; سنڌي شخصيتون: سائين نارائڻ داس رام رکياڻي

25 June, 2026

سائين نارائڻ داس رام رکياڻي

سائين نارائڻ داس رام رکياڻي

غلام حسين ڪٽپر



اسان جي شھر نئين ديري جي بھترين استاد سرڳواسي سائين نارائڻ داس رام رکياڻيءَ کي ڀلا ڪير وساري سگهندو.حالانڪ ھو ھاڻي ھن جھان ۾ نه رھيوآھي.

مون کي جڏھين به سائين نارائڻ داس ياد پوندوآ يا تصور ۾ ايندوآته منھن جي ذھن تي والٽيئر جو چيل ھي جملو ذھن تي تري ايندوآ،

Give me a teacher I shall give you the nation.

جنھن جو مقصد اھو آھي ته مون کي سٺو استاد ڏيو ته مان توھان کي قوم ڏيان.


 والٽيئر جي ان جملي مان مراد اھا آھي ته بھتر استاد نئشن ميڪر (قوم جوخالق) ھوندوآھي.

سائين نارائڻ داس نئين ديري ھاءِ اسڪول جو ليجنڊ ٽيچر (مثالي استاد) رھيوآھي. سائين نارائڻ داس ڪاليج ايجوڪيشن ۾ مون کان صرف ھڪ سال مٿي ھيو .

اسان جي شھر نئين ديري ۾ ھنوقت جنھن جڳھ تي گرلز ھاءِ اسڪول آھي اتي گهڻو وقت اڳ ھڪ خوبصورت باغيچو ھيو، جتي اسان سڀ اسڪول ۽ ڪاليج جا شاگرد سائين نارائڻ داس سميت ڪورس جاڪتاب کڻي اچي صبح ۽شام جو امتحانن جي تياري ڪندا ھياسون.مان ۽ سائين نارائڻ داس ميٿميٽڪس جا شاگرد ھياسون. سائين نارائڻ داس ھوشيار۽ محنتي شاگرد ھيو، مون کي رياضيءَ ۾ جڏھن ڪا ڊفيڪلٽي ٿيندي ھئي ته مان سائين نارائڻ داس کان يا سائين پروفيسر تارا چند کان مدد وٺندو ھيس . سائين تاراچند جوگهر ان وقت ان باغيچي جي ڀرپاسي ۾ ئي ھيو.

سائين نارائڻ داس ۽ مان گورنمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾  B.Sc.جا شاگرد ھياسون. نارائڻ داس بي ايس سي سٺي گريڊ ۾ پاس ڪرڻ کان پوء جلد ئي نئين ديري ھاء اسڪول ۾ سائنس ٽيچر مقرر ٿي ويو ۽ سندس شمار نئين ديري ھاء اسڪول جي ھوشيار ۽ بھترين ٽيچرس ۾ ٿيڻ لڳو. جيڪي شاگرد سائين نارائڻ داس وٽ پڙھيا آھن سي اڄ به کيس وساري نه سگهيا آھن. ھونئن به استاد جي حيثيت ناقابل فراموش ھوندي آ.

سڪندر اعظم يونانيءَ جو ارسطو استاد ھيو، سڪندر اعظم جو پيءُ فلپ چوندو ھيو ته سڪندر اعظم وڏو خوش قسمت آ جو ھو بھترين استاد ارسطوءَ جي دور ۾ پيدا ٿيو آ. اسان به ائين چئي سگهون ٿا ته اھي شاگرد خوش قسمت ھوندا جيڪي سائين نارائڻ داس پڙھايا ھوندا.

بھرحال سائين نارائڻ داس نه صرف ھڪ مثالي استاد ھيو پر ان سان گڏ ھو مثالي انسان به ھيو.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۶ جون ۲۰۲۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا