; سنڌي شخصيتون: قلي بخش رند عرف ڪي بي رند

14 June, 2026

قلي بخش رند عرف ڪي بي رند

قلي بخش رند عرف ڪي بي رند

ناليواري آفيسر قلي بخش رند جي لاڏاڻي جو ڏينهن

ذوالفقار قادري



اڄ قلي بخش رند صاحب عرف ڪي بي رند بہ لاڏاڻو ڪري ويو، هي فاني جهان آھي هر هڪ نفس کي آخر هڪ ڏينهن هي دنيا ڇڏڻي پوي ٿي سندس جو پورو نالو قلي بخش ولد حاجي غلام نبي رند هو، چاچا غلام نبي رند پنهنجي علائقي جا معتبر زميندار هئا هن پنهنجي سڀني پٽن کي اعلئ تعليم ڏياري

قلي بخش رند صاحب جڏھن کان سول بيوروڪريسي جوائن ڪئي هن “ڪي بي رند“ جي نالي سان شهرت ماڻي، قلي بخش رند جو جنم ۱۵ نومبر ۱۹۵۱ع نوابشاه جي سڪرنڊ تعلقي ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ٿيو بنيادي تعليم سڪرنڊ ۽ نوابشاه مان حاصل ڪئي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ۱۹۷۴ع ۾  ايم اي انگلش (آنرز) ۽ اسلام آباد مان ايم. ايس. سي (ڊفينس اسٽريٽجڪ اسٽڊيز) ڪيائين. ۱۹۷۴ع ۾ ئي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر ٿيو ٽريننگ بعد هن پنهنجي سرڪاري ملازمت جو باضابطہ آغاز ۱۹۷۵ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر کان ڪيو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿي رهيو. قلي بخش رند کي علم ادب سان چاهہ رهيو هو جڏھن ۱۹۸۹ع ۾ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن هو تہ مون قمبر ها۽ اسڪول ۾ ڪتابي ميلو منعقد ڪرايو ۽ کيس شرڪت جي دعوت ڏنم تہ هن دل سان قبول ڪري پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، قلي بخش رند جي سرڪاري نوڪري هيٺين ريت رهي


۱ - اسسٽنٽ ڪمشنر ( يو ٽي ) ميرپور خاص ۱۹۷۵ع

۲ - اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ ۱۹۷۶ع

۳ - اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ۱۹۷۸ع

۴ - اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي ۱۹۷۸ع

۵ - اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي، دادو ۱۹۷۹ع

۶ - ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ۱۹۸۰ع

۷ - ڊپٽ ڪمشنر ٺٽو ۱۹۸۲ع

۸ - ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي پاڪستاني ها۽ ڪميشن لنڊن  ۱۹۸۲ع کان ۱۹۸۴ع

۹ - مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سمال انڊسٽري ڪاپوريشن ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۸ع

۱۰ - ڪشمنر لاڙڪاڻو ڊويزن ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۰ع

۱۱ -  ڊائريڪٽر انڊسٽري اينڊ منزل ڊيولپمينٽ سنڌ ۱۹۹۰ع کان ۱۹۹۲ع

۱۲ - سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن سنڌ ۱۹۹۲ع کان ۱۹۹۳ع

۱۳ - سيڪريٽري ٽو چيف منسٽر سنڌ ۱۹۹۳ع

۱۴ - سيڪريٽري ايگريڪلچر اينڊ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ (هوم سيڪريٽريءَ جي اضافي چارج)۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۴ع

۱۵ - سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ ۱۹۹۴ع

۱۶ - جوائنٽ سيڪريٽري، منسٽر آف انڊسٽريز ۽ پراڊڪشن گورنمينٽ پاڪستان ۱۹۹۴ع کان ۱۹۹۷ع

۱۷ - جوائنٽ سيڪريٽري وزارت داخلا پاڪستان ۱۹۹۸ع کان ۱۹۹۹ع

۱۸ - جوائنٽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، حڪومت پاڪستان ۲۰۰۰ع

۱۹ - ڊائريڪٽر جنرل پورٽس اينڊ شپنگ، منسٽري آف ڪميونيڪيشن اينڊ ريلويز پاڪستان ۲۰۰۰ع

۲۰ - چيف سيڪريٽري سنڌ ۲۰۰۰ع کان جون ۲۰۰۳ع

۲۱ - چيف سيڪريٽري بلوچستان ۲۰۰۴ع کان ۲۰۰۶ع

۲۲- سيڪريٽري نارڪوٽڪس ڊويزن ۲۰۰۷ع کان ۲۰۱۰ع

۲۳- سيڪريٽري ناردرن ايرياز ۲۰۱۰ع

آخر سال ۲۰۱۱ع ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائر ٿي سڪرنڊ لڳ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ اڪثر وقت گذاريندا رهيا  مرحوم ڪي بي رند صاحب جو شمار سنڌ جي قابل، باصلاحيت، ڄاڻو ۽ ايماندار ڪامورن ۾ ٿئي ٿو.

قلي بخش رند صاحب سان منهنجي ڄاڻ سڄاڻ ۱۹۸۸ع ۾ ٿي جڏھن جنرل ضياء جي حادثاتي موت بعد بينظير ڀٽو صاحبہ جي قيادت ۾ پ پ پ ۱۹۸۸ع ۾ پهريون دفعو چونڊن ۾ حصو پئي ورتو تہ انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جو ڪمشنر قلي بخش رند (ڪي بي رند) هو جڏھن تہ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو رينج راجہ احمد علي، ڊپٽي ڪمشر امتياز شيخ ۽ ايس ايس پي اڏيرو لعل واسي سيد مشتاق احمدشاه جيڪ پو۽ اڳتي هلي آ۽ جي سنڌ پوليس بہ بڻيو هو، نگران وڏو وزير اختر علي جي قاضي ۽ نگران وزير زراعت نواب احمد سلطان چانڊيو هو، هنن عام چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرائڻ واسطي پنهنجي مرضي مطابق شناختي ڪارڊ پئي ٺھرايا اسان کي خبر پئي تہ اسان ڪارڪنن وڃي شناختي ڪارڊ آفيس ۾ ڦڏو ڪري بيهي رهيا سين اسان سان گڏ سکر سينٽرل جيل کان مچ جيل تائين جي ياترا ڪندڙ جهونو اڳواڻ غلام الله ماهوٽو وڪيل بہ گڏ هو، ان هلندڙ گوڙ دوران ڊي سي امتياز شيخ ۽ ايس ايس پي مشتاق شاه بہ پهچي ويا، ڏند چڪ دوران مشتاق شاه، جهوني وڪيل غلام الله ماهوٽي سان حد کان وڌيڪ بدتميزي ڪئي، خير ان چونڊ ۾ نگران وڏي وزير اختر قاضي واره تڪ تان نثار کهڙي کان ۽ نواب سردار احمد سلطان چانڊيو قمبر واري تڪ تان ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي هٿان شڪست کاڌي آفيسرن کي اها ڪهڙي خبر تہ ڪجهہ ڏينهن بعد بينظير ڀٽو کي اقتدار ملڻ وارو آھي، سو بہ وزيراعظم جي اباڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪم ڪرڻ آسان نہ هو سوا۽ ڊي آئي جي راجہ احمد علي جي جيڪو پنجاب سان تعلق رکندڙ ھو سو پنهنجي بدلي ڪرائي پنجاب هليو ويو،باقي آفيسر لاڙڪاڻي ۾ ئي رهيا، بينظير ڀٽو صاحبہ وزيراعظم ٿيڻ بعد پهرين فرصت ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد مشتاق شاه، غلام الله ماهوٽي کان معافي وٺي پنهنجي جان آجي ڪرائي، سندس ڀاڳ جو جلد ئي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مان وزيراعظم بينظير ڀٽو جو پرسنل اسٽاف آفيسر بڻجي اسلام آباد هليو ويو، انهن ئي ڏينهن ۾ مديجي ۽ ڳاهيجا وچ ۾ پي پي پي لاڙڪاڻي جي هڪ جهوني اڳواڻ جي ڌاڙيلن هٿان اغوا بعد بازيابي واري مسئلي ۽ ڪجهہ ٻين مامرن تان ڪمشنر لاڙڪاڻو قلي بخش رند ۽ ڊپٽي ڪمشنر امتياز شيخ درميان اختلاف ٿيا، نتيجي ۾ امتياز شيخ کي لاڙڪاڻي مان بدلي ڪري سانگهڙ جو ڊپٽي ڪمشنر لڳايو ويو وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبہ وزارت اعظمئ جو حلف کڻڻ بعد پهريون دفعو لاڙڪاڻي پئي آئي پارٽي جي وڏيرن پنهنجي من پسند ماڻھن کي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو هيلي پيڊ تي آجيان ڪرڻ جون پاسون جاري ڪيون اسان جهڙن ڪارڪنن کي اطلاع ئي نہ ڏنو ويو مان ذاتي واقفيت جي آڌار تي جڳاڙ ڪري هيلي پيڊ تي پهچي ويس ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻين نوٽيبل کي هيلي پيڊ جي ڪجهہ فاصلي تي وڇايل “ريڊ ڪارپيٽ“ تي بيهاريو ويو ڪارپيٽ تي بيهڻ جي جاء ئي نہ بچي مان ڪجهہ فاصلي تي پري بيهي رهيس، وزيراعظم بينظير ڀٽو جي آمد کان اڳ ٻن فوجي هيلي ڪاپٽرن ليڊنگ ڪئي ۽ آخر ٽئين هيلي ڪاپٽر ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو اچي لٿي ۽ ڳاڙھي قالين تي بيٺل نوٽيبل سان سلام ڪندي وڃي وزيراعظم جي پروٽوڪول واري ڪاري رنگ جي مرسڊيز بينز ۾ چڙھي وزيراعظم جي آمد تي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن قلي بخش رند سميت پوري ڊويزن جا آفيسر موجود هئا، مان اتي ئي پنهنجي جاء تي بيٺو رهيس ۽ بينظير صاحبہ وزيراعظم جي گاڏي ۾ چڙھي رواني ٿي قدرتن سندس جي نظر مون تي پئي الله پاڪ کيس جنت نصيب ڪري وڏي ظرف واري خاتون هئي ورنہ ڪٿي ملڪ جي وزيراعظم ڪٿي اسان مولائي قسم جا ماڻھو بينظير صاحبہ مون کي ڏسي ورتو فورن گاڏي بيهاري گاڏي مان لهي مون کي سڏيائين خير عافيت پڇيائين هو وڏي داناءُ مائي هئي منهنجي چهري کي پڙھي ورتائين چيائين ڇو مايوس آھين مون کيس چيو “ بيبي اوهان سان سالن جي رفاقت بغير لالچ جي آھي اڳ اسان اوهان سان بغير رڪاوٽ ملي وٺندا هئاسين هاڻي تہ اوهان کي ڏسي بہ نہ سگهنداسين اوهان جي آمد جي پاس کان بہ هاڻي محروم آھيون مون کيس ٻڌايو مون کي پاس جاري نہ ڪئي وئي آھي ان تي بينظير ڀٽو صاحبہ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن قلي بخش رند صاحب کي طلب ڪيو ۽ ڪي بي رند صاحب کي چيائين “ رند صاحب هن ڇوڪري کي ڏسو هي منهنجي ننڍن ڀائرن جيان آھي آئنده منهنجي آمد تي تمام پروگرامن جي شرڪت جو هن کي ڪارڊ جاري ڪري پهچائڻ تنهنجي ذميواري آھي، تنهن تي ڪي بي رند صاحب چيو “مئڊم پرائيم منسٽر اوهان جي حڪم جي تعميل ٿيندي.“ ان بعد بينظير مون کي چيو هاڻي تہ خوش آھين مون سندس شڪريو ادا ڪيو ڪئمرا جي اک انهن لمحن کي محفوظ ڪري ورتو بس ان ڏينهن کان قلي بخش رند صاحب سان عزت ۽ محبت جو تعلق جڙيو جيڪو سندس لاڏاڻي تائين رهيو، الله پاڪ سندس مغفرت ڪري ۽ کيس جنت ۾ جايون هجن، لاڙڪاڻي جي ڪمشنري دوران ڪي بي رند صاحب ڪافي بهتر ڪيا ۽ وزيراعظم بينظير ڀٽو کي پراجيڪٽس جي سمري ٺاهي ڏيندو رهيو پر سندس هڪ عمل تي ڪافي غريب نوجوان کيس دعا ڏيندا آھن اصل قصو هينئن آھي تہ يارهن سالن جي طويل آمريت ۽ جنرل ضياء جي مرڻ بعد بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي عام ماڻھن ۽ نوجوانن کي سندس مان اميدون وابستہ هيون سو بينظير ڀٽو صاحبہ جڏھن لاڙڪاڻي ايندي هئي رتوديرو، قمبر، شهدادڪوٽ، ميروخان مطلب با۽ روڊ نڪري علائقن جو دورو ڪندي هئي ان سان گڏ جيترا ڏينهن لاڙڪاڻي هوندي هئي تہ المرتضئ هاؤس ۽ نئون ديرو هاؤس جا دروازا عام ماڻھن لاء کولائي ڇڏيندي هئي ۱۹۹۳ع ۾ مير مرتضئ ڀٽو جي وطن واپسي بعد هو نئون ديرو شفٽ ٿي وئي پر عام ماڻھن سان پئي ملندي هئي مان ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۰ع جي ڳالهہ ٿو ڪيان جتي بينظير صاحبہ وڃي بيروزگار نوجوانن جي نوڪري جي درخواستن جا ڍير کيس ملندا هئا. ايتري قدر جو جيڪي نوجوان ساڻس تائين نہ پهچي سگهندا هئا درخواستن جا لفافا سندس ڏي ڦٽو ڪندا هئا. ڪافي دفعا نوجوانن جا ڦٽا ڪيل لفافا سندس چهري تي ڪريا پر ڪڏھن ڪاوڙ نہ ڪيائين جڏھن گهر المرتضئ پهچندي هئي تہ سندس گاڏي درخواستن سان ڀريل هوندي هئي گاڏي مان لهڻ بعد ڪمشنر قلي بخش رند صاحب کي هدايتون ڏيندي هئي تہ هنن مان هڪ درخواست بہ ضايع نہ ٿيڻ گهرجي هنن درخواستن جي فوري ڇنڊ ڇاڻ ڪيو جيڪي درخواستون وفاقي کاتن جون جون آھن اهي منهنجي جهاز ۾ گڏ اسلام آباد وينديون باقي صوبائي کاتن يا ڊويزن ۽ ضلع سطح جي نوڪرين کي مقامي سطح تي تعليم آڌار ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ ضلع پ پ عهديدارن جي ڪميٽي جوڙي وئي بينظير هدايتون ڏئي اسلام آباد هلي وئي پ پ وارا نوڪرين جي ورهاست تي پاڻ ۾ نہ پيا ٺھن ٻئي دفعي جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ لاڙڪاڻي آئي ۽ ڪمشنر قلي بخش رند کان نوڪرين جي باري ۾ معلوم ڪيائين ڪمشنر قلي بخش رند صاحب کيس جيڪو سچ هو ٻڌايائين چيائين وفاقي کاتن واريون درخواستون اسان سهيڙي اوهان جي ملٽري اي ڊي سي کي ڏنيون باقي درخواستون منهنجي آفيس ۾ پيون آھن تعليمي قابليت تحت انهن جون لسٽون بہ جوڙيون آھن ۽ تمام کاتن کان خالي جاين جا انگ اکر بہ گڏ ڪيا آھن باقي اوهان جي پارٽي وارا ورهاست تي ڪو نہ پيا ٺھن ٽي دفعا ميٽنگ بہ ٿي چڪي آھي ڪمشنر قلي بخش رند صاحب جي اهڙي رپورٽ بعد  بينظير ڀٽو صاحبہ ڪمشنر کي حڪم ڪيو تون روڪريٽمنٽ ڪميٽي جو سربراه آھين ڊويزن جا سڀئي آفيسر تنهنجي حڪم جا پابند هوندا تعليم ۽ قابليت تحت نوڪرين جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيو مان ايندڙ وزٽ ۾ اوهان کان رپورٽ وٺنديس، وزيراعظم بينظير ڀٽو جي اهڙين هدايتن بعد ڪي بي رند صاحب بغير ڪنهن سفارش جي پنهنجي ڊويزن جي اندر نوڪرين جون خالي جايون ڀري غريب ۽ مستحق نوجوانن کي گهر ويٺي نوڪرين جا آرڊر پهچائي بينظير ڀٽو کي رپورٽ ڏئي ڇڏي هي بهترين آفيسر ۱۱ جون ۲۰۲۵ع تي آخر لاڏاڻو ڪري ويو.

 

 

(فيسبڪ پوسٽ ۱۱ جون ۲۰۲۵ع)


 

ڪي بي رند

برک ڪاموري جي وڇوڙي جي پھرين سار - نواب شاھ: ۱۱ - جون ۲۰۲۶ع.

اسد ڪيريو

شڪر گنج ڍنڍ مان سڪرنڊ بڻجي سنڌو نگر ۾ پنھنجي زرخيزي، تاريخ، تھذيب ۽ تمدن جي نرالي ڪھاڻي رکندڙ ھن شھر پنھنجي سيني اندر جتي دھليلہ ڪوٽ ۽ چانھونء جي دڙي کي سمائي رکيو آھي اتي ھن شھر حمل فقير کان وٺي عبدالحڪيم ارشد جھڙن قدآوار شاعرن کي پڻ پنھنجي جيء ۾ جايون ڏنيون آهن حڪيم معين الدين ڪيرئي خياروي،مولانا عبدالله ڪيرئي کڏھري کان وٺي دادا ڪيرت ٻاٻاڻي،سيد امداد محمد شاھ ۽ ڪامريڊ محمد لاکي تائين جھڙا تاريخ جا انمول ڪردار پڻ ھن شھر  جي سينڌ جا سنواريندڙ رھيا آھن، سياست جي منجھيل سٽ کان الڳ آفيسر شاھي جنھن کي عرف عام بيوروڪريسي چيو ويندو آهي ان فيلڊ ۾ پڻ سڪرنڊ جي سرزمين سنڍ ناھي رھي ھن شھر ان فيلڊ ۾ پڻ ڪيترائي نرالا نالا پيش ڪيا آھن جن پنھنجي صلاحيتن،ڪم ۽ ڪردار ڪري سنڌو نگر سان گڏ پوري ملڪ ۾ وڏو مان ۽ مرتبو ماڻيو آهي، سڪرنڊ جي ناليواري زميندار حاجي غلام نبي رند جي گھر ۾ ۱۵ - نومبر ۱۹۵۱ع تي جنم وٺندڙ قلعي بخش رند جيڪو بعد ۾ K B Rind جي نالي سان پنھنجي خداداد صلاحيتن جي آڌار تي پاڪستان جي بيوروڪريسي جو تمام وڏو نالو ثابت ٿيو.

ڪي بي رند پنھنجي اعلي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۷۵ع ڌاري پنھنجي پروفيشنل زندگيءَ جي شروعات روينيو کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي حيثيت سان ڪيو، پاڻ ميرپورخاص، سانگھڙ، حيدرآباد، ماتلي ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر رھڻ کانپوءِ لڳ ڀڳ ۱۹۸۰ع ڌاري پروموشن ملڻ بعد شڪارپور م ڊپٽي ڪمشنر بڻيو جتان بدلي ٿيڻ کان پوءِ ڪجھ عرصو ٺٽي ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ ٿي رھيو، قلعي بخش رند ۱۹۸۴ع ڌاري لنڊن ۾ پاڪستاني ھاءِ ڪميشن ۾ ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي پڻ ٿي رھيو جتان ۱۹۸۸ع م پاڪستان بدلي ٿيڻ کان پوءِ سنڌ پرڳڻي ۾ نئين قائم ڪيل لاڙڪاڻي ڊويزن جو پھريون ڪمشنر ٿيڻ جو اعزاز ماڻيائين، ۱۹۹۰ع م کيس ڊائريڪٽر انڊسٽريز بڻايو ويو لڳ ڀڳ ۱۹۹۲ع ڌاري کيس ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي ۾ صوبائي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، سيد عبدالله شاھ جي وڏ وزارت واري دؤر ۾ محترم قلعي بخش رند کي چيف منسٽر سنڌ جو سيڪريٽري بڻايو ويو جنھن بعد کيس صوبائي سيڪريٽري ايگريڪلچر اينڊ وائيلڊ لائيف مقرر ڪيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ کيس سنڌ پرڳڻي جي ھوم سيڪريٽريءَ جي اضافي چارج پڻ ڏني وئي، محترم قلعي بخش رند ۱۹۹۴ع ۾ سنڌ صوبي ۾ تعليم کاتي جو سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو جنھن بعد سندس خدمتون وفاق حوالي ڪيون ويون ۽ پاڻ وفاق ۾ انڊسٽري ۽ پراڊڪشن کاتي ۾ جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۹۸ع ۾ پاڻ وفاق ۾ وزارت داخلا ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ٿي رھيو،محترم قلعي بخش رند ڪجھ وقت لاءِ پورٽس اينڊ شپنگ، منسٽري آف ڪميونيڪيشن اينڊ ريلوي پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ ٿي رھيو، سڪرند ڄائو ھي ناميارو بيوروڪريٽ ڪي بي رند ۲۰۰۲ع کان ۲۰۰۳ع تائين سنڌ پرڳڻي جو چيف سيڪريٽري پڻ ٿي رھيو،۲۰۱۱ع ۾ پنھنجي ريٽائرمينٽ کان اڳ پاڻ بلوچستان صوبي جو چيف سيڪريٽري پڻ رھيو.

قلعي بخش رند المعروف ڪي بي رند مڪمل طور ھڪ پروفيشنل ڪردار ھو، ھن پنھنجي پوري پروفيشنل ڪيريئر ۾ ميرٽ جي بالادستي، ايمانداري، آفيس ڪم جي تڪڙي اڪلاء ۽ فرض شناسيءَ کي گھڻي اھميت ڏني، پاڻ انتھائي باصلاحيت،ڄاڻو ۽ ڪم کي عبادت سمجهي ادا ڪندڙ ڪامورو رھيو،پنھنجي ۳۶ -سالن جي پروفيشنل زندگيءَ ۾ ڪوبہ ڪرپشن، اقرباپروريء يا پنھنجا نوازڻ جو الزام سندس ذات يا زندگيءَ مٿان نہ لڳو،ھن پنھنجي پروفيشنل زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيا منصوبا ۽ پروجيڪٽس مڪمل ڪرايا، سنڌ جي چيف سيڪريٽري واري دؤر ۾ ھن سنڌ پرڳڻي جي مجموعي ترقي لاءِ ساراھ جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون.

سڪرنڊ تعلقي جي يونين ڪائونسل جمال ڪيريو ۾ مشھور درگاھ خياروي شريف جي ويجھو قائم ڳوٺ قلعي بخش رند (جيڪو ڪي بي رند جي ڏاڏي جي نالي سان قائم آھي) ۾ جنم وٺندڙ ڪي بي رند ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ اڪثر حيدرآباد ۾ رھندو ھو پر ھن پنھنجي اباڻي ڪکن کي ڪڏھن بہ نہ وساريو. پاڻ موقعي مھل سان ڳوٺ پڻ ايندو رھندو ھو. سنڌ جي ھن نامياري ڪاموري گذريل سال اڄوڪي تاريخ ۱۱ -جون ۲۰۲۵ع مطابق ۱۴ - ذوالحج ۱۴۴۶ھ تي اربع جي ڏينهن ۷۳ - سال ۶ - مھينا ۽ ۲۶ - ڏينهن جي عارضي حياتي گھاري دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ قلعي بخش رند جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۱۱ جون ۲۰۲۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا