ڊاڪٽر شاهزيب مغيري
لائبريري ۽ انفارميشن
سائنس جو ڄاڻُو
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
سنڌ جي
ڪاليجن جو هڪ اهم حصو انهن جون لائبريريون به آهن. ڪيترا ئي ڪاليج اهڙا به آهن جتي
سَو، ڏيڍ سَو سال آڳاٽا ڇپيل ڪتاب پڻ موجود آهن، ۽ جن جي افاديت لاثاني آهي. اهڙن
اڻملهه ڪتابن کي سانڍڻ ۽ سنڀالڻ جو ڪم، انهن لائبريريُن ۾ مقرر انچارج ۽ سندن
رهنمائيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ ڪئٽلاگر، اسسٽنٽ ۽ ٻيا عملدار ڪندا آهن. اها اسان جي خوش
نصيبي آهي، ته ڪجهه لائبريريُن ۾ انتھائي اعلٰي تعليم يافته لائبريريَن مقرر آهن،
جيڪي نه صرف لائبريريُن کي سنڀالي رهيا آهن، پر علمي طور پڻ پنھنجو حصو شامل ڪري
رهيا آهن. اهڙن لائق لائبريريَن مان هڪ، ڊاڪٽر شاهزيب مغيري پڻ آهي، جنھن لائبريري
۽ انفارميشن سائنس ۾ ڊاڪٽريٽ جي سند حاصل ڪئي آهي.




