محمد فاضل عرف مامو فاضل
اکين ۾ رهجي ويل هڪ
تصوير
رکيل مورائي
مان پنهنجي سانڀر جي
درسنيءَ ۾ ڏسان ٿو ته هو مون کي اڌ وهيءَ کان موٽيل نظر ٿو اچي، ممڪن آهي مان
ننڍڙو هوس شايد ان ڪري هُو مون کي گهڻو وڏو لڳندو هجي.
نهايت
سنهي هاٺي، ڪڻڪ رنگ، قد جو پورو پُنو، اڌ اڇيون اڌ ڪاريون سنهيون مُڇون، ڀلجان نٿو
ته هٿ ۾ ڪو شهري جديد قسم جو لڪڻ به کڻندو
هُئو. اڪثر اسان جي شادين مرادين جي نظرداري به ڪندو هُئو.
هڪ ٻه
ڏينهن اڳ ۾ پنهنجي سنهڙي سيپڪڙي اردو ڳالهائيندڙ گهر واري مامي خاتونءَ سان گڏ اچي
اسان وٽ رهندو هُئو، هن شادي توڻي غَمي نه گُسائي.
ڪنهن دور ۾ ڳاڙهي گهري
رنگ واري وڏي ڦنوڻ سان قراقلي ٽوپي
پائيندو هُئو پر مون کيس اڪثر جناح ڪيپ ۾ ڏٺو. اسان سڀ ڀائر /ڀينر کيس مامو فاضل
ڪري ڪوٺيندا هئاسين، پڪ سان سندس نالو
محمد فاضل هوندو!
جيتوڻيڪ
هو بابا سائينءَ جي سئوٽ جو پُٽ هُئو، يا سئوٽيءَ سئوٽ هُئو ۽ اسان کيس چاچا فاضل ڪري سڏيون ها پر خبر ناهي
ته ڇو اسان کيس ماما ڪري ڪوٺيندا هئاسين.
هو
نوجوانيءَ کان غالبن خان بهادر غلام رسول جتوئيءَ جو خاص بورچي هُئو ۽ پوءِ غلام
مصطفيٰ خان جتوئي، غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ جو بورچي به رهيو پر مون وٽ سندس سڃاڻپ
هڪ اهڙي شخص طور آهي، جيڪو هڪ دفعو ورهاڱي کان اڳ هندوستان به گهمي آيو هُئو ته
(ممڪن آهي منهنجي اندر ۾ انڊيا گهمڻ جو شوق ٻاراڻي وهيءَ ۾ ماما فاضل جي ڪچهريءَ
سبب پيدا ٿيو هجي جيڪو اڳتي هلي منهنجي ادبي زندگيءَ ۾ تبديل ٿيو هجي.) ڪراچي،
حيدر آباد، ڪوئيٽا، زيارت وغيره پڻ ڏٺل
هُئس جن شهرن جون خبرون هو ڏاڍي رومانوي انداز ۾ ڪندو هُئو ۽ جيڪي شخص سندس ڏٺل
هُئا ۽ جن جون ڳالهيون هو مون سان ڪندو هُئويا مان کانئس پڇندو هوس، اُهي هُو ڳوٺ
۾ ٻئي ڪنهن سان ڪو نه ڪندو هُئو نه ئي انهن
ڳالهين سان ڳوٺ وارن جو ڪو واسطو هُئو.
مان
ستر واري ڏهاڪي جي آخر ۾ ۽ اسيءَ جي شروع ۾ شاعري ڪرڻ لڳو هوس ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوق
پاليو هوم، جنهن ڪري مامي فاضل جي مون سان دلچسپي وڌيل هئي ۽ دل کولي مون سان
ڪچهري ڪندو هُئو، هُو جڏهن اسان جي ڳوٺ ايندو هُئو ته مان ننڍڙو ساڻس گڏ گڏ هوندو
هوس.
اڄ مان
هيءُ اکر لکندي هڪ حيرت جي جهان مان گذري رهيو آهيان ته هو اديب نه هُئو پر ادبي
ڳالهين ۾ دلچسپي رکندو هُئو، سياسي ڪارڪن نه هُئو پر شايد جتوئي صاحبن سان گڏ رهڻ
ڪري هو سياست سان پڻ دلچسپي رکندو هُئو، ساڳئي وقت هو هڪ لاجواب قصاگو پڻ هُئو.
هو
دنيا کي هڪ سياح جي نظر سان ڏسندو هئو ۽
ان جو ذڪر هڪ ناول نگار يا ڪهاڻيڪار وانگر ڪندو هُئو، جيتوڻيڪ هو پڙهيل ڪو هڪ ٻه
درجا سنڌي هُئو! هن دنيا جي ڪنهن به سياح کي ڪو نه پڙهيو هُئو پر شايد هُو پنهنجي
فطرت ۾ هڪ سياح/گهومو شخص هُئو.
مامو
فاضل زندگيءَ جو چڱو عرصو ورهاڱي کان اڳ
توڻي ورهاڱي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ رهيو، هن شادي پڻ ڪراچيءَ ۾ ڪئي،
ڪڏهن ۽ ڪيئن اها خبر ڪنهن کي به نه هئي شايد منهنجي بابا کي هُجي جيڪو
ٻڌائيندو هُئو ته مامي فاضل جي اردو ڳالهائيندڙ گهر واري، ورهاڱي وقت ڪراچيءَ آيل
ڪنهن غريب خاندان جي هُئي جيڪا کيس ڪيئن ملي اها ڳجهارت مون کان اڳئين نسل ڀڳي هجي
ته هجي پر مون کي فقط ايتري سُڌ آهي ته اسان کيس مامي خاتون چئي سڏيندا هئاسين،
هوءَ سنڌي سکي وئي هُئي پر پڇاڙي تائين سندس لهجي ۾ اردو ئي رهيو جنهن کي رنگين
سنڌي سڏي سگهجي ٿو.
مامي
فاضل ۽ مامِي خاتونءَ کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو، نوجوانيءَ ۾ مامي فاضل پنهنجي
ڪنهن سئوٽ جو پُٽ گود ۾ ورتو جنهن جو نالو محمد عُرس هُئو اڌ عمر يا پڇاڙيءَ واري
عمر ۾ مامي خاتونءَ هڪ ڌيءَ گود ورتي جيڪا نپائي وڏي ڪري، ادي عرس سان پرڻايائين،
ائين پاليل اولاد سان گهر آباد ڪيائين ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه انهن کي ڏيئي ڇڏيائين، پاڻ
ٻيئي هٿين خالي اُن جهان ڏانهن هليا ويا جنهن جهان ڏانهن آيا هُئا. وري ڪڏهين به
واپس نه اچڻ لاءِ!
مامو
فاضل اسان جي عزيزن ۾ اهو پهريون شخص هُئو جنهن
مون کي پير علي محمد راشديءَ جي نالي کان واقف ڪرايو هو هڪ سياستدان طور، سندس ڪتاب ”اهي ڏينهن،
اُهي شينهن“ (گهڻو پوءِ اسيءَ واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري) مون ايل ايم سيءَ ۾ پڙهندڙ
پنهنجي دوست پروفيسر شمشاد سومري هٿان گهرائي پڙهيو هُئو.
مامي
فاضل چواڻي هُن جن شخصن کي روبرو ڏٺو ۽ ٻڌو انهن ۾ عبدالله هارون، سائين جي ايم
سيد، شيخ عبدالحميد سنڌي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، محمد ايوب
کهڙو، پير الاهي بخش، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سميت ممڪن آهي ته ان
دور جا ٻيا به ڪي سياستدان سندس نظر مان گذريا هجن پر مٿين شخصن بابت پنهنجو
مشاهدو هُو مون سان راتين جو دير تائين جاڳي ونڊيندو هُئو، نه رڳو اِهو پر هو انهن
جي شخصي سُٺاين ۽ مٺَاين جي باريڪي به
ممڪن حد تائين ڄاڻندو هُئو. اهو سڀ تڏهن منهنجي مطالعي ۾ ايندو هُئو جڏهن
هو مٿين شخصيتن تي نهايت باريڪيءَ سان تبصرا ڪندو هُئو.
اڄ مون
کي گمان ٿي رهيو آهي ته ۱۹۷۸ع ۾
متان نوان جتوئيءَ ۾ ڀٽي صاحب آخري ماني به مامي فاضل جي هٿ جي ٺهيل کاڌي هُجي.
جڏهن ڀٽو صاحب ضياءَ جي قيد مان ڪنهن عيد کان ٻه ڏينهن اڳ آزاد ٿي روڊ رستي موري ۽
نوان جتوئيءَ کان ٿيندو لاڙڪاڻي روانو ٿيو هُئو ۽ عيد گذرڻ کان ٻئي ڏينهن تي وري
گرفتار ڪيو ويو هُئو، ڪڏهن به آزاد نه ڪرڻ لاءِ.
ڀٽي
صاحب موري ۾ مختصر تقرير به ڪئي هئي، منهنجي اکين ۾ اڄ اڌ صديءَ گذرڻ کان پوءِ به
اهو منظر نه وسريو آهي، کيس نيوي بلو رنگ جا ڪپڙا پاتل هُئا، چڱي طرح ياد اٿم ته
ڀٽي صاحب کي شيروانيءَ سان قميص پاتل هئي. اها ياد منهنجي ان ڪري اکين ۾ آهي جو
مان ان وقت موري ۾ سلائيءَ جو ڪم ڪندو هوس ۽ شلوار قميص جو معيار ڄاڻندو هوس، خير!
مون کي
چوڻو مامي فاضل لاءِ آهي ته هو جتوئي صاحبن جو خاص بورچي هُئو ۽ اهڙي موقعي تي هو
پڪ سان نوان جتوئيءَ ۾ موجود هوندو. سندس ڳالهائڻ ۽ ڪچهريءَ ڪرڻ جو سليقو اهڙو
هوندو هُئو جو مان فقط کيس ڳالهائيندي ڏسندو رهندو هوس. منهنجي ننڍي عمر هوندي به
ڪچهريءَ ۾ مخاطب هو مون سان ٿيندو هُئو. ممڪن آهي ته ان جو سبب اهي ڳالهيون هجن
جيڪي کانئس مون کان سواءِ ڪير به ڪو نه پڇندو هُئو، نه ئي ڳوٺ جي ماڻهن جي انهن
ڳالهين سان ڪا دلچسپي هُئي. هُو ڳوٺ ۾ رهندي به سليقي مان شهري بابُو لڳندو هُئو.
مامو
فاضل ڪڏهن ڪڏهن گهر کان پندرهن پندرهن ڏينهن غائب رهندو هُئو، شايد جتوئي صاحب کيس
پنهنجن ڪن ويجهن دوستن ڏانهن ڪن موقعن تي رڌُ پچاءَ لاءِ موڪليندا هجن. سندس گهر
چانڊي ۾ هُئو جنهن جي اولهه پاسي مناهين آهن ۽ اوڀر ڏکڻ پاسي ڌيرڻ آهي، ڪجهه ڪلو
ميٽر اڳتي منهنجي پسند جي ليکڪ آنند کيماڻي ۽ ڊاڪٽر ارجن سِڪايل جو ڳوٺ سڌوجا آهي.
مان
بابا ۽ امان سان ننڍپڻ ۾ جڏهن چانڊي ويندو هئس ته اسين ڳوٺ ڀرسان گذرندڙ شاخ جو
ڪنارو/ٽاپ ڏيئي اوڀارو ويندا هئاسين ۽ مورو ڪراس ڪري اڳيان لُنڊن جي ڳوٺ کان شاخ
ڇڏي روڊ تي ايندا هئاسين، ڌيرڻ حاجي رحمت الله بهڻ جو ڳوٺ ٽپي جڏهن چانڊي لاءِ
کاٻي هٿ تي مڙندا هئاسين ته ساڄي پاسي، روڊ جي ٻيءَ ڀر ڪجهه پنڌ تي ڳوٺ ”دُورو
بهڻ“ هوندو هُئو، کاٻي هٿ تي جيڪو پيچرو نڪرندو هُئو، ان سان گڏ هڪ واٽر ڪورس
چانڊي تائين گڏيو هلندو هُئو، اسان چانڊي ڳوٺ ۾ مڙندا هئاسين ۽ واٽر ڪورس شايد
مناهين ڏانهن هليو ويندو هُئو يا سڌوجن تائين ويندو هُئو، اهو هاڻ ياد نه اٿم.
اسان
جڏهن به جانڊي ويندا هئاسين ته رهندا مامي فاضل جي گهر ۾ هئاسين، بابا پنهنجي
خاندان جو چڱو مڙس هُئو ان ڪري هو رات دير تائين مائٽن جي الڳ الڳ گهرن ۾ يا اوطاق
۾ هوندو هُئو جو کيس هتِ اچي خاندان جا فيصلا ڦڙا ڪرڻا هوندا هئا.
مان ۽
منهنجي امڙ مامي فاضل جي گهر ۾ گهڻو سُکي هوندا هئاسين جو مامي خاتون هڪ ته شهري
عورت هئي ۽ ٻيو ته نهايت سليقي واري هوندي هئي سندس گهر جيتوڻيڪ ڪچو ڪوٺو هوندو
هُئو ۽ اهو به اوڏڪي ڀتين سان ٺهيل پر اهو سدائين چمڪندو رهندو هُئو. گهر جو آڳر
به ڇيڻي ڀِتر سان لنبيل هوندو هُئو جهڙو سمينٽ جو صاف فرش!
مامو
فاضل پنهنجي گهر ۾ صبح جو سوير اٿڻ وارو هُئو، هو سڀ کان پهريان پنهنجي لاءِ،
پنهنجي گهرواريءَ ۽ ٻارن لاءِ پنهنجي هٿن
سان چانهه ٺاهيندو هُئو. پنهنجي لاءِ کير کان بغير سليماني چانهه وڏي چينيءَ جي
پيالي ۾ ڪڍندو هُئو ۽ ٻيءَ چانهه ۾ کير وجهي تيار ڪري پوءِ گهر جي ٻين ڀاتين کي
اٿاريندو هُئو.
اهو نِيم هن زندگيءَ جي
آخريءَ گهڙيءَ تائين نه ٽوڙيو، شروع ڪڏهن ڪيو هئائين اِها خبر ته مون کي نه آهي پر
مون کيس صبح ساڻ کير واري چانهه پيئندي ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو، نه ئي کيس ماميءَ خاتون
کي چانهه ٺاهڻ لاءِ اٿاريندي ڏٺو. صبح جي چانهه کيس فقط پنهنجي هٿن جي ٺاهيل پيئڻي
هوندي هئي.
مامي
فاضل جي هڪ ٻِئي نِيم به مون کي موهيو، مون هن کي ڪڏهن به قميص جا سامهون وارا بٽڻ
کُليل نه ڏٺا ۽ نه ئي ٻانهن جي ڪفن جا ٻٽڻ کليل يا قميص جو ٻانهون مٿي وٽيل ڏٺيون.
ان وقت تائين فقط ٻن شخصن کي مون کي اِئين
ڏٺو هُئو هڪ شخص کي روبرو ۽ ٻئي کي تصويرن ۾. ڏٺل شخص سائين جي ايم سيد هُئو ۽
تصويرن ۾ جناح صاحب! ضرور ٻيا به ڪيترائي شخص سنڌ ۾ هوندا جيڪي منهنجي نظرن جي پهچ
کان ٻاهر هوندا.
اڳتي
هلي اهڙن شخصن مان ڪيترن سان منهنجي ويجهڙائي به رهي ۽ پتو پيم ته شايد هر دور جي
پنهنجي سماجي اخلاقيات ٿيندي آهي، ان دور
جي شخصن جي اخلاقيات ۾ ڳَلو کولي رکڻ ٺيڪ نه سمجهيو ويندو هُئو. منهنجو بابا ان
اخلاقيات جي پوئلڳي ڪندڙ ماڻهو هُئو.
مامي
فاضل اسان جي گهر کان ۽ اسان سندس گهر کان ڪڏهن ڀيرو نه ڀڳو. مون کي ڪراچيءَ ۾
رهندي خبر پيئي ته چانڊي ۾ رهندڙ اسان جا سڀ مائٽ مٽ چانڊو ڇڏي موري ۾ درس روڊ تي
ننڍا ننڍا پلاٽ وٺي پنهنجو ويڙهو جوڙي اچي آباد ٿيا. مامي فاضل جو گود ورتل پٽ ادو
عرس ۽ ماميءَ جي گود ورتل نياڻي جنهن جو نالو شايد ڪريمان خاتون هُئو، پنهنجو جهان
جوڙي ان جا ٿي ويا آهن، هو چڱو وقت اسان جي ڳوٺ ۾ ايندا رهندا هئا، منهنجي وڏي
ڀاءُ ادا محمد رمضان وٽ پر کين ڏٺي ڏينهن ٿي ويا آهن.
ڪراچيءَ
۾ رهندي ئي چانڊي جي يادگيرين کي ساري مون هڪ نظم لکيو هُئو، جيڪو پهريون ڀيرو
ممبئيءَ مان دادا ٺاڪر چاولا جي سمپادڪيءَ هيٺ نڪرندڙ ٽه ماهي رسالي ”سپون“ ۾ ڇپيو
هُئو، جنهن جو عنوان آهي ”بابا جي محبوبه جي نالي هڪ نظم“ جنهن کي پڙهي آنند
کيماڻيءَ صاحب دهليءَ مان مون کي فون ڪري چيو هُئو ته ”هيءُ نظم سنڌيءَ ۾ پنهنجي
نوعيت جو پهريون نظم آهي.“
ساڳئي
نظم بابت منهنجي سڳي سئوٽ، ماسات ۽ پياري دوست ادل سولنگيءَ ڪنهن دوست سان ڪچهري
ڪندي فرمايو هُئو ته، ”ڏسون ته رکيل مورائي پنهنجي ماءُ جي محبوب تي ڪڏهن ٿو نظم
لکي پنهنجي ترقي پسنديءَ جو اظهار ڪري؟“ ۽ مان اها ڳالهه ٻڌي دل ئي دل ۾ ڏاڍو
کِليو هوس پر منهنجي زندگيءَ جو سچ اهو آهي ته چانڊو مون لاءِ اڄ به اهم حوالو
مامي فاضل جي ڪري آهي ان کان پوءِ اڻ ڳڻيا سبب ٻيا آهن. منهنجون هن ڳوٺ سان ننڍپڻ
جون ڪيتريون معصوم يادگيريون جڙيل آهن، مون کي ياد آهي ته پهريون ڀيرو هڪ سهڻي
سينگاريل اُٺ تي مان هن ڳوٺ ۾ بابا سان ويٺل هوس. جنهن کي اڄ تائين وساري نه سگهيو
آهيان.
ائين
چوندي/لکندي به مون کي دلي خوشي ٿئي ٿي ته منهنجي ادب ۾ اچڻ کان اڳ منهنجي اتساهه
جو سبب منهنجي وڏي پڦاٽ، منهنجي وڏي ڀيڻ جي گهوٽ ”ادي محمد صفر“ ۽ مامي فاضل جي
ڪچهرين وارو ماحول رهيو آهي ۽ مون کي انڊيا گهمڻ جو پهريون شوق پڻ مامي فاضل ننڍپڻ
۾ ڏياريو هُئو. شخص هليا ويندا آهن جو انهن جو وڃڻ انٽر هوندو آهي، پر ڪيترن جي
يادگيرين ۾ تيستائين زندهه هوندا آهن جيستائين اهي شخص زندهه هوندا آهن.
مامو
فاضل منهنجي يادگيرين مان منهنجي دل مان ۽ منهنجي اکين مان تيستائين نڪري نٿو
سگهي، جيستائين منهنجو حافظو سلامت آهي، منهنجي دل دڙڪي رهي آهي ۽ جيستائين
منهنجون اکيون سلامت آهن، اهو سڀ جنهن ڏينهن ختم ٿيو، اهو ڏينهن منهنجو هن سياري
کان ڪنهن ٻئي سياري ڏانهن وڃڻ جو هوندو. اُن سياري ڏانهن جنهن سياري ڏانهن مامو
فاضل هليو ويو آهي. هو اڄ ڏينهن تائين مون سان گڏ آهي، جسماني طرح ڀَل هو نه آهي
پر هو مون کان الڳ به نه آهي، اهو منهنجو ويساهه آهي، شايد مان پنهنجي ويساهه کي
وڃائڻ نٿو چاهيان، مان پنهنجي اکين ۾ اُها تصوير محفوظ ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مون
پنهنجي ٻاراڻي عمر ۾ سانڍي هئي.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد آنلائن جي ڪاوش سنڊي ميگزين ۾ ۱۴ جون ۲۹۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا