علي رضا سهتو
تون ياد وري آئين
واحد ڪانڌڙو
علي رضا سهتو سنڌي صحافت جو هڪ اهم ڪردار هو. هن صحافت ۾ ايمانداريءَ
سان فرض سر انجام ڏنا ۽ ٿورڙي وقت ۾ سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍي ويو. پر زندگي سندس
ساٿ نه ڏنو ۽ دماغي ٽيبي جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب گذريل سال ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنائين
۽ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
علي رضا سهتو ۱۷ جنوري ۱۹۷۴ع ۾ باڊهه شهر اندر علي شير سهتي جي گهر ۾
جنم ورتو. پرائمري ۽ ميٽرڪ بادهه شهر جڏهن ته انٽر ڏوڪري ڪاليج ۾ ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ
يونيورسٽي ۾ ايم اي سوشلاجي ۾ ڪيائين.
شاگردي واري زماني ۾ هن جو تعلق جساف سان هوندو هيو ۽ سرگرم ڪارڪن هو.
علي حسن ملاح موجب ته ”علي رضا سهتي واري شاگرد سياست جي فضيلت ڀري آخري بينچ هئي.“
ان دور ۾ علي رضا جي ناليواري ڪهاڻيڪاره خيرالنساءِ
جعفري سان هوندي هئي. خير النساءِ جعفري کي ميڊيم خيرو جي نالي سان سڏيو ويندو هو
۽ هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ واحد پروفيسرياڻي هوندي هئي جيڪا مٺ تي سگريٽ ڇڪيندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن ميڊم خيروءَ جون ساروڻيون ٻڌائيندي علي رضا چوندو هو ته يار ميڊيم خيرو مون
کي سياست کان روڪي ۽ چوي ٿي ته ”تون صحافت ڪر“ ۽ شايد خير النساءِ جعفري جي ئي چوڻ
تي هن صحافت جي شروعات ڪئي هجي، پر ان جي حياتيءَ ۾ علي رضا شاگرد سياست سان لاڳاپيل
رهيو.
گهڻو عرصو پوءِ يونيورسٽيءَ کي ڇڏي واپس باڊهه ۾ آيو. اُتي به هن روزگار
ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون پر ڪامياب نه ويو ۽ نيٺ هن پنهنجا باڊهه مان ٽپڙ ويڙهيا
۽ حيدرآباد ڏانهن رخ ڪيائين ۽ ڪامريڊ غلام رسول سهتي سان ملي هن صحافت جي شروعات ڪئي.
ٿورڙي ئي عرص ۾ هن سنڌ جي مختلف وڏين اخبارن ۾ ڪم ڪيو ۽ ٽي وي چئنلن تائين
به نڪري ويو. اسان هن سان جيتوڻيڪ گڏ ڪنهن اداري ۾ ڪم نه ڪيو هو پر هر روز، ٻئي ڏينهن
يا هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ملڻ ضرور ٿيندو هو ۽ اسان جي ڪچهرين جو موضوع اڪثر سنڌي صحافت
هوندو هيو.
ڪوشش ڪندا هئاسين ته پنهنجي سنڌي صحافت کي قومي صحافت جو رنگ ڏجي ۽ ان
مقصد تي مان اڄ به قائم آهيان. جيڪڏهن اسان پنهنجي صحافتي ڪردار کي قومي ڪردار سان
نه ڳنڍينداسين ته پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويهنداسين. قومي سياست ٿي سگهي ٿي، قومي ادب به
ٿي سگهي ٿو ته قومي صحافت ڇو نه ٿي سگهي. قومي صحافت مان مراد آهي ته اسين پنهنجي ڪلچر،
ٻولي، تهذيب جي رنگ ۽ پنهنجي قومي ڪردار کي نمايان انداز ۾ پيش ڪريون. پنهنجي سنڌي
ٻولي جي خدمت هڪ بهتر اخبار ئي ڪري سگهي ٿي. اهو ئي تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اسان عمل
۽ پنهنجي ڪردار ۾ پنهنجو پاڻ کي صالح ڪنداسين.
سڀني صحافين کي اهو سوچڻ گهرجي ته سنڌي صحافت کي تقريبًا سؤ، ٻه سؤ سال
گذري ويا آهن. هن ايڏي وڏي تاريخي عرصي ۾ ڪو اهڙو صحافي ڇو نه پيدا ٿي سگهيو آهي جنهن
جي ڀٽائي ۽ اياز ۽ ٻين قومي اڳواڻن وانگر هر سال ورسي يا سالگرهه ملهائجي. ڇا ان سوال
تي اسان ڪڏهن سوچيو آهي.
منهنجي خيال ۾ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب به اهو آهي ته اسان پنهنجي صحافتي
عمل کي قومي ڪردار سان ڳنڍي ناهيون سگهيا. اسان جيڪڏهن پنهنجو عمل قوم سان نه ڳنڍينداسين
ته قوم به اسان کي پنهنجو نه ڪندي. ان جي ڪري اسان جنهن ٻوليءَ ۾ پنهنجي اخبار يا ٽي
وي چئنل کولي رهيا آهيون ته سڀ کان پهريان اسان جي لاءِ عظيم اها ٻولي هجڻ گهرجي.
اسان ڏٺو هوندو ته اڪثر اخبارن ۾ سنڌي ٻولي جي شاعرن ۽ ادب توڙي سياست
۾ پنهنجن اڳواڻن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي اها جاءِ نه ڏئي رهيا آهيون، جيڪا انهن کي
ڏيڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو اسان خود پنهنجو پاڻ کي اوپرو محسوس ڪري رهيا آهيون.
آئيندو جي منهن مقابل
ٿي ويو،
پنهنجي ئي چهري تي مان
ڀلندو رهيس!
سنڌي اخبارن بابت هڪ انٽرويو ۾ نالي واري ڏاهي محمد ابراهيم جويي ڪجهه
وقت اڳ اها راءِ ڏني هئي ته ”اخبار ۾ بقايا نه کڻڻ گهرجي ۽ سڄو جو سڄو مواد سرخيءَ
سان گڏ ڏيڻ گهرجي. ان جو مقصد هو ته اڄ جي اخبارن ۾ ماڻهو صرف ۽ صرف سرخي پڙهن ٿا،
بقايا مواد ان جو گهٽ پڙهيو وڃي ٿو ۽ ڪرپشن ڪندڙ ماڻهن توري عام معلومات کان پڙهندڙ
رهجي وڃي ٿو.
بهرحال اها جويي صاحب جي راءِ هئي ان تي گهڻن صحافين تجزيا به ڪيا ۽ ڪرڻ
به گهرجن، پر اسان کي وري به ان ڳالهه تي ڌيان ڏيڻو پوندو ته سڀ کان پهريان انسانيت،
قوم، وطن ۽ پوءِ ان کان عالمگيريت تي ڪم ڪرڻ گهرجي. صحافت ۾ اهي سڀ شيون اچي وڃن ٿيون
پر اهو قطعي نه وسارڻ گهرجي ته اسان جو پهريون ۽ آخري مقصد قومي صحافت آهي ۽ ان تي
ئي پنهنجي ٻولي ۽ قومي سڃاڻپ کي سگهارو بڻائي سگهجي ٿو.
هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ هفتيوار اخبارون، روزاني اخبارون ۽ هفتيوار، پندرنهن
وار ماهوار، سوين اخبارون ۽ ميگزين شايع ٿي رهيا آهن. اها ٻوليءَ جي خدمت ۽ ٻوليءَ
کي مضبوط بڻائڻ جي هڪ رٿ آهي. پر تنهن هوندي به کوڙ ساريون اوڻايون آهن، جن کي درست
ڪرڻ جي گنجائش آهي ۽ ان تي غور ويچار ڪري سگهجي ٿو.
اهي سمورا قصا اڄ ان ڪري منهنجي ذهن تي تري اچن ٿا جو انهن موضوعن تي
منهنجي ۽ علي رضا وچ ۾ ڪچهري ٿيندي هئي. اڄ علي رضا سهتو ڪونهي ۽ آئون پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيون آهيان. حقيقت
۾ سنڌي ميڊيا ۾ جيڪا مون راءِ ڏني آهي ان راءِ جا ڪيترا ئي حامي صحافي موجود آهن ۽
ائين کڻي چئجي ته سڀني سنڌي صحافين جو به مقصد اهو ئي هجي پَرَ اهو تڏهن سڀ ڪجهه ٿيندو،
جڏهن اسان سڀني ماڻهن کي ان ڳالهه تي قائل ڪري وينداسين. جيڪڏهن اسان سنڌي اخبارن
۾ سنڌي ٻولي، ثقافت، ڪلچر ۽ عالمگيريت کي اخبار ۾ سمائي هڪ سهڻو گلدستو سنڌي ماڻهن
آڏو پيش ڪنداسين ته يقينًا صحافي علي رضا سهتي جو اهو خواب پورو ٿي ويندو.
June 16, 2013
پهرين ورسيءَ جي مناسبت سان
جي مري ٿين نه مات،
سنڌ جي نوجوان قومي ڪارڪن ۽ صحافي علي رضا سهتي جو بي وقتائتو وڇوڙو
۽ جيڏن جو اونهو غم
عزيز بروهي
موت هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان ڪو به ذفي فهم انسان انڪار نه ٿو ڪري
سگهي پر دنيا اندر ڪجهه ماڻهو پنهنجي شانائتي ڪردار جي ڪري مرڻ کانپوءِ به هميشه جي
لاءِ زنده رهن ٿا ۽ اهڙن ئي سدا حيات ماڻهن منجهان هيو باڊهه جو علي رضا سهتو، جنهن
جو جنم 17.01.1972ع تي باڊهه ۾ ٿيو، شروعاتي تعليم پير تقي شاهه پرائمري اسڪول مان
حاصل ڪيائين ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول باڊهه ۽ انٽر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سائنس
ڪاليج ڏوڪري مان پاس ڪرڻ کانپوءِ اعليٰ تعليم جي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ويو، جتان
1994ع ۾ ايم ايس سي سائيڪلوجي ۾ پاس ڪيائين جيڪو اسان کان 17.06.2012ع تي جسماني طور
تي هميشه لاءِ موڪلائي ويو. علي رضا سهتو جو شمار باڊهه جي اهم قومي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو،
جنهن سياست جي شروعات ٻالڪ پڻي کان ئي هڪ قومي ڪارڪن جي حثيت ۾ ڪئي ۽ زندگي جي آخري گهڙين تائين مادري وطن سنڌ ۽ سنڌي قوم توڙي
ان جي مٽي هاڻڻ ماڻهن سان وفادار رهيو. هن ملڪ ۾ قومي سياست ڪنڊن جي سيج هوندي آهي،
اهڙي نظرياتي سياست ڪرڻ ۽ ثابت قدمي سان ان تي هلڻ وڏي جوکئي وارو ڪم آهي پر علي رضا
سهتو کي اها مڪمل ڄاڻ هئي جو هن پاڻ ئي سوچي سمجهي ان گس تي هلڻ جو فيصلو ڪيو هو، هي
جسقم جو سرگرم رڪن سيد جو سچو سپاهي ۽ سندس نظرياتي پيروڪار هيو، جنهن جو عڪس سندس
زندگي ۽ سياست تي بلڪل نمايان هيو، هن پنهنجي عملي سياست جي شروعات جيئي سنڌ جي پليٽ
فارم تان ڪئي هئي، هن لاءِ چيو ويندو هيو ته هو شهيد سنڌ محترم بشير خان قريشي جي ويجهن
ساٿين مان هيو، هن خوبصورت جوان کي هميشه سنڌي قوم جو اونو هوندو هيو، ڪتابن جي سان
سندس محبت جي اها حد هوندي هئي جو هر وقت ساڻس ڪو نه ڪو ڪتاب ساڻ هوندو هيو، نه صرف
علم سان چاهه ۽ بي علمي کي قومي غلامي جو اهم سبب تصور ڪندو هيو ان ڪري سندس سمورو
زور نظرياتي سياسي ڪتابن تي پڙهڻ تي هوندو هيو هي نه صرف پنهنجي پارٽي جي دوستن بلڪ
ٻين قومي ۽ سياسي ڪارڪنن کي پڻ ڪتاب پڙهڻ لاءِ زور ڀريندو هو، علي رضا سهتو هڪ باعمل
۽ باڪردار سياسي ڪارڪن هيو، هن جي دل وشال سمنڊ جيڏي هئي زبان ماکي به مٺي چهرو ٻهڪندڙ
هوندو هيس، هي يارن جو يار هيو ۽ انساني عظمت
۽ بلندين تي مڪمل ايمان هيس، ان ڪري هن وٽ ڪنهن لاءِ به ڪو ذاتي بغض يا دشمني ڪا نه
هئي، هن جي دوستي ۽ دشمني جو مهور سنڌ هئي جنهن کي هو کن پل ڪاڻ به وسارڻ لاءِ تيار
نه هوندو هيو، لطيف چواڻي ته.
منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري،
تــه مر لـــــڳي لُـــــوهــــه، ٿـــــــــر ٻــــاٻيهو ٿـــــي مران.
يا وري سچل چواڻي ت
جو دم غافل، سو دم ڪافر.
باڊهه شهر توڙي آسپاس واري علائقي تي جاگيرداڻو اثر غالب آهي، هتان جو
عوام وڏيرن ۽ سندن ٻولڙين وٽ يرغمال بڻيل آهي، ان ڪري هت ڪنهن ٻئي سياسي فڪر وري قومي
نظريي جي پرچار ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي هتي وڏيرڪي مرضي بنا سياست ڪرڻ ڄڻ نانگن جي ٻرن
۾ هٿ وجهڻ برابر آهي، علي رضا سهتو پنهنجي پوري ايمانداري ۽ سچائي سان قومپرستي واري
فڪر جو پرچارڪ هيو، ان ڪري وڏيرا ۽ سندن ڪمدار، ڪاراوا ۽ ٻولڙيا هر وقت هن تي ڪاوڙيل
هوندا هئا ايتري حد تائين جو کيس ذاتي زندگي ۾ پڻ پريشان ڪرڻ کان وسان نه گهٽايو ويو
سياسي زندگي ۽ جدوجهد ۾ ته هنن حد ڪري ڇڏي قومي سياست ڪرڻ ۽ ڀوتارن جي اڳيان نه جهڪڻ
۽ شهري مسئلن لاءِ بي خوفي سان جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس پوليس وڏيرن جي دلالي ڪندي
گرفتار ڪري باڊهه ٿاڻي تي مٿس انسانيت سوز تشدد
ڪيو ۽ ظلم جا پهاڙ ڪيرايا اهڙو تشدد ڀوتارن جي حڪم تي سندن لاٺڙين کي ٿاڻي
۾ ڪرسي تي ويهاري سندن اڳيان ڪيو ويو پر هي نه جهڪيو ۽ نه وري وڪيو پر هن پنهنجي قومي
سفر جاري رکيو ۽ آخرڪار پنهنجن ۽ پراون جي تڪليفن ۽ تنگ نظري سبب هن کي باڊهه ڇڏڻي
پئي پر هن وفا جي پيڪر ڪڏهن به ان جو ذڪر ڪنهن سان نه ڪيو پر نهايت ئي فهم ۽ فراست سان پنهنجو قومي ڪم جاري رکيو. گريجوئيشن
کانپوءِ هن ڪاوش گروپ کي جوائن ڪيو هاڻي هن مٿان وڌيڪ ذميوارين جو بار پيو پر هن همت
ڀري قول ۽ فيل جي سچي ۽ اٽل انسان اتي به پاڻ ملهايو ۽ صحافت واري دنيا ۾ پڻ سچو ۽
کرو انسان ثابت ٿيو، اڄ به جڏهن باڊهه جي درگاهه شريف چوڪ کان ڪنهن به قومي ۽ شهري
اِشو تي جلوس ڪڍي دوست حيدر چوڪ تي بئنچ رکي تقريرون ڪندا آهن مون کي اڇو چشمو پاتل
سهڻن وارن ۽ خوبصورت چهري ۽ مٺڙي زبان سان مدلل تقرير ڪندڙ علي رضا سهتي جو چهرو نظر
ايندو آهي، ڄڻ ائين لڳندو آهي ته هو چئي رهيو هجي ته پيارا ساٿيو مان توهان سان گڏ
آهيان، اچو ته هن ڏاڍ جي ڏونگر کي ڏاري وجهون ۽ هيڻن کي همٿايون اچو ته قومي آجپي جو
سج اڀاريون، باڊهه شهر جي تقي شاهه محلي سان واسطو رکندڙ هي حسين چهري وارو قومپرست
نوجوان جنهن جو ٻالڪ پڻ ته باڊهه شهر ۾ گذريو جواني جي سرحدن ۾ سندس قومي فڪر هئڻ ڪري
سندس ساري سنڌ سان شناسائي ۽ ڏيٺ وائيٺ جو هو سهڻو جهان هيو، هو سنڌ جي قومي تحريڪ
۾ هڪ بهترين مقرر ۽ دل نواز قومي ڪارڪن طور مشهور هيو، هن باڊهه شهر ۾ هڪ طرف نوجوانن
جي قومي تحريڪ ۾ نظرياتي نشو نمان سان گڏ کين نظرياتي درس ۽ ادبي ماحول ڏئي شهر جي
نوجوانن جي هڪ قطار بيهاري ڇڏي جن نوجوانن هن سان گڏجي سندس سهڻي ۽ پروقار شخصيت جي
نشاندهي طور اڄ به قومي تحريڪ ۾ سندس نقش قدم تي هلي شهر لاءِ هڪ سهڻي ڪردار کي سرانجام
ڏئي رهيا آهن، ٿورڙي ئي وقت ۾ علي رضا سهتو ڪي ٽي اين جو نيوز انچارج بڻيو ته سندس
بنياد ۾ شامل قومي نظرياتي نوجوان واري روش کيس سموري سنڌ ۾ هڪ نئين سڃاڻپ سان روش
ناس ڪرايو، سنڌ ڌرتي اهڙن سپوت نوجوانن جي قومي، سماجي، ادبي جدوجهد کي ڪڏهن به ناهي
وساريو ۽ اهڙي نوجوان سنڌي صحافي ۽ قومي ڪارڪن جي بي محلي وڇوڙي تي سراپا افسوس هئڻ
سان گڏوگڏ هن جي گنجائش کي بار بار محسوس ڪري ٿي ۽ سندس پهرين ورسي تي کيس قومي سلام
پيش ڪري ٿي.
No comments:
راءِ ڏيندا