; سنڌي شخصيتون: غلام نبي گل ٻرڙو

07 November, 2013

غلام نبي گل ٻرڙو

غلام نبي ’گل‘ ٻرڙو

رياضت ٻرڙو



غلام نبي ’گل‘ سنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. هو ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. غلام نبي ولد عبدالواسع ٻرڙو ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي، قنبر تعلقي جي ڳوٺ گھٽهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل ۽ پرائيويٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ۱۹۴۸ع کان پرائمري استاد طور تدريس ڏيندي ۱۹۹۲ع ۾ رٽائرمينٽ ڪئي.


هن شاعريءَ جي شروعات ۱۹۵۳ع ۾، روايتي فارسي رنگ سان ڪئي، جيڪو پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت سان تبديل ٿيو. هو جمعية الشعراء شاخ قنبر جو ميمبر به ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان به لاڳاپيل رهيو. هن گھٽهڙ ۾ اسٽيج ڊراما لکيا، جيڪي اتي پيش ڪيا ويا، تن ۾ ”باغي“، ”محبت جي فتح“ ۽ ”هير رانجھو“ شامل آهن. هو انهن ڊرامن جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته اتي فلاح و بهبود تنظيم جو خزانچي پڻ رهيو. هو ۱۹۷۵ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هتي هو آل ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو سيڪريٽري رهيو. ۱۹۸۴ع ۾ هن سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي سان لاڳاپيو، جنهن جو ۱۹۹۲ع ۾ سيڪريٽري به ٿيو.

سندس ڪتاب ۱۹۹۰ع کان ڇپجڻ شروع ٿيا. سندن ڇپيل شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ”رات باقي آ“، ”آواز جي خوشبو“، ”آئينو چُپ آ“، ”اڃا تازي قبر آهي“، ”آخري شام“، ”بِکري منظر“ (اردو)، ”لمحن جو درد“، ”ٻيو جنم“، ”خدا جي سرگوشي“، ”درد جو چنڊ“ ۽ ”تنهائي“ شامل آهن، جڏهن ته ناولن ۾ ”جيون پياسو سمنڊ“، ”نه راهون ساڻ هلنديون هِن“، ”جوڳي“، ”فاصلي“ (اردو)، ”ٽٽل شيشو“ شامل آهن ۽ ڪهاڻين جي مجموعن ۾ ”دعا جا پير“، ”مان ڪير آهيان؟“ سرجيل آهن. سندن ڇپيل ڪتابن جو جملي تعداد ۱۸ آهي. کيس جيڪي مڃتا ايوارڊ مليا آهن، تن ۾ اڪيڊمي آف ليٽرس ڪراچي پاران ايوارڊ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽ سنڌو ايوارڊ شامل آهن.

هو گذريل ڪيتري ئي وقت کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جو مريض آهي. سندس رهائش رحمت پور محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.


 

غلام نبي گل

نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس

رياضت ٻرڙو

سنڌي ٻوليءَ جو بزرگ اديب غلام نبي گل نامور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس آهي، پر هُو بنيادي طور شاعر آهي ۽ شاعريءَ ۾ سندس سڃاڻپ غزل جي بهترين شاعر طور آهي، جيتوڻيڪ هن مختلف صنفون سرجيون آهن، جن تي کيس دسترس پڻ آهي. اهو شاعر، جنهن ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ روايتي شاعريءَ سان ناتو ڳنڍيو ۽ پوءِ ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ جديد شاعريءَ ڏانهن آيو، پر اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته سندس شاعريءَ جي ڇپجڻ جو سفر سندس زندگيءَ جي ۵۸-هين سال ۱۹۹۰ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن هن جي سرجيل غزلن جو پهريون مجموعو ”رات باقي آ“ ڇپيو هو ته ان ۾ شامل غزلن جي موضوعن ۽ فنَ پڙهندڙن کي متاثر ڪيو هو. هن وقت سائين غلام نبي گل سنڌ جي بزرگ شاعرن ۾ جديد شاعراڻي لهجي سبب ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ غزلُ جي صنف ڪَر کنيون بيٺي آهي:

آئينـا اُگهنـدين به ڇـا ٿينـدو ڀلا!

چهرا مَٽبا ڪو نه، هوندا ساڳيا.

سندس شاعريءَ ۾ حسن ۽ پيار سميت حسين ڪائنات سمايل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ فطرت جا پيارا روپ ۽ رنگ، محبت جا موهيندڙ موضوع، دل جون دلبراڻيون ڌڙڪڻون، نينهن جا نشان، سڪائتيون سوکڙيون ۽ سماجي عڪس چِٽيل آهن.

حسن جي هٿ مان ڪِريو رومال هو،
اوسـي پـاسـي هُـل-هڳاءُ هـو ٿـي ويـو.

غلام نبي گل جي ڇپيل ۲۰ ڪتابن ۾؛ سنڌي شاعريءَ جا ۱۲ مجموعا، اردو شاعريءَ جو هڪ مجموعو، سنڌي ڪهاڻين جا ۲ مجموعا، ۴ سنڌي ناول ۽ هڪ اردو ناول شامل آهن، جيڪي هتي ڄاڻائجن ٿا:

1.     رات باقي آ (غزل، ۱۹۹۰ع)

2.     آواز جي خوشبو (غزل، ۱۹۹۳ع)

3.     آئينو چُپ آ (شاعري، ۱۹۹۵ع)

4.     جيون پياسو سمنڊ (ناول، ۱۹۹۷ع)

5.     اڃا تازي قبر آهي (شاعري، ۱۹۹۷ع)

6.     آخري شام (غزل، ۲۰۰۱ع)

7.     نه راهون ساڻ هلنديون هِن (ناول، ۲۰۰۱ع)

8.     دعا جا پير (ڪهاڻيون، ۲۰۰۲ع)

9.     بِکري منظر (اردو شاعري، ۲۰۰۲ع)

10.                      جوڳي (ناول، ۲۰۰۳ع)

11.                      لمحن جو درد (غزل، ۲۰۰۳ع)

12.                      فاصلي (اردو ناول، ۲۰۰۴ع)

13.                      مان ڪير آهيان؟ (ڪهاڻيون، ۲۰۰۴ع)

14.                      ٻيو جنم (غزل، ۲۰۰۴ع)

15.                      ٽٽل شيشو (ناول، ۲۰۰۶ع)

16.                      درد جو چنڊ (شاعري، ۲۰۰۸ع)

17.                      خدا جي سرگوشي (شاعري، ۲۰۰۸ع)

18.                      تنهائي (غزل، ۲۰۰۹ع)

19.                      خيالن ۾ سفر (غزل، ۲۰۱۳ع)

20.                      گگن گونگو ٻڌائي ڇا (غزل، ۲۰۱۳ع)

غلام نبي ولد عبدالواسع ٻرڙو ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي، ڳوٺ گھٽهڙ، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي ورنيڪيولر فائينل ۽ گريجوئيشن (B.A) جي تعليم حاصل ڪئي ۽ ۱۹۸۴ع کان وٺي پرائمري استاد طور قنبر، شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ۳۱ آگسٽ ۱۹۹۲ع تي رٽائر ڪيو. سندس رهائش ۱۹۷۰ع کان وٺي لاڙڪاڻي جي رحمت پور محلي ۾ آهي.

غلام نبي ’گل‘ شاعريءَ جي شروعات ۱۹۵۳ع ۾، روايتي فارسي رنگ سان ڪئي (جيڪو پوءِ لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت سان تبديل ٿيو). هو جمعيت الشعراء شاخ قنبر جو ميمبر به ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ سان به لاڳاپيل رهيو. هو ڊراما ائسوسيئيشن گھٽهڙ سان به لاڳاپيل رهيو. هن گھٽهڙ ۾ اسٽيج ڊراما لکيا، جيڪي ۱۹۵۵ع ڌاري اتي پيش ڪيا ويا، تن ۾ ”باغي“، ”محبت جي فتح“ ۽ ”هير رانجھو“ شامل آهن. هو انهن ڊرامن جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر رهيو، جڏهن ته اتي فلاح و بهبود تنظيم جو خزانچي رهيو ۽ اتحاد انجمن گھٽهڙ سان پڻ سلهاڙيل رهيو. ۱۹۷۵ع ۾ لاڙڪاڻي لڏي آيو. هتي هو آل ٻرڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جو سيڪريٽري رهيو. ۱۹۸۴ع ۾ هن سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن جو ۱۹۹۲ع ۾ سيڪريٽري به ٿيو.

سائين گل جي شاعريءَ ۾ فڪر جي رنگ برنگي دنيا، فن جي حسناڪين سان، بيحد خوبصورتيءَ سان جوڙيل آهي. هو شعري وزنن جي مخصوص چونڊ رکي ٿو، جيتوڻيڪ کيس اڪثر بحرن ۽ وزنن تي دسترس حاصل آهي. هن جي شاعريءَ ۾ لفظن، قافين ۽ رديفن جو انتخاب موهيندڙ آهي:

هــرڪـو پنـهنـجـو پَتـو پَيو ڳولي،
زنـــدگـــي رانـــد ڄــڻ رَمــي آهـــي.
ٿوري احساس جي تپش گھرجي،
بـرف سيـنـن تـي وئـي ڄَمي آهي.

سائين گل  جي شاعريءَ ۾ آس ۽ نراس جا عڪس چٽيل آهن، پر آس کي اوليت حاصل آهي:

ماڻهـو مـرنـدو آ، مگـر

دل ۾ ڪا رهجي ويل،

آس جيئري ٿي رهـي.

(ترويني)

هُو انساني روين ۾ بيزاريءَ جو اظهار ته ڪري ٿو، پر پنهنجائپ کي مٿڀري جڳهه ڏئي ٿو:

آجـــيــان ”آءُ“ ٿــي وڃـــي جـيــڪــــر!
پــيــارُ پـــرچــاءُ ٿــي وڃـي جـيـڪــر!
هِـــي جـــو اُلــجهــاءُ ٻــن دلــيــن ۾ آ،
تنهن جو سلجهاءُ ٿي وڃي جيڪر!

سنڌي شاعريءَ ۾ سائين غلام نبي گل جي شاعري هڪ اثاثو آهي، پر ڏک اهو به آهي ته ان اثاثي جي ڪَٿ اسان جي روايتي بي ڌيانيءَ جي وَر چڙهي وئي آهي:

وڇوڙي جي ولهه ۾،

نه آٿت جو اوڇڻ،

ڪَٽي رات ڪنهن ائين.

(ترويني)

غلام نبي گل کي اڪيڊمي ادبيات پاڪستان ڪراچي پاران ”مڃتا شيلڊ“، SCSDO لاڙڪاڻي پاران ”سنڌو مڃتا ايوارڊ“ ۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ مليا آهن.

سائين گل کي هاءِ بلڊ پريشر جي تڪليف آهي ۽ کيس ۳ هرٽ اٽئڪ پئجي چڪا آهن، پر اسان جي چڱائي، جو هُو انهن کي سَهي ويو. هونئن به شاعر جي دل جتي پيار جي پوڄا ۾ نماڻي هوندي آهي، اتي ڏاڍَ اڳيان ڏاڍِي به بڻجي پوندي آهي. شال! هُو سدا آباد رهي ۽ اسان کي پنهنجي شاعريءَ سان فيضياب ڪندو رهي.

تنهنجي نيڻن ۾ گھٽ نمي آهي،
درد جي ڪجھ اڃا ڪَمي آهي.

ٿورِي احساس جي تپش گھرجي،
برف سينن تي وئي ڄمي آهي.

هر ڪو پنهنجو پَتو پَيو ڳولي،
زندگي راند ڄڻ رَمي آهي.

دل به ويران آ جزيرو ڪو،
دل جي ڪُنڊ ڪڙڇ هر گھمي آهي.

لمحو لمحو اداس آ ڪيڏو!
وقت جي ڪا ته برهمي آهي.

پيار چهرو لڳي ٿو پارُوٿو،
من، يا تبديلي موسمي آهي؟

روشنيءَ ۾ حجاب روڪيس ’گل‘!
اوندهه ۾ ڪنهن وَتي چمي آهي.


 

غلام نبي گل جو وڇوڙو

پنهنجي جيئڻ جي الڳ سڀ کان ادا،

۽ مرڻ انداز ڀي هوندو جُدا. (غلام نبي گل)

غلام نبي ”گل“ ولد عبدالواسع ٻرڙو، ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي هاڻوڪي ضلعي قنبرـ شهداد ڪوٽ جي ڳوٺ گٽهڙ ۾ ڄائو. سنڌي ورنيڪيولر فائنل، عالم فاضل ۽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱي سبب هندن جي لڏپلاڻ جي ڪري ۱۹۴۷ع ۾ ۱۵ سالن جي عمر ۾ عمر گھٽ هجڻ باوجود پرائمري استاد ٿيو ۽ ۱۹۹۲ع ۾ هيڊ ماستر طور لاڙڪاڻي جي پوليس لائين پرائمري اسڪول مان ريٽائرمينٽ ورتي. ادب ڏانهن لاڙو اسٽيج ڊرامن لکڻ ۽ ڊرامن جي ڊائريڪشن ڏيڻ سان ڪيائين ۽ پوءِ شاعري ڏانهن آيو، جنهن ۾ هن باقائده پنهنجي جي هڪ اهم جاءِ پيدا ڪيائين. شروعات ۾ بزمِ شعراء سان تعلق رهيس پر پوءِ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ لڏي آيو ۽ شهر جي رحمت پور پاڙي ۾ اچي رهيو ۽ لاڙڪاڻي جي ادبي ماحول ۾ آيو ته سنڌي ادبي سنگت سان واسطو ٿيس. پهريائين ميمبر طور ڪم ڪيائين پر بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جو سيڪريٽري به رهيو. ادبي دنيا ۾ هن سنڌي توڙي اردو ڪهاڻيون ۽ ناول به لکيا پر سندس خاص سڃاڻپ هڪ سگھاري ۽ منفرد شاعر طور رهي. شاعري ۾ هن نظم، گيت وايون، آزاد نظم، نثري نظم، چَوسٽا ۽ تروينيون به لکيون پر وري به غزل ۾ پنهنجي خاص لهجي ۽ الڳ اسلوب طور سنڌي شاعري ۾ نمايان رهيو. سندس سمورن ڪتابن جو تعداد ۱۹ آهي، جيڪو سنڌ جي تخليقي ادب ۾ شيخ اياز ۽ استاد بخاري کانپوءِ وڏي ۾ وڏو تعداد آهي. اڪيڊمي ادبيات پاران سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. سندس ڪتابن جو وچور هي آهي: ۱ــ رات باقي آ (شاعري)، ۲ ــ آواز جي خوشبو (شاعري)، ۳ ــ آئينو چپ آ (شاعري)، ۴ ــ جيون پياسو سمنڊ (ناول)، ۵ ــ اڃا تازي قبر آهي (شاعري)، ۶ــ آخري شام (شاعري)، ۷ــ نه راهون ساڻ هلنديون هن (ناول)، ۸ــ دعا جا پير(ڪهاڻيون)، ۹ــ بکھرے منظر (اردو شاعري)، ۱۰ــ جوڳي (ناول)، ۱۱ــ لمحن جو درد (شاعري)، ۱۲ــ فاصلے (اردوناول)، ۱۳ــ مان ڪير آهيان (ڪهاڻيون)، ۱۴ــ درد جو چنڊ (شاعري)، ۱۵ــ خدا جي سرگوشي (شاعري)، ۱۶ــ تنهائي (شاعري)، ۱۷ــ خيالن ۾ سفر (شاعري)، ۱۸ــ گگن گونگو ٻڌائي ڇا؟ (شاعري) ۽ ۱۹ ــ توبہ کے بعد (اردو ڪهاڻيون).


 

غلام نبي گل

پهرين ورسي جي مناسبت سان-گُلُ ويو مُرجھائجي

عادل عباسي

سڃاڻپ

غلام نبي گل ولد عبدالواسع ٻرڙو، ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۳۲ تي هاڻوڪي ضلعي قنبر-شهداد ڪوٽ ۾ ڄائو. سنڌي ورنيڪيولر فائنل، عالم فاضل ۽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪيائين. ۱۹۴۷ ۾ ورهاڱي سبب هندن جي لڏپلاڻ جي ڪري ۱۹۴۷ ۾ ۱۵ سالن جي عمر ۾ انڊر ايج هجڻ باوجود پرائمري استاد ٿيو ۽ ۱۹۹۲ م هيڊ ماستر طور ريٽائر ٿيو. ادب ڏانهن لاڙو اسٽيج ڊرامن لکڻ ۽ ڊائريڪشن ڏيڻ سان ڪيائين ۽ پوءِ شاعري ڏانهن آيو، جنهن ۾ پنهنجي هڪ اهم جاءِ پيدا ڪيائين. سندس سمورن ڪتابن جو تعداد ۲۱ آهي، جيڪو سنڌ جي تخليقي ادب ۾ شيخ اياز ۽ استاد بخاري کانپوءِ وڏي ۾ وڏو تعداد آهي. اڪيڊمي ادبيات پاران سندس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. سندس ڪتابن جو وچور هي آهي: ۱. رات باقي آ (شاعري)، ۲. آواز جي خوشبو (شاعري)، ۳. آئينو چپ آ (شاعري)، .۴ جيون پياسو سمنڊ (ناول)، ۵. اڃا تازي قبر آهي (شاعري)، ۶. آخري شام (شاعري)، ۷. نه راهون ساڻ هلنديون هن (ناول)، ۸. دعا جا پير (ڪهاڻيون)، ۹. بکري منظر (اردو شاعري)، ۱۰. جوڳي (ناول)، ۱۱. لمحن جو درد (شاعري)، ۱۲. فاصلي (اردوناول)، ۱۳. مان ڪير آهيان (ڪهاڻيون)، ۱۴. ٻيو جنم (شاعري)، ۱۵. ٽٽل شيشو (ناول)، ۱۶. درد جو چنڊ (شاعري)، ۱۷. خدا جي سرگوشي (شاعري)، ۱۸. تنهائي (شاعري)، ۱۹. خيالن ۾ سفر (شاعري)، ۲۰. گگن گونگو ٻڌائي ڇا (شاعري) ۽ ۲۱. توبه ڪي بعد (اردو ڪهاڻيون). سنڌي غزل جو هي منفرد شاعر ۱۷ نومبر ۲۰۱۶ ۾ رات جو ۲ وڳي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاھ سندس اباڻي ڳوٺ گھٽهڙ ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ آهي.

مسلسل شاعري زندگي جو رياض آهي. شاعر لاڳيتو سفر ڪرڻ باوجود ڪڏهن به ناهي ٿڪبو. جيئن هڪ باشعور ماڻهو هميشه جنگ جي حالت ۾ هوندو آهي، تيئن هڪ شاعر به سدائين سفر ۾ هوندو آهي. سڀاويڪ سوچون انساني ذهنن ۾ دل وانگر ڌڙڪنديون آهن ۽ شاعر وري انهن سوچن کي آڪسيجن فراهم ڪندا آهن. شاعر جي اک گليليو جي دوربين کان به وڌيڪ تيز آهي، جيڪا سماج ۾ موجود هر ڏاڍ ۽ ناانصافي کي زمين جي گولي وانگر ڦرندي ڏسي ٿي. هيءَ سموري ڪائنات شاعر جو پنهنجو گھر آهي، جنهن جو هر راز شاعر جر اتساھ جو سبب بڻجي ٿو. شاعر کي نوان موضوع تلاش ڪري، پنهنجا نوان ۽ انفرادي گس ٺاهڻ لاءِ لفظن کي پنهنجي ڪک مان جنم ڏيڻو پوي ٿو.

هڪ هندستاني چوڻي موجب گُل ۾ هڪ ئي وقت چار اهڙيون خوبيون آهن، جيڪي هڪ ئي وقت ڪائنات جي ڪنهن به شئي ۾ ناهن هونديون. هڪ سندرتا يعني سونهن، ٻيو ڪوملتا يعني نزاڪت، ٽيون سرهاڻ يعني خوشبو ۽ چوٿون رنگ، تنهن ڪري سنڌي غزل جي نهايت اعلٰي شاعر غلام نبي گل جي غزلن ۾ به سندس تخلص “گل” جيان سونهن به آهي، نزاڪت به آهي، خوشبو به آهي ته رنگ به آهي. سندس شاعري روايت کان شرعات ڪري جديديت تي پڄاڻي ڪري ٿي. وٽس روايت ۽ جديديت جو پاڻ ۾ اهڙو ته آهنگ آهي، جيڪو نه ته روايت کان دامن آجو ڪري ٿو ۽ نه ئي جديديت کان اکيون ٻوٽي ٿو پر ٻنهي کي گرمجوشي سان ڀاڪر ۾ ڀري ٿو. جتي هو روايت کان ڪلاسيڪيت ڏانهن ايندي چوي ٿو:

تون نه مل عمر ڀر تلاش ھجي،

تون جي ملندين ته ڪنهن کي ڳوليندس.

اتي جديديت کان به ٻه قدم اڳتي نڪري چوي ٿو:

اڄوڪي چانھ جو آ ذائقو ٻيو،

لڳي ٿو چانھ ۾ چِڙَ ڀي وڌي ٿئي.

غلام نبي گل جي ڪل ميراث ان جا اهي خواب آهن، جيڪي هو پنهنجي سدا روشن اکين جي چمنڪدڙ ماڻڪين ۾ سجائي ٿو ۽ پوءِ شعرن جر صورت ۾ انهن جي ساڀيان ماڻي ٿو. جنهن به ماڻهو جي ڪل ملڪيت خواب، لڙڪ، احساس، لفظ ۽ شعر هجن ڀلا ڪائنات ۾ ان کان وڌيڪ تونگر ٻيو ڪير آهي؟! “تنهائي” غلام نبي جي شاعري جو مکيه موضوع آهي، جيڪو عنوان نيٺ هن پنهنجي شاعري جي هڪ ڪتاب کي ڏنو. هونئن به لفظ “تنهائي” سندس زندگي جي تشريح آهي.

نظر پاڙي ۽ ڀينس ڪالوني پاڙي ڏانهن ويندڙ رحمتپور جي لطيف ڪالوني کي ملائيندڙ هڪ عام گھٽيءَ منجھان جڏهن به گذر ڪبو ته ان ئي گھٽيءَ جي ٻن لوهي دروازن مٿان ٻه تختيون نظر اينديون، جن منجھان هڪڙي تي “غلام نبي گل” لکيل آهي ته ٻئي مٿان “وجاهت پبليڪيشن”. هڪ سندس گھر جو دروازو آهي ته ٻيو هن مرڪندڙ شخص جي رهائش وارو ڪمرو آهي، جنهن ۾ هو سدائين موجود ملي ٿو. چوراسي سالن جو ڪراڙو ماڻهو نه مٽن مائٽن ڏانهن خوشي غمي تي اٿڻ ويهڻ ۽ نه ئي دوستن يارن ڏانهن اچڻ وڃڻ، بس هر وقت ڪمري ۾ قيد، وڌ ۾ وڌ اونهاري ۾ صبح ۽ شام جي وقت، ٻانهُنِ واري گنجي ۽ انگوڇو پائي ڪمري جي در اڳيان ڪرسي ڪڍي وهندو. ڪمرو وري ڇا آهي؟، هڪ ننڍڙو سَيارو، جيڪو ادب واري سج جي چوڌاري گردش ڪندي نظر اچي ٿو. ڪمري ۾ جنڊي تي لٿل هڪڙي کٽ، جنهن جي مٿان سدائين چادر وڇايل هوندي، چار پلاسٽڪ جون ڪرسيون، ٻه ميزون، هڪڙي پلاسٽڪ جي چانھ ھه پاڻي رکڻ لاءِ ۽ ٻئي چِپِ بورڊ جي، جنهن تي سوني ڪمپني جي ۱۴ انچن واري رنگين ٽي وي رکيل هوندي، هڪ پلاسٽڪ جو ننڍڙو شيلف ڪاغذن ھ پَترن لاءِ ۽ ڏکڻ واري ڀت کي ڇڏي ڪري باقي ٽِن ڀتين ۾ لڳل ڪاٺ ۽ شيشي جا وڏا شيلف، جن منجھان هڪ ۾ سندس ڪتاب، ٻئي ۾ مخلتف موضوعن تي لکيل ڪتاب ۽ ٽئين ۾ پراڻن فلمن جو ويڊيو ڪيسٽون، انهن شيلفن جي مٿان فريم ۾ مڙهايل هڪ سندس ڦوٽو جڏهن ته ٻيا انڊين اداڪارا نرگس جا ڦوٽون، هڪ نادر جمالي جي ٺهيل سندس واٽر ڪلر پينٽنگ.

ڪڏهن ڪو دوست آيو ته دروازي جو ڪمرو کلندو ۽ خوب ڪچهري ٿيندي نه ته اهائي اڪيلائي يا وري نرگس سان سندس ڪڇهري. سمورن گھر ڀاتين، پُٽن، ڌيئرن، پوٽن، پوٽين سان گڏ هڪ ڪتاب پنهنجي خاص دوستن ۽ هڪ ڪتاب نرگس کي به انتساب ڪيائين.

غلام نبي گل کي اڃان گھڻو ڪجھ لکڻو هو، ۲۱ ڪتابن کان پوءِ به سندس من اڃارو ۽ اتاولو هو. هر ڪتاب کان پوءِ چوندو هو ته بس هي آخري آهي، هاڻي وڌيڪ نه لکي سگھندس پر پوءِ به هو لکندو رهيو. دل جو مريض هو، کيس ٽي اٽيڪ ٿي چڪا هئا، تنهنڪري طبيعت ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا. ۱۹۹۸ ۾ ڪتاب “آخري شام” لکي پورو ڪري ۽ چيائين “آخري شام اچي وئي آهي هي ڪتاب واقعي به منهنجي آخري شام ثابت ٿيندو” پر پوءِ به اسان انيڪ شامون سندس مرڪن جي شفق سان مهڪندي ڏٺيون ۽ سندس شاعري جي ڀاڪر ۾ نڄاڻ ڪيترا ئي آرس ڀڳاسين. اردو ڪهاڻين تي مشتمل سندس آخري ڪتاب “توبه ڪَي بعد” لکي پورو ڪندي چيائين “هن ۾ مون ڪڙو سچ لکيو آهي، هي ڪهاڻيون نه پر منهنجي آتم ڪٿائن جا ٽڪرا آهن”، ڪتاب هڪ خاص ماڻهوءَ جي نالي انتساب ڪندي لکيائين “اُس ڪَي نام... جس نَي... ميري چوٽي سِي ڀول... ڪو... ڀلانَي ڪَي بجائي... مجھَي... ڀُلا ديا”. ان انتساب واري ماڻهو بابت گھڻو پُچيومانس، نه ٻڌايائين ۽ مرڪي ٽاريندو رهيو. سندس وڇوڙي کانپوءِ پيرو کڻي ان ماڻهو تائين پهتس، جنهن مون کي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو “کيس وسارڻ ايڏو سولو ناهي”. ان ماڻهو تي هڪ غزل به لکيائين، جنهن ۾ سندس بي رخي جي شڪايت ڪندي چيائين:

تو چپن سا ئي نه لاتو،

گُل ويو مرجھائجي. 

No comments:

راءِ ڏيندا