ڄام قربان علي خان سولنگي
هڪ مثالي استاد ۽ ڪردار
ڊاڪٽر ڀائي خان “هالار”
سولنگي
منهنجو ذڪر ڪجو ڇاڪاڻ
ته آءٌ ڏوهاري ڪونه آهيان، نه وري بغض وچان ڪجهه چئجو (شيڪسپيئر)
پَل - اپَل جي هيءَ
حياتي جر ۾ ڦوٽي جيئن آهي، الاجي ڪهڙي لهر، ڪيڏيءَ ويل ان کي اڌ ڪريو وڃي. ان کن
پل جي جيون ۾ ڪي ڏيئا جرڪاٽ ڪندا آهن، جن جي لاٽ صدين تائين واٽهڙن کي واٽ ٻڌائيندي
آهي. هڪ اهڙي فرض شناس ذميوارانه ۽ مثالي شخصيت جنهن پوري مني صدي علم جي لاٽ جو مشعل
کڻي، استاد جي روپ ۾ مستقبل جي معمارن کي تعليم جي زيور سان سينگاري، بهادري ۽ حوصلي
سان جئي ڏيکارڻ جي سگهه سان شعور ڏئي سنڌ جي سينڌ کي سنواري پختي عزم ۽ سچي سپوٽ
جي ناتي پنهنجو پاڻ کي ارپي، هميشه سدا ساڃاهه وند ۽ علم دوست دلين ۾ امر بڻجي ويو.
اڄ به هر هڪ دل منجهان
سندس لاءِ پيار ۽ محبت ڀريا لفظ زبان تي احترام سان ائين اوتجي اچن ٿا ته اسان جو
مٺڙو استاد ڄام قربان علي سولنگي، فرزند سنڌ هو. پنهنجي پيشي سان سچو هڪ Committed Teacher
هو، جنهن اهو وچن ڪيو هو ته قوم جي ٻچن لاءِ پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ لازمي آهي. هو ويهين صديءَ
جي نسل کي اهڙو ته پاڙهي ۽ پرجهائي ويو آهي جو سندس شاگرد، پنهنجي استاد جي وڇوڙي
کي مڃڻ لاءِ هر گز تيار ناهن.
هو فقط ايترو ئي
چون ٿا جيستائين قلم جي نوڪ کي لکڻ جي سگهه رهندي اوسيتائين هو هميشه زنده رهندو.
سندس جنم ڀومي ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي آهي، جيڪو راڻي پور شهر ڀرسان آهي. هيءُ ننڍڙو
سر سبز ڳوٺڙو ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. ۲ جون ۱۹۲۸ع جمعي جي مبارڪ ڏينهن تي هن ننڍڙي ٻالڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ ڪرسي نشين نيڪ
مرد ڀائي خان سولنگي جي گهر ۾ اک کولي، (ڪرسي نشين نيڪ مرد / ڪرسي نشين زميندار،
خيرپور رياست وارن ڏينهن ۾ واليهءِ رياست پاران مقرر ڪيا ويندا هئا، جيڪي پوري رياست
مان ۳ زميندار چونڊيا ويندا هئا. هي انهن ۳ نيڪ انسانن جي پوري رياست مان چونڊ ٿيندي
هئي، جن جو ڀرپور اڀياس قرآني تعليمات، سنت ۽ حديث سان هوندو هو. انهن ۳ ئي ڪرسي نشين نيڪ مردن جي ڪنهن به فيصلي دوران، هڪ عدليه ميمبر جي حيثيت ۾ واليهءِ
رياست جي سربراهيءَ ۾ عدالت واري مخصوص ڪرسي رکي ويندي هئي، جنهن ڪري انهن کي ڪرسي
نشين نيڪ مرد يا زميندار سڏيو ويندو هو.)
ديندار گهراڻي ۾
جنم وٺندڙ هيءُ معصوم ابهم ٻارڙو، ٿورو وڏڙو ٿي وڏو شوق ۽ اورچائيءَ سان پنهنجي پيءُ
وٽان شروعاتي ديني تعليم حاصل ڪئي، ان کان پوءِ پرائمري تعليم گڏيجي اسڪول مان ۽ سيڪنڊري
تعليم ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي. هيءُ دور ۱۹۴۶ع جو هو، جڏهن سنڌ، بمبئي پريزيڊنسي سان گڏيل
هئي، انهيءَ ڪري کين مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي. هيءُ
پيءُ جو اڪيلو سڪيلڌو پٽ هو.
استاد ڄام قربان
علي سولنگي کي ۱۹۴۶ع ۾ هڪ Committed and Ideal Teacher جو رتبو
سونپيو ويو هو. پاڻ مڊل اسڪول رپڙي ۾ استاد مقرر ٿيا. سندس پهرين پگهار ۳۵ رپيا هئي، پاڻ تعليمي سلسلو جاري رکندي انٽرميڊيئيٽ، بي اي، بي ايڊ، ايم اي
(مسلم هسٽري) ۽ ايم ايڊ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائون. پاڻ ۴۲ سال استاد رهيا، ٻڌائيندا هئا ته زندگيءَ جا
۲۳ سال استاد طور هاءِ اسڪول راڻيپور ۾ رهيم باقي ۱۹ سال مختلف اسڪولن جهڙوڪ رپڙي، ٽالپر، بوزدار، هنگورجا ۽ آخري رٽائرمينٽ هيڊ
ماستر جي حيثيت سان هاءِ اسڪول سلطان علي پنجابي ضلعو نوابشاهه مان ۱ جون ۱۹۸۸ع ۾ ورتائين. پنهنجي پيشي سان کيس عشق هو، جنهن
کي هو عبادت سمجهي پوڄيندو هو. سندس والد، هن جي اهڙي تعليم سان سچائي ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيندو هو. ڇو ته استاد ٿيڻ کان اڳ ۾ هيءُ به پنهنجي پيءُ سان گڏجي، ديني تعليم
پنهنجي گهر جي مدرسي ۾ ڏيندو هو. سندس پيءُ نيڪ مرد هجڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين استاد
هو، هو عربي، فارسي، قرآن مجيد جي تعليم سخي بڻجي پنهنجي ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي ۾ ڏيندو
هو.
هڪ ڏينهن پٽ پنهنجي
پيءُ سان اظهار ڪيو ته بابا سائين هن مدرسي ۾ گڏجي اسين ديني تعليم ڏيون پيا، ڇو
نه سرڪار کان پرائمري اسڪول منظور ڪرائي ڳوٺ ۽ تر وارن ڳوٺن جي بي سهارن انسانن جي
خدمت ڪجي، کين ديني تعليم سان گڏوگڏ سنڌي ۽ انگريزي جي تعليم ڏني وڃي ته جيئن علم جو
سوجهرو هر دل تائين پهچي ۽ سمورو عوام پنهنجي ضمير جي آواز کي سمجهي سگهي. پيءُ پٽ
جي انهيءَ نيڪ ڪم کي ساراهيندي ۱۹۴۴ع ۾ ڳوٺ ۾ پنهنجي خرچ سان عمارت ٺهرائي. وقت جي سرڪار کان
پرائمري اسڪول منظور ڪرايو. اڄ ان اسڪول جي صدقي ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي جو عوام نوي
سيڪڙو پڙهيل لکيل آهي.
علم جي واٽ ۾ سفر جو
ڪارروان فرزندِ سنڌ استاد ڄام قربان علي سولنگي کي اڳتي هلي هڪ ٻئي وڏي ذميواري
سونپي وئي، جو سندس پيءُ نيڪ مرد ڀائي خان سولنگي ۲۹ مئي ۱۹۵۳ع تي هن فاني دنيا کي ڇڏي وڃي پنهنجي رب کي
پيارو ٿيو هو. هن جو بابا سائين خانداني حسب نسب مطابق ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي جو ستون
پڳدار هو، پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ ڳوٺ وارن سڀني گڏجي حاجي باغ علي سولنگي جي اڳواڻي
۾ کيس اٺون پڳدار تسليم ڪندي پڳ جا ور ڏئي پڳدار بڻايو. پڳدار بڻجڻ کانپوءِ پوري
علائقي ۾ هيءُ هڪ منفرد نيڪ مرد زميندار ليکيو ويندو هو، هن ڪڏهن به پنهنجي تحريرن
۾ زميندار يا وڏيرو لفظ استعمال ڪونه ڪيو، هميشه استاد جو لفظ قلم جي نوڪ سان پني
تي اوتيندو هو. وڏيرو ۽ ڀوتار جهڙن لفظن کي پسند نه ڪندو هو. استاد ڄام قربان علي سولنگي
اڪثر ڪري گهوڙي جي سواري کي پسند ڪندا هئا، هميشه اڇي سفيد پوشاڪ، شيرواني ڪوٽ ۽
اجرڪ پهريندا هئا، مٿي تي اڪثر جناح ڪيپ پائيندا هئا، آخري وقت تائين قرآن شريف ۽
نماز سان دلي لاڳاپو جوڙيون آيا. ۲۳ ڊسمبر ۲۰۰۳ع جي رات هيءُ مٺڙو انسان، جنهن وٽ انسانيت
جو قدر هو، تنهن وڃي پنهنجي پرينءَ جي در تي سين هنئي، اڄ هو ڳوٺ ملهيراڻي
سولنگيءَ جي اباڻي قبرستان ۾ پير سيد عيسن شاهه غازيءَ جي ڀرسان ابدي سڪون ۾ آهي.
تنوير عباسيءَ جو
هيءُ شعر هن اورچ ۽ اڏول انسان لاءِ سونهي ٿو،
“ٻرياسون ته پل
پر اجهامڻ کان اڳ ۾
هزارن چراغن کي ٻاري
ڇڏيوسون.”
(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲ جنوري ۲۰۲۱ع ۾ ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا