; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس سومرو السندي

01 November, 2021

ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس سومرو السندي

ڊاڪٽر مولوي محمد ادريس سومرو السندي

جامعہ دارالعلوم شرعيہ روھڙي



مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو، ۲۷ سيپٽمبر ۱۹۶۱ع ۾ ڪنڊياري لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ “چنيهاڻي” ۾ ڄائو. سندس والد محترم محمد قاسم سومرو سنڌ جو مشهور ليکڪ / مصنف آهي. جنهن جا ننڍا وڏا ۷۰ کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. هن ٻاراڻي ادب ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي.


مولوي محمد ادريس سومري “درس نظامي” ۱۹۸۲ع ۾ جامعه ارشاد العلوم ميرڪ ۾ مڪمل ڪيو ۽ “شهادة العالميه” ۱۹۸۲ع ۾ وفاق المدارس العربيه پاڪستان مان ڪيائين، جڏهن ته شاهه ولي الله دهلويءَ جي فلسفي جي تعليم، شاهه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد مان علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ وٽ ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري (اسلامڪ ڪلچر) مان “۱۹۴۷ع کان پوءِ لکيل اسلامي سنڌي ڪتابن جو تنقيدي تجزيو” عنوان هيٺ ۱۹۹۲ع ۾ پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين پنهنجي مادر علمي جامعه ارشاد العلوم ۾ صدر المدرسين رهيو ۽ ۱۹۹۱ع کان هن وقت (۲۰۰۹ع) تائين جامعه انوار العلوم ڪنڊياري ۾ شيخ الحديث جي عهدي تي فائز آهي.

مولوي ادريس ڪنڊياروي پنهنجي ۽ والد جي محنت سان هڪ عاليشان ريسرچ لائبريري ’قاسميه لائبريري‘ جي نالي سان قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ هن وقت ٽيهن هزارن کان وڌيڪ ڪتاب ۽ رسالا موجود آهن، جن ۾ پندرهن هزار ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن. پاڻ ان لائبريريءَ جو منتظم آهي. وفاق المدارس العربيه جي مرڪزي ورڪنگ ڪاميٽي، مرڪزي مجلس فقهي، سنڌ آرڪائيوز ڪراچيءَ جي اڪوئيزيشن ڪاميٽيءَ ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري جو ميمبر پڻ آهي. سندس تحقيقي مقالا مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا، جن جو تعداد ۴۰ کان مٿي ٿيندو. ڪافي تصنيفون ۽ ترجما به ڪيا اٿس. ڪيترن ڪتابن تي سندس مهاڳ، مقدما ۽ تقريظون لکيل آهن. ڪيترا پي ايڇ ڊي ڪندڙ محقق ۽ تحقيقي مقالا لکندڙ سندس ڪنڊياري واري لائبريريءَ مان فائدو ۽ مدد وٺڻ ايندا آهن. سنڌ جي عالمن جي علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ سندن مخطوطن تي سندس ڌيان ڪجهه وڌيڪ آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ مختلف ملڪن مان سنڌ جي عالمن جي مخطوطن جا فوٽو اسٽيٽ نقل پنهنجي لائبريريءَ ۾ سنڌي محققن ۽ سنڌ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ گڏ ڪرڻ سندس مشغلي ۾ شامل آهي.

الله پاڪ جي در ته دعاگو آھيون تـ سائين جن جي علم ۽ عمر ۾ اڃا لازوال برڪتون نصيب فرمائي آمين.




مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو السنڌي

سنڌ جو تمام ڏاهو ۽ گهڻ پڙهيو اديب، عالم ۽ شاعر.

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي

ڪتابن جو نهايت شوقين ۽ عاشق، ڪٿي به ڪتابن جو ميلو ٻُڌندو ته اتي بنا دير پھچي ويندو.

اسان جي سنڌ ۾ ته الائي ڪهڙا ڪهڙا لال ۽ موتي لڪل آهن. انهن موتين ۽ هيرن جواهرن جي سار سنڀال لهڻ اسان سنڌ واسين خاص ڪري سنڌين تي وڏو فرض عائد ٿو ٿئي. اهڙن موتين ڏانهن اسان جو رَوَيو الائي ڇو گهٽ ٿيندو ٿو وڃي. مولوي هروڀرو به خراب يا گهٽ ناهن. هرڪنهن جو پنهنجو پنهنجو مقام آهي. هرڪو پنهنجي ڪم سان نباھ ڪيون ٿو اچي. جڏهن ڪو خيرات يا ختمو ڪرائڻو آهي ته عام طرح چئبو آهي ته ادا فلاڻي يا فلاڻي مولوي کي وٺي اچو يا ڪنهن جي جنازه نماز پڙهڻي آهي تڏهن به چئبو ته فلاڻي مولانا کي سڏي اچو. ان کان علاوه ڪنهن جو نڪاح پڙهڻو آهي تڏهن به مولوي کي سڏيو ويندو آهي. سڀ آڱريون برابر به ناهن، اهڙيءَ ريت سڀ مولوي به خراب نه چئبا. تنهن ڪري مولوين جو شانُ به خدا پاڪ نرالو ڪيو آهي. اڄ ريگل چوڪ ڪراچيءَ تي مولوي صاحب ملي ويو. ريگل چوڪ ڪنهن وڏي عرصي کان ڪتابن جي بازار ۾ مشهور و معروف آهي. مولوي صاحب سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪجھ سال آڳاٽي آهي. آئون به جڏهن ڪراچي ايندو آهيان ته وقت سان ريگل چوڪ تي آچر ڏينهن ضرور پهچبو. مان ته ٻَٽن مهينن کان پوءِ ڪراچي آيو آهيان پر مولانا محمد ادريس صاحب ڪو به آچر گسائيندو ناهي. ان کان علاوه مولوي صاحب ڪتابن جي خريداريءَ جي سلسلي ۾ ڪڏهن شارجه ته ڪڏھن عراق يا وري ڪنهن ٻئي ملڪ ضرور ويندو آهي. ريگل چوڪ تي اڄ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي. ڪجھ ڪتابن جي باري ۾ ۽ ڪجھ ادبي ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ گفتگو ڪئي سون.

مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو صاحب جو جنم سال ۱۹۶۱ع تي ڳوٺ چنيهاڻي تعلقو ڪنڊيارو ۾ ٿيو. سندس والد صاحب جو نالو مولانا محمد قاسم سومرو صاحب آهي پاڻ به مشهور ليکڪ، اديب، عالم ۽ مصنف آهي. جنهن جا هن وقت تائين اٽڪل ۷۰ کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. چوندا آهن ته “سلو اهو جيڪو انگوران ڀلو” سو مولانا محمد ادريس جو والد صاحب به نهايت نيڪ انسان ۽ ڏاهپ رکندڙ شخص آهي.

مولوي محمد ادريس درس نظامي ۱۹۸۲ع ۾ جامعه ارشاد العلوم ميرڪ ۾ مڪمل ڪيو. شهادة العالميہ ۱۹۸۲ع ئي وفاق المدارس العربية پاڪستان مان ڪيائين. شاھ ولي الله  دهلويءَ جي فلسفي جي تعليم علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کان حاصل ڪيائين.

سنڌ يونيورسٽيءَ مان” سال ۱۹۸۷ع کان پوءِ جي لکيل اسلامي سنڌي ڪتابن جو تنقيدي تجزيو “ جي عنوان هيٺ ۱۹۹۲ع ۾ اسلامڪ ڪلچر جي شعبي ۾ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊيءَ جي سند ورتائين. ڇو ته سندس ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۾ آهي. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۲ع تائين پنهنجي مادرعلمي جامع ارشاد العلوم ۾ صدرالمدرس ٿي رهيو. ۱۹۹۱ع کان ۲۰۰۹ع تائين جامع انوار العلوم ڪنڊيارو ۾ شيخ الحديث جي عهدي تي رهيو. مولانا محمد ادريس صاحب وڏي محنت ۽ مشقت ڪري هڪ وڏو شاندار ڪتبخانو قائم ڪيو. مذڪور ڪتبخاني قائم ڪرڻ ۾ سندس والد صاحب جو وڏو هٿ رهيو آهي. سندس ڪتبخاني ۾ ڪتابن جو تعداد اٽڪل ۳۰ هزارن کان مٿي آهي. ڪتبخاني ۾ هر موضوع تي ڪتاب اردو، سنڌي، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ جمع ٿيل آهن. سندس ڪتبخاني جو نالو” قاسميہ لئبريري” آهي ان کان علاوه مختلف رسالا به ڳڻڻ کان وڌيڪ آهن. مولانا محمد ادريس صاحب جا ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن جن مان چند نالا خزينة المخطوطات ۲۰۰۶ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي چڪو آهي. هن ڪتاب جي ترتيب ۽ تصحيح به ڪئي اٿائين. شانِ خلفایے راشدين ۱۹۹۱ع، فهرست مخطوطات سنڌ آرڪائيوز ڪراچي طرفان ڇپجي چڪو آهي. شيخ فريد الدين جي ڪتاب پند نامه جو منظوم سنڌي ترجمو ۲۰۰۱ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ٻيا به ڪافي ڪتاب ڇپيل اٿس.

الله پاڪ کيس وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ سندس صحت سلامت رکي ته جيئن علم و ادب جي خدمت ڪندو رهي آمين. مون هي نهايت مختصر طور تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي. آس آهي ته الله پاڪ منهنجي هيءَ ادۡنى ڪوشش قبول ڪرڻ فرمائيندو.

 

(ريگل چوڪ ڪراچي، ۳ ڊسمبر ۲۰۲۳ع، فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا