; سنڌي شخصيتون: علي، رضا، سهتو، تون، ياد، وري، آئين، واحد، ڪانڌڙو،
Showing posts with label علي، رضا، سهتو، تون، ياد، وري، آئين، واحد، ڪانڌڙو،. Show all posts
Showing posts with label علي، رضا، سهتو، تون، ياد، وري، آئين، واحد، ڪانڌڙو،. Show all posts

17 November, 2013

علي رضا سهتو - واحد ڪانڌڙو

علي رضا سهتو
تون ياد وري آئين
واحد ڪانڌڙو
علي رضا سهتو سنڌي صحافت جو هڪ اهم ڪردار هو. هن صحافت ۾ ايمانداريءَ سان فرض سر انجام ڏنا ۽ ٿورڙي وقت ۾ سنڌي ميڊيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍي ويو. پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو ۽ دماغي ٽيبي جي عارضي ۾ مبتلا هجڻ سبب گذريل سال ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنائين ۽ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
علي رضا سهتو ۱۷ جنوري ۱۹۷۴ع ۾ باڊهه شهر اندر علي شير سهتي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ ميٽرڪ بادهه شهر جڏهن ته انٽر ڏوڪري ڪاليج ۾ ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي سوشلاجي ۾ ڪيائين.