; سنڌي شخصيتون: نور عباسي

28 June, 2026

نور عباسي

نور عباسي

برک اديب/ شاعر/ صحافي/ ڪالم نگار

اسد ڪيريو



منھنجي شھر نواب شاھ سان تعلق رکندڙ برک صحافي، اديب، شاعر، افسانہ نگار، ڪالم نگار ۽ طنز و مزاح جو بادشاھ لکاري نور محمد عباسي المعروف ”نور عباسي“ ڪنھن تعارف جو محتاج ناهي، ساھتي پرڳڻي جي ”ڀريا” شھر ۾ ۲۶ - جون ۱۹۲۷ع تي حاجي محمد ھاشم عباسيءَ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ ھي يگانو انسان پوري زندگي نواب شاھ ۾ رھيو. سال ۱۹۵۰ع جي ڏھاڪي ۾ صحافت جي شعبي سان جو نينھن ناتو جوڙيائين ته زندگيء جي آخري گھڙي تائين ان ڪرت سان جنبيل رھيو.


نور عباسي پنھنجي صحافتي سفر جي ابتدا ”آزاد سنڌ“ اخبار کان ڪئي جنھن جو پاڻ سب ايڊيٽر تي رھيو، ھو پنجاھ جي ڏھاڪي ۾ روزاني عبرت جو نواب شاھ لاءِ نمائندو پڻ ٿي رھيو، پاڻ پريس ڪلب نوابشاھ جو باني ميمبر ھو ۽ ڪجھ سال پريس ڪلب نوابشاھ جو صدر پڻ رھيو، نور عباسي طنز ۽ مزاح جو بادشاھ ليکڪ ھو، نثر توڙي نظم ٻنھي ۾ روانيءَ سان طنزيه ۽ مزاحيہ تحريرون لکندو ھو. سٺ جي ڏھاڪي ۾ نور عباسي روزانه مھراڻ حيدرآباد ۾ ”ڀير تي ڏونڪو“ جي عنوان سان بيشمار ڪالم لکيا جنھن بعد پاڻ روزانه عبرت ۾ ”واٽ ويندي“ جي عنوان سان زندگي جي آخري گھڙيءَ تائين ڪالم لکندو رھيو. نور عباسيءَ جا ٻه ڪتاب ھڪ طنز ۽ مزاح سان ڀرپور افسانن جو مجموعو ”چمڙي جا واپاري“ ۽ ٻيو ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”واٽ ويندي“ ڇپيل آھن.جڏھن ته سندس طنزيہ ۽ مزاحيه شاعري ۶۰ ۽ ۷۰ جي ڏھاڪي۾ وڏي پذيرائي حاصل ڪئي. سندس طنزيہ ۽ مزاحيه ٽوٽڪا پڻ ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ تمام گھڻو مشھور ھوندا ھئا. اڄ ۲۶ جولائي تي سنڌ جي ھن عظيم تخليقڪار جو جنم ڏينھن آھي اچو ته سندس جنم ڏينھن تي کيس دل جي اکين سان خراج پيش ڪريون. سندس شاعري جون ڪجھ سٽون جن تمام گھڻي مقبوليت ماڻي اوھان پڙھندڙن جي نظر ڪريان ٿو.

تحريرون ۽ تقريرون ھي نعرا زنده باديء جا،

منصوبا ڀي خوب ٺھن ٿا روزانو آباديءَ جا،

ڪم ڪرڻ کان آڱوٺو زور رڳو آ ڄاڙيء تي،

تنھنجو ڇا تون ھل مسافر، ھنڌ کٽولو ماڙيءَ تي.

ان کانسواء سندس ھڪ ٻئي نظم ”ڀينگ ٿي وئي آھي دلبر، ٻيو مڙئي خير آ“ پڻ انھن ڏينھن ۾ ادبي دنيا ۾ تمام گھڻي مشھوري ۽ مقبوليت ماڻي. سنڌي ادبي سنگت نوابشاھ جو پاڻ ھڪ متحرڪ ڪردار رھيو، پر حاجي ۽ قاضي طور مشھور اڄ جي سنگت شاخ نوابشاھ ڪڏھن ڀلجي بہ پنھنجي عظيم ڪردارن کي مڃتا ڏيڻ لاء ڪو ٻوٽو ناھي ٻاريو جنھن تي صرف افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو.

سندس اڄ ۲۶-جون ۲۰۲۶ع تي ۹۹ ھون جنم ڏينھن آھي.

 

(فيسبڪ پوسٽ ۲۶ جون ۲۰۲۶ع)

No comments:

راءِ ڏيندا