; سنڌي شخصيتون: علي مراد ٽانوري - حفيظ چانڊيو

01 November, 2021

علي مراد ٽانوري - حفيظ چانڊيو

علي مراد ٽانوري

براڊ ڪاسٽر ۽ شانائتو شخص - سلسلو - املهه انسان - ڪڙي نمبر ۵۳

حفيظ چانڊيو



ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي عمل ۽ ڪردار سبب نه صرف پنهنجي والدين، علائقي واسين لئي فخر جو سبب هوندا آهن پر بي ساکين تي بيٺل سماج ۽ ملڪ جي قومي تشڪيل سان گڏ تحفظ جي ضمانت ٿيندا آهن. انهن مان ڪيترائي نوجوان والدين، علائقن جو نالو روشن ڪندا آهن ته وري ڪن مان وري پوري قوم خوش هوندي آهي، اهڙن املهه ڪِردارن مان سڳداسي چانورن جهڙي خوشبوءِ پئي ايندي آهي. انهن فخر لائق نوجوانن جي شخصيت جي گهاٽي ڇانوري هيٺ ٿَڪُ ڀڃي پوري قوم عجيب قسم جو آنند محسوس ڪندي آهي ۽ تحفظ سان گڏ پنهنجائپ واري ڀرپور احساس سان شانائتو جيون پسندي آهي.


علي مراد ٽانوري -۱۳ جولاءِ ۱۹۷۱ع ڌاري ڳوٺ گُجي ٽانوريءَ تعلقي ٺل ۽ ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ نج پورهيت ماڻهوءَ سائين محمد موسي ٽانوري جي ڪچيءَ جاءِ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ٺل پنهنجي آبائي ڳوٺ گجي ٽانوري مان پرائي ۽ مڊل کان مئٽرڪ مبارڪ پور هائي اسڪول مان پرايائين. سندس وڏا ڀائر هن جو اتساهه رهيا، جيڪي پوليس محڪمي ۾ آفيسر ٿي رهيا آهن.

علي مراد ٽانوري نهايت محنتي نوجوان هو، منجهس ڪجهه ٿي ڏيکارڻ جو جذبو موجود هو، جنهن ڪري هن رات دير تائين پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ پاڻ مصروف رکيو. وڌيڪ پڙهائي لاءِ هن بيچلرس ۾ ايگريڪلچر آنرس زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ مان مڪمل ڪئي، اتي کيس انگريزيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ جو شوق جاڳيو، ان لاءِ هن لاڙڪاڻي جي مشهور “ناليج سينٽر “ ۾ داخلا ورتي. اتي سائين مختيار سمي صاحب جهڙو باصلاحيت استاد کيس انگريزي ٻوليءَ بابت نه صرف معلومات ڏني پر هن کي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ پڻ ڀڙ ڪيو. ناليج سينٽر گذريل ڪيترن ئي سالن کان تعليمي ميدان ۾ معياري تعليم جو مرڪز رهيو آهي. پڙهائي دوران علي مراد ٽانوري صاحب جن کي “منسٽري آف ڊفينس “۾ انسپيڪٽر جي سرڪاري نوڪري ملي، نوڪريءَ سان گڏ هن ايم اي سي زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام مان حاصل ڪئي هيائين.

منسٽري آف ڊفينس هن حساس قسم جي ڳڀرو لاءِ جيتوڻيڪ مشڪل هئي، پر وس آهر هن ان جاب سان نيبهه ڪيو، ان کاتي ۾ سندس ست سال مثالي آهن.

نوڪري ملڻ کانپوءِ به علي مراد ٽانوري مان “ڪجهه وڌيڪ ٿيڻ “۽ ڪجهه بهتر کان بهتر ڪرڻ واري جستجو ماٺي نه ٿي، نيٺ هن نوجوان ۰۱ ڊسمبر ۲۰۰۱ع ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ بحيثيت پروڊيوسر ڪاميابي حاصل ڪئي. جتي پاڪستان براڊڪاسٽنگ اڪيڊمي کيس مسلسل چار مهينا ٽريننگ ڏني جتي لهرن جي آواز ذريعي سندس واسطو الائي ڪيترين سماعتن سان پيو.

هن لاءِ هيءَ نوڪري محظ زندگي گذارڻ جو ئي ذريعو نه ٿيو پر هن جي ماٺيڻي مزاج ۽ يڪسان موڊ ۾ عجب رنگ ڀريا. منجهس پر اعتمادي پيدا ٿي، مائڪرو فون وسيلي سندس آواز ڪيترن ٻڌندڙن کي موهي ڇڏيو، ڪيترن ئي لسنرس جي دلين تي راڄ ڪرڻ لڳو هن لوڪ جي درد ۽ احساسن کي اسڪرپٽ جو روپ ڏيئي سندن ترجماني پئي ڪئي. ريڊيو کان اڳ علي مراد ٽانوري فلمن ڏسڻ جي شوق کان ريڊيو تي مختلف فنڪارن توڙي فنڪارائن کي ٻڌندو رهيو، سندس پاڪستاني فلمن جي اداڪارن ۽ اداڪارائن سان بي انتها انسيت هئي.

علي مراد ٽانوري صاحب جي پهرين پوسٽنگ ئي مقامي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن تي ٿي، ان وقت زاهد حسين قلباڻي صاحب اسٽيشن ڊائريڪٽر هو، نور محمد چنو اسٽاف انائونسر هو. ان شروعاتي دور ۾ جيتوڻيڪ ريڊيو هن لاءِ ۽ هي ريڊيو لئي بنهه نئون هو پر ان باوجود هن پنهنجي پوري سچائيءَ ۽ تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪندي نت نوان پروگرامس شيڊيول ڪيا جن ۾ “روح رهاڻ “۽ اوهان جو خط پهتو” قابلِ ذڪر آهن.

هُو بنيادي طور تي هڪ آرٽسٽڪ سوچ جو مالڪ نوجوان هو، اهوئي سبب هو جو هن شروع واري زماني سينيئر پروڊيوسر ٿيڻ تائين لاجواب ڊراما پروديوس ڪيا هئائين، جن ۾

۱. اونداهيءَ کان روشنيءَ تائين. (ع. ق. جوڻيجو)

۲. جيئدان

۳. قومي نشرياتي رابطي تي هلندڙ “ہم سب ايک هين” کان ”سحر هوني تک”، ريت کا گھر، ڏنگي زال جهڙا اصلاحي ڊراما سندس پيشڪش ۾ براڊڪاسٽ ٿيا جيڪي قابل ذڪر آهن.

علي مراد ٽانوري نج پروفيشنل قسم جو براڊڪاسٽر رهيو آهي، جنهن ميوزڪ شعبو ملندي ئي ۱۵۰ جي لڳ ڀڳ سنڌي توڙي اردو ۾ ڪلام رڪارڊ ڪرايا.

ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي سائين عاشق نظاماڻيءَ، الطاف سمي، سليم رضا ڪنڀر، استاد انور علي سانگي، خانصاحب استاد غلام شبير سمون، نذير حسين سمون، شبانہ سورٺ، شيراز عباسي، سهڻي ناز تنيو ۽ ليلان سورٺ سميت انيڪ آرٽسٽن ۽ فنڪارن توڙي فنڪارائن کي ريڊيو جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو.

علي مراد ٽانوري ريڊيو پاڪستان جي هر شعبي لاءِ محنت ڪندو رهيو آهي، هن کي جتي به ۽ جڏهن به ڪوئي موقعو مليو ته هن مقامي ڊراما نگارن ۾ اداڪارن کي ائپرووِ ڪرايو. سندس ڪريڊٽ تي هڪ اهم ڪم اهو به آهي ته هن ۱۴ آگسٽ ۾ يومِ دفاع جي مناسبت سان مختلف شاعرن کان شاعري لکرائي ۽ مختلف فنڪارن کان ڳارائي منجهن هڪ وڏو مقابلو ڪرايو جنهن تقريب جي صدارت ان وقت جي ايس ڊي جناب مختيار ملڪ صاحب جن ڪئي، ان سموري تخليقي ڪم ۾ علي مراد صاحب جي پروڊيوسر خالد حسين چانڊئي معاونت ڪئي.

علي مراد ٽانوري جو اهم ڪم اهو به آهي ته هِن ڪيترن ئي سگهڙن ۽ شاعرن کي ريڊيو جهڙو پليٽ فارم مهيا ڪيو، ان کان علاوه هن ڪوشش ڪئي ته ريڊيو پاڪستان جي مائڪرو فون تي معياري آواز بطور انائونسر متعارف ڪٽارا ئين، جيڪي هينئر مائڪرو فون ذريعي سوين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهيا آهن. انهن آرٽسٽن ۾ خالد حسين چانڊيو، سعيد ٽانوريءئ، لاريب سڄڻ، ذاڪر کچي، استاد الطاف کچي، نعمت الله جوڻيجو، ف. م سنڌي، خاور قبولائي، ڪامل امداد جتوئي، زاهد ڪريم، سليم رضا ڀٽي، قائم الدين جلباڻيءَ،اقصي انيس، اقصي نور، سنڌوءَ. سميت قدير ڊومڪي شامل آهن. علي مراد ٽانوري جو دور آرٽسٽن، سگهڙن، شاعرن ۽ فنڪارن لئي سنهري دور رهيو آهي.

رياض سومري، ڪومل عباسي، شمس پريمي، شاهين سنڌي، سرڪش سڌائي، حنيف سهاڳ، عاشق دائي، روشن شيخ، بدر، ضعير الاهي کچي، هادي بخش بگٽي، راشد خان پٺاڻ، اڪبر بلوچ، شمع منگي، سنگر سعيد تنئي، مسرت، نجف ناشاد سميت ڪيترن فنڪارن ۽ ڊراما آرٽسٽن کي متعارف ڪرائڻ جو سهرو به سندس پکي پيل آهي. ان سان گڏ ڊراما نگارن ۾ ايوب گاد ۾ عادل عباسيءَ کي ائپرووِ ڪرايائين.

محترمہ بينظير ڀٽو جي اوچتو قتل جتي پوري ملڪ کي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو، اتي لاڙڪاڻي جي ريڊيو پاڪستان پڻ ٽي ڏينهن مشڪلاتن جو شڪار بڻيو هو. عدم تحفظ جي احساس سان علي مراد ٽانوري ريڊيو جي بلڊنگ کي ڪيئن بچايو اهو سندس ذات کي ئي خبر هوندي. ۲۷ ڊسمبر واري ٻائيتال سبب هر پاسي سرڪاري توڙي خانگي ملڪيتون عوامي ردِ عمل جي ڪاوڙ ڪروڌ جي ور چڙهيل هيون، شهر مڇريل ماڻهن جي ماچيس جي تيلي سان دکي رهيو هو، شهرن جي ترقيءَ عوامي ردِ عمل سبب خاڪ ٿي رهي هئي.

“پاڪستان کپي” جي نعري لڳڻ وقت پوري دنيا جي ميڊيا جتي موجود ۽ هاءِ الرٽ ٿيو بيٺي هئي، اتڙي ريڊيو جي لوگي سان هن آفيسر ريڊيو جي نمائندگي پئي ڪئي. جيتوڻيڪ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ان وقت شوڪت خاصخيلي صاحب هو، پر خيرپور ميرس جي رهواسي هجڻ سبب هو اتان لاڙڪاڻي اچي نه سگهيو هو. ان وقت هيڊڪوارٽر سموري اسٽيشن تان هن آفيسر جي چونڊ ڪئي. سندس اهڙين خدمتن عيوض ريڊيو پاڪستان جي هيڊڪوارٽر پاران کيس تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ مليل آهي، جيڪو نه صرف هن لاءِ پر پوري يونٽ لئي باعث فخر آهي.

علي مراد ٽانوري صاحب جو اهو به هڪ اهم ڪم آهي ته ۱۰۰.kw ڊجيٽل ٽرانسميٽر سندس نگرانيءَ هيٺ اسٽال ٿيو، جنهن جو سنگِ بنياد اڳوڻي ڊي جي جناب شيراز لطيفي رکيو. براڊڪاسٽر کان هٽي ڪري هو ڪيريئر ڪائونسلنگ ۽ عوامي خدمت واري جذبي سان پڻ سرشار رهيو آهي.

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ آڪٽوبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا