; سنڌي شخصيتون: ڄام قربان علي خان سولنگي، ڊاڪٽر ڀائي خان “هالار” سولنگي،
Showing posts with label ڄام قربان علي خان سولنگي، ڊاڪٽر ڀائي خان “هالار” سولنگي،. Show all posts
Showing posts with label ڄام قربان علي خان سولنگي، ڊاڪٽر ڀائي خان “هالار” سولنگي،. Show all posts

28 November, 2021

ڄام قربان علي خان سولنگي

ڄام قربان علي خان سولنگي

هڪ مثالي استاد  ۽ ڪردار

ڊاڪٽر ڀائي خان “هالار” سولنگي



منهنجو ذڪر ڪجو ڇاڪاڻ ته آءٌ ڏوهاري ڪونه آهيان، نه وري بغض وچان ڪجهه چئجو (شيڪسپيئر)

پَل - اپَل جي هيءَ حياتي جر ۾ ڦوٽي جيئن آهي، الاجي ڪهڙي لهر، ڪيڏيءَ ويل ان کي اڌ ڪريو وڃي. ان کن پل جي جيون ۾ ڪي ڏيئا جرڪاٽ ڪندا آهن، جن جي لاٽ صدين تائين واٽهڙن کي واٽ ٻڌائيندي آهي. هڪ اهڙي فرض شناس ذميوارانه ۽ مثالي شخصيت جنهن پوري مني صدي علم جي لاٽ جو مشعل کڻي، استاد جي روپ ۾ مستقبل جي معمارن کي تعليم جي زيور سان سينگاري، بهادري ۽ حوصلي سان جئي ڏيکارڻ جي سگهه سان شعور ڏئي سنڌ جي سينڌ کي سنواري پختي عزم ۽ سچي سپوٽ جي ناتي پنهنجو پاڻ کي ارپي، هميشه سدا ساڃاهه وند ۽ علم دوست دلين ۾ امر بڻجي ويو.