل ھجي يا رڳو “واندڪائي ۾ وندر” ھجي ۽ ادبي تنظيمن جا جھيڙا تاريخ ۾ پاڻ تي ئي طنز بڻيل ھجن ته اتي رسول ميمڻ جھڙي عظيم ذھن رکندڙ ماڻھوءَ جو وجود ڪنھن معجزي کان گھٽ نه ھو. ھو تاريخ جو گھرو شعور رکندڙ ليکڪ ھو، ان ڪري ھن پنھنجو ڪم خاموشيءَ سان پئي ڪيو. رڳو پنھنجي لکڻ ڏانھن جوابده رھيو، پنھنجي فن ۾ پاڻ کي فنا ڪري امرتا ماڻي ورتي. ڏسجي ته ھو صحيح معني ۾ ھڪڙو جينيس ليکڪ ھو، جنھن جو احساس ھر گذرندڙ ڏينھن سان وڌيڪ شدت سان ٿي رھيو آھي. ھن جي ڪيل ادبي ڪم جي اھميت ۽ قبوليت اڃان سامھون اچڻي آھي.

ھن چيو ته “آئون ڪھڙي به ٻوليءَ ۾ لکان پر لکندس سنڌ بابت ئي. ڌرتي تخليق جو وسيلو آھي، ڌرتي آھي ته اسان جون تخليقون آھن. ڌرتيءَ کانسواءِ سڀ تخليقون بي مقصد ٿي وڃن ٿيون”.

 پاڻ ئي لکيو ھئائين ته “موت انڌو فقير آھي، جيڪو سڀني جي در تي بنا تفريق جي سين ھڻندو آھي”. ان رات، موتَ اُھا سين ھن جي در تي ھنئي ھئي ۽ ھو پنھنجي پٺيان زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي ڪردار روئندي ڇڏي ھليو ويو.

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۴ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

رسول ميمڻ

آدرش

سن ۲۰۲۱ع جي اڄوڪي تاريخ تي محترم رسول ميمڻ اھڙو رسي ويو جو پرچندو ئي ڪونه!

_ اسيء جي ڏھاڪي ۾ ھن جو ڪتاب “امن جي نالي“ ڇپيو. منفرد ڪھاڻين ۽ نظمن ڪري سندس سنڌي ادب ۾ ڳاٽ اوچو ٿي ويو. امرجليل صاحب کي ڪتاب ايڏو وڻيو جو ھن ڪالم لکيو ھو.

رسول صاحب پوء لڳاتار، ابدي ننڊ اچڻ تائين لکندو رھيو. سنڌي ادب جي جھول ۾ ناول، ڪھاڻيون، شاعري ۽ فلسفي جا ڪتاب گلن وانگر وڌا.

_ نوي جي ڏھاڪي ۾ سکر ۾ بشير منگي ادب ۾ وکون کنيون. ھو سکر جو نڪ ھو. کلڻو، محبتي ۽ پيار ڪندڙ. رلڻ ملڻ وارو. ھن جي صدقي سکر جي جوان کيپ قدير انصاري، وحيد انصاري، اسد عباسي، جميل منگي وغيره سان ناتو جڙيو. ساھ جو سڳو ٽٽڻ تائين نه ٽٽندو.

_ ھڪ ڏينهن بشير صاحب سانجھيء کان پوء الحبيب ھوٽل کان ٿورو اڳيان شمس آباد پاڙي ۾ رسول صاحب جي ليبارٽريء تي وٺي ھليو.

پھرين ملاقات ۾ ھن من موھي وڌو. ھو ٽاء ٻڌي، وڏي اديب جو رعب رکڻ وارو ليکڪ ڪونه ھو. لکڻ جو سٺو تھڙو من جو سچو ۽ سادو.

_ ان کان پوء ھڪ اڌ ڪچھري سندس گهر ڀٽا روڊ تي ٿي. ڪراچيء لڏي ويو ته وري خوابن ۾ مليو.

_ فون تي مھيني سوا ساڻس ڏاڍي سٺي ڳالھ ٻولھ ٿيندي ھئي. لکڻ پڙهڻ جون ڳالهيون، اديبن جون ڳالهيون. منهنجي مزاحيا جملن تي وڏا دل کولي ٽھڪ ڏي.

_ ھو پنهنجي ھر ڪتاب جي ڪاپي موڪلي، چوندو ھو :” آدرش! پھرين ڪاپي تو ڏي موڪليندو آهيان. ان ڪري نه رڳو پڙھندو آهين ۽ ترت کليل دل سان کري راء ڏيندو آهين. ٻيا سنگتي ته ڪتاب ٺپي ٿا رکن. ”

_ رٽايرڊ ٿيڻ کان پوء ھن ميرپور خاص جا وڻ وسايا. ھڪ ليبارٽريء جو انچارج ٿيو.

اتي به ھو پڙھندو لکندو ھو.

آخري ڳالھ ٻولھ ۾ ھن جا لفظ ھيا :” يار آدرش! اڄ ڪالھ مان دوستو وسڪيء کي ٻيھر پيو پڙھان. ڇا ته ڪمال جو ليکڪ آهي. ”

_ ۽ پوء ھو دوستو وسڪيء سان ملڻ ويو. ڪچھريون قائم اٿن.

_ ڪراچيء ۾ رسول ميمڻ صاحب جي ناول “ نجومي “ جو مھورت ھجي. ھو اسٽيج تي ويٺو ھو. پروگرام ۾ سندس ننڍڙي چئن سالن جي ڏوھٽي پياري پارس به، پنهنجي پيء سان آئي ھئي. اھا ھيٺان ويٺي ھر ھر لھي اچڻ جا سڏ ڪري رھي ھئي. رسول صاحب من جو ڪونئرو سو ھيٺ لھي وڃي پيار ڪري آيس.

پروگرام جي صدارت ڪندڙ ادي ماھتاب اڪبر راشديء تقرير ۾ رسول صاحب جي ان عمل تي، ڪمال جو جملو چيو :

“ مان اھا سڄي راند ڏٺم پئي، جنهن ۾ ھڪ وڏو ۽ ڪراڙو ڪھاڻيڪار پنهنجي ڏوھٽيء کان ھارائي ويو ۽ ھيٺ لھي آيو. ”

 

(ارشاد شيخ آدرش جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


 

رسول ميمڻ

استاد خالد

ٿي ڌرتي تان ايئن چنڊ ڏٺو، جيئن ڪنهن جي ويهون سال وهي،

ٿي ڌرتي چنڊ تان ايئن لڳي، ڄڻ سونهن سموري هوءَ هُئي،

آ دُوري ڪيڏي سونهن الا، ٿي ڪُوڙ کي ڪيڏو روپ ڏئي،

آ ويجهو هر شئي واري واري، هير لڳڻ تي ڌوڙ اُڏي.

منفرد اسلوب ۽ اسٽائل جو فڪشن رائيٽر (ڪھاڻيڪار، ناول نگار)، شاعر، ترجمي نگار، فلسفي جو ڄاڻو، ناميارو ليکڪ ۽ ڊاڪٽر رسول ميمڻ گذريل سال اڄوڪي ڏينھن محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپور خاص ۾ ڊيوٽيءَ دوران دل جو دورو پوڻ ڪري وڇڙي ويو. کيس سعدي ٽائون ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

رسول ميمڻ سکر جي ادبي ڪھڪشان جو روشن ستارو هيو جيڪو ۲۴. ۱۱. ۲۰۲۱ تي الوداع ڪري ويو.

 ھن ۱۹۵۶ ۾ سکر ۾ جنم ورتو ھو. پرائمري کان ڪاليج تائين سکر ۾ پڙھيو. ۱۹۷۸ ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان MBBS ڪيائين. ۱۹۹۱ ۾ لاھور مان ڪلينيڪل پيٿالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين.

۲۰۰۰ ۾ GPMS ڪراچيء مان ھسٽوپيٿالاجيء ۾ M. Phil ڪيائين. ڊاڪٽر رسول ميمڻ صاحب شڪارپور، چانڊڪا، سکر ۽ ڪياماڙي ڪراچيء جي اسپتالن ۾ ميڊيڪل آفيسر،

ڊمانسٽريٽر، پيٿالاجسٽ ۽ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ رھيو.

رٽائر مينٽ کان پوءِ محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپور خاص ۾ پروفيشنل خدمتون سرانجام ڏيندي دل جي عارضي سبب دم ڏنائين.

سندس تخليقون: اوشا جي آشا (شاعري)، اوڻويھ عورتون، قالو بلا (ناول)،

امن جي نالي، ڪافر ديوتا،

چچريل زندگين جا قافلا،

ابابيل جي اڏام، م،

فونو،

سونو ڏند،

عشق جو آسيب،

حليمان،

اوجاڳي جا خواب،

عجيب وارتائون،

کليل دري،

۽ روشنيء جو سفر (ڪھاڻين جا ڪتاب)،

ماڻھو جيڪي مرڻا ناھن (خاڪا: ترجمو) پليسيبو، الف کان اڳ (فلسفو) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آھن.

ھو عالمي ادب جو وسيع مطالعو رکندو ھو. فڪشن رائيٽنگ ۽ شاعريء جو سڄاڻ نقاد ھو.

“دنيا جا سڀ موضوع موت تي ختم ٿي نئين زندگيء کي جنم ڏين ٿا. ”

“رسول ميمڻ”

 

(استاد خالد جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ نومبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



رسول ميمڻ

سنڌي ادب جو هڪ باب

جاويد پنھور

“موت انڌو فقير آهي، جيڪو بنا تفريق، سڀني جي در تي سين هڻي ٿو.” ايئن ئي گذريل سال نومبر جي مهيني جي ڪنهن منحوس ڏينهن تي فقير اچي رسول ميمڻ گلي جو در کڙڪايو ۽ راهه مولا ۾ سندس ساهه کي قبضي ۾ ڪري اک ڇنڀ ۾ پرلوڪ هليو ويو.

رسول ميمڻ سنڌي ادب جو هڪ باب هو، بُنيادي طور آئون کائنس وفات کان پوءِ ئي چڱي طرح واقف ٿيس. رسول ميڻ جي لکڻين کي پَڙهندي ذهن مان ٺَڪاءَ نڪريو وڃن ٿا. رسول ميڻ جا ڪتاب پڙهندي هڪ نئين سفر ڏانهن ماڻهو هليو وڃي ٿو، اهڙي دُنيا جتي دل نه پَر دماغ جو استعمال لازم آهي. سوچن جو هڪ نئون دڳ ملي پوي ٿو. سوچون جيڪي وڄ جي اوچتي چمڪڻ جيان دماغ ۾ پيدا ٿي هڪ الهامي صورت اختيار ڪن ٿيون.

آئون جيترو محسوس ڪري سگهيو آهيان ته رسول ميمڻ درد جو نوحو لکي ٿو، هن وَٽ آٿت آهي، همدردي آهي، قلم جي روپ ۾ زبان آهي جيڪا ٻين جي احساسن کي خلاصو ڪري ٿي جن کي ڪير ڪڏهن به بيان ناهي ڪري سگهيو. هر پڙهندڙ سندس لکڻين جي ڪردارن ۽ ٿيم کي پنهنجي آس پاس ٿيندڙ لڪائن سان تشبيهه ڏئي محسوس ڪري ٿو ته سمورو ڪجهه انهن سان ۽ انهن جي اڳيان ٿيو آهي. هڪ دفعو پڙهڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ مُرادو هن ڏانهن مقناطيس جيئان ڇڪجو اچي ٿو.

جيئن ته رسول ميمڻ پيشور ڊاڪٽر هو، ان ڪري زندگي جي پيچيدگين جي نفسيات، وجودي بُحران ۽ فلسفي کي اپٽارڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ هو، سندس ناول هجن يا ڪھاڻيون، جن ۾ واضح طور انساني جذبن جي اُپٽار ٿيل آهي، جيڪي هر عام ماڻهوءَ جي شخصيت ۾ خوبيون ۽ خاميون آهن سي سندس تحريرن ۾ نمايان ظاهر آهن.

اهي اڄ جي سنڌ سان جڙيل ماضي ۽ حال جو نوحو به آهن ته انهن ۾ حيات سان هجڻ ۽ رهڻ جي ڀرپور منطقي سوچ به سلهاڙيل آهي، جنهن جو مثال اسان اک ڇنڀ ناول جيڪو ماضي جي ورقن ۾ دفن ٿيل تاريخ کي ڇنڊي ڦوڪي حال ۾ اڳيان آڻي ٿو ته سندس سينڊروم ڪهاڻين جو ڪتاب کڻي ڏسجي جيڪو انسان جي احساسن ۾ ٿيندڙ وڳوڙ کي نفسياتي فلسفي انداز سان چٽي ٿو.

رسول ميمڻ هڪ منفرد ڪهاڻيڪار، شاعر، مضمون نويس ۽ ناول نگار هو. جنهن جي موضوعن جي چونڊ ناياب هُئي، هن جي هر لکڻي سائنسي فلسفي تي آڌاريل هُئي ۽ اها ئي ٽيڪنڪ هن کي مُنفرد ۽ هڪ الڳ صف ۾ بيهاري ٿي. سنڌي ادب جي بدقسمتي اها رهي آهي ته، جيئري هن جهان ۾ تنقيدن، نفرتن، حسد جا هار هر ڪوئي پارائي ٿو پر مجال آهي جو ڪنهن مهان ليکڪ جي ڪنهن لکڻي کي هُن جي حيات ۾ هوندي ئي مڃتا ملي پئي. سنڌي ادب ۾ چند ليکڪن کي ڇڏي جيڪي ماضي جو حصو ٿي رهيا، جن کي ڪنهن به حوالي سان مڃتا ملي پر افسوس هن ويجهر وارن ڏهاڪن ۾ ان ڳالهه کي نه صرف محسوس ڪيو ويو آهي، پر شدت سان ضرورت پڻ رهي آهي.

رسول ميمڻ ظاهري طور ته ماڻهن جي هڏن ۽ جسم جي وَڍ ٽڪ ڪندڙ ۽ جوڙيندڙ هيو، هو ان فعل ۾ ڪيترو ڪامياب رهيو اُهو ته آئو نٿو ڄاڻان ته ان اسپتال جا مريض کائنس ڪيترا مطمئن هئا جيڪي چوديواري جي قيد ۾ ئي هيا. پر پنهنجي فلاسافي واري رويي، اسلوب، فڪر، سوچ ۾ ايترو ئي گهرو هو جنهن جي سوچ مان اندازو ايئبڱن ئي لڳائڻ مشڪل هو جيئن سمنڊ ۾ هيرن ۽ جواهرن جي اڳڪٿي ڪري انهن تائين پهچڻ آهي. هو جيڪو سماجي بگاڙ، ڏَک، تنهائين جي پيڙاءُ، جوڀن جي بهار جو خزان ۾ تبديل ٿيندي درد کي محسوس ڪري پئي سگهيو، هو ان اسپتال ۾ يقينن مشهور هُو جنهن جا مريض پاڻ کي مريض نٿا ڀائن، جنهن ۾ بيمارين جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي، اهي بيماريون به اهڙيون جيڪي فطري نه پَر سماهي ڪاروهنوار جي ڪري سماج ۾ فسادن جي جڙ ۽ شخصيت جي بگاڙ جو سبب آهن، هو هڪ اديب طور يقينن سُٺو طبيب هو، جنهن کي سنڌي سماج جي هر ماڻهوءَ جي بيماري جي چڱي نموني سُڌ هُئي، جهالت، انڌن ۽ ڪوڙن عقيدن جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل سماج لاءِ هُن وٽ ڪافي حڪمت عمليون هيون جن تي هو پوري عُمر غور فڪر ڪندو رهيو.

بنيادي طور آئون سندس مطالعو ڪندي ايترو محسوس ڪيو آهي ته رسول ميمڻ جون ڳالهيون آساني سان سمجهه اچڻ واريون ناهن، موضوع جي چونڊ، پختگي ۽ انداز رواني دلفريب هُئڻ جي باوجود سندس ڳالهيون پيچيده ئي رهيون آهن. هُن زندگي جي ڳنڀير مسئلن تي لکيو ۽ ڇپيل رازن کي فاش ڪري عوام کي سمجهائڻ جي اعليٰ ڪوشش ڪئي، هُن جون ڳالهيون منطقي هيون، هن جون تحريرون سطحي سوچ کان مٿانهيون هيون جنهن جي بنياد تي کيس اهڙو عظيم مُفڪر چئي سگهجي ٿو، جنهن جي سِٽ سِٽ ۾ ڳوڙهو فلسفو سمايل آهي، هن جي لکڻ جو طور طريقو تمام مُختلف ۽ منفرد رهيو، هن جي سمورن موضوعن ۾ حقيقت پسندي ڇُلڪي ٿي، کيس پڙهڻ وقت ڪٿي به تسلسل نٿو ٽُٽي ڄڻ ماڻهو ساڻس هوبهو هم ڪلام آهي يا ڪردارن سان پيو هٿ وٺي دنيا گهمي.

هو لفظن جي پختگي ۽ احساسن جي پاڪيزگي جو علمبردار هو، سندس سريئلسٽڪ ۽ ريئلسٽڪ طرز تي ڪيل ڪم سنڌي ادب جو اثاثو آهي. رسول ميمڻ جي نالي جي آئون سمجهان ٿو سڃاڻپ ان ڪري به نه هيم جو هو ميلن ۽ ادبي پروگرامن کان گهڻو پري رهيو هو، عُهدا، ڪرسيون سندس خواهش ۾ نه رهيا، صدارتون، شامون، ايوارڊ، اعزاز سندس مصروفيت جو ڪارڻ نه رهيا، هو تنهائين جي اونداهين ۾ رهي لازوال فن پارا تخليق ڪندو رهيو آهي. هو پنهنجي ڪردارن جي پيڙاءَ کي رنڀون ڪرائي تاثر پيدا ڪرڻ گهري ٿو ته واقعي اهو حقيقت آهي، هو آئيندي جي اُميد ۽ هو حب الوطني ۾ ديس وندين جو آواز هو، هن جي ڪهاڻين کي پڙهي محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سنڌي ادب ۾ ڪهاڻي ۾ اسلوبيت ۽ نواڻ اڃا جدت ۾ پئي اچي. هو سنڌ جو اڀرندڙ ستارو هو جيڪو موت جهڙي بليڪ هول جي ور چڙهي ويو ۽ يقينن هڪ وڏو خال ڇڏي ويو. رسول ميمڻ کي مليل ڪجهه ايوارڊ سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌالاجي انجمن ترقي پسند منصفين، سنڌي ادبي سنگت، سارنگا ايوارڊ، ريکائون ايوارڊ شامل آهن. هڪ گلشن جيڪو ويران بڻجي ويو.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


رسول ميمڻ

مجموعي ادبي ڪم

ممتاز بخاري

رسول ميمڻ بنيادي طور تي افسانوي ادب جو لکاري آهي پر ان سان گڏ هن جو ڪم گهڻ پاسائون آهي. جتي هو اعلى مقام تي پهتل ناونگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي اتي سندس هڪ ٻي وڏي سڃاڻپ فيلسوف واري به آهي، جنهن سائنسي فلسفي کي به پنهنجو موضوع بڻايو. غيرافسانوي ادب فلسفي کانسواءِ هن جا لکيل خاڪا، ترجما توڙي ادبي مضمون انتهائي اهم آهن. افسانوي ادب ۾ هن جي ڪهاڻين جا پنڌرنهن ڪتاب ۽ هڪ نفسياتي ڪهاڻين جي چونڊ اينٿالاجي “سنڊروم” ڇپي آهي. ٽي شاعري جا ڪتاب آيا آهن. هن جا ڇهه ناول ڇپيا آهن. غير افسانوي ادب ۾ چار فلسفي جا ڪتاب ڇپيا آهن. هڪ خاڪن جو ڪتاب، ٻه مضمونن جا، هڪ مرتب ڪيل ڪتاب ۽ هڪ ترجمي جو ڪتاب ڇپيو. مجموعي طور سندس ٻٽيهه ڪتاب ڇپيا ۽ مٿس هڪ خاص نمبر “پوپٽ” رسالي خيرپور ميرس پاران ڇپيو. سندس ڪتاب جا تفصيل هن ريت آهن:

افسانوي ادب

ڪهاڻيون

امن جي نالي، ۱۹۷۷ع

ڪافر ديوتا، ۱۹۷۹ع

چچريل زندگين جا قافلا. ۱۹۸۱ع

ابابيل جي آخري اڏام، ۱۹۹۳ع

فونو، ۲۰۰۹ع

سونو ڏند، ۲۰۱۲ع

حليمان، ۲۰۱۳ع

عشق جو آسيب، ۲۰۱۵ع

ڪرفيوءَ ۾ اڏامندڙ ڪاغذ، ۲۰۱۹ع

روشنيءَ جو مينار، ۲۰۱۹ع

اوجاڳي جا خواب، ۲۰۱۹ع

کليل دري، ۲۰۲۰ع

عجيب وارداتون، ۲۰۲۰ع

وقت جو بادشاهه، ۲۰۲۰ع

محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن، ۲۰۲۱ع

ناول

اڻويهه عورتون، ۲۰۱۲ع

قالو بلا، ۲۰۱۳ع

نجومي، ۲۰۱۴ع

اسٽيل جا پنج گلاس، ۲۰۱۷ع

اک ڇنڀ، ۲۰۱۹ع

ڪتا، ۲۰۲۱ع

شاعري

اوشا جي آشا، ۱۹۷۹ع

ساڌ ٻيلي جا گيت، ۲۰۱۹ع ڊجيٽل پليٽ فارم ۽ ۲۰۲۲ع فزيڪل ڪتاب ۾

هُدو، ۲۰۲۱ع ڊجيٽل پليٽ فارم تي

غير افسانوي ادب

فلسفو

خدا، روح ۽ سائنس، ۲۰۱۵ع

پليسبو، ۲۰۱۹ع

نوسيبو، ۲۰۲۰ع

الف کان اڳتي، ۲۰۱۹ع

خاڪا

ماڻهو جيڪي مرڻا ناهن، ۱۹۸۸ع

مضمون

وطن، پرين ۽ موت، ۲۰۱۹ع ڊجيٽل پليٽ فارم

گارشيا گذاري ويو، ۲۰۲۰ع ڊجيٽل پليٽ فارم

مرتب ڪيل

لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا، ۲۰۲۰ع، ڊجيٽل پليٽ فارم

ترجمو

ٽهڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب (ميلان ڪنڊيرا) ۲۰۱۰ع

خاص نمبر

پوپٽ رسالو، خيرپورميرس، ۲۰۱۷ع

No comments:

راءِ ڏيندا