; سنڌي شخصيتون: November 2013

17 November, 2013

علي رضا سهتو - واحد ڪانڌڙو

علي رضا سهتو
تون ياد وري آئين
واحد ڪانڌڙو
علي رضا سهتو سنڌي صحافت جو هڪ اهم ڪردار هو. هن صحافت ۾ ايمانداريءَ سان فرض سر انجام ڏنا ۽ ٿورڙي وقت ۾ سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍي ويو. پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ دماغي ٽيبي جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب گذريل سال ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنائين ۽ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
علي رضا سهتو ۱۷ جنوري ۱۹۷۴ع ۾ باڊهه شهر اندر علي شير سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ميٽرڪ بادهه شهر جڏهن ته انٽر ڏوڪري ڪاليج ۾ ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي سوشلاجي ۾ ڪيائين.

07 November, 2013

حسين بخش ڀاڳت - ناصر علي پنهور

حسين بخش ڀاڳت
گڏيل قومن جي مڃتا ماڻيندڙ ماحول دوست شخص جو وڇوڙو
ناصر علي پنهور
علي محمد راشديءَ، سنڌ ۾ جهنگلي جيوت جي شڪار جي حوالي سان لکيو آهي؛ ”سنڌ وڏيرن لاءِ هڪ ڊگهي وئڪيشن جيان هئي. ان ئي سنڌ ۾ سنڌ جا وڏيرا نه رڳو پاڻ پر وقت جي حاڪمن، جن ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي حڪمران شامل هوندا هئا، تن کي به شڪار ڪرائيندا هئا.“

غلام نبي گل - رياضت ٻرڙو

غلام نبي گل
نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس
رياضت ٻرڙو

سنڌي ٻوليءَ جو بزرگ اديب غلام نبي گل نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس آهي، پر هُو بنيادي طور شاعر آهي ۽ شاعريءَ ۾ سندس سڃاڻپ غزل جي بهترين شاعر طور آهي، جيتوڻيڪ هن مختلف صنفون سرجيون آهن، جن تي کيس دسترس پڻ آهي. اهو شاعر، جنهن ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ روايتي شاعريءَ سان ناتو ڳنڍيو ۽ پوءِ ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ جديد شاعريءَ ڏانهن آيو، پر اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته سندس شاعريءَ جي ڇپجڻ جو سفر سندس زندگيءَ جي ۵۸-هين سال ۱۹۹۰ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن هن جي سرجيل غزلن جو پهريون مجموعو ”رات باقي آ“ ڇپيو هو ته ان ۾ شامل غزلن جي موضوعن ۽ فنَ پڙهندڙن کي متاثر ڪيو هو. هن وقت سائين غلام نبي گل سنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ غزلُ جي صنف ڪَر کنيون بيٺي آهي:

05 November, 2013

خانصاب عبدالڪريم پلي - لجپت مالهي

خانصاب عبدالڪريم پلي
اميريءَکان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏيندڙ
لجپت مالهي/ عمرڪوٽ
سونهاري سنڌ، پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن کي آسيس ڏنو آهي. انهن ۾ مارويءَ جي ملڪ امراڻي جو عظيم ڪردار نواب خانصاب عبدالڪريم پلي پڻ هڪ آهي، جنهن جي ۴ نومبر ۲۰۱۳ع تي ۲۲ هين ورسيءَ جو ڏهاڙو آھي.
خانصاحب عبدالڪريم پلي، جنهن کي ناري پٽ جا ماڻهو دودو چوندا هئا. اهو نواب، سنڌ جو نرالو ڪردار ان ڪري به هو جو هن اميريءَ کان وڌيڪ فقيريءَ کي اوليت ڏني هئي. سندس سياسي خدمتن جون کوڙ ساريون ڳالهيون انبن واري شهر ميرپورخاص کان وٺي ٿر جي راجستاني بارڊر تائين، سمورا ماروئڙا ڪندا رهن ٿا.

ريشمان - مصطفٰي ملاح

ريشمان
بلبل صحرا
مصطفٰي ملاح
راجسٿان جي صحرا ۾ جتي هر هنڌ اُٺَ هلندا رهندا آهن ۽ صحرا جي خاموش هوائن ۾ هڪ سُريلي آواز ’بلبلِ صحرا‘ ريشمان اک کولي. قدرت راجسٿان جي مٽيءَ مان هن کي ٺاهيو پر پاڪستان اچي هن پنهنجي آواز ذريعي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي. گلوڪارا ريشمان گذريل ڏينهن ۶۶ ورهين جي ڄمار ۾ وڏو عرصو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ لاهور جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. هن جي آواز ۾ انفراديت هوندي هئي ۽ سندس آواز خودبخود دلين ۾ لهي وڃڻ جي صلاحيت رکندو هو. ريشمان جو اندازِ گفتگو به دلڪش ۽ مزاحيه هوندو هو. اهڙا به خوبصورت جملا محفل ۾ اڇلائيندي هئي، جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. بُلبلِ صحرا، لوڪ گلوڪاره، ريشمان کي اهو گمان ڪڏهن به ڪو نه رهيو هو ته مان هڪ ڏينهن ريڊيو ۽ ٽي وي تي به سُرن جي ورکا ڪري، عوامي داد ماڻينديس. ڇو ته هن جي خاندان وارن ريڊيو ۽ ٽي وي کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪو نه هو. هي اڪثر خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندي، شادين مرادين ۾ سهرا ۽ لاڏا ڳائي گذر سفر ڪندا هئا.

03 November, 2013

مرتضى سيال - اسحاق انصاري

مرتضى سيال
مرڪن لڙڪن ۽ سڏڪن جو مصور
اسحاق انصاري
گذريل ڀيري جڏهن منهنجي ناول ”خالي بينچ جي ٻئي ايڊيشن تي هڪ پروگرام خيرپور ۾ رکيو ويو هيو ته مون چيو هو ته خيرپور منهنجي من اندر جي وادين ۾ وسيل آهي، ڀلي هي کجين جو ديس هجي پر هتان جي ماڻهن جون محبتون تلسيءَجي ان ڏوهيڙي جيان بالڪل نه آهن؛
تلسي ايسي پريت نه ڪر، جيسي لنبي کجور
ڌوپ لگي تو ڇائون نهين، بوک لگي ڦل دور
پر هتان جي ماڻهن جون محبتون، ميرواهه جيان هميشه روان دوان، ساون رهندڙ وڻن جيان آهن. ڀلي اهي شاهه عبداللطيف خيرپور يونيورسٽي هجي يا ريڊيو خيرپور هجي، يا وري ڇٽي چوڪ تي پوپٽ پريس هجي. اهي اسان جا ڪچهرين جا ۽ يارين جا مرڪز هيا. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته ”لاڙڪاڻو منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ خيرپور منهنجي ڀومي آهي.“

غلام رباني آگرو - ڊاڪٽر نور افروز خواجه


غلام رباني آگرو
سندس بي مثال نثر
رکيل مورائي
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ جيڪي اهم نالا اڀري نروار ٿيا، انهن مان هڪ نالو غلام رباني آگرو آهي. رباني صاحب جو جنم پنج نومبر ۱۹۳۳ع تي ساهتي پرڳڻي جي ان شهر ڀرسان ٿيو، جنهن شهر سنڌي ٻوليءَ کي ٽن بيمثال شاعرن ايم ڪمل، ارجن حاسد ۽ لڇمڻ ڪومل کي جنم ڏنو. اهو شهر تڏهن نوابشاھه ضلعي جو تعلقو هئو ۽ هاڻ نوشهري فيروز ضلعي جو تعلقو آهي. رباني صاحب کي علم، ڄائي ڄم کان مليو ڇاڪاڻ ته سندس والد صاحب پاڻ تعليم سان لاڳا پيل هئو.

ارجن شاد - رکيل مورائي

ارجن شاد
سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جو نهايت آبرودار شاعر ارجن شاد، ست ورهيه اڳ ممبئيءَ ۾ گذاري ويو. سندس رک وشال ديس جي ساگر ۾ گڏجي وئي. هاڻ هو جسماني طور اسان وٽ نه آهي، پر سندس سندس حسين چهري تي نفيس نچندڙ مرڪ، جنهن به هڪ ڀيرو ڏٺي هوندي، اهو پنهنجي اکين مان ان مرڪ جو تصور گم ڪري نه سگهندو. ٻيءَ طرح هو سنڌي ترقي پسند، اديبن جي ان ٽهيءَ مان هئو، جيڪا ٽهي، سنڌي ادب جي ترقي پسند ٽمورتي، اتم، مالهي ۽ ڪيرت، کان پوءِ سنڌي ادب سنڌي ٻولي ۽ سنڌي جاتيءَ کي بچائڻ لاءِ اڳتي آئي، جن ۾ ڊاڪٽر ارجن شاد سان گڏ، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڪرشن راهي ۽ لڇمڻ ڪومل خاص طور ڳڻي سگهجن ٿا. ڊاڪٽر ارجن شاد، خوبصورت شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪنهن به تخليقي صنف تي ممبئيءَ يونيورسٽيءَ مان پهرين پي ايڇ ڊي ڪندڙ ليکڪ آهي. هو ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي شعبي جي هيڊ ٿيڻ تائين، ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ رهيو. اتائين ئي رٽائر ٿيو. سندس سنڌي غزل تي ڪيل پي ايڇ ڊي، بيمثال ٿيسز آهي. پر هو اول ۽ آخر شاعر هئو. کيس سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”انڌو دونهون“ تي، هند جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري، مرڪزي ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام سان نوازيو ويو. ٻيءَ طرح هن ڪيترا ئي انعام وٺي، انهن انعامن جو مان مٿانهون ڪيو.

02 November, 2013

فيض محمد عرف ميجو فقير- زرار پيرزادو

فيض محمد عرف ميجو فقير
ٻلهڙيجيءَ جو ميجو
زرار پيرزادو
فيض محمد عرف ميجو فقير ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو هڪ اهڙو درويش صفت ڪردار هو جن کي عام طور تي ”الله جا ماڻهو“ طور ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو آهي. جڏهن ته سندس سڃاڻپ جا ٻيا به ڪيترا ئي حوالا آهن. هيءُ فقير يار محمد پيرزادي، ڪراچيءَ جي سينئر ترين ۽ مشهور ويٽنري ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي ۽ سنڌ جي ليجنڊ انور پيرزادي جو ڀاڻج، ڊي ايس ايف جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ رياض پيرزادي ۽ ٻلهڙيجيءَ جي مسيحائي ڪردار فياض پيرزادي جو وڏو ڀاءُ هو. جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ڦڦڙن جي بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي.