; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۳

14 June, 2026

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۳

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

هر دور ۾ وڌندڙ سندس اهميت ۽ ضرورت

ايڊيٽوريل عوامي آواز



ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اڄ ورسي آهي. پاڻ ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي جسماني طور تي اسان کان ضرور وڇڙي ويا پر کيس سندس وفات کانپوءِ به نه رڳو سنڌ جي ليجنڊ طور ياد ڪيو ويو پر سندس ڪمي وقت گذرڻ سان گڏ شديد کان شديد طور محسوس ڪئي وئي. ان جا ٻه وڏا ۽ بنيادي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا. هڪ سبب اهو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جن حالتن ۽ مسئلن خلاف جدوجهد ڪئي سي حالتون ۽ مسئلا اڄ به جيئن جو تيئن اوهڙا ئي آهن ۽ ٻيو وڏو ڪارڻ شايد اهو ئي آهي ته سنڌ کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙو ليڊر وري نه ملي سگهيو آهي ۽ نه ئي شايد وري ملي سگهي.


ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصيت جو سڀ کان وڏو ۽ انوکو مثال جيڪو هر دور ۾ فخر سان ٻڌايو ويندو آهي يا هاڻي به هر دور جي ايندڙ نسل کي وڏي ناز ۽ شان مان ٻڌائي سگهجي ٿو، سو اهو آهي ته هن پنهنجي سياست کي اڄ جي سياستدانن وانگر نه ڪاروبار سمجهيو ۽ نه ئي ڪمائڻ جو يا گهر هلائڻ جو ذريعو سمجهيو پر هن ته سياست لاءِ تمام وڏو سرڪاري ڊپٽي ڪليڪٽري وارو عهدو ڇڏڻ جي قرباني ڏني. اهو خاص ڪري اڄ جي سياستدانن لاءِ نه رڳو ناقابل يقين واقعو ۽ ۽ مثال آهي پر هڪ تمام وڏو سبق به آهي ته هن سياست کي پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو پر سياست کي بي لوث ڪردار عطا ڪيائين. اها ڪا معمولي نه پر انتهائي غير معمولي ڳالهه آهي ته ڪو شخص عوام ۽ مظلوم طبقي لاءِ ڪامورڪي عياشين جي عرش تان لهي اچي عوام سان پٽ تي ويهي رهي.

نئين نسل کي ان واقعي جو پس منظر ٻڌائڻ ضروري آهي ته آخر هن ڊپٽي ڪليڪٽري جو عهدو ڇو ڇڏيو. ٿيو هيئن ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئن ته مختلف دورن ۾ وڏن سرڪاري عهدن تي رهيو ته کيس عوام سان ملڻ جلڻ ۽ سندن مسئلن ٻڌڻ جو موقعو پيو ملندو هو. سو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي اهو تجربو پلئه پيو ته اسان جي غريب ۽ مظلوم عوام کي ته پنهنجي بنيادي حقن جي ئي ڄاڻ ناهي نه ئي اهي حق حاصل ڪرڻ جو منجهن شعور آهي سو هن محسوس ڪيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام اندر وڃي سندن سياسي شعور وڌائڻ تي ڪم ڪجي ۽ کين سندن بنيادي حقن کي سمجهڻ ۽ ماڻڻ جي تعليم ڏجي ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊپٽي ڪليڪٽري تان استعيفيٰ ڏئي عوامي سياست شروع ڪئي ۽ ايئن هو هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ هارين جي شعور ۽ سندن حقن ڏيارڻ جي جدوجهد ڪئي جيڪا سندس تاريخ ساز، فخر لائق ۽ عظيم سڃاڻپ بڻي. هن هارين کي رڳو سندن حقن جو شعور ئي نه ڏنو پر کين پنهنجا حق ڏياري به ڏنا ۽ اهي حق حاصل ڪرڻ جو طريقو به ٻڌايو ته رول ماڊل به ٿي ڏيکاريو. هن هارين ۾ ڪهڙي سجاڳي پيدا ڪئي، ڪهڙا حق ڏياريا، ان ڏس ۾ ڪهڙا قانون پاس ڪرايا تن جي تاريخ ڪتابن ۾ لکيل آهي. جيڪا سندس لاڏاڻي کانپوءِ به سونهري اکرن ۾ ورجائبي رهي آهي ۽ جيستائين سنڌ جو وجود آهي ته اها ڳائبي رهبي.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي شخصي تاريخ جو رڳو هاري جدوجهد ۽ هاري اڳواڻ وارو ئي باب ناهي پر هن جو طبقاتي سياسي جدوجهد ۽ سنڌ جي سياسي تحريڪن جو به ڌار باب آهي. جنهن جدوجهد ۾ هن جيل به ڪاٽيا. خاص ڪري ون يونٽ مخالف تحريڪ وارو سندس حصو مثالي آهي.

ڪامريڊ حيدربخش جتوئي مزاحمتي شاعري جو به وڏو نالو آهي خاص ڪري سندس شاعري جو ڪتاب جيئي سنڌ جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ وارو نظم سنڌي شاعري ۾ ماسٽر پيس جي حيثيت رکي ٿو. اهو جيئي سنڌ وارو نظم ئي آهي جنهن سنڌ کي ”جيئي سنڌ“ جو يادگار ۽ تاريخي نعرو ڏنو. ايئن درياهه تي لکيل سندس نظم پڻ ريفرنس طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. ان شعري ڪتاب کي جيڪڏهن سياسي ادب به چئجي ته غلط نه ٿيندو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي کي ڏنل آخري انٽرويو به هر دور ۾ ۽ بار بار پڙهڻ جهڙو آهي. ان انٽرويو ۾ سنڌي قوم جي آئندي بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو جواب قولن جهڙو آهي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي چيو هو ته سنڌي قوم ريڊ انڊين جهڙي جاهل قوم ناهي جو ڌرتي تان ميسارجي وڃي سنڌي قوم پڙهيل لکيل، تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ قوم آهي جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو اهو اظهار رڳو دانشواراڻو ۽ دور انديش ئي ناهي پر سنڌي قوم تي سندس يقين ۽ اعتماد جو به مثالي اظهار هو جيڪو وقت درست به ثابت ڪيو آهي. ڪامريڊ اهو اظهار ان دور ۾ ڪيو هو جڏهن سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتم ڪاريهر تي ڄڻ پير رکيم جهڙي صورتحال هئي، ون يونٽ قائم ٿيل هو . سنڌ جي صوبي توڙي ٻوليءَ تي عتاب نازل هو. پر ڪامريڊ حيدربخش جتوئي کي پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي اڻمٽ مستقبل تي ڪمال جو يقين هو ۽ اعتماد هو. ڪامريڊ سوڀي کي ڏنل آخري انٽرويو ۾ سنڌي قوم کي ريڊ انڊين کان مٿانهين قوم قرار ڏئي ۽ ڌرتي جي مٿاڇري تان ڪڏهن به نه ميسارجي سگهڻ جي جيڪا اڳڪٿي ڪئي تنهن ڄڻ ته سنڌي قوم کي نئين جنم وٺڻ جهڙو حوصلو ڏنو.

ايئن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي ذات ۾ پاڻ هڪ انقلاب ۽ استاهه هو. هن جو ڳالهايل هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ عمل، هڪ هڪ کنيل قدم انقلاب هو جنهن جي تاريخ سندس زندگيءَ ۾ ئي ٺهي چڪي هئي. اڄ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي اهڙي سال ورسي جو ڏينهن آيو آهي جڏهن جاگيردار طبقو وري سنڌ تي حاوي ٿي ويو آهي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ وڪرو ڪيون پيون وڃن ته اهڙي وقت ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي ياد ڪرڻ جي معنيٰ هڪ نئون اتساهه وٺڻ آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته اڄ به اسان کي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙي هاري اڳواڻ جي ضرورت آهي. اچو ته ڪامريڊ جي فڪر ۽ سندس لکڻين مان اتساهه وٺي سندس ڪمي کي پورو ڪريون ۽ کانئس رهنمائي وٺون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

ھڪ با عمل شاعر

گل محمد منگي

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۷- آڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ بکوديرو ۾ پيدا ٿيوـ تمام ذھين شاگردن ۾ شمار ٿيندو ھوـ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي پاس ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري ۾ آيو ۽ غريبن جي خدمت ڪندو رھيو جنھن ڪري ھن لاءِ مسئلا به پيدا ٿياـ سندس ننڍپڻ جي دوست جمع خان جعفري کيس ڪجهه نرم رويو اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني ته به ڪو نه مڃيائين ۔ ترقي پسند سوچ ۽ فڪر سان سندس وابستگي قادر بخش نظاماڻي ۽ سوڀي گيانچنداڻي جي ڪري پيدا ٿي. نيٺ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تان استعيفي ڏيئي ڇڏي ۽ پوءِ ھاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو پھريان مرڪزي جنرل سيڪريٽري بڻيوـ بعد ۾ صدر ٿيو۔ ۱۹۵۰ع ۾ ھاري ڪميٽي جو منشور جوڙيائين ۽ ھاري حقدار تحريڪ شروع ڪيائين ۽ ھارين جي ايتري ته خدمت ڪيائين جو سندس ھڪ سڏ تي ھزارين لکين ھاري نڪري پوندا ھئا جن کيس "جيئي سنڌ” ترانو لکڻ تي "باباءِ سنڌ” جو لقب ڏنو ۽ اڄ به اھو لقب سندس سڃاڻپ آھي. اوھان باباءِ سنڌ چئو، حيدر بخش جتوئي چئو يا رڳو ھاري چئو ماڻھون سمجھي ويندا ته ڳالهه حيدر بخش جتوئي جي پئي ٿئي. ھو نه نشان پاڪستان ھو ۽ نه وري نشان امتياز ھو بس ھو صرف ھيو ته باباءِ سنڌ ھو ۽ کيس ان تي فخر ھوـ ھيڏو وڏو اديب، شاعر ۽ کاھوڙي ھاڻي سرڪاري اعزازن کان گھڻو اڳتي نڪري چڪو ھوـ مچ جيل ويو ته نه صرف نوجوانن جو ترانو لکيائين پر قرآن پاڪ جو انگريزي ۾ ترجمو به ڪيائين. ھن اعلانيه چيو ته

"وڪي جنھن سنڌ پياري تنھن تي لعنت

ڪيو جنھن ڪم ڪجارو تنھن تي لعنت!

وجھي ٿو جڳ سارو تنھن تي لعنت

کيس جي ايم سيد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، عزيز سلام بخاري، سائين عزيز الله، مولوي نذير حسين جتوئي، عبدالقادر انڍڙ ۽ قاضي فيض محمد جھڙا دوست ۽ ساٿي مليا جيڪي تمام وڏا صالح ۽ پڙھيل لکيل هئا ۽ پوءِ حيدر بخش جتوئي جو ڪاروان وڏو قافلو بڻجي ويو ۽ ھن جي للڪار سان ايوانن ۾ ڏار پئجي ويندا ھئاـ

ھو شاعر به ھارين نارين جو ھو ته سندس سياست جو سمورو محور به ھاري ۽ ناري هئاـ ھن ھاري حقدار اخبار جاري ڪيئي ۽ ھارين لاءِ ھلچل ھلايئي ۽ آخر ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرايوـ حيدر بخش جتوئي جي پوسٽنگ جڏھن انڪم بورڊ اسٽيٽ ۾ ٿي ته ھن ادبي ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ روسي ادب جا ڪتاب پڙھيا جنھن ڪري سندس خيالن ۾ ڦيرو آيوـ ڊارون به ھن تي وڏو اثر ڪيوـ شڪوه جھڙا شعر لکڻ تي مٿس ملن جون فتوائون به آيون ته مٿس الزام تراشي به ٿي. پر ھو اڳتي وڌندو ويوـ ھوـ ھن "تحفه سنڌ ۽ آزادي قوم” جھڙا لازوال طويل نظم تخليق ڪيا جيڪي پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپجي جھر جھنگ پھتا ۽ ماڻھو خاص ڪري ھاري سندس سچائي جا وڌيڪ قائل ٿي پيا.

جيئي سنڌ جو نعرو ڏيندڙ حيدر بخش جتوئي جو جيئي سنڌ ۽ جيئي سنڌ لازوال نظم اڄ به اوترو ئي اثرايئتو آھي جيترو ون يونٽ ۽ ان کان پوءِ واري دور ۾ ھو پر اڄ ان جي اھميت اڳ کان به وڌيڪ آھي. ون يونٽ خلاف لکيل سندس ڪتاب ” سنڌ سان ناانصافي (Injustice with Sindh)” ندس تمام وڏو تحريري ڪم آھي.

ڀاءُ آ پنھنجو ھر انسان

پنھنجو آھي ھي ايمان

پنھنجو آھي ھي اسلام

جيئي سنڌ جيئي سنڌ

ون يونٽ دور ۾ اھو نظم لکڻ سبب حڪمرانن جي ڏاڍ جي ديوار ۾ اھڙا ڏار پئجي ويا جوظلم جا سمورا حربا ناڪام ٿي ويا ۽ پوءِ ھارين جي دلين مان وڏيرن جو خوف ۽ سندن رعب ختم ٿي ويوـ اھو ھو حيدر بخش جتوئي.

سنڌي فرزند اٿي زور نظر پيدا ڪر

جو وجھي ٿرٿلو دنيا ۾ اثر پيدا ڪر

نئون چراغ نئون خوشيد پيدا ڪر

نئون گلزار ۽ نئون ھٻڪار پيدا ڪر

جو انهيءَ سان ئي ھمراز آ آزاديءَ قوم

شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام ھن جا ساٿي ھئاـ صحيح معني ۾ ادب براءِ زندگي واري شاعري جو عملي نمونو حيدر بخش جتوئي جي شاعري ۾ ملي ٿوـ ھو ھر ڏاڍ، جبر ۽ استحصال کي ننگو ڪري ٿو. حيدر بخش انھن ماڻھن جو آواز ھو جن وٽ زبان ته ھئي پر کين پنھنجي ڳالهه سمجھائڻ ۽ ساڻن ٿيندڙ دوکن ۽ ٺڳين کي بيان ڪرڻ جو سليقو نه ھو. انھن کي ھاڻي پنھنجي ڳالهه بيان ڪرڻ واري زبان ملي چڪي ھئي.

قوم ساري ٿي ڳائي ترانو تنھنجو

اٿ ھاري اجھو آيو آ زمانو تنھنجو

ھي آھي حيدر بخش جتوئي جنھن پنھنجي عملي شاعري ذريعي ھارين، مزدورن ۽ نوجوانن ۾ شعور بيدار ڪيو ۽ انھن جي زبان بڻجي کين حق ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويوـ اڄ استحصالي طبقا پاڻ ۾ متحد ٿي ٽيننسي ايڪٽ سميت سڀ قانون بدلائي ھارين جا حق ڦٻائي ويا آھن ۽ ظلم ۽ استحصال وري برپا ٿي چڪو آھي پر ھارين جي زبان بڻجي کين حق ڏيارڻ لاءِ ڪو نه ڪو ته سندن آواز بڻجندوـ

ڀريو ڀل قيد خانن کي

ڪيو قابو جوانن کي

مرايو مھربانن کي

نھوڙيو نڪته دانن کي

اجھايو شمع دانن کي

ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي

پڙھو قومي ترانن کي ته پاڪستان زنده آباد

حيدر بخش جتوئي پنھنجي شاعري ۽ عمل ذريعي جيڪو شعور ڦھلايو ان جو نتيجو آھي جو اڄ ناانصافين جي خلاف مزاحمتي ادب سرجي رھيو آھي ۽ ادب براءِ زندگي جو عملي نمونو ھر ادبي تنظيم ۽ تحريڪ جو شعار بڻجي چڪو آھي. سنڌ جو ھي کاھوڙي اديب، آزاد صحافت جو علمبردار، ھارين نارين جو شاعر ۽ سچو جاکوڙي اديب اسان کان ۲۱ مئي ۱۹۷۰ع تي لاڏاڻو ڪري ويو پر سندس ڏسيل راهه تي ھلي منزل ماڻي سگھجي ٿي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۴ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)




ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

سنڌ جي تاريخ ساز آدرشي ۽ انقلابي شخصيت!

رياض شاھد دايو

سنڌي سماج اندر اهڙا ڪردار بہ پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي عمل سان عظيم ۽ اڻمٽ نقش ڇڏيا آهن، جن پنهنجي ۽ فيملي جي ذاتي آسائشن ۽ آرام کي هڪ پاسي رکي پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن جي لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي. اهڙا ماڻهو تاريخ ۾ تمام گهٽ هوندا آهن پر جيڪي جنم وٺندا آهن، تاريخ انهن کي عظمت ڀرين لفظن سان محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙن ماڻهن جي زندگيءَ جو هر پل ڌرتيءَ واسين کي خوشبو ڏيندو رهندو آهي. اهڙين ئي مهان شخصيتن مان سنڌ جي هاري جدوجهد جو هڪ عظيم ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پڻ هڪ آهي. ڪامريڊ پنھنجي جدوجھد ۽ قلم ذريعي سڄي زندگي سماج کي بدلائڻ لاءِ وقف ڪئي. هو سنڌ جي شعوري جدوجهد ۽ تاريخ جو عظيم ديو مالائي ڪردار هيو، جنهن پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان شاندار روايتون متعارف ڪرايون.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جنهن دور ۾ جنم ورتو، انھيءَ دور ۾ هر طرف سياسي بيچيني جي فضا موجود هئي، ساڳئي وقت اهو انقلابي سرڪشي ۽ شعوري سجاڳي جو دور پڻ هيو. اهڙي دور ۾ سرڪاري منصب واري ڪامورڪي ڇڏڻ بيحد ڏکي هئي، انھي ڪامورڪي نوڪري ۾ اڄوڪي دور جهڙي غلامي، بيوسي،خوشامد ۽ ڪرپشن جي گندگي ڪو نه هئي پر انهي دور جي ڪامورڪي نوڪري جي تمام وڏي حشمت ۽ دهشت هوندي هئي، انگريزن جو متعارف ڪرايل قانون صرف ڪامورڪي نوڪري کي هٿي ڏيندو هو پر ڪامريڊ انهي ۱۹۴۵ع واري دور ۾ بہ ۾ انگريز سرڪار جي اهڙي ڪامورڪي منصب کي کي لت هڻي ڪمال ڪري ڏيکاريو ۽ پاڻ سنڌ جي هارين، پورهيتن ۽ انقلابين جي تيار ٿيل سنڌ ھاري ڪميٽي جو حصو بڻجي ويو. ڪامريڊ

ھُو برصغير ۾ انگريزن خلاف جدوجھد کان وٺي ون يونٽ جي قھري ڪوٽ ڪيرائڻ واري جدوجھد جو متحرڪ ۽ سرگرم ڪردار رھيو،سندس نالو سياست ۽ ھاري ڪميٽي جي حوالي سان تہ تاريخ ۾ شاندار لفظن ۾ لکجي چڪو آھي پر پنهنجي ٻولي، ادب، شاعري، فڪر ۽ فلسفي لاءِ ڪامريڊ جيڪا مشعل روشن ڪئي، انھيءَ کي اها عظمت ڀري مڃتا ملي نہ سگهي آهي، ڪامريڊ جي تخليقي ڪردار جا تمام گهڻا پهلو آهن، شاعري، هاري تحريڪ،فلسفو، سياسي ۽ سماجي ادب انهن سڀني تي ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي علمي ادبي ادارن کي گهرجي تہ ڪامريڊ جي سڀني شايع ٿيل ۽ اڻ شايع ٿيل مواد کي ڇپرائي هڪ دور جي تاريخ کي محفوظ ڪيو وڃي. ڪامريڊ جي عوامي ۽ فڪري انداز واري شاعريءَ تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪيو وڃي تہ سندس زندگيءَ ۾ ڪيل جدوجهد مان اڄ جو نوجوان گهڻو ڪجهہ پرائي سگهي ٿو. سندس شخصيت کي پرکڻ لاءِ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جا لفظ اسان کي وڏو حوصلو ۽ اتساهه ڏيئي رهيا آهن، جنهن چيو هو تہ ڪامريڊ ھڪ اعليٰ درجي جو مفڪر (Thinker, Philospher)، انقلابي (Revolutionary)، جذبن ۽ قوتن کي اڀاريندڙ (Agitator)، تحريڪن کي منظم ڪندڙ (Organizer)، ۽ سنڌ جي قومي وجود ۽ ھارين لاء جدوجھد جو سرواڻ ڪردار هيو، هڪ هڪ لفظ ڪامريڊ جي عظمت جو اقراري آهي.

اسان جيڪڏهن گهرائي سان جائزو وٺندا سين تہ محسوس ٿيندو تہ واقعي ڪامريڊ جي انھن ڪمن اڳيان ٻيا ڪم ڌنڌلا نظر ايندا.

تنهنڪري ڪامريڊ جي سياست واري پاسي ۽ ليکڪ واري جستجو کي جدا جدا ڪري ڏسڻ سان سندس شخصيت کي سمجھي نٿو سگھجي، ان ڏس ۾ جيڪا ڳانڍاپي واري ڪم جي شروعات ٿي آھي ان ۾ ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو جي ايڊٽ ٿيل ڪتابan Anthology of comrade Hyder bux Jatio : Peasant Perspective سان ٿي آھي.

ڪامريڊ جي شاعري بہ تمام وڏي سياسي بصيرت واري آھي، ھن شاعري جي شروعات تہ اسڪول جي زماني کان ڪئي ھئي پر جڏھن ۱۹۳۱ع ۾ بدين ۾ مختيار ڪار ھو تڏھن ھن ھڪ شاعري جو ڪتاب ‘تحفهءِ سنڌ’ ڇپرايو جنھن ۾ علامہ اقبال جيان شڪوہ جي سري ھيٺ لکيل شعر بہ موجود ھئا، اهڙي شاعري تي انهي وقت جي دقيانوسي خيالن جي موجود ماڻهن ۽ رجعت پسند مُلن، انھن جي ھم نوا اخبارن وڏي واويلا ڪئي،نيٺ اهڙن پراڻ پسندن جي سازش ڪامياب ٿي ۽ انهي دور جي حڪومت ڪامريڊ جي شاعري جي مجموعي کي ضبط ڪري ڇڏيو.

ڪامريڊ جو اگر هڪ شاعر طور جائزو وٺندا سين تہ ھو ترقي پسند تحريڪ جي وجود کان بہ اڳ ڏاڍ ۽ جبر کي للڪاريندي نظر اچي ٿو، ھن پنھنجي شروعاتي شاعري ۾ مذهبي رياڪاري کي بي نقاب ڪيو آهي،جيڪا اسان جي ڪلاسيڪل شاعري جو صوفيانہ ۽ باغيانہ روپ آھي، ڪامريڊ لاء ترقي پسند اسڪالر مولانا غلام محمد گرامي شاندار نموني لکيو آھي تہ ‘حيدر’، مولانا روميءَ جي نظريي جو زندہ مثال ھو، هن جديد علم بہ پڙھيا، ڪميونزم ۽ سوشلزم جو بہ مطالعو ڪيو،پر مذھبيت ۽ لامذھبيت جي دائرن ۾ رھندي روميءَ جي چوڻ موجب ھميشہ پنهنجي منزل ۽ حقيقت جو ڳولائو رھيو.

اھا ڳولا کيس جدلياتي ماديت جي ان مرحلي ڏانھن ڇڪي آئي جيڪا کيس فرسودہ سماج کي بدلائڻ، ظلم جي خلاف عَلم بلند ڪرڻ ۽ پنھنجي قلم ذريعي پيڙھيل ماڻھن جو آواز بڻجي چڪي هئي، اھڙي طرح ڪامريڊ سياست سان گڏوگڏ ھڪ عوامي شاعر طور بہ سماج جي ڦورو طبقن کي وڏي بهادري ۽ بيباڪي سان للڪاري ڏيکاريو، ھارين لاءِ هن هڪڙو گيت جيڪو ۱۹۴۸ع ۾ لکيو ھو، سو ھارين جي سڄاڳي جي ترانو سان مشھور ٿي سنڌ جي ڳلين، جهنگن ۽ جهرن ۾ گونجندو رهيو.

ليکڪ ڪراچي پريس ڪلب جي مذاڪري ۾

قوم ساري ٿي ھينئر ڳائي ترانو تنھنجو،

اُٿ ھاري اجھو آيو آ زمانو تنھنجو.

توکي انگريز ٿي ڦريو ۽ زميندار لٽيو،

وياج خورن ٿي ڦريو ۽ توکي ٿي عملدار لٽيو،

توکي پِيرن ٿي ڦريو، قوم جي سردار لٽيو،

توکي بيدردي سان ھر ھڪ نمڪ خوار لٽيو،

ظالمن ٿي لٽيو گھر ٻار خزانو تنھنجو،

اُٿ ھاري اجھو آيو آ زمانو تنھنجو.

حيدربخش جتوئي جي ڪم جو جائزو وٺندي محسوس ٿئي ٿو تہ ھن پنھنجي وقت ۾ ٿيندڙ عالمي تبديلين جي اثر کي تمام گھڻو قبول ڪيو،ھو مارڪسي نقطئہ نظر رکندڙ ھو ۽ عملي سياست ۾ سوشلزم ۽ قومن جي حقن جو پرچارڪ ھو، ھن جي شاعري ان نظريي سان وابستگيء جو ثبوت آھي. چئي ٿو تہ:

آدميءَ مان انسان ٿيو،

آدمي انسان، عالمي شان ٿيو

آدمي عالمي ٿيو، محسن ٿيو

ڊارون ٿيو، مارڪس ٿيو، لينن ٿيو!

جڏهن ھيروشيما ۽ ناگاساڪيء تي آمريڪا پاران جيڪي ايٽم بم ڪيرايا ويا ھئا، ان سامراجي جبر ۽ قتل عام جو ذڪر ڪامريڊ ھنن لفظن ۾ ڪيو آھي.

اي آمريڪي ايٽم بم

لعنت توتي صبح ۽ شام

تو برباد ڪيو، قتل عام

توکان ٿيو آ الانسان بدنام

ھيرو شيما ناگاساڪي.

ڪامريڊ انقلابي شاعر ھو، ھن غزل جي صنف ۾ روايتي گل ۽ بلبل کي نہ ڳاتو پر فڪري طور پنھنجي غزل ۾ بہ رجعت پسندي کي للڪاريندي ترقي پسند فڪر ۽ سوچ کي پيش ڪيو.

ملو سڙي ٿو بزم اسان جي ڏسي ڏسي،

سيني سندس ۾ ڪيني جي آتش ڀري ڀري

انگريزن کان آزادي ملڻ کان پوء جڏھن پاڪستان تي جاگيردار ۽ سرمايہ دار قابض ٿيا ۽ نئين ملڪ ۾ بہ عوام سان ساڳيو ظلم روا رھيو تہ ڪامريڊ بہ اقتداري ڌرين کي آئينو ڏيکاريندي ھڪ تاريخي نظم لکيو:

ڀريو ڀل قيدخانن کي يا ڪريو قابو جوانن کي

ماريو مھربانن کي، نھوڙيو نڪتہ دانن کي

اجھايو شمع دانن کي، ڇڏيو ڪاٽي زبانن کي

پڙھو قومي ترانن کي تہ پاڪستان زندہ باد

شاگردو ڏسو دنيا جي جوانن کي

وڏي ھڪ امتحان خاطر ڇڏي پيو امتحانن کي

بنايو پنھنجي نئي دنيا، ڀڃو ڀوتخانن کي

مٽيو نقش پراڻن کي،تہ پاڪستان زندہ باد.

ڪامريڊ جو”ڀلي آئين جي آئين درياھ شاھ“ ان دور جو شھڪار نظم آھي جڏھن درياھ تي ڪو ڊيم نہ ھو، ڪا روڪ ٽوڪ نہ ھئي ۽ سنڌ جي جياپي جو واحد ذريعو موج مستي ۾ ھو ۽ لکي ٿو تہ:

تون داخل ٿئين سنڌ ۾ ٿو اخير

جا آ عشق تنھنجي اصلاً اسير

ڪري تنھنجي پوڄا مڃي توکي پير

اي سنڌو سدائين تون ڪر سنڌ سائي،

تون ھن مام سان رھ وفا سان ھميشہ،

جو سنڌو سواء، سنڌ ڪجھ بہ ناھي

ڀلي آئين جي آئين درياھ شاھ.

ڪامريڊ جتوئي ايوب جي مارشل لا ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۾ بہ پنھنجي قلم ۽ عمل وسيلي کيس للڪاريو تنھن ڪري ڪيترا ڀيرا جيل جي سزا ڪاٽي ٻاھر آيو، وري ٻيھر اھا ڪرت شروع ڪيائين پوء بہ ھن حق جو ڪلمو پڙھندي چيو تہ:

مارشل لا ملڪ جو دستور ٿيو،

ھڪ سپاھي گھر جو مالڪ مور ٿيو،

عقل ويچارو ٿيو، مجبور ٿيو،

زورِ بازو قابض ۽ مغرور ٿيو

”سڀ زبانون بند ڪيو” اعلان ٿيو

آدمي انسان مان حيوان ٿيو.

ڪامريڊ پنھنجي شاعري، پمفليٽن ۽ سياسي سرگرمين جي ڪري مختلف ڪيسن ۾ اٺن سالن جي لڳ ڀڳ جيل ڪاٽيو. پر وفات کان اڳ مشھور نظم جيئي سنڌ لکڻ تي کيس ھڪ سال جيل ۾ قيد ڪيو ويو.

توتي سنڌ ھزار سلام

خوش رھ باغ بھار مدام

خوش رھ خندان با آرام

جيئي سنڌ جيئي سنڌ

ڀاء آ پنھنجو ھر انسان

پنھنجو آھي ھي ايمان

پنھنجو آھي ھي اسلام

جيئي سنڌ جيئي سنڌ

ڪامريڊ جو ھي نظم تہ ڄڻ اڄ جي سنڌ جي عڪاسي ڪري ٿو:

ھي تنھنجي لاء سنڌي، ڪھڙو ڪم ٿيو،

ھي پاڪستان طرفان، ڇا ڪرم ٿيو،

روا تنھنجي مٿان آ ھر ستم ٿيو،

ڪيائين ڪيڏو نقصان، سنڌ پياري،

ٿيون قربان توتان سنڌ پياري.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي حصي جو ڪم سياسي جدوجهد ۽ پنھنجي لکڻين ذريعي ڪيو. جنهن ۾ طبقاتي جدوجهد سان گڏ قومي سجاڳي ذريعي منزل تائين پهچڻ جي جاکوڙ شامل هئي، اسان سڀني باشعور ماڻهن تي اهو فرض آهي تہ ڪامريڊ جهڙن عظيم ڪردارن جي فڪر، فلسفي ۽ جدوجهد کان پنهنجي نوجوانن کي واقف ڪيون، اڄ جڏهن سنڌ تمام گهڻي پيڙا، تڪليف ۽ مصيبت مان گذري رهي آهي، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ سان گڏ سنڌ جي وجود کي خطرا لامارا ڏيئي رهيا آهن، رياستي ڌرين سنڌ کي ننڌڻڪو ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان وٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهڙا عظيم ڪردار ئي آهن، جن جي جدوجهد ۽ تاريخي حاصلات ۽ عظمتن ڀري منشور مان سبق وٺي پنهنجي ڌرتي جي وجود کي بچائي سگهجي ٿو، اچو تہ اڄوڪي ڏهاڙي تي عزم ڪيون ڪامريڊ جي آدرشي مشعل کي روشن رکي، پورھيت ڪاز لاءِ ۽ سنڌ جي ترقي، امن، خوشحالي ۽ عظمتن ڀري منزل لاءِ اڳتي وڌون.

 

(ڏھاڙي دي ايشيان ڪراچيءَ ۾ ۱۵ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)


 

 

No comments:

راءِ ڏيندا