; سنڌي شخصيتون: ريشمان - مصطفٰي ملاح

05 November, 2013

ريشمان - مصطفٰي ملاح

ريشمان
بلبل صحرا
مصطفٰي ملاح
راجسٿان جي صحرا ۾ جتي هر هنڌ اُٺَ هلندا رهندا آهن ۽ صحرا جي خاموش هوائن ۾ هڪ سُريلي آواز ’بلبلِ صحرا‘ ريشمان اک کولي. قدرت راجسٿان جي مٽيءَ مان هن کي ٺاهيو پر پاڪستان اچي هن پنهنجي آواز ذريعي سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي. گلوڪارا ريشمان گذريل ڏينهن ۶۶ ورهين جي ڄمار ۾ وڏو عرصو ڪينسر جي بيماريءَ ۾ مبتلا رهڻ کان پوءِ لاهور جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. هن جي آواز ۾ انفراديت هوندي هئي ۽ سندس آواز خودبخود دلين ۾ لهي وڃڻ جي صلاحيت رکندو هو. ريشمان جو اندازِ گفتگو به دلڪش ۽ مزاحيه هوندو هو. اهڙا به خوبصورت جملا محفل ۾ اڇلائيندي هئي، جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. بُلبلِ صحرا، لوڪ گلوڪاره، ريشمان کي اهو گمان ڪڏهن به ڪو نه رهيو هو ته مان هڪ ڏينهن ريڊيو ۽ ٽي وي تي به سُرن جي ورکا ڪري، عوامي داد ماڻينديس. ڇو ته هن جي خاندان وارن ريڊيو ۽ ٽي وي کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪو نه هو. هي اڪثر خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندي، شادين مرادين ۾ سهرا ۽ لاڏا ڳائي گذر سفر ڪندا هئا.

لوڪ ڳائڻي ريشمان ۱۹۴۷ع ۾ راجسٿان جي علائقي بيڪانير ۾ اک کولي. هن جو والد حاجي مشتاق اُٺن ۽ گهوڙن جو واپار ڪندو هو. پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ، ريشمان ڪجهه مهينن جي ئي هئي، ته هن جي خاندان هجرت ڪري ڪراچيءَ شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، ريشمان جيڪا اڻپڙهيل هوندي هئي پر هن کي سهرا تمام گهڻا ياد هوندا هئا. شروع ۾ گهر ڀاتين سان گڏجي ڳوٺ جي شادين ۾ ڳائيندي هئي، بعد ۾ هن گاڏين ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. جڏهن ته پاڻ حضرت قلندر لعل شهباز جي مريدياڻي به هوندي هئي ۽ هر سال ميلي تي ڳائيندي هئي. هن جو مشهور ڪلام دما دم مست قلندر تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته، قدرت هن جي قسمت بدلائي ڇڏي. هوءَ عزت ۽ شهرت سان مالا مال ٿي وئي. ريشمان، جنهن ڪراچيءَ کان پوءِ پنجاب وڃي وسايو ۽ اتي هن محفلن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو پر هڪ ڀيري سيوهڻ جي ميلي تي آواز جو جادو جڳائي رهي هئي، ته هن تي ريڊيو جي پروڊيوسر جي نظر پئي، ان هن کي ريڊيو پاڪستان تي اچڻ جي دعوت ڏني. هن پهريان انڪار ڪيو پر پوءِ هن کي جڏهن ٻڌايو ويو ته ريڊيو تي ڳائڻ کان پوءِ تون تمام گهڻي مشهور ٿي ويندينءَ ته پوءِ هن پنهنجي گهر ڀاتين کان اجازت ورتي. اهڙيءَ طرح هن پهريون ڀيرو ريڊيو تي ڪلام ”لال ميري“ رڪارڊ ڪرايو هو. ان کان پوءِ ريشمان شهرت جي بلندين تي پهچي وئي. ان کان پوءِ هن ”هاءِ ربا نهين لگدا دل ميرا...“ گيت ڳايو، جيڪو عوام ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. ان کان پوءِ سندس ڪلام، هڪ ڪيسٽ ڪمپنيءَ رڪارڊ ڪيا. هن هندوستان جي فلمن ۾ به ڳائڻ شروع ڪيو ۽ پرويز مهدي جهڙا راڳي به هن سان ڊوئيٽ ڳائڻ لڳا. هن جو پرويز مهديءَ سان ڳايل گيت ”گورئي مين جانا پرديس“ ۽ ٻيا مشهور آهن.
لوڪ ڳائڻي ريشمان، ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا گذاريا. ميڊيا تي هن جي بيماريءَ جون خبرون اچڻ باوجود صوبائي حڪومت صرف ۲۵ هزار رپين جو چيڪ جاري ڪيو.

شهرت جي بلندين تائين پهچڻ کان پوءِ به ريشمان سادي زندگي گذاريندي هئي. هن ڪڏهن به پاپ ميوزڪ نه ڳايو. پنجاب جي لوڪ گيتن جي راڻي، اڄ اسان وٽ نه آهي پر ان جا ڳايل گيت کيس صدين تائين زنده رکندا.

No comments:

راءِ ڏيندا