; سنڌي شخصيتون: مولانا عبدالحق رباني

28 November, 2021

مولانا عبدالحق رباني

مولانا عبدالحق رباني

(ھڪ ڀيٽا)

حافظ سڪندر تنيو



سرزمين سنڌ ۾ ڪڏهن علم دوست ماڻهن جي اڻاٺ ناهي رهي، مذهب هجي، سياست هجي، معاشيات هجي، زراعت هجي، تعليم تدريس هجي، هرهڪ شعبي ۾ ڪيترا ڄاڻو ماڻهو ڏسڻ ۾ آيا آهن.


انهن سڀني وصفن تي پورو لهندڙ هڪ نالو نصرپور جي قديمي شهر جو رهاڪو، هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيندڙ درس ذات واري مولانا عبدالحق رباني جو آهي، جيڪو قرآن پاڪ جي درس ڏيڻ سان گڏ انسان دوستيءَ جا سبق پڻ مسجد ۽ اسڪول۾ پڙهائيندڙ هيو. سجاڳ قومون پنهنجي هيرن جا ڏينهن ۽ يادگيريون وڏي احترام ۽ عقيدت سان انڪري ملهائينديون آهن، جيئن نئين نسل کي سندن ڪردار ۽ جفاڪشيءَ جو عمل ٻڌائي سگهجي. تاريخ جي هڪ وساريل ورق کي اٿلائيندي، ڪجھه بي ادبيءَ جي جسارت ان ڪري ڪري رهيو آهيان، جو مان علم جي ننڍڙي اَڏَ مان پياس اُجهائيندڙ، سمونڊ جي گهرائي جيڏي علمي شخصيت تي ڪيئن ٿو لکي سگهان.سنڌي قوم جي سياسي، مذهبي، علمي شعور ۾ جن ماڻهن پنهنجي پتي شامل ڪئي آهي، تن ۾ مولانا رباني جو نالو وڏن اکرن ۾ لکيل نظر اچي رهيو آهي. هن قومي آزادي ڏسڻ، سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب لهڻ، وھم پرستي جي انڌي عقيدتمندي مان آجپو ڏيارڻ لاءِ سک جون گهڙيون ڪين ڏٺيون هيون. جلسن۾، مسجد جي ممبرن تي، ريلن جي ٿرڊ ڪلاس دٻن ۾ سفر ڪندي، جيل جي سلاخن ۾ ويهي آزادي ۽ امن جا گيت پئي ٻڌايا هئا. سندس فڪري سوچ شاھ ولي لله دهلوي جي معاشي نظرئي زمين جي پيداور ۽ مالڪي جو حق هاري کي هجڻ، ۽ عبيد الله سنڌي جو سامراج دشمني جي ڪردار واري هئي. شيخ الهند محمود الحسن ۽ سيد حسين احمد مدني جو قومي ٻڌي وارو اصول۽ سيڪيولر مزاج وارو خيال زندگي جي آخري گهڙين تائين سندس ساٿي رهيو. مولانا عبدالحق ربانيءَ بابت سنڌ جي درويش صفت سياسي ۽ ادبي دنيا جي آسمان تي ويٺل محترم عبدالواحد آريسر صاحب لکيو آهي ته آئون مولانا صاحب کي هندوستان جي تحريڪ آزاديءَ جي امام حضرت شيخ الهند ۽ دارالعلوم ديوبند جي فڪري تحريڪ “توحيد پرستي”جي هڪ ڪڙي سمجهان ٿو.هو لکي ٿو ته دارالعلوم ديوبند منهنجي نظر ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سامراج ۽ انجي پيدا ڪيل فتنن خلاف هڪ اهڙو مورچو هيو، جنهن مورچي کي۱۹۴۷ تائين انگريز سامراج ۽ سندس ڇاڙتا ڊاهي نه سگهيا هئا. انڪري ئي ديوبند مدرسي جي سؤ سالا سالگره جي تقريب جي صدارتي تقرير ڪندي، ڏکڻ ايشيا جي معتبر۽ مدبر خاتون، ھندوستان جي وزيراعظم اندرا گانڌي، چيو هيو ته  ڏکڻ ايشيا ۾ سامراج دشمن قوتن جا ٻه مرڪز، جن ۾ هڪ دارالعلوم ديوبندي، ٻيو انڊين نيشنل ڪانگريس پارٽي پاڻ ۾ گڏ هئا. ان ئي سامراج سازشن سان جهيڙيندڙ هڪ علمي درسگاهه ۾ نصرپور پور جي ڪڙمي ۽ ڪاشيءَ جي ڪم ڪندڙ غريب پورهيت جو پٽ ديوبند پڙهڻ ويو هيو، جتان قومي حريت پسنديءَ جا سبق سکي اچي سنڌ ۾ پڙهائڻ لڳو. مولانا رباني دنيا جي انقلابي ويڙهاڪ ڪردار مولانا عبيد الله سنڌي جي شاگردي جي پڳ جا وڪڙ پاڻ کي ڏياريا هئا. گڏيل هندوستان جي آخري اليڪشن ٿي رهي هئي، تنهن ۾ سنڌ اندر وڏيرڪي ۽ انگريز سرڪار جي دروازي جو سلامي ڀريندڙ، مير بنده علي ٽالپر جي مقابلي ۾ ڪانگريس پارٽيءَ کي رڳو مولانا رباني اميدوار ملي سگهيو هيو، جو وڏيرا شاهي جي خدائيءَ کي للڪارڻ وارو ربانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو رب جو ٻانهو ڪين هيو. هن درويش جي ورڪ لاءِ هندوستان جو خوبصورت شڪل ۽ سياست ۾ سهڻو ڪردار ادا ڪندڙ، جواهر لال نهرو ٽنڊي الهيار آيو هيو. ان اليڪشن ۾ اڄ جي سنڌ جيان وڏيرڪي مفاد پرستي واري سياست کٽيو هيو، ۽ سنڌ ۾ شيخ الهند ۽ عبيد الله سنڌي جي غريب پرور سياست هار کاڌي هئي. جنهن ڪري مولانا نه   سرمو پاتو هيو، نه تيل ڦليل مکيا هئا، نه ئي ڏاڙهي جي سنوارت سينگارئپ ئي ڪئي هئي. جناب ڀٽو صاحب، مير برادران، طالب الموليٰ ۽ معراج محمد خان گڏجي نصرپور ويا ھئا، جتي پيپلز پارٽيءَ پنهنجو ڪوڙو سوشلزم وارو منشور ڏيکاري، مولانا سان ڌوڪو ڪري کيس پارٽي ۾ شامل ڪرايو. پارٽي پاران جلسو ٿي رهيو هيو، آريسر صاحب لکي ٿو ته هو تماشو ڏسڻ پڻ جلسي ۾ ويو هيو، جتي رباني صاحب کي پيرين پئي ملندي چيم، سائين! سر شاهنواز ڀٽي جي پٽ سان شيخ الهند جو پيروڪار گڏ ڇو؟ چيائين ڀٽي ۾ عبيدالله سنڌي جي فڪر جي خوشبو ڏسي رهيو آهيان. پي پي وارن نعرا هڻايا، سنڌ جو جاني، عبدالحق رباني، جڏهن اليڪشن ٽڪيٽون ڏيڻ جو وقت آيو ته پنجاب مان ڦرڻي گهرڻي ڪوثر نيازيءَ کي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ملي، پر عبدالحق سنڌ جي جاني رباني کي تقريرون ئي مليون. پوءِ وڏيرن پاران سوشلزم سان جٺ ڪرڻ سبب تنقيد ڪرڻ تي رباني کي، سنڌ جي ڏهيسر ربانيءَ مان زنداني بڻائي جيل جي ياترا ڪرائي ڇڏي.

ضياءَ الحق جي زماني ۾ هڪ ڪولهيءَ کي ڪلمو پڙهائڻ لاءِ رباني صاحب وٽ آندو ويو. مولانا کيس چيو؛ “هن هلندڙ هاڻوڪي اسلام مان اسين ئي بيزار ٿيا آهيون، تو کي ڪهڙو نانگ ٿو کائي، وڃ وڃي زال ٻارن سان زندگي روپلي ڪولهيءَ جي ڪردار واري  گذار.” هڪڙي مير صاحب جي وفات سبب ضياءَ الحق سندس جنازي ۾ حيدرآباد آيو، مولانا رباني جنازي نماز پڙهائي، هن ضياءَ الحق کي هٿ انڪري نه ڏنو، جو جيڪو هٿ هن دنيا جي وڏي جمهوريت پسند جواهر لال نهرو سان مليو هجي، اهو هٿ ماڊل ڊڪٽيٽر سان ڪيئن ٿو ملي سگهي. سندس مذهبي رواداريءَ جو هي ئي مثال ڪافي آهي، جو غير مسلمن سان گڏ کائيندو هيو، کين مسجدين ۾ رهائيندو هيو. هو خانقاهي ملائيت جو وڏو مخالف هيو، هو ماڻهن کي پيري مريديءَ جي مڪر ۾ ڦاسجڻ کان روڪيندو هيو، جيڪي مولوي، پير سندس ئي عقيدي وارا هئا، تن جا نالا کڻي ماڻهن کي وٽن وڃڻ، کانئن دعا سڳو وٺڻ جي منع ڪندو هيو، هو سنڌ جي مذهبي قيادت سنڌي مولوين جي هٿ ۾ هجڻ جو قائل هيو، هو ٻاهرين ايندڙ مولوين جي سنڌ ۾ مسجدين مدرسن جي مالڪيت هجڻ کي ناپسند ڪندو هيو، پاڻ انگريزي علمن پڙهائڻ جو حامي هيو، پنهنجي ٻچن ۽ شاگردن کي اسڪولن ڪاليجن ۾ پڙهائي وڏن عهدن تي رسائڻ سندس علم دوستيءَ جو ثبوت آهي، زندگيءَ جي نازڪ تند هڪ ڏينهن هرهڪ جي ٽٽڻي آهي، مولانا صاحب جي تند ۱۹ ڊسمبر ۱۹۸۳ تي ٽٽي پيئي.

No comments:

راءِ ڏيندا