; سنڌي شخصيتون: مولانا عبدالله چانڊيو

15 November, 2021

مولانا عبدالله چانڊيو

مولانا عبدالله چانڊيو



سنڌ جو مشهور ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله ولد غلام حيدر چانڊيو ۱۹ فيبروري ۱۹۰۲ع تي ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي)، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. سنڌي فائنل جو امتحان ۱۹۱۹ع ۾ پاس ڪيائين. فارسي تعليم لاءِ ڳوٺ واصل جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪن ٻين مدرسن مان پڙهڻ کان پوءِ وڌيڪ ديني علم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ۱۹۲۱ع ۾ ’ديوبند‘ دهليءَ ويو، جتي مولانا حسين احمد مدني، مولانا غلام رسول پشاوري، مولانا اعزاز علي کان تحصيل علم ڪيائين. ان بعد واپس موٽي اچي ۱۹۳۳ع ۾ مولانا ڪوهاٽي صاحب وٽ دستاربند ٿيو. ان کانپوءِ تعلقي ڳڙهي ياسين جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا عبدالله چانڊيو پنهنجي وقت جو جيد عالم ٿي گذريو آهي، کيس زبان ۽ بيان جي حوالي سان ’سنڌ جو شاهه ولي الله‘ سڏيو ويندو هو. قرآن، حديث، فقه، فلسفي ۽ منطق تي عبور رکندو هو. وڏا وڏا عالم سندس احترام ڪندا هئا. ديني عالم هئڻ سان گڏ وڏو دور انديش شخص هو. هو دين ۽ سياست جي ميلاپ جو مخالف هو. مولانا عبدالله چانڊيي پنهنجي ڳوٺ ملان چانڊيي ۾ مدرسو کولي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. ٻير شريف جو بزرگ مولانا عبدالڪريم قريشي سندس شاگرد هو ۽ ان مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڳوٺ جي وڏيري جي مخالفت سبب اڳتي هلي پير جهنڊي ڳوٺ ۾ مدرسه راشديه ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا صاحب پير جهنڊي، ملان جي ڳوٺ (شڪارپور)، ٺيڙهي، گوري پهوڙ، شڪارپور، امروٽ، گٽهڙ، وارهه، کرڙاهه ۽ ٻين مدرسن ۾ پڙهايو.


مولوي عبدالله چانڊيو اعليٰ پايي جو شاعر به هو. شاعريءَ ۾ ’عبد‘ تخلص استعمال ڪندو هو. هن سنڌي، سرائيڪي، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي. لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن، مناجات، مولود، ٽيهه اکرين، معجزن، ڪافين ۽ معراج نامن تي طبع آزمائي ڪيائين. نعت ۽ حمد به لکيائين. هن سنڌيءَ کان سواءِ فارسي ۽ عربيءَ ۾ به شاعري ڪئي. سندس شاگردن مان: (۱) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، (۲) مولانا عبدالڪريم قريشي (ٻير شريف وارو)، (۳) مولوي علي محمد حقاني، (۴) مولوي محمد شاهه (امروٽ وارو)، (۵) مولوي عبدالواحد مهر، (۶) مولوي عبدالحي چانڊيو ۽ ٻيا ڪيترا مشهور عالم ٿي گذريا آهن. سندس تصنيفن ۾: (۱) ’تفسير سورة ياسين‘، (۲) ’حق الاظهار‘، (۳) ’معراج نامه‘، (۴)’افڪار عبيدي‘، (۵) ’خلفاءِ ثلاثه‘، (۶) ’مقابلات‘، (۷) ’قرآن مجيد جو تفسير‘، (۸) ’حضرت علي عه ٻين اصحابن کان افضل آهن‘. (۹) ’ڇا ڏٺو آهي تو‘ (تنقيد) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. کيس ٽي پٽ ٿيا: عبدالمجيد (سرڪش سنڌي)، مولوي عبدالحميد چانڊيو ۽ عبدالرشيد ماهر (طبي حڪيم).

مولوي عبدالله چانڊيي اپريل ۱۹۸۴ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي قبرستان ۾ آهي.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)


مولانا عبدالله چانڊيو

املهه انسان: - سلسلو ۶۵ هون

حفيظ چانڊيو

مولانا عبدالله چانڊيو سنڌ جو ناميارو عالمِ دين، منطق جو بادشاهه، مفسر قرآن ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، هو هڪ درويش صفت انسان غلام حيدر چانڊئي جي گهر ۾ سن ۱۳۲۱ ھ بمطابق ۱۹۰۳ ڌاري  شڪارپور ضلعي جي مُلان جي ڳوٺ ۾ ڄائو،۔ سندس ڄمڻ نه صرف سندس علائقي لاءِ پر پوري امتِ مسلم لاءِ فخر جو سبب هو. هو ديوبند جو باڪمال عالم هو، ساڻس مختلف مڪتهِ فڪر جي ماڻهن مناظرا ڪيا، پر هن جي علمي وسعت، مدلل گفتگو هنن کي سدائين هارايو، مناظري ۾ سندس ڪو مٽ ڪو نه هو. هو سنڌ جي صدين کان مروج ريتن رسمن کي نئين ترتيب ڏئي، علم حاصل ڪيو، جنهن جي بنياد تي هن سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ۽ مدرسا وسايا، جتي هو مسافر طالبن کي پڙهائيندو هو. هن ڄاتو ٿي ته سنڌ تهذيبن جي امام ڌرتي آهي، جنهن لاءِ رسولِ خدا به پنهنجي اصحابن کي چيو هو ته "هن کي سنڌ ڏانهن ٿڌي هير" پئي اچي. هن اهو به ڄاتو ٿي ته هو جنهن ڪئليبر جو عالم ۽ فارسيءَ جو ماهر هو، پر سندس سادگي کي ڏسي اڪثر ماڻهن کي اهو گمان هوندو هو ته هو جيڪو سادڙي لباس ۽ بافتي جي جو پٽڪو ٻڌل مولانا عبدالله چانڊيو صاحب آهي. مولوي ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ مسجد جوڙائي ۽ ديني تعليم جو مرڪز بڻايو، چوڻ وارا چون ٿا ته ماڻهن سان گڏ "جن" به وٽس پڙهڻ ايندا هئا. سندس اعلي پايي جي عالم ٿيڻ پٺيان قدرت جو ئي خاص هٿ هو، نه ته پٺ تي پيل علائقي مان ٻهراڙي جو نوجوان جنهن جي هاڪ شڪارپور ضلعي کان ديوبند تائين ٿي هجي.

اڃان پاڪستان ۽ هندستان جدا ڪو نه ٿيا ها، انهن جي وچ ۾ ڪا علحدگيءَ جي ليڪ ڪو نه ڪڍي وئي هئي، ملان جي ڳوٺ جو هيءُ نوجوان جهرجهنگ جلسن ۾ ويندو هو، جلسي ۾ آيل ماڻهن کي پنهنجي علم، منطق ۽ فلسفي سان پاڻ ڏانهن مائل ڪندو رهيو. مولانا عبدالله چانڊيو اسلام جو رکوال اڳواڻ هو، هو سچو ۽ کرو مولوي هو، وٽس ڪوڙ جي رتي به نه هئي، حاضر دماغ ايترو جو ڪير ڪيترو به چالاڪ ڇو نه هجي، کيس اتي جو اتي سوال جو جواب ڏيندي کيس لاجواب ڪري ڇڏيندو هو.

هُن قرآن مجيد جي ترجمي ۽ تفسير تي به ڪم ڪيو، نعتون، مناجاتون،مولود به لکيا، ان کان علاوه حديث ۽ اصحابن جي سوانحِ حيات تي پڻ ڪتاب لکيا، جيڪي هينئر ڳوليندي ڪٿي لڀجن ئي نه ٿا. سائين جي ڪتابي پورهئي مان سندس ڪجهه ڪلام اڄ به ذاتي لائبريرين ۾ محفوظ آهي.

سندس شاگردن ۾ علامه عبدالڪريم ڪورائي، عبدالڪريم قريشي ٻير وارو بزرگ، علي محمد حقاني(ڊاڪٽر خالد محمود سومري جو والد صاحب) سميت قاسمي صاحب تائين ڪيترائي شاگرد ٿي گذريا، جن پڻ مذهبي حوالي سان وڏو نالو ڪمايو.

 مولانا عبدالله چانڊيو صاحب جڏهن دارُ العلوم ديوبند وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ويو ته اتي جيڪو مولوي کيس پڙهائڻ پيا، ان تي ساڻن بحث ڪرڻ شروع ڪيائين، ان علم تي ڳالهايائين جيڪو دارالعلوم ديوبند ۾ عالم ٿيڻ جو ڪورس پڙهايو ويندو، اهو سمورو ڪورس مولانا کين اڳواٽ ۾ ئي آيو پئي، سندس قابليت ڏسي هن کي ديوبند مرڪز ۾ بطور استاد ٿيڻ جي آڇ ڪيائون، جنهن تي مولانا عبدالله چانڊئي کين کتو جواب ڏنو، هن کين چيو ته ايترو مون کي به ايندو آهي، جيڪو اوهين هتي پڙهايو ٿا.

مولانا عبدالله چانڊيو ۱۹ صديءَ جو جيد عالم ٿي گذريو آهي، هو هڪ عظيم عالمِ دين ،مفسر قرآن، اديب ۽ شاعر ٿي اڀريو، سندس حلقي ۾ کيس وڏو مان ملندو هو،

مولانا عبدالله چانڊيو جو تعلق چانڊين جي قبيلي جي مشهور  ٺينگياڻي  پاڙي سان هو، جيڪو مولانا صاحب کانپوءِ "ملاڻي" سڏجڻ لڳو. مامو غازي خان (اسان جو پڦڙ) ٻڌائيندو هو ته مولانا عبدالله چانڊئي جا وڏا اصل جاگير ۾ رهندڙ چانڊيا هئا، جتي هنن کي نو لکي جاگير  "گلاب جي ماڙي“ هئي، حصي پتيءَ تي نه ٺهڻ کان پوءِ هو اها ٽڪري ڇڏي ملان جي ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ آباد ٿيا،  جتي هن مدرسو ۽ مسجد تعمير ڪرائي. پاڻيءَ جي تڪليف سبب مسجد جي ڀرسان هڪ کوهي کوٽائي هيائين. جيڪا اڄ تائين موجود آهي.

مولانا  عبدالله چانڊئي صاحب کي چار ڀائر هئا، هو انهن کان ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ هو. سندس چئن ڀائرن جا نالا:

۱ عالم خان چانڊيو

۲ جهان خان

۳ صاحب خان

 ۴ مزار خان

آهن، مٿي چارئي بابي عبدالله چانڊئي جا ڀائر هئا.

مولاناعبدالله چانڊئي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لاء ۱۳۲۷ ھ بمطابق ۱۹۰۹ ۾ پرائمري اسڪول ڳوٺ واصل لڳ علي خان تعلقي ڳڙهي ياسين مان پرائي، هن اتان ستون درجو مڪمل ڪيو، اڳي زماني ۾ ستين پاس شاگرد هو فائنل پاس سڏيندا هئا.

مولانا عبدالله چانڊئي جي گهر ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت معمول بڻيل رهي، پنهنجي پٽن

۱. مولوي عبدالحميد چانڊئي

۲.عبدالمجيد چانڊئي ۽

۳.عبدالرشيد چانڊئي کي پڻ مدرسن ۾ پڙهايائين.

مولانا عبدالله چانڊئي جو پهريون پٽ سندس فڪر ۽ فرقي کان ڦري ويو، شيعن جو ذاڪر ٿيو، اڄ به شيعن ۾ جڏهن به بابي مولوي عبدالحميد چانڊئي جو ذڪر نڪرندو آهي ته اڄ به ماڻهو کيس "ابو تراب“ جيد عالم طور ياد ڪندا آهن. هيو ته کڻي شيعن جو عالم پر سندس تربيت، علم پرائڻ ۾ ته سندس استاد ۽ مرشد سندس والد مولانا عبدالله ھو نه.... بابي عبدالحميد چانڊئي کي ٻن پٽن جو اولاد هو، جنهن مان ڀائو عبدالعزيز (ڳوٺ جو پڳدار سان گڏ هو رٽائرڊ انسپيڪٽر) ۽ ٻيو ادا عبدالغفور چانڊيو (انسپيڪٽر) شامل آهن.

بابي عبدالحميد جي وڇوڙي کان پوءِ پيارو شاهد حسين سندس نقشِ قدم تي هلي رهيو آهي، هو عالم آهي. شاهد حسين ڀائو رئيس عبدالعزيز جو فرزند ۽ مولوي عبدالحميد چانڊئي جو پوٽو آهي، شاهد کانپوءِ ساجد حسين هيڊماستر، جاويد احمد ميڊيڪل ڪمپنيءَ ۾ مئنيجر ۽ عطا حسين لاڙڪاڻي جو سٺو پڙهيو ڳرهيو وڪيل آهي. باقي غفور صاحب هڪ پٽ آهي، جنهن جو نالو عادل علي آهي. بابو مولوي صاحب ديوبند جي سڀني ڪتابن ۽ ڪمزورين کان هي واقف پنهنجي دور جو تمام وڏو مقرر ۽ عالمِ دين ٿي گذريو آهي، سندس وفات ان وقت ٿي جڏهن هو لاڙڪاڻي اچي رهيو هو.

۲. عبدالمجيد چانڊيو سنڌ جي ناليواري اديب ۽ مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌي جو اصل نالو آهي، هو مولانا عبدالله چانڊئي جو ٻيو نمبر پٽ هو، پيءُ وٽ ڏکيو سکيو پڙهيو، دنياوي تعليم به پرايائين، تعليم کاتي ۾ نوڪري ورتي هيائين سيڪيولر سوچ جو مالڪ هو، مزاحمتي شاعر هو، کيس هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئر ٿيون، جن مان هڪ گذاري ويئي ۽ ٻي نياڻي ناياب سرڪش(اديب، شاعره ۽ سماجي اڳواڻ) ۽ ڀائو عبدالسلام چانڊيو سنڌ پوليس ۾ (انسپيڪٽر) طور ڪم ڪري رهيو آهي. مذهب ۽ مذهبي ماڻهن کان هن کي چڙ هوندي هئي، سموري ڄمار سنڌ جي آزاديءَ واري فڪر سان سلهاڙيل رهيو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪلچر ونگ جو چيئرمين ٿي رهيو، سندس وفات ڪينسر جي مرض سبب لاڙڪاڻي جي ڪئجوئلٽي اسپتال ۾ ٿي هئي سرڪش سنڌي صاحب کي هڪ پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هو.

۳.سندس ٽي نمبر پٽ جو نالو عبدالرشيد هو، سائين سرڪش سنڌي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ان ڀاءُ کي "فقير عبدالرشيد “ڪري ڪوٺيو آهي، عبدالرشيد چانڊيو به پڙهيو لکيو هو، ۱۹۹۹ع ۾ سندس وفات ٿي.  بابي عبدالرشيد جو اولاد عبدالحئيءُ، وحيد علي، عبدالله، سيف الله، خالد حسين (مرحوم) عبدالغني (مرحوم)، عبدالحفيظ سميت ٽن ڌيئرن جو اولاد هوس. بابي عبدالرشيد جي گهرواري رشتي ۾ اسان جي ناني جي ڀيڻ هئي.

مولانا عبدالله چانڊئي مولوي عبدالرحيم جوڻيجي وٽان قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪئي،

مولوي عبدالرحيم سندس ذهانت جي نيڪي ڪندو هو، حافظي ۾ هوشيار هو.

مولانا عبدالله چانڊيو - ديني علم ، عربي ۽ فارسي ۾ ڪمال جو ڄاڻو هو، انهن تي کيس وڏي ڪمال مهارت حاصل هئي، هن ديني علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، هو سنڌ ۽ هند جي جيد عالمن وٽ ويو،  مختلف عالم وٽان فيض ورتو هيائين. وٽس منطق جو ته ڪمال جو علم هو.

مولانا عبدالله چانڊئي صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي مدرسن ۾ پڙهايو، جتي به پڙهايائين، اتي امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪيائين، هو آدرشي انسان جو، جنهن جي سموري زندگي اصولن تي آڌاريل هئي.

مولانا عبدالله چانڊيو صاحب هڪ جيد عالم هجڻ سان گڏ هڪ بهترين مدرس هو، سندس علم جي هاڪ خوشبوءِ ٿي جيڏانهن ڪيڏانهن پکڙجي ويئي هئي سموري سنڌ ۾ مشهور هئي، جنهن جي ڪري وٽس کوڙ سارا طالب پڙهڻ لاءِ ايندا هئا، سندن شاگردن ۾ اهڙن عالمِ دين عالمن جا نالا لکڻ ضروري ٿو سمجهان جن مولوي عبدالله چانڊئي وٽان فيضاب ٿيا مان جن عالمن فيض حاصل ڪيو

مولانا عبدالڪريم قريشي ٻيرائي( ٻيروارو )

علي محمد حقاني

محمد شاه امروٽي

عبدالقادر رند

پروفيسر عبدالحئي چانڊيو

قنبر وارو

مولوي عبدالعزيز اوڍو سميت ٻيا کوڙ سارا عالم دين شامل آهن جن هن جيان وڏو نالو ڪمايو.

مولانا عبدالله چانڊئي کي اڄ به ٻين مسلڪ جا مولوي مڃيندا آهن، هو مناظري جو وڏو ڄاڻو هو، مختلف عقيدن وارن سان سندس جيڪي به مناظرا ۽ بحث مباحثا ٿيا، تن مان سڀ جا سڀ مولوي صاحب کٽيا، اهڙو ڪوئي عالم ئي ڪو نه هو، جنهن وٽ مولوي صاحب جيترو علم هجي ها ۽ کيس مناظري ۾ کيس هارائي سگهي ها. اڳي ڪتابن کي سهيڙڻ نهايت ڏکيو ڪم هوندو هو، ڇپائيءَ جو تصور عام نه هو، ان ڪري سواءِ چند ڪتابن جي سندس سوانح عمري، حديثن ۽ تفسير جهڙا ڪتاب ۽ ڪيل مناظرن جي احوال تي آڌاريل ڪتاب ڇپجي نه سگهيا. سندس شاعريءَ ۾ "عبد“ تخلص هو.

وڃان دوست نبي صه جي ديري ۾

ھلي وصل ٿئي ڪنهن ويري ۾

چانڊئي عبد  جي آس پڄاء خدا

پاڙي پرينء جي پهچاء خدا

نه ٿو روح ريجھي رتيديري ۾

شل وصل ٿئي ڪنهن ويري ۾

اڄ مولوي عبدالله صاحب جي وڇڙڻ کي ڪيترائي سال ٿي چڪا آهن، پر سندس سادگيءَ، علمي وسعت ۽ دليلن جو بادشاھ سمجهيو ويندو آهي، سندس نالو ٻڌي ڪيترائي عالم سڳورا ادب مان ڪنڌ نوائي سندس عظمت جا ترانا ڳائيندا آهن. هن سموري ڄمار بي ضرر، لالچن کان مٿانهون، خودداري، اصول پرستيءَ، بي غرض ٿي رهيو، مطلب پرستيءَ کان ڪوهين ڏور رهندڙ نهايت شانائتو انسان هو، سندس سادگي   ۽ حاضر جوابيءَ جا چرچا اڄ به ٻڌنڌا آهيون.

مولانا عبدالله چانڊئي رتيديري کانپوءِ شيخ زيد ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هو اپريل ۱۹۸۴ع بمطابق ۸ رجب ۱۴۰۴ هه  اربع جي ڏينهن هن فاني جهان کي هميشه هميشه لاءِ الوداع ڪري مالڪِ حقيقي سان وڃي مليو، سندس مزار شهباز ڪالوني لاڙڪاڻي جي علي بحر قبرستان ۾ آهي.


(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۸ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا