حڪيم خاوند ڏنو منگي
(۱۸۹۶ع ــ ۱۹۶۸ع) - ڪردارن کان وسري
ويل هڪ ڪردار
حسيب ناياب منگي
شڪارپور،
سنڌ جو مشھور ۽ تاريخي شھر آهي، جنھن علم، ڏاهپ، ادب، صحافت، واپار ۽ سماجي خدمت
جي حوالي سان ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾ گهڻو ناماچار حاصل ڪيو. ٻين شعبن سان گڏ حڪمت جي
ميدان ۾ پڻ شڪارپور جي حڪيمن جون خدمتون وسارڻ جھڙيون ناهن. شڪارپور ۾ هونئن ته
گهڻائي حڪيم مشھور هئا، پر حڪيم حاجي محمّد منگيءَ جي هاڪَ ٻين کان وڌيڪ هئي. ڀارت
جي شھر ممبئيءَ مان شايع ٿيندڙ هفتيوار سنڌي مئگزين ”دي هندواسيءَ“ جي هڪ شماري ۾
مشھور قلمڪاره سيجل بجاج، حڪيم آسودي مل ٺاڪر شڪارپوريءَ جي يادگيرين کي پنھنجي
مضمون ۾ بيان ڪندي، حڪيم آسودي مل جي ڳالهه ٻڌائيندي لکي ٿي ته حڪيم آسودي مل
بقول: ”منھنجو لاڙو حڪمت ڏانھن هو. ڪَرَن دروازي وٽ شڪارپور جو وڏي ۾ وڏو حڪيم
حاجي محمّد هوندو هو. ان وٽ سکڻ لاءِ موڪليائون. جتي شڪارپور جا وڏا وڏا حڪيم گهڙي
کن ويھڻ به پنھنجي لاءِ شرف سمجهندا هئا. حڪيم حاجي محمّد سدائين روزا رکندو هو.
چوندو هو ته متقي بڻجي علاج ڪجي تڏهن مريض کي شفا ملندي. حڪيم حاجي محمّد وٽ هر
مرض جو علاج ممڪن هو. پاڻ اصول پرست ۽ ڌرتيءَ جو وفادار هو. ان جو اصول هوندو هو
ته دوا تجويز ڪرڻ لاءِ دوا جو نالو ڪين لکندو. هو دوا جا نمبر لکندو هو.“ ۱۹۲۸ع ۾ حڪيم حاجي محمّد منگي گذاري ويو ته سندس حڪمت جو علم سندس پٽ حڪيم
خاوند ڏني منگيءَ ڏانھن آيو، جنھن شڪارپور ۾ عوام جي خدمت ڪندي پنھنجو نانءُ
بلندين تي پھچايو. اڄ اسان ذڪر ڪنداسين ان حڪيم خاوند ڏني منگيءَ جو!
حڪيم
خاوند ڏنو منگي (۱۸۹۶ع ــ ۱۹۶۸ع) سچ پچ ته موتيءَ داڻو هو. حڪمت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو. قدرت کيس لاتعداد
خوبين جو مالڪ بڻايو هو. ڦَٽن، ڦُرڙين ۽ ناسور وارا مريضَ، اميد ڀريل دلين سان کيس
اهڙيءَ ريت ڳوليندي شڪارپور اچي نڪرندا هئا، جيئن ڪنھن مسيحا جي تلاش ڪئي ويندي
آهي. مرجهايل، هيڻن ۽ لاچارن کي جڏهن سندس ڏنل دوا مان شفا ملندي هئي ته اهي
زندگيءَ مان بيزار ٿي ويل ماڻهو پنھنجي باقي حياتي صحت سان خوش ٿي سندس ڳُڻ پيا
ڳائيندا هئا ۽ ٻين کي ڏسَ پيا ڏيندا هئا ته بيمارن، مظلومن ۽ محتاجن کي ڇوٽڪارو
ملڻ جي ڪا ڀروسي جوڳي جاءِ آهي ته اها شڪارپور ۾ حڪيم خاوند ڏني منگيءَ جي جاءِ
آهي.
تاريخ
جي ڪن ٿورن ورقن تي حڪيم خاوند ڏني منگيءَ جو مختصر ذڪر ملي ٿو. ٽماهي ”مھراڻ“ جي
شيخ اياز نمبر جي هڪ مضمون ۾ ڪنھن ليکڪ لکيو آهي: ”حڪيم خاوند ڏني کي ڦَٽن، ڦُرڙين
يا ناسور جي علاج ۾ ايڏي مھارت هوندي هئي، جو ڊاڪٽر کيئارام جَھڙا ناليوارا ويڄَ
به پنھنجا مريض موڪلي، کانئس علاج ڪرائيندا هئا ۽ چاق چڱي ڀلي ٿيڻ تي کيس
سرٽيفڪيٽن ۽ انعامن اڪرامن سان نوازيندا هئا.“ شڪارپور جي سينيئر استادَ، نثار
احمد سومري پنھنجي ڪتابڙي ”منھنجي شڪارپور“ ۾ لکيو آهي: ”ڊاڪٽر ڀڳت جي ڀرسان ملم
پٽيءَ وارو، خاوند ڏنو منگي، مُلڪان مُلڪ مشھور هو. ٻين شھرن توڙي ٻين صوبن جا
ماڻهو وٽس علاج لاءِ ايندا هئا. پاڻ جراح حڪيم هو. اُبتي ڦرڙي سُبتي ڦرڙي، ڳڙ
وغيره آپريشن رستي علاج ڪندو هو.“
حڪيم
خاوند ڏنو، نامياري شاعر ۽ دانشورَ نقش ”ناياب“ منگيءَ جو نانو هو. سندس والده
يعني اسانجِي ڏاڏي امان پنھنجي والدَ (حڪيم خاوند ڏني منگيءَ) بابت ٻڌائيندي هئي
ته: ”بابا اڪثر ڪري ڀڳل چانورن واري پاڻيءَ مان چمڙيءَ جو علاج ڪندو هو. گهڻي قدر
قدرتي شين مان علاج ڪري مريض ڇُٽائيندو هو. بابا وٽ هر قدرتي شئي ڪارائتي هئي.
علاج واسطي ڪيلي جي کل کان گاسليٽ تائين گهڻيون ئي شيون استعمال هيٺ آڻيندو هو.
مريضن لاءِ ھر قسم جي دوا پاڻ تيار ڪندو هو. هميشه سادو کائيندو هو ۽ گهڻو ڪري اڇو
وڳو پائيندو هو. پابنديءَ سان خير خيرات ڪڍندو هو ۽ غريب مريضن جو سدائين علاج مفت
۾ ڪندو هو. نماز جو پابند ھو ۽ فرض روزا توڙي نفلي عبادت گهڻي ادا ڪندو ھو. ھميشه
پاڙي وارن جو خيال رکندو ھو ۽ گهر ۾ جيڪو پچندو ھو، پاڙي جي ڪجهه گهرن ڏانھن ڏياري
موڪليندو ھو. ننڍڙن ٻارن سان گهڻي شفقت سان پيش ايندو ھو. ھر روز اسڪول پڙهڻ ويندڙ
ٻارن کي باداميون ۽ پستا ڏيندو ھو. ھر جمعي رات تي ٻارن کي خرچي ڏيندو ھو.“ سنڌي
گيتن جي البيلي شاعرَ ڊاڪٽر قيوم ”طراز“ هڪ ڪچهريءَ ۾ ڳالهه ڪندي ٻڌايو هو ته:
”شڪارپور ۾ شيخ برادريءَ جي هڪ گهر ۾ ٻه مٿا ڳنڍيل نياڻيون پيدا ٿيون. حڪيم خاوند
ڏني منگيءَ انهن جو ڪامياب آپريشن ڪري ٻنهي جا مَٿا ڌار ڪري شڪارپور ۾ سڀني کي
حيران ڪري ڇڏيو هو.“ ماضيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي لائبريريءَ جو انچارج، اصل
شڪارپور جو رهاڪو، غلام اصغر سومرو پنھنجي ڪچھريءَ ۾ اڪثر حڪيم خاوند ڏني منگيءَ
جي حڪمت جي حوالي سان ڳالهيون ٻڌائيندو هو. چوندو هو: ”حڪيم صاحب کي پئسو ڪمائڻ ۽
گهڻو پئسو گڏ ڪرڻ جو حرص نه ھو. سندس دواخاني تي ھميشه خوشحال ماڻهو مريض بڻجي
ايندا ھئا، پر مجال آهي جو ھي شخص انهن کان ٽڪو پئسو به وڌيڪ وٺي! سدائين کيس سندس
گهڻگُهرا اھو به چوندا ھئا ته مريضن کي ٺيڪ ڪرڻ کانپوءِ ڪنھن کي پنھنجي لاءِ گهر
وٺي ڏيڻ يا ٻيو ڪو وڏو تحفو گُهرڻ جي فرمائش ڪر! پر پاڻ ھميشه پنھنجن اصولن تي
قائم رھيو ۽ ڪڏھن به لالچ جي ڄار ۾ ڪونه ڦاٿو.“
ھڪ
پراڻو شڪارپور واسي غلام سرور لاکو مرحوم ڳالهه ڪندو ھو ته ”حڪيم خاوند ڏنو روزانو
پنھنجي روز مرهه واري ضرورت جيترو پئسو منافعي جي صورت ۾ ملڻ کانپوءِ پنھنجو
دواخانو بند ڪري ڇڏيندو ھو. اتفاق سان ان کانپوءِ جيڪڏھن ڪوبه مريض وٽس ايندو ھو،
ته ان کي گهر ۾ ڏسندو ھو ۽ دواخاني مان ان کي مفت ۾ دوا کڻي ڏيندو ھو. ان کان
علاوه بخار نڪرڻ واري مريض کي ڳائي ٻوڙ ۾ پلاءُ يا موسم جي حساب سان زيتون کائڻ جو
چوندو ھو. سندس چوڻ کانپوءِ مريض کي يقيناً شفا ملي ويندي ھئي. ان کانسواءِ مختلف
بيمارين ۾ مختلف وڻن کي ڀاڪر پائڻ جو ڏس ڏيندو ھو. مريض اھو عمل ڪندا ھئا ته چاق
چڱا ڀلا ٿي ويندا ھئا.“
حڪمت
کانسواءِ حڪيم خاوند ڏنو شڪارپور ۽ روهڙيءَ جي مختلف امام بارگاهن لاءِ تعزين تي
چڙھندڙ ڪپڙي ۽ ڪاغذن جي گلن ٺاهڻ جو ماھر ڪاريگر به ھو. زوار نذير حيدريءَ جي مرتب
ڪيل ڪتابَ ”شڪارپور جي عزاداري“ ۾ حڪيم خاوند ڏني جو ذڪر شڪارپور جي ابتدائي
مصنوعي گل ساز ڪاريگرن ۾ ڏنل آھي ۽ لکيو ويو آھي ته: ”حڪيم خاوند ڏني جو شمار
شڪارپور جي ابتدائي گلن وارن استاد ڪاريگرن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ گلن جي ڪم جي حوالي سان ۱۹۲۰ع کان ۱۹۶۸ع تائين خدمتون سرانجام ڏيندو
رھيو.“
حڪيم
خاوند ڏنو منگي شڪارپور جي قديمي درگاھه سيد منوچھر شاهه تي گهڻو ويندو ھو ۽
درگاھه تي لنگر ۽ نياز جو اھتمام ڪندڙن ۾ شامل ھو. شڪارپور جي ٻين حڪيمن مير علي
نواز علوي، آغا صوفي، حڪيم ڌنراج مل ۽ ٻين جو پڻ گَھِرو دوست ھو. سندس شاندار
لائبريريءَ ۾ مذھب، ادب ۽ طب جي حوالي سان سوين ڪتاب موجود ھوندا ھئا.
خاوند
ڏني منگيءَ جو جنم ۱۱ جون ۱۸۹۶ع تي ٿيو. جڏھن ته سندس وفات ۲۶
سيپٽمبر ۱۹۶۸ع تي ٿي. اڄ اسان ”پنھنجي
پاران“ ۾ پنھنجي پاران سندس ۱۳۰ هين
جنم ڏھاڙي تي کيس ياد ڪندي يادن جِي ڀيٽا پيش ڪري رھيا آھيون.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا