; سنڌي شخصيتون: علامه راشد خالد محمود سومرو

28 November, 2021

علامه راشد خالد محمود سومرو

علامه راشد خالد محمود سومرو

سندس ديني خدمتون

مفتي خالد محمود جوڻو



سرزمين سنڌ پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان هر دور ۾ مالا مال رهي آهي، سرزمين سنڌ عالمن، فاضلن، مفسرن، محدثن، اديبن ۽ سياسي رهنمائن ۽ ليڊرن توڙي سماجي ورڪرن جو وڏو مرڪز رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ باب الاسلام آهي، جن پنهنجي خداداد صلاحيت جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جو ڳاٽ ۽ مان اوچو ڪيو آهي. اهڙن عالمن توڙي ديني ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مستقل طور ڪتاب ۽ دفتر لکڻ جي ضرورت آهي، آئون اڄ ان عالم ۽ فاضل جو تعارف ڪرڻ گھران ٿو، جيڪو پنهنجي ظاهري توڙي باطني خوبين سان مالا مال آهي، جيڪو هڪ پاسي قديم علمن کان آشنا آهي ته وري ٻئي پاسي جديد علمن جو به سٺو ڄاڻو ۽ عالم آهي. سياسي ۽ سماجي ڪمن ۽ جدوجھد جي ڪري پاڻ هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن کي دنيا قائد سنڌ جي نالي سان سڃاڻي ٿي. علامه راشد خالد محمود پنهنجي عظيم والد جيان بهادر، نڊر، جرئتمند سياسي ۽ سماجي رهنما طور ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.


علامه راشد خالد محمود سومرو هڪ علمي ۽ روحاني گھراڻي جو چشم و چراغ آهي، جنهن ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ گورنمينٽ پرائمري، گورنميٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پولٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي. ديني تعليم جي شروعات پنهنجي گھر کان ئي ڪئي. قرآن پاڪ ناظره ۽ فارسيءَ جا ابتدائي ڪتاب پنهنجي ڏاڏي مولانا علي محمد حقاني رحه کان پڙهيا. ان کان پوءِ وڌيڪ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي مشهور علمي درسگاهن جامعه بنوريه ۽ جامعة العلوم الاسلاميه بنوري ٽائون مان حاصل ڪئي.

علامه راشد خالد محمود شاگردي واري زماني ۾ جي يو آءِ جي ذيلي تنظيم جمعيت طلبا اسلام لاڙڪاڻي شهر ۾ ڀروپو نموني ڪردار ادا ڪيو، جيئن ته ۲۹ نومبر ۲۰۱۴ع تي عظيم حادثو ٿيو، جنهن ۾ حضرت علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو تي بزدلاڻو ۽ قاتلاڻو حملو ڪري کيس شهيد ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جماعت جي متفقه فيصلي سان جماعت جو صوبائي سيڪريٽري جنرل منتخب ٿي پنهنجي عظيم والد جي جانشيني جو حق ادا ڪري رهيو آهي، ننڍي عمر باوجود سندس رايا توڙي فيصلا وڏي اهميت رکندا آهن، مون کي ۽ منهنجي ساٿي چوهاڻ سليم الله سنڌي کي به صوبائي اجلاسن ۾ اعزازي طور شريڪ ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي، هي به علامه راشد خالد محمود جو ئي ڪردار آهي جو سندس والد جي پوکيل ٻوٽي کي پنهنجو پگھر ۽ رت ست ڏئي آبياري ڪري رهيو آهي.

علامه راشد خالد محمود کي خطابت، سياست، قيادت ۽ شجاعت جو سبق پنهنجي عظيم والد کان ئي مليو آهي، ان ڪري پاڻ انهن سڀني خوبين سان مالا مال آهي، پاڻ هڪ خطيب جي حيثيت سان به سڃاتو وڃي ٿو، ديني ۽ سياسي، ملڪي ۽ غير ملڪي حالتن تي سندس گهري نظر آهي، سندس خطابت جو انداز نهايت بهترين وڻندڙ اٿس، جنهن ۾ سندس والد جون جھلڪيون ڏسڻ ۽ پسڻ ۾ اينديون آهن. پاڻ ٻين خوبين سان گڏ هڪ سٺو ليکڪ ۽ ڪالم نگار پڻ آهي، اسان کي سندس پهريون ڪالم سندس والد شهيد جي زندگيءَ تي ملي ٿو، جيڪو اردو ۾ ماهوار الجمعيت ۾ ڇپيو هو، جنهن جو عنوان هو “ميري محسن ميري والد” جنهن جو مون سنڌي ۾ ترجمو ڪري برک عالم دين ۽ صحافي مولانا مفتي خالد محمود جوڻي جي رسالي ماهوار رهبر شريعت جي خاص ايڊشن ۾ شايع ڪرايو هو.

علامه راشد خالد محمود جيئن ته هڪ سياسي ليڊر ۽ رهنما به آهي، ان ڪري سياسي ليڊر لاءِ هي ڳالهھ نهايت ئي اهميت واري هوندي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪنن توڙي عام ماڻهن سان سٺو ۽ بهترين سلوڪ رکي، اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجي ڪارڪنن سان سٺي ۽ سهڻي طريقي سان پيش اچي ٿو، هرهڪ ماڻهوءَ سان به سٺي طور طريقي سان پيش ايندو آهي. غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي ڀرپور امداد ڪندو آهي، ان ڏس ۾ “المحمود ويلفيئر سوشل ٽرسٽ” جو اهم ڪردار آهي. علامه راشد خالد محمود تبليغي ۽ جماعتي حوالي سان به ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن جا سفر ڪيا آهن، جيڪي ديني تبليغ جي حوالي سان نهايت اهميت رکن ٿا ۽ ان مان واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته علامه راشد محمود نه صرف ڏيهه پر پرڏيهه ۾ به اسلام جي تعليم کي پکيڙڻ جو جذبو رکن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا