; سنڌي شخصيتون: ڪستورو مل

15 November, 2021

ڪستورو مل

ڪستورو مل

ڪبير پنٿي ڪاڪي سان ڪچهري

استاد لغاري



ڪاڪو ڪستورو مل هونئن ته “تاريخ ريگستان” جي مصنف رائچند هريجن جي شهر چيلهار جو ويٺل آهي، پر هن وقت تعلقي سانگھڙ ۾، چوٽياري روڊ سان، بس اسٽاپ لُٽڪي موريءَ تي لڏي آيو آهي. مينگھواڙ قبيلي جو هجڻ ڪري، ڳنڍ ٽروپ ۾ ڪمال جو ڪاريگر آهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن ڪم ڪار سانگي وٽس وڃي  ٿو، ته ان کي ڪبير، ميران ۽ دادو جا دوها ۽ سورٺا سُڻائي، خوش ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري آئون کيس “ڪبير پنٿي” سڏيندو آهيان. ڪافي عرصو اڳ ٽنڊي مٺا خان جي لڪياري سادات سيد دلاور شاھ، مون سان ڪاڪي ڪستوري مل جو ذڪر ڪيو هو، ته مون ان وقت ئي اٽل ارادو ڪيو، ته اهڙي اَمُلھ انسان سان ملڻ نهايت ضروري آهي.

“پَک نَهِين، پاوَر نَهِين، پَهُچ نَهِين، پِيَّه دُور،

اُڏِر نه سَڪان سَکِيان! مَران سُور بَسُور.”


لُٽڪي موريءَ تي ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا. هڪڙا جنوني مسلڪي ماڻهو ۽ ٻيا مٺڙا محبتي ماڻهو. محبتي ماڻهن ۾ استاد حاجي عبدالغفار “عبد” لغاري عرف “ماستر ٻانهو” به هڪ آهي. پاڻ وقت جو وڏو ڄاڻو، بهترين استاد، عالم، اديب، شاعر، نبض شناس ۽ حڪيم به آهي. سندس فرزند استاد ظفرالله خان لغاري سُٺو صحافي ۽ منهنجو بهترين دوست آهي. جنهن لُٽڪي موريءَ تي ويٺي ويٺي، مون سان ڪاڪي ڪستوري مل جو ذڪر ڪيو، ته منهنجي من ملڻ لاءِ اچانڪ اُڌمو کاڌو. هاڻي اسان شير احمد لغاريءَ جي ساٿ سان، ٽي ڄڻا گڏجي ڪاڪي ڪستوري مل وٽ رڙهي رسياسين. ڪاڪي ڪستوري مل مون کي سامهون رکيل صندوقڙيءَ تي ويهڻ جو چيو. پر مون سندس ڀر ۾ وڇايل سڻِيءَ جي ڳريل ڳوڻيءَ تي ويهڻ کي ترجيح ڏني.

مون ڪٿي پڙهيو هو، ته “دنيا جا سمورا سچا اديب، ان وقت وڏا ڏاها ۽ اسڪالر بنجن ٿا، جڏهن اهي ڪَمين، ڪورين، ڪاسبين، موچين، سوچين، واڍن، لُهارن، ڌنارن، پنهوارن، ڳنوارن ۽ ڳوٺاڻن سان، ڳوڻين تي ويهي ڳالهيون ڪن ٿا. انهن سان ڪچهريون ڪري، ڏور ڳجھارتون ڏيئي، وٽن معنيٰ جا موتي ميڙن ٿا.” آئون سدائين سوچيندو رهيو آهيان، ته “جيڪڏهن مون کي به علم و ادب جا گوهر گڏ ڪرڻا آهن، ته پنهنجي پاڻ کي خاڪ جي خمير ۾، حقير فقير ٿيڻو پوندو.” علامه اقبال چيو هو:

“مِٽا دي اَپنِي هَستِي ڪو، گر مَرتبه چاهي،

ڪه دانا خاڪ ۾ مل ڪر، گُل و گُلزار هوتا هئي.”

سِڻي جي سِني ڳوڻيءَ تي ويهي ڳالهيون ڪندي، منهنجي سرير کي جيڪو سُڪون مليو، اهو لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان مٿي آهي. مون هيرن جي کاڻ کي کوٽڻ لاءِ، سڀ کان پهريان ڪبير جو دوهو دهرايو.

“ڪَبِيرا! ڪَل جُڳ پَڙا، ساڌُو بَني نه ڪوءِ،

ڪامِي، ڪِروڌِي، مَسخري، تِس ڪِي پُوجا هوءِ.”

ته مون ڏي نهاري، مُرڪي، وراڻي ۾ چيائين:

“ساڌُو چَليا، ٺَڳ رهيا، ٺَڳ ڀِي چَلڻهار،

جو ساچي ڪُون جُوٺا ڪَهي، آئِي اُسِي ڪِي وار.”

دوهو ٻُڌي مون کي پنجٽيھ سال پهريان وارو هڪ منظر ياد اچي ويو. تعلقي کپري جي کاهي شهر ۾ ويو هوس. جتي منهنجا پيارا دوست خيرو خان مري، رمضان ڪنڀار، اڪبر سومرو، الھ بچايو وڄلو، ظهور پنهور، گرڌاري لال ايڇ کتري ۽ ٻيا رهندا هئا. مون کي رمضان ڪنڀار هڪ درزيءَ جي دڪان تي وٺي ويو. جتي مهراج نهال چند نالي هڪ درزي، پيرڙي مشين تي ڪيرولِين جا ڪپڙا سِبي رهيو هو. ساڻس دعا سلام ٿي، ته خير خوش ڪندي، ڪاليداس ڪوي، ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي ۽ دادو جا دوها دهرايائين. ڪاڪو نهال چند هن وقت ۹۰ سالن جو آهي، پر اڃان تائين ڪبير جون ڪيرتيون ۽ ميران ٻائي جون ٻاڻيون ٻڌائيندو رهندو آهي. ڪاڪي نهال چند جي پيڙهيءَ مان، ڪامريڊ رام ڪرشن نام پيدا ڪيو آهي. انڊيا جِي اداڪاره ماڌوري جو البيلو عاشق ۽ گل محمد عمراڻي وانگر، ڪاوش اخبار جو هائيڊ پارڪي اديب آهي. اخبار ۾ اُبتيون سُبتيون ڳالهيون لکي، ماڻهن کي پنهنجي وجود جو احساس ڏيارائيندو رهندو آهي.

هتي ڳالھ هلي رهي آهي ڪبير پنٿي ڪاڪي ڪستوري مل سان ڪيل ڪچهريءَ جي. جيڪو لُٽڪي شاخ جي اولهندي ڪپ تي، پنهنجي پِڙي پٿاريندو آهي. مون سان سِڻيءَ جي ڳريل ڳوڻِيءَ تي ڳالهيون ڪندي، شاھ جي رسالي جو هڪ بيت پڙهيائين:

“ڪَڻا مَنجھ قَطارَ، هُئا هيڪاندا سَنگَ ۾.”

کيس کلِي چيم: “ڪَڻا مَنجھ قَرارَ.”

پر مون کي پڪو مثال ڏيندي چيائين: “ڪڻڪ، مَڪئِي، جُوئر ۽ ٻاجھر وغيره جي سِٽي ۾، (يعني سنگ ۾) جيڪي ڪڻا لڳل هوندا آهن، اُهي قطار ۾ بيٺل هوندا آهن. ڀٽائي رحه جهڙو شاعر، انهن ڪَڻن جي قطار جو ذڪر ڪري ٿو، نه ڪه قرار جو.”

سندس جواب ٻُڌي آئون لاجواب ٿي ويس. کيس چيم: “هائو ڪاڪا! اهو بيت ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ صاحب واري ڇاپي نسخي ۾، صفحي نمبر ۴۹۹ تي، سُر “بروو سنڌيءَ” ۾ برابر بيٺل آهي. البت ان ۾ قرار بجاءِ قطار لکيل ڪونهي ۽ اها به پڪ ناهي، ته اهو بيت شاھ صاحب جو به آهي يا ٻئي ڪنهن سُگھڙ جو آهي؟” ته مون ڏانهن ڏسي مُرڪيو، رنبِي کي روهِيءَ تي رهڙو ڏنائين. موجي کي پاڻِيءَ جو ڇنڊو هڻي، ان ۾ آرَ، آرپار ٽُنڀي ڇڏيائين. پوءِ ميڻ لڳل ڌاڳو ڇڪي، ٽُروپو ڏيئي چڱِي ريت چَتي هنيائين. هاڻي هندي ٻوليءَ جو هڪ دوهو دهرائيندي چيائين:

“پِي پِي ڪَرُون، پِيَّه نَهِين، پِي گيا پَرديسَ،

ڳل وچ ڪَفنِي، ڀَڀُوتَ لگا ڪي، ڦِرُون ديسَ بَديسَ.”

ته مون کي هاڻوڪي ويجھي دور جو هڪ واقعو ياد آيو: “ضلعي سانگھڙ جي نئين آباد شهر ۾، هڪ عاشق “صادق” رهندو هو. ڪنهن نانَ مُسلم مونث ماڻهوءَ تي مفتون ٿيو. جڏهن اها مري ويئي، ته ان جي قبر تي وڃي ويهي رهيو. پنهنجي اشهد آڱر اُڀي ڪري، خدا کي چيائين: “اي الله سائين! جيڪڏهن تون آهين، ته منهنجي محبوبه جئري ڪري ڏي.” اُها جئري ڪا نه ٿي، ته ٿيڙ کائي ٻِي ڪَلَ ۾ هليو ويو. گھر اچي ڳوٺ جي مسيت ڊاٿائين. بنگلا، ٽريڪٽر، زر، زمينون، جيپون، ڪارون، بسون ۽ موٽرون، ماڻهن ۾ مفت ورهايائين. پيرن مان پيزار ۽ انگ تان انگوڇو لاٿائين، ته وري ڪو نه پاتائين. پوءِ ڪيترا ئي سال نئين آباد شهر ۾ پاڻيءَ جون ڪنواٽيون ڀريندو هو. سندس مري ويل محبوبه جي مڙس جو نالو هوندو هو “ڪستورو.” ان ڪري پنهنجي پاڻ تي “ڪستورو” نالو رکايائين.

ماڻهو پڇندا هئا، ته “صادق! ڪهڙا حال اٿئي؟” ته انهن کي چوندو هو: “صادق الاءِ ڪير آهي؟ آئون ته ڪستورو آهيان.”

هِن ڪل پتي ڪاڪي ڪستوري مل سان ڪچهري ڪندي، مون کي گمان ٿيو، ته “جيڪو ماڻهو چيلهار ڇڏي، لُٽڪي آيو آهي لڏي، متان اهو به ڪٿي “صادق” مان “ڪستورو” ٿي ته ڪونهي آيو؟”

“جِيئَن ڄيرو کانئي ڄَرَ سِين، عِشقُ اِيئَن ڪَري،

ڳالھ نه ڳالهين جهڙِي، اَڃان پِرتِ پَري.” (شاھ)

مون ڪاڪي ڪستوري مل جي ڪچهريءَ مان، ان وقت اٿڻ جي ڪئي، جڏهن سندس پُرنم پپليون، پاڻيءَ سان پُسڻ لڳيون. البت اهو ڏسي اطمينان ٿيو، ته ڪاڪو ڪستورو اڃان ڪَنَ ڪَٽَ ڪاپَٽَ ڪاپَڙِي ڪَنوٽِيو ڪَنَ چِيرَ ڪونهي ٿيو. اهو عاشق اُتر هير ۾، سرير کي ساڙي، فنا ٿيل فقير ٿيڻ جي تدبير کي اڃان تاڙي رهيو آهي. کيس چيم: “ڪبير پنٿي ڪاڪا! اسين هاڻِ هلون ٿا.”

مون ويندي ويندي هنديءَ جو هڪ بيت ڏنو، ته مون کي دُور دُور تائين تڪيندو رهيو:

“چَندَن! تو هِي باسَ ۾، موهِي سَڀَ بَنراھَ،

جَيسِي تَيسِي لاڪَڙِي، تيري نامَ بِڪاءَ.”

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾، سومر ۱۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا