وڏيرو ابن علي
ٿر جي ڪلاسيڪل روايتن جي
آخري امين جو وڇوڙو
علي نواز راهمون
ٿر جا
مختلف تعارف آهن. هڪڙو ٿر لطيف سائينءَ جو ٿر آهي، جنهن ۾ ”ڀِٽُون، مُئي جون
ڀينرون“ جهڙيون ڳالهيون ڪندڙ مارئيءَ جي وطن سان حب جي انتها آھي، ”ميائي جياس جي
وڃي مڙهه ملير ڏي“ آهي، وري سمورو سُر سارنگ، مرگهه ۽ تاڙي جي اُڃ ۽ اُساٽ سان گڏ
بادلن جي وسڻ جي آس ۽ ٿر جي جل ٿل ٿيڻ جي اُميد، جنهن ۾”بادل برسائينس آهون عالم
جون سڻي...“ جي صدا به آهي! جي وسي پوي ته:
نڪي جهل نه ڪي پل، نه ڪي رائو، ڏيهه ۾،
آڻيو وجهن آهورين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ املهه، مليرئون مرڪڻو!
خود
دار ٿر ۽ ماروئڙن جي خوشحالي ۽ آزادي جا ڪيئي رُوپ ڏسبا. ساڳيو ٿر جنھن کي شيخ
اياز جهڙي مهان شاعر ڏٺو ته قدرت واري طرفان ايراني قالين ڇنڊڻ سان تشبيهه ڏنائين!
پيار
پاٻوهه ۽ وطن تان گهور ويندڙ ماروئڙن جي ڏيهه ٿر جو هڪڙو ٻيو تعارف ڪجهه ڌرين وٽ
بکيو، اڃيو ۽ سڃيو ٿر وارو به آهي، جنهن کي قائم رکي هو ”پنهنجو ۽ پرائو ٻئي ڪم“
ڪري رهيا آهن.
ٿر جو
هڪڙو تعارف اقتداري سياستدانن وٽ آهي، جنهن ۾ هو ماڻهن جو تمام وڏو انگ صرف ووٽر
طور ڏسن ٿا. هُو هتان جي مارُو ماڻهن کي ووٽ بئنڪ کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿا سمجهن ۽ نه
ئي وري انهيءَ تي ڪو بحث مباحثو ٻڌڻ لاءِ تيار آهن. هو ڪنهن پڙهي لکئي ٿر جي ماڻهو
کي ڏسڻ نٿا چاهين، هو سياست کي پنهنجي مرضي سان وصف ڏيئي هڪڙي مخصوص رنگ، ڍنگ ۽
طريقي سان هلائڻ چاهين ٿا. توڻي جو دنيا تبديل ٿي چڪي آهي پر هو ڪنهن به صورت م
تبديل ٿيل ٿر ڏسڻ لاءِ تيار ناهن ۽ جي ڪنهن اهڙي ڪوشش ڪئي ته پوءِ سندن لاءِ اذيتن
جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي.
هڪڙو
ٿر مذهبي ڌرين کي به نظر اچي ٿو، جيڪي غربت، مذهب، فرقي ۽ جاتين جي ونڊ ورڇ ۾ آڻي
”پنهنجو مذهب“ وڌائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن. مذهب مٽائڻ، فرقا مٽائڻ ۽ پيري
مريدي جي صورت ۾ اٻوجهه ماڻهن کي ڦاسائي هو ”پنهنجي ساري رچائڻ“ جي چڪر ۾ سڀ ڪم
ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ ڪنهن حد تائين ڪري به رهيا آهن.
هڪڙو
ٿر وري سرمائيدارن جو ٿر آهي، اڳي ”پنج مان پندرهن ٿيا“ وارو ڪم هلندو هو ته هاڻي
وري مدد خان جي ڪڙم کان وٺي جديد وياج خورن جي لوڌ به ٿر ۾ پکا کوڙي ويٺل آهي جيڪي
ڪنهن به صورت ڄئورن وانگر رت پيئڻ کانپوءِ ٻيو ڪو ڪم سوچڻ ۽ ڪرڻ کان واندا ئي
ڪونهن.
هڪڙو
ٿر ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ملڪي توڙي عالمي منافعي خورن کي به نظر اچي ٿو، هو ٿر کي
ڪوئلي جي وڏي کاڻ، گرينائيٽ جهڙي قيمتي پٿر جو ڍير ۽ لوڻ جي سارڻ کان سواءِ ٻيو
ڪجهه به نٿا سمجهن. جن وٽ مڙها، ماڳ مڪان، ڀٽون قبرستان، ترايون، ٽوڀا، ڏهر، سيم ۽
وٿاڻ نالي ڪا شيءَ ڪونهي ۽ هو صرف ڪروڙين ٽن ڪوئلو، بلاڪن ۾ ورهايل ٿر، لکين ٽن
گرينائيٽ ۽ چيني مٽي يا وري ڪروڙين ٽن لوڻ جا ڍير ڏسن ٿا. روز نوان معاهدا، نوان
گهٽ گهيڙ جاچي نوان سندرا ٻڌي سڀ ڪجهه ڀڳڙن مٺ تي وٺي هضم ڪرڻ چاهين ٿا!
مٿي
بيان ڪيل ڪجهه حقيقتن جي سموري ڪڙاڻ ۽ ڪوساڻ محسوس ڪندڙ ڪجهه اهڙا فرد به آهن جيڪي
لوچين ۽ سوچين ٿا، ”منهن کائي ۽ اک لڄي“ وارو سبق وساريو نه اٿن. وٽن اڄ به ماڻهو
جي مرڻ کان وڌيڪ ماڻهپو مرڻ وڏو نقصان هوندو آهي، جيڪي ماڻهو ٿر جي روايتن، رسمن ۽
قدرن جا امين هوندا آهن انهن لاءِ ٿر وڏو وستار هوندو آهي! ۽ اصل ۾ ٿر جا حقيقي
وارث ۽ سڃاڻپ به اهڙائي ماڻهو آهن. اهڙن ئي املهه ماڻهن جي تسلسل جو ۽ پنهنجي وقت جو
هڪ وڏو ماڻهو اسان کان ۱۵
آڪٽوبر ۲۰۱۶ع تي پنهنجي جيون جون ۷۲ بهارون لٽائي ان پنڌ پيو جتان ڪو موٽيو ئي ناهي. جنهن کي دنيا وڏيرو ابن
علي راهمون چوي ٿي. وڏيرو محارو سنڌ ۾ اڪثر منفي ورتو ويندو آهي پر هي وڏيرو اصل ۾
راڄ ڀاڳ جي رکوالي ڪندڙ اهو راڄ مڙس هيو، جيڪو کائڙ ۽ ڪنٺي جي خطن جي راڄوڻي فيصلن
جو گوهر ۽ اهڙو چتر مڙس هو جيڪو سياست ۾ ثقافت جو رومانس کڻي ٿي هليو، راڄ ڀاڳ گهڻ
سهڻ وارو اهو ڪردار هو جيڪو ڇاڇراٽي ۾ لڇمڻ سنگهه جي ڪوٽڙي جي قدامت ۽ جدت کي ڳنڍي
کڻي هلندڙ چترماڻس هو، جيڪو سمجهندو هو ته:
آئي ني آڌر ڏجي، مٺا ٻولجين ويڻ،
اوچا اس ڪو جانيي، جس ڪا لاج ڀريا نيڻ!
هو رڳو
سمجُهو نه هيو پر هو عملي طور ڪپڙي لٽي ۽ کائڻ پيئڻ ۾ تمام سادو پر پنهنجي وچن ۽
اصلوب ٿر جي روايتن جو امين هو. واگهي ۽ رڻمل جي ڪهاڻين جو جيئرو جاڳندو مثال هو.
محل محلاتن کان پري ڪنهن اوطاري کي آباد وڃي ڪندو هو جتي ”غنودي ڪاري ڪڻڪي“ جو
چئوياري کي رس چکائي رهاڻ رچائيندي ڏسبو هو. راجپوتي ريتن جي پيروڪار ۱۹۴۵ع جي بهار ۾ کائڙ جي تمام وڏي ڳوٺ جيسي جو پار ۾ وقت جي وڏيري جان محمد
راهمون جي گهر ۾ اک کولي. ۱۹۶۷ع ۾
راقم المحروف جي والد سان گڏ پرائمري استاد ٿيو.
بابا
سائين سان گڏ ٽي سال حيدرآباد ۾ پرائمري ٽيچنگ ڪورس ڪيائين. ايمانداري ۽ اڳواڻي جي
خاصيتن سبب ٽيئي سال بورڊنگ ميس انچارج رهيو. استاد تنظيم پ ٽ الف جو تعلقي ۽ ضلعي
جو صدر به رهيو. ۲۰۰۰ع ڌاري علم ۽ تدريس سان ۳۴ سال واڳيل رهڻ بعد رٽائرڊ ٿيو پر ٿر ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ سان گڏوگڏ لوڪ
ادب، سماجي قدرن ۽ ريتن رسمن تي هلندڙ هي نج ٿري ڪلاسيڪل وڏيرو هو جنهن تي ڪڏهن به
فيصلو ٻوڙڻ يعني ناانصافي ڪرڻ جو داغ نه لڳو. راڄوڻي فيصلن جو هاڪارو رَڄَ مڙس هو،
پنهنجي برادري جا ته هزارين فيصلا پر ٿر ۾ بادشاهي ڪندڙ سوڍاڻ جي ڇيڙي نبيري ۾ به
وڏيرو ابن علي راهمون ضرور ڏسبو هو.
کائوڙ
جي بجيراءِ ٺڪرن هٿان ڪنٺي جي ڏوهٽ ٺڪرن جي ڌيئاري جي خون جو فيصلو ڪندڙ هن کائوڙي
مٿير کي به تاريخي حيثيت حاصل آهي، جنهن ۾ جڏهن ڳالهيون ٿيون ته ڳالهه ٽٽي ئي نه
پئي، تڏهن هن عقل جي وِير ڏوهٽن کي چيو ته وروڌ ختم ڪرڻ لاءِ بجيراءِ جي گهران
ڏوهٽ کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي ڇو ته بجيراءِ نڪلنڪ آهن باقي ڏوهٽ مطالبو ڪن ته آئون
پنهنجي برادري مان هڪ جا ٻه پرڻائي ڏيان!پوءِ ڏوهٽ لاجواب ٿي معافي گهري ۽ درٻار
کيرکنڊ ٿيا هئا! اهڙي انداز ۾ راڄوڻي ڇيڙي نبيري تي اڄ به ٿر ۾ ماڻهو جيساڻي جي هن
سپوت جا مثال ڏيندي ٻڌبا. ٿر جي ٻن عددي اڪثريت ۾ وڏين برادرين راهمن ۽ سميجن ۾
جڏهن هڪ خون تان تڪرار ٿيو هو ته هن راڄائتي مڙس جهيڙو وڌڻ ڪونه ڏنو. ناناڻي سميجا
هئا ته ڏاڏاڻا راهمان، سو ٻئي هڪ کاٻي اک ته ٻي ساڄي، ڪير گهٽ ته ڪير وڌ، منٿ ميڙ
ڪري جهيڙو وڌڻ ڪونه ڏنائين.
هن کي
اها سُتي ميرو هوٿياڻي ۽ بينڊو مانجهياڻي کان ملي هئي يا لوڪ ادب جي مهاڄاڻو ڊاڪٽر
بلوچ کي ”رهاڻ هيرن کاڻ“ لاءِ اڻ ميو مواد ڏيندڙ سندس والد جان محمد راهمون کان
اها وَٽ ملي هئي، جنهن سندس ڄمڻ کان اڳ ئي شايد ائين چيو هو ته:
جڻڻي جڻي تو هرجن جڻي، ڪا ڏاتڪ يا سور،
نهي تو رهي وانجهڻي، مت گمائي نُور!
راجپوتي
رهاڻين ۽ مجلس جي مور جنهن پنهنجو وارو وڄايو، انهيءَ جو خال ڀرجڻ ناممڪن آهي. هڪ
دفعو وري ڇاڇرو يتيم ٿيو آهي ۽ لڇمڻ سنگهه جي ڪوٽڙي اداس آهي جنهن لاءِ هيمڏان
چارڻ الائي ڇا چوندو پر آئون ان موقعي تي ڪوي گنگ ڀاٽ کان اوڌر سٽون ٿو وٺان ته:
مجلس گئي پيٿل سين، تان سين سين راڳ،
هنس رنگ روپ گيا، بيربل ڪي ساٿ!
هاڻي
انهيءَ دور کي سمجهڻ وارا ته ڳولهيا ڪونه ملندا پر ڪوٽڙي جي اوڀر اجهو اڏي ويٺل
جمعي حجام جي پوئيرن کان ڪير پڇي ته هو اهوئي چوندا ته:
واگهي بِن ڪوٽڙو، جاڻان ڏهاگڻ نار،
اَمَل ڏارون سستا هُيا، گيا ملهاوڻ هار!
هن جي
هڪڙي خوبي اها به هئي ته هن ڪڏهن به اوڇو نه ٻوليو، نه ڪڏهن ڇلڪيو، توڻي جو زماني
جي لاڙهن چاڙهن جا اهنج به هئا.
”ڏوراپو ڏيئي، ڪوسا ٿيا نه ڪڏهن“
سوئڻ جئن سيڻ، مٺو ساءَ نه مٽيو!
جو
عملي رُوپ لڀائيندڙ هن مانجهي مڙس وٽ ڀل ماڻسي جا پنهنجا قدر هئا، هو جتي ويندو هو
اتي رس رهاڻ ضرور ڪبي.
هنسلا نا سرور گهڻا، پوپ گهني ڀمريس،
سگهڙ ماڻسان نا مان گهڻو، ڪيا ديس ڪيا پرديس!
ڪنهن
بنگلي بدران عوامي اوطاق ۽ ڪچهريون کيس وڻنديون هيون. سندس ڀاءُ جي ضلعي نائب
ناظمي واري دور ۾ به مٺي ۾ وڃي فقير دوس محمد درس جو مهمان ٿيندو هو. وڏن راڄن
ڪاڄن ۾ به اسٽيج بدران فقراءَ سنگت سان ڪنڊ وٺيو پيو عوامي ڪچهري ڪندو هو.
هو جتي
به رهيو اهو ان لاءِ جيسي جو پار هو. هڪجهڙي ريت پريت ڏيندڙ هن مهان ماڻهو جي
ستراڙي جي موقعي ڪيترو لکجي؟ ڪجهه نوان راوي هن کي راهما برادري جو سردار ڪري ٿا
ليکين پر هو سردار ڪونه هو ۽ نه ڪڏهن دعويٰ ڪيائين، پر اهو ضرور هوندو هو ته
سردار، راڻا ۽ ارباب هن جي عزت ڪندا هئا. ۲۰۰۸ع ڌاري ننگرپارڪر جي هڪ دعوت مان موٽندي راهمان برادري جي سردار اباب مقبول
احمد راهمون جي قافلي ۾ هئاسون، ارباب مونکي چيو ته وڏيري ابن جي گاڏي اڳ ۾ هلندي
۽ تون ان جي پويان هل، سو ائين وڏيري ابن علي جي سوزوڪي جيپ پويان پراڊو ۽ ٻين
گاڏين جو قافلو سوين ڪلوميٽر هلندي مون به ڏٺو هو.
هو ٿر
جو اهو چتر مڙس هو جنهن کي هڪ برادري جو چڱو مڙس ڪري ليکڻ ناانصافي ٿيندي. هو
عوامي انداز ۾ هلندڙ ڪردار هو جنهن لاءِ ٿر جون ريتون، رسمون، ثقافت، راڄ ڀاڳ ۽
رهاڻيون وڏي وٿ هئا. هن جي ياري سڄي عمر راجپوتي لباس ۾ ملبوس رهندڙ شيرو شاهاڻي
سان به هئي جيڪو سندن گڏيل سفر ۾ نوشهروفيروز ويجهو ۲۰۰۷ع ۾ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو، هو فقير مقيم ڪنڀار ۽ جانو ڍاٽي جهڙن عوامي
ڪردارن کي به ويجهو هوندو هو. هاڻي لڳي ته ائين ٿو ته ٿر مان ڀٽائي جي ڪردارن جي
تسلسل جي پڄاڻي ٿيندي پئي وڃي!
هاڻي
بکيو، اڃيو ٿر، ملٽي نيشنل ڪمپنين کي گهربل بلاڪن ۾ ورهايل ٿر، لالچي ۽ ويڪائو
سياستدانن وارو ٿر وڃي بچيو آهي! وڏيري ابن علي جن کي آڱر وٺي سياست ۾ آندو، اُهي
هاڻ الائي راڄ ڀاڳ جي سياست، رس رهاڻين، سماجي قدرن، سياست جي اندر ثقافت جو
رومانس کڻي هلندا يا نه؟ اهو وقت ٻڌائيندو پر ڇا هاڻي به ڪو ائين نه ٿو ٿي سگهي ته
ٿر ۾ ننگ ۽ دنگ جي رکوالن جي پوياري مان ۽ چوئياري ۾ رهندڙ ڪي مڙس ماڻهو اٿن ۽ ٿر
جي رس رهاڻين ۽ مان ۽ شان سان رهندڙ ٿر جو تسلسل وڌائين.
چندن اُگيو بن بيڙ ۾، رونکي هئي من آس،
اَرَي مين ڀي چندن ٿيسان، چندن سونگتي واس!
جن
چندن جي ٻوٽن صحرا ۾ خوشبوءَ لٽائي انهيءَ جي واس ورتلن مان به ته ڪو اهڙو ٿئي
جنهن وٽ، ذات، نسل ۽ مذهب جي ڄاڻ ته هجي پر انهيءَ بنياد تي ڪڏهن به فرق نه وجهي،
پيار پاٻوهه، امن آشتي، منوهار، ريتن رسمن ۽ رس رهاڻيون جاري رکي جنهن سان سوڍاڻ
به دل جون ڳالهيون ڪري سگهي ته هڪڙو ڪِسبي به حُجت ڪري، لڇمڻ سنگهه جي ڪوٽڙي جي
اداسي ختم ٿئي، بينڊو مانجهياڻي جي وڏيري ابن علي وٽان مليل وٽي ۽ تاسري جو تسلسل
به ڪوته سنڀالي!
(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۱۵ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا