; سنڌي شخصيتون: مولانا عزيز الله ٻوھيو

15 November, 2021

مولانا عزيز الله ٻوھيو

مولانا عزيز الله ٻوھيو

عبدالقدير ميمڻ نوشھروفيروز



عزيز الله ٻوھيو ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ استاد عبدالرئوف ٻوھيو جي گھر ۾ ۱۴ مارچ ۱۹۴۶ ۾ جنم ورتو بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۽ مدرسي مان حاصل ڪئي جڏهن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سکر جي واري تڙ جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ اتي مدرسي ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ وارو عمل ورجايو اتي ئي سکر جي واري تڙ واري علائقي ۾ پنهنجي پريس کولي جتي عبدالوحيد آريسر ۽ ناليواري شاعر ادل سومري پڻ پريس تي ڪم ڪيو سياسي طور تي جي يو آئي جو ورڪر رهيو ۽ مولانا مفتي محمود جو ساٿي پڻ رهيو اتي به سنڌ جي وسيلن جي ڳالھ ڪرڻ جي ڪري گهڻو وقت جي يو آئي ۾ نه رهي سگهيو ان دوران سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ تان وقت جي آمرن سزائون ڏئي جيل موڪليو پر هن آڻ نه مڃي ۽ ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ساگر پارٽي کي سرگرم ڪيو سموري سنڌ ۾ سوين ڪارڪنن پيدا ڪيا هي مظلوم قومن کي حق ڏيارڻ لاءِ ٺهندڙ ڪيترن ئي اتحادن جو حصو رهيو ۽ اڳوڻي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو ۽ سوين ڪتاب سياسي مذهبي ڇپرايا هو ۷۵ سالن جي ڄمار ۾ ۲ نومبر تي سيوهڻ جي دل واري اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ پونئيرن ۾ بيوهه چار پٽ، ٽي نياڻين ۽ سنڌ ۾ سوين پيدا ڪيل سياسي ڪارڪن سوڳوار ڇڏي ويو آهي.

 

(عبدالقدير ميمڻ نوشھروفيروز جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲ نومبر ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)


مولانا عزيز الله ٻوھيو

مشڪور ڦلڪارو

مولانا عزيز الله ٻوھيو سنڌ جو سچو ۽ بي لوث عاشق ھو ـ منهنجي ھن سان پھرين ملاقات ۱۹۷۹ع ۾ حيدرآباد ۾ نياز ھمايوني جي آفيس ۾ ٿي ـ انھي ملاقات ۾ مولانا عبيد الله  سنڌي جو حقيقي شاگرد ۽ سچو پيروڪار  مولانا صالح عاجز ۽ نياز ھمايوني به  ھئا ـ  جيڪي منھنجا پھريان سياسي استاد ھئا ـ  ھنن  نوجوان مولانا عزيز الله  ٻوھيي جو تعارف تعارف ڪرائيندي مون کي چيو ته  ھي نوجوان مولانا عبيد الله  سنڌي جي تحريڪ  سنڌ ساگر پارٽي جو نوجوان اڳواڻ آھي ـ  ھن نوجوان مولوي سان منھنجي انھي پھرين ملاقات ۾ جيء جڙجي ويو ـ  ان کانپوء اسان سنڌ جي قومي جاڳرتا جي سفر ۾ گڏ رھياسين ـ مختلف مورچن تي پنھنجو ڪردار ادا ڪندا رھياسين ـ  ھڪ ڀيري ھي سنڌ نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ  قاسم پٿر کي گڏ وٺي منھنجي ڳوٺ آيو ـ ۽ چيائون ته  سنڌ جي آجپي لاء سڀني قومپرستن  ماڻھن ۽ پارٽين جو ھڪ پليٽ فارم ٺاھجي ـ جيئن گھڻ طرفين سامراجي چالن جو مختلف مورچن تان ڀرپور مقابلو ڪري سگھجي ـ  اسان يڪراء سنڌ راڄوڻي اتحاد جو  قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ـ پوء اسان منھنجي دوست تاج جويي سان ملاقات ڪئي ۽ راڄوڻي اتحاد جي قيام لاء مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان  ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو ـ اڳتي ھلي اسين سائين عبد الواحد آريسر سان گڏ سائين جي ايم سيد سان ملياسين ۽ پوء سائين جي حڪم تي سنڌ قومي اتحاد ٺھيو ـ جيڪو ڀرپور عوامي موٽ جو سبب بڻيو ـ پر اڳتي ھلي سامراجي چالن ۽ رياستي  ھٿڪنڊن سبب اتحاد پنھنجو مقصد وڃائي ويٺو ـ  پر مولانا ۽ منھنجي دوستي ۾ فرق نه  آيو ـ  مسلسل رابطو ۽ محبتون قائم رھيون ـ ھو انتھائي مخلص ۽ نڀاھيندڙ شخص ھو ـ

افسوس ! سندس وڇوڙي جي خبر ٻڌي جيء جھري پيو آھي ـ  سنڌ پنھنجي ھڪ سچي عاشق جي وڇوڙي تي سوڳوار آھي ـ

سامي سفر ھلئا ـ راھ چتائي رڃ ـ

اھڙا جن اھنڃ ـ سي ڪرمين ملن ڪاپڙي ـ  شاھ رح

 

(مشڪور ڦلڪارو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


مولانا عزيز الله ٻوهيو

محمد خان

مولانا عزيزالله ٻوهئي بابا سائينءَ کي ٻنهي ڳـِـٽـن تي ٻـ ٻـ امانت مليل چميون ڏنيون. ـــــ 

مولانا عزيز الله ٻوهيو مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو انقلابي پيروڪار هيو، هن جي جيتري عمر وڌندي پئي وئي، جيترو هو پوڙهو ٿيندو پئي ويو اوترو وڌيڪ جوشيلو ۽ سرگرم ٿيندو پئي ويو. هن سنڌ ۽ سموري دنيا جي انسانن لاءِ آفاقي آجپو آڻڻ لاءِ ڪم پئي ڪيو. هن سڀني قومن ۽ سنڌ جي غلاميءَ مان ڇوٽڪاري، ملڪ تي مڙهيل انسان دشمن ٽولن کي شڪست ڏيڻ لاءِ نه رڳو ترقي پسند ڌرين سان همقدم ٿي پئي ڪم ڪيو پر مذهب کي انسانيت جي خلاف هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ خلاف بـ زبردست عملي جاکوڙ ۽ جدوجهد پئي ڪئي، ملڪ ۾ ۱۹۷۷ع کان پوءِ جيئن جيئن آمريت وڌندي وئي، انسانيت ۽ ڪائنات دشمن سامراجي دلال حاڪم ٽولن جي وحشيانيت وڌيڪ ننگي ٿيندي پئي وئي تيئن تيئن هن پنهنجو انقلاب جو ڪم نه رڳو سموري ملڪ ۾ پر پوري دنيا ۾ پکيڙيو پئي پر اڳي کان وڌيڪ تيز پئي ڪيو. هن ڏٺو ته  حڪمران ٽولا مذهب کي پنهنجي خونخوار ارادن لاءِ پهريان  کان تمام گھڻو وڌيڪ استعمال پيا ڪن ته هُن اوتري رفتار سان اسلام ۽ قرآن پاڪ جي پيغام ۽ سلامتيءَ جي دين اسلام جي پيغمبر ﷺ جي ٿعليم جي غلط تشريحن خلاف دليلن سان لکڻ ۽ ڪتاب ڇپرائڻ شروع ڪيا.هڪڙي ڀيري ڪنهن دوست مون کي ٻڌايو هو ته عبدالواحد آريسر ٿو چوي ته مولانا ٻوهيي غلام احمد پرويز کي هاڻي پڙهيو آهي. پر مون ان دوست کي چيو ته غلام احمد پرويز انگريزيءَ جو ماهر هيو ان ڪارل مارڪس، اينگلس ۽ ٻين فلاسفرن کي به پڙهيو هو پر اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ ڪميونسٽ فڪر کي عوامي سطح تي مشهور توڙي مقبول ڪرائيندڙ، عام چونڊن ۾ ڪميونسٽ نظريو رکندڙ پارٽي کي کٽرائڻ جو ڪارنامو بـ گنارمرڊال ڪيو هو.  غلام احمد پرويز جي هيري گنارمرڊال جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اهو هيو تـ  اسڪينڊي نيوين ملڪن ۾ ستر سالن کان وڌيڪ وقت تائين سوشلسٽن ڪميونسٽن جي حڪمراني رهي، پرويز جي هيري گنارمر ڊال اسڪينڊي نيوين ملڪن ۾ بي مثال عوام دوست حڪومتون قائم ڪيون. مولانا عزيز الله ٻوهيو گنار مرڊال کان گھڻو متاثر هيو جنهن کي شايد عبدالواحد آريسر نه پڙهيو يا ان بابت نه ٻڌو هجي.

مولانا عزيز الله ٻوهيو ڳوٺ هوندو هو ته تقريبن روزانون نوشهروفيروز شهر ايندو هو،بابا سائينءَ سان ملندو هئو. مون کي دماغ ، اکين جي تنتن ۽ رڳن جي سوچ جي بيماري ٿيڻ ڪري اکين ۽ نظر کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. مان ۱۹۹۹ع يا ۲۰۰۰ع ۾ حيدرآباد مان لڏو کڻي ڳوٺ هليو ويو هوس. بابا سائين استاد محمد ابراهيم ”مائل“ رٽارئرڊ پرائمري استاد هو، طب ۽ نبض ذريعي بيماري سڃاڻڻ جو وڏو ماهر هو پر مذهبي خاندان جو سربراهه، عربي ۽ فارسيءَ جو ماهر  بـ هيو. بابا سائينءَ کي ديني، اسلامي معاملن ۾تمام گھڻي ڳوڙهي ڄاڻ هئي. بابا جو نوشهروفيروز ۾ طبابت جو دواخانون هو، هڪ ڏينهن بابا ٻڌايو ته “بابا مون وٽ گھڻو ڪري روزانون مولوي عزيزالله ٻوهيو ڪچهري ڪرڻ ايندو هيو، هي اوچتو مهينو ڏيڍ گم ٿي ويو، هڪ ڏينهن موٽي آيو ته پڇيومانس ته مولوي صاحب خير ته هيو، هيترا ڏينهن ڪاٿي هيئو ته چيائين ته ولايت کان هڪڙي ادبي تنظيم جي دعوت تي ملڪ کان ٻاهر ويو هيس. اتي ٽي چار ڏينهن ڪانفرنس ٿي جنهن دوران هڪ همراهه مون کيا پڇيو ته ‘مولانا ٻوهيا صاحب سنڌ ۾توهان جو ڳوٺ ڪاٿي آهي؟ ٻوهيي صاحب وراڻيس ته مان ضلعي نوشهري فيروز جو آهيان پوءِ ان همراهه پڇيس ته محمد خان ۽ منظور سولنگيءَ کي يا انهن جي والد صاحب کي سڃاڻو ٿا؟ ٻوهئي صاحب وراڻين ته ها اهي ته گھرا دوست آهن، اسان جا ڳوٺ به ويجھا آهن. سائين محمد ابراهيم سان گھڻو ڪري روز ملڻ ويندو آهيان. تفصيلي سوالن جوابن کان پوءِ ٻوهيي صا احب کان پڇيائين  ته وڌيڪ ٻن ڏينهن جي ويزا اٿم مولوي صاحب باباسائينءَ کي ٻڌايو ته منهنجا پاسپورٽ ۽ ڪاغذ وٺي پاڻ وٽ رکيائين. چيائين ته مرضيءَ سان ويزا وڌرائي وٺون ٿا، هاڻي روزانو ٿاڻي تي نه ويندئو، هاڻي توهان منهنجي حوالي آهيو، پوءِ سڄي ملڪ جي ڪئين شهرن ۾ مولانا ٻوهيي جون دعوتون رکرايائين، هر هنڌ گڏجاڻيون ڪرايون ويون. سوکڙيون ۽ ڪتاب وغير ڏاڍا مليا، دوري جي آخري ڏينهن تي هوائي اڏي تي مون کي ڇڏڻ آيا ته مون (مولانا کي) سوکڙين جو اڌ کان گھڻو سامان اتي مهانداري ڪندڙ دوستن وٽ ڇڏڻو پيو، مولانا ميزبان کي آخري ڀاڪر پائيندي  پڇيو ته پاڪستان ۾ توهان پنهنجي دوستن لاءِ ڪو نياپو سنيهو ڏيندؤ ته چيائين ته ٺٽ هوتچند، دليپوٽن جي ٻاهر جي ڪارن ۽ اندر جي اڇن، ٻن ماڇي ڀائرن محمد خان ۽ منظور کي ٻه چميون هڪڙي ڳل (ڳٽي) تي ٻه چميون ٻئي ڳل تي ڏجو، باقي ٻين سڀني کي گھروڙي بجو ڏجو. باقي چاچي سائين محمد ابراهيم کي منهنجا پيرن تي هٿ چئجو ۽ چميون ڏجو.“

(مــــعــــذرت: مون نه پئي چاهيو ته اهو واقعو لکان، زندگيءَ جي سفر جا ڪي اهڙا واقعا آهن جي جيڪڏهن جيئن آهن تيئن لکجن ته لازمي آهي ته ٻين جي توهين ٿيندي يا انهن جي دل ڏکاري ٿيندي پر واقعن جا گھڻا ڪردار اڃا جيئرا آهن.)

 

(محمد خان جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا