يوسف سنڌي
هائيڊ پارڪ وارو
عبدالرسول
نظاماڻي
هيءَ ان وقت جي سچي ڪهاڻي اوهان
سان شيئر Share ڪرڻ جي جسارت ڪري رهيو آهيان،
جڏهن ملڪ ۾ هڪ چنگيزي جنرل جي لٺ ڦري رهي هئي. ڪنهن به عوام دوست پروگريسو Progressive سوچ رکندڙ جو ضمير ڪونه هو. سرِعام نوجوانن خاص طور سنڌي نوجوانن
کي ٽڪ ٽڪيءَ تي چاڙهي ڦٽڪن سان لهو لهان ڪيو پئي ويو. مون سان به اهڙي ويڌن ٿيڻي
هئي، پر ساھ پيارو آهي، ڏسي وائسي پاڻ کي پُوهي ۾ وجهڻو ڪونه هو. سو هن رت جي
پياسي جنرل جي باھ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ راھ فرار اختيار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو
رستو ڪونه پئي سجهيو.
ٿيو ايئن جو پراڻن دفترن مان
کوٽي سنڌي جوانن کي ٽڪ ٽڪين تي چاڙهي سبق سيکارڻ يا سندن ترقي پسندانه سوچ کي ڪچلي
سُنڍ ڪرڻ جو پروگرام شروع ٿيو. هڪ ظلم جي لهر هلي. ڪيترا ئي ان وقت جا دوست هن جبر
جي ور چڙهي ويا. ظلم جي باھ جي ڄر مون تائين به اچي پهتي. آءِ بي I.
B جا ڪاٽڪو دفتر کنيو اي آر A.
R نظاماڻي کي ڳوليندا رهيا، جنهن دوست کي هن
ڪم تي مامور ڪيو ويو هو، سو ٻن مهينن کان سرگردان هو ته هي ڀائو ڳولي هٿ ڪيان. ٻن
مهينن جي تگ و دو کانپوءِ به هو ناڪام رهيو. ان ڀاءُ جي زمين جنهن ۾ ڪيلي جي پوک
هئي، اها اسان ٻن ڀائرن وٽ مقاطعي ۾ هئي. پر هن جو اسان طرف ڪو به توجه ڪونه پئي
ويو. هڪ ڏينهن کيساني موري تي ويٺي هن ننڍڙي مجموعي ۾ ڳالھ ڪڍي ته مون کي اي آر
نظاماڻي جي ڳولا آهي. نظاماڻين جا ٻه چار ڳوٺ پڇائي بيٺو آهيان پر ڪا به کڙڪ ڪانه
ٿي ملي ۽ مونکي منهنجي بالا آفيسر وارننگ ڏني آهي ته تون ڄاڻي واڻي هيءَ انڪوائري
لڪايو ويٺو آهين. هاڻي مونکي ايڪشن کڻڻو پوندو ۽ تنهنجي نوڪري تيل ٿي ويندي.
موريءَ تي ويٺلن مان هڪ سڄڻ هن
کي سندس سرائيڪي ۾ چيو ته “تون آپڻي رئيسين ڪنون پڇا ڪر ڏيک” ۽ ان شام هو سنبري
اوطاق تي آيو ته هي ماجرا آهي. مون کيس چيو ته “تيڏا مسئلا حل ٿي گيا” فڪر نه ڪر
ٻئي ڏينهن صبح جو سڄو فائيل کڻي آيو، جنهن ۾ منهنجي ڪاليج کان وٺي ڊگهي عرصي تائين
جا ذڪر و افڪار درج هئا. ڪي سچا ته ڪي ڪوڙا.
ڪراچي ۾ تعليم دوران مئٽرڪ ڪرڻ
کانپوءِ ايس ايم S. M آرٽس ڪاليج ۽ ايس ايم لا ڪاليج
۾ اسين اسٽوڊنٽس يونين جي سياست ۾ ڪافي ايڪٽو Active هئاسين. شاگردن واري سياست ۾ شروع ۾ D. S.
F ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن منظم ڪئيسين. پر
ان دور ۾ شروعات کان وٺي ترقي پسندانه سوچ ۽ انجي ڪارڪردگي تي قد زن لڳائي وئي.
پهريان ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي بين Ban مڙهي وئي. پوءِ سگهو ئي پاڪستان پيس ڪاميٽي Peace تي بين لڳي ۽ شاگردن جي D. S. F به بين ٿي وئي. اسان متحرڪ شاگردن تي ڪڙي نظر رکي وئي. اسان
شاگردن پوءِ جلد ئي N. S. F ٺاهي ورتي.
اسان جي ڪاليج جي ڪجھ استادن جهڙوڪ پروفيسر احسان بدوي ۽ پروفيسر صمصام الحي کي به
نشانو بڻايو ويو. پروفيسر صمصام الحئي چئن سالن لاءِ انڊر گرائونڊ هليو ويو.
منهنجو به ان سٿ ۾ نالو شامل رهيو ۽ پوءِ بعد جون گهڻيون ايڪٽوٽيون ان فائل ۾ شامل
هيون، جن جو هڪ داستان آهي. مون کان هي I. B جو دوست سڀ معلومات وٺندو ۽ نوٽ ڪندو ويو. مون به کيس ويهن ٻاويهن
سالن جي ڪٿا الف کان ي تائين بلا تڪلف جي بيان ڪري ٻڌائي. هن پنهنجو فائيل بند ڪيو
ته مون چيومانس ته مون تو سان سچي سيبتي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي پر هڪ ڳالھ لڪائي اٿم.
سا ڪهڙي؟
مون ٻڌايومانس ته تو پاسپورٽ جو
پڇيو ۽ مون چيو ته اهو پاسپورٽ آفيس ۾ نئين ٿيڻ لاءِ جمع آهي پر ايئن ڪونهي، مون
وٽ گهر پيو آهي. اهو مون ان ڪري چيو آهي ته ان تي ويلڊ Valid ويزا لڳل آهي. هاڻي هن تفتيش بعد اوهان ڪهڙي ڪارروائي ڪندؤ. ٻڌندؤ
يا ڇا؟ هن همراھ جوابن چيو ته اسان هي سڄي ماجرا فائيل ۾ اسلام آباد صدر صاحب واري
آفيس کي موڪلينداسين. اتي ان کي ٻه ٽي مهينا لڳي ويندا ۽ C. I.
D وارن وٽ جدا انڪوائري آهي. اهي به ڳولا ۾
لڳا پيا آهن. پر اسين ڪونه ٻڌائينداسين.
بهرحال چنگيزي حاڪم جا ظلمي
حالات تمام سنگين هئا. ڪيترن ئي سنڌي ۽ بلوچ نوجوانن تي تشدد جون خبرون اچي رهيون
هيون. مهيني کن جي عرصي گذرڻ بعد سوچيم ته في الحال ته خير آهي پر ظلمي باھ وڌندي
پئي وڃي. کاٻي ڌر وارا ته آهن ئي ٻوهي ۾ پر ساڄي ڌر وارا جيالا به زد ۾ آهن. سندن
مک اڳواڻ ۽ ملڪ جو بين الاقوامي شهرت يافته هر دلعزيز زلفي ڪونه بچي سگهيو آهي ته
اسان جهڙا ننڍا گمنام سپاهي مفت ۾ گهوٽجي ويندا. سو وريام وارو گس وٺي جان بچائڻ
سجهيو پئي ته ويزا آهي، نڪري وڃجي. جي ايئرپورٽ تي E. S.
I ۾ نالو آهي ته قابو ور نه الله تهار. سو
لنڊن جي ٽڪيٽ ڪٽرائي نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.
برطانيا جي پيپلز پارٽي PPP يومِ احتجاج ملهائڻ لاءِ وڏي ڪال ڏني هئي. لنڊن کان علاوه مينچسٽر
برمگهام لورپول بيلفاسٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن مان جيالا هزارن جي تعداد ۾ ان ڏينهن
هائيڊ پارڪ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. ورڪرن ۾ ڏاڍو جوش هو. پي پي پي PPP جا ڪيترا ئي اڳواڻ ملڪ ڇڏي اچي لنڊن ۽ ٻين شهرن ۾ لٿل هئا. اسان
واري سنگت PPP کان ڪناره ڪش ٿيل هئي. خاص طرح
بلوچ برادري وارا ڀُٽي صاحب جي دور ۾ بلوچن مٿان ڪيل بمباري ۽ فوج ڪشي وارن ظلمن
جي ڪري پيپلز پارٽيءَ وارن کان سخت ناراض هئا. بلڪ بغاوت واري حد تائين پيپلن کان
نالان هئا، ان باوجود هنن جيالن واري احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. آءٌ به ڪامريڊ قادر بخش
نظاماڻي سان گڏجي هائيڊ پارڪ ۾ پهچي ويو هئس. هائيڊ پارڪ لنڊن ۾ هڪ مخصوص علائقو
آهي، جتي دنيا جهان جا ماڻهو اچي ڳالهائي سگهندا آهن، احتجاج ڪن، بغاوتن، انقلابن
جون ڳالهيون ڪن يا ڪو ڪنهن به قسم جو منفي يا مثبت نظريو پيش ڪري ته آزادي آهي.
جتي برطانوي حڪومت خلاف به چئي سگهو ٿا. ڪا به جهل پل ڪانهي. هڪ دفعي مشاهدي ۾ ڏٺم
ته هڪ انگريز پنهنجي ڪار ۾ اچي هڪ مقرر کي ٻڌڻ لڳو، سندس گاڏي چالو بيٺل هئي، جنهن
جو آواز ٻڌندڙن کي ڏکيو پئي لڳو ته اتي مامور پوليس وارو وڌي آيو ۽ هن کي منع ڪرڻ
لڳو ته توکي ٻڌڻو آهي ته پنهنجي گاڏي بند ڪري ٻڌ يا ته هتان هليو وڃ. جو ٻڌڻ وارا
۽ ڳالهائڻ وارا ڊسٽرب ٿي رهيا آهن.
بهرحال اسان به اچي وياسين.
هزارن جو مجموعو هو. برطانوي PPP وارا ۽ کر
صاحب ۽ ٻيا ڳالهائي رهيا هئا.
اسان به ٻڌندڙن ۾ شريڪ هئاسين.
اسان ڪنهن کي اهو چوندي ٻڌو ته اڄ منهنجي ملڪ سنڌ جي وڏي ماڻهوءَ جو ڏينهن آهي.
“هي جملا هو انگريزي ۾ چئي ويو. اسان ڪنڌ ورائي پويان ڏٺو ته هڪ نيگرو Negro بيٺل آهي. ٿري پيس سوٽ ۾ ٽاءِ ٻڌل، اسانکي ٻيو ڪو به پاڪستاني قسم
جو ماڻهو نظر ڪو نه آيو. سمجهيوسين ته ڪو اهي جملا ادا ڪري هليو ويو. هن نيگرو جو
هن قسم جي مجموعي ۾ ڇا وڃي؟ اسان جو ڌيان وري به تقرير ڪندڙن ڏي کڄي ويو. ڪجھ دير
گذرڻ بعد به اهي ئي جملا اسان جي ڪنن تي پهتا ۽ وري به ڪنڌ ورائي ڏٺوسين ته اهو ئي
ساڳيو ماڻهو بيٺو آهي. پوءِ آءٌ همت ڪري ان ڏانهن انگريزي ۾ مخاطب ٿيس ته “معاف
ڪجو، اوهان ڪجھ چيو؟” اتي هن صاحب وري به ساڳيا لفظ دهرايا ۽ مون پڇيومانس ته ڇا
اوهين سنڌي آهيو؟ هن چيو ته ها مان سنڌي آهيان. پوءِ اسان هن سان سنڌي ۾ گفتگو
ڪئي. هو صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هو. هن ٻڌايو ته منهنجو نالو يوسف آهي ۽ آئون ٺٽي
جو رهواسي آهيان. مونکي هتي آئي چاليھ سال ٿي ويا آهن. ٺٽي ۾ منهنجا ڀائر رهن ٿا.
آءٌ هتي رازڪو ڪم ڪندو هئس ۽ هاڻي رٽائرڊ ٿي چڪو آهيان، منهنجي زال انگريز آهي.
اسانکي چار ٻار ٻه پٽ ٻه نياڻيون آهن، جيڪي سڀ پرڻيل آهن ۽ سڀ پنهنجي پنهنجي گهر
رهن ٿا ۽ کين ٻار به آهن. اسان زال مڙس گڏ رهون ٿا. منهنجي ڀائرن سان خط و ڪتابت
به ٿيندي آهي. آءٌ پنهنجي ملڪ سنڌ جي خبرچار به رکندو آهيان. هينئر مون اخبارن ۾
پڙهيو هو ته هائيڊ پارڪ ۾ وڏو ميڙاڪو ٿيندو. سو آءٌ هلي آيو آهيان. اوهان اتفاق
سان سنڌي نڪري پيا آهيو. ٻيا مونکي نظر ڪونه آيا ۽ آءٌ پنهنجا جذبا جهلي ڪونه
سگهيس ۽ پوءِ هڪ ٻئي سان ايڊريس ۽ فون نمبر جي ڏي وٺ ٿي. پر سڀ کان وڌ مونکي ان
ڳالھ تي حيرت ٿي ته هي “ڏاڏو يوسف” پنهنجي سنڌ ملڪ جي اُڪير دل ۾ رکي آهي ڪيڏو نه
عظيم سنڌي آهي. هن جيڪي الفاظ پنهنجي زبان مان ڪڍيا پئي انهن احساسن ۾ ڪيڏو نه
جذبو پوشيده هو. هن پنهنجي هسٽري بيان ڪندي چيو ته غالبن ۱۹۳۵ع ڌاري هڪ انگريز انجنيئر مونکي انگلينڊ وٺي آيو ۽ پوءِ هو واپس سنڌ وڃي
ڪونه سگهيو آهي. شادي ڪيائين، گهر وسايائين ۽ محنت مزدوري ۾ عمر گذاريائين. وطن جي
اُڪير ۽ محبت ۾ ايڏو ته سرشار هو جو ڳالھ ٻڌائيندي اکيون تر ٿي ويس ۽ گلو ڀرجي ٿي
ويس.
يوسف سنڌي
(مترجم، پبلشر ۽ ڪھاڻيڪار - جنم
ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر-۳۸۲)
ساجد رند
محمد يوسف ميمڻ عرف ”يوسف سنڌي“ پھرين آڪٽوبر ۱۹۶۷ع تي ضلعي دادو جي علائقي دڙو ۾ محمد هاشم ميمڻ جي گھر ۾
جنم ورتو.
يوسف سنڌي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ پرائمري
اسڪول دڙو مان حاصل ڪري انٽر ميڊئيٽ ڊگري ڪاليج سجاول مان ۽ بي اي، بي ايڊ ۽ ايم
اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.
يوسف سنڌي لکڻ جي شروعات ۱۹۷۹ع ۾ ٻاراڻي ادب لکڻ سان ڪئي، سندس ھڪ ڪھاڻي ھندي ٻوليءَ ۾ ۽ ھڪ ڪھاڻي ميٿلي
زبان ۾ ترجمو ٿي ھندستان ۾ ڇپيون.
يوسف سنڌي لکڻ کان علاوه علمي، ادبي سرگرمين ۾ به ھميشھ
سرگرم رھندو پيو اچي، پاڻ تنظيمي وابستگي ۽ ذميوارين جي حوالي سان ۲۷ اپريل ۲..۸ع کان ۱۱ جولاءِ ۲.۱.ع تائين سنڌي ادبي
سنگت جو جنرل سيڪريٽري رھيو، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اشاعت شعبي جي انچارج جي حيثيت
سان ۳. ڪتاب ڇپرايائون.
جڏهن تہ ساس جي سيڪريٽري جنرل ھئڻ دوران سنڌي ٻولي، قومي
ٻولي جاڳرتا مھم ھلايائين، جنهن جي نتيجي ۾ پارليامينٽرين قومي اسيمبليءَ ۾ آئيني
ترميم واسطي بل پيش ڪيو.
يوسف سنڌيءَ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي
صورت ۾ موجود آھن.
۱. بک، عشق، آزادي
۲. بغاوت (خليل جبران جو ناول-ترجمو)
۳. چي گويرا جي ڊائري (ترجمو)
۴. ڏوھاري (خليل جبران جون ڪھاڻيون-ترجمو)
۵. بک (ناول)
۶. اسامہ بن لادن جي پراسرار دنيا
۷. تو پيار ڇو ڪيو (ناول)
۸. ھڪ سو سنڌي اديب
۹. منھنجي زندگي ۽ جدوجهد (خان غفار خان جي آتم ڪھاڻي)
۱.. سنڌ-پاڪستان کانپوءِ (سياسي تاريخ)
۱۱. ڏونگر ڏک ڏٺام (ڪتابڙو)
۱۲. ڀورو بگھڙ (ڪمال اتاترڪ جي سوانح)
۱۳. ويٽنام مان فرار (نصير سارنگ سان گڏ ترجمو ڪيل ڪھاڻيون)
۱۴. تنھنجي ماءُ
۱۵. سنڌي ادبي سنگت: جائزو
۱۶. سنڌ ۾ قومي مسئلي جو اقتصادي جائزو (ڪتابڙو)
۱۷. حضرت محمد رسول صلي الله عليہ والہ وسلم
۱۸. چيني انقلاب جون ڪھاڻيون
۱۹. پسي تنهنجي تجلي (دڙي جي اديبن جا خاڪا)
۲.. سنڌي ادب جا سرچشما
۲۱. نه وڃڻ جو پڇتاء (ڪھاڻيون)
۲۲. ورھاڱو، ريل ۽ پاڪستان (خشونت سنگھ جي ناول جو ترجمو)
۲۳. مسواڙي زال (ترجمو ڪھاڻيون)
۲۴. ۱.. تاريخ ساز شخصيتون (مائيڪل
ھارٽ جي ڪتاب جو ترجمو)
۲۵. شيطاني ٻيٽ (ھينري چيئرير جي ناول جو ترجمو)
۲۶. غلام حسين رنگريز (ياد نامو-تعزيت نامو)
۲۷. ساقي سجاولي جون لکڻيون (مرتب). وغيرہ
يوسف سنڌي
هڪ گهڻ رخي ادبي شخصيت
مبين چنا
سنڌي
ادب ۾ ڪي اهڙيون شخصيتون بہ آهن، جن پنهنجي تخليقي سگھ، علمي محنت ۽ ادبي
وابستگيءَ وسيلي هڪ اداري جي حيثيت حاصل ڪئي آهي. يوسف سنڌي بہ انهن اهم نالن مان
هڪ آهي، جنهن ڪهاڻي، ترجمي، تحقيق، سفرنامي، صحافت، اشاعت ۽ ادبي تنظيم سازي جي
ميدانن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي پنهنجو نرالو ناءُ بڻايو آهي.
يوسف
سنڌيءَ جو اصل نالو محمد يوسف ميمڻ آهي. سندس جنم ۲ جنوري ۱۹۶۷ع تي دڙو، ضلعي
سجاول ۾ ٿيو. هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي، بي ايڊ ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم
اي ڪئي. ادبي سفر جي شروعات هن تمام ننڍي عمر ۾ ڪئي، ۽ سندس پهرين ڪهاڻي “عظيم
سوکڙي” آڪٽوبر ۱۹۷۹ع ۾ ٻارن جي مشهور رسالي "گُل ڦُل" ۾ شايع ٿي.
يوسف
سنڌي جي شخصيت گهڻ رخي رهي آهي. هو صرف ناميارو ڪهاڻيڪار نہ پر تمام بهترين مترجم،
محقق، سفرنامہ نويس، ڪالم نويس، ايڊيٽر، پبلشر ۽ سماجي ڪارڪن طور سڄي سنڌ ۾ سڃاتو
وڃي ٿو. سندس علمي ۽ ادبي دلچسپين جو دائرو وسيع آهي، جنهن سبب هن مختلف صنفن ۾
قابلِ قدر ڪم ڪيو آهي.
يوسف
سنڌي جي هڪ وڏي سڃاڻپ سندس اشاعتي خدمتون آهن. هن نوجوانيءَ ۾ ئي "هوشو
پبليڪيشن" ۽ پوءِ "شيرازي پبليڪيشن" قائم ڪري ڪتابن جي اشاعت جو
سلسلو شروع ڪيو. بعد ۾ "سچائي اشاعت گهر دڙو " جو بنياد رکيائين، جنهن
جي پليٽ فارم تان هن وقت تائين ۱۷۰ کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪيا ويا. ان کان علاوه سنڌي
ادبي سنگت جي اشاعتي شعبي جي ذميواري سنڀاليندي بہ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا.
صحافت
۽ ادارت جي شعبي ۾ پڻ سندس خدمتون نمايان آهن. هن "هلال پاڪستان"،
"هزار داستان"، "برسات"، "سنڌو"، ”سوڀ" ۽
"سنگت" سميت مختلف رسالن ۽ اخبارن سان وابستہ رهي ادبي صحافت کي هٿي
ڏني. خاص طور تي سنڌي ادبي سنگت جي ترجمان رسالي "سنگت" جا ۲۹ پرچا ايڊٽ
ڪرڻ سندس اهم ادبي خدمتن مان شمار ٿين ٿا.
ادبي
تخليق جي حوالي سان يوسف سنڌي ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا آهن. سندس ڪتابن ۾
"اونداهيءَ ۾ سوجهرو"، "سنڌي ادب جا سرچشما"، "سنڌي
ادب"، "نہ وڃڻ جو پڇتاءُ"، "اڌ مهينو ايران ۾"، "اڄ
نہ پسان سي"، "قيد خانن ۾ لکيل ڪتاب" ۽ "فارسيءَ جا سر موڙ
شاعر" جهڙا ڪتاب شامل آهن. ان سان گڏ يادگيرين وارو ڪتاب، ”اقرار بہ، انڪار
بہ“، شامل آهي. يوسف سنڌي جا هن وقت تائين مختلف موضوعن تي ترجمن، تخليق ۽ سهيڙيل ۷۰
کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا هڪ کان وڌيڪ ڇاپا پڻ شايع ٿي
چڪا آهن، ان کان علاوه سندس ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجڻ جي انتظار ۾ پيا آهن. انهن ڪتابن
مان سندس ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
يوسف
سنڌي ترجمي جي ميدان ۾ بہ غير معمولي ۽ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن دنيا جي مختلف
ٻولين ۽ ملڪن جي ادب، تاريخ، سياست ۽ سوانح نگاريءَ سان لاڳاپيل ڪيترائي اهم ڪتابن
جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. انهن ڪتابن م، چي گويرا جي ڊائري، نيلسن منڊيلا
جي اتم ڪٿا، ”آزادي جو ڊگهو سفر“، مائيڪل هارٽ جو عالمي سطح تي مشهور ڪتاب، ”هڪ
سئو تاريخ ساز شخصيتون“، رجنيش اوشو جي آتم ڪٿا، ”سچ تہ اهو آهي“، اردن (جارڊن) جي
راڻي نور الحسين جي آتم ڪٿا، ”اُڏارون آڪاش ۾“، جان زيد جو جڳ مشهور ڪتاب، ”ڌرتي
ڌوڏيندڙ ڏھ ڏينهن"، ڪيرن آرمسٽرانگ جو ”خدا جي تاريخ“، لينن، هوگو شاويز،
حافظ شيرازي ۽ ٻين عالمي شخصيتن بابت ڪتابن جا ترجما سنڌي ادب لاءِ سندس وڏو علمي
تحفو آهن.
سفرنامي
نگاريءَ ۾ بہ يوسف سنڌي نمايان حيثيت رکي ٿو. پنجاب جو سفرنامو، ”سدائين سفر ۾“ ،
دهلي جو سفرنامو، ”هل تہ دهلي گھمون“ ، ايران جو سفرنامو، ”اڌ مهينو ايران ۾“،
سعودي عرب جو سفرنامو، ”جو در جنين ديکيو“ ۽ چين جو سفرنامو، ”مريم جي ديس ۾“ جا
سفرناما شامل آهن. سندس اهي سفرناما نہ رڳو سفر جا احوال آهن، پر انهن ملڪن جي
سماج، ثقافت، تاريخ ۽ ماڻهن جي زندگيءَ جو گهرو مشاهدو بہ پيش ڪيو آهي.
تنظيمي
سطح تي بہ يوسف سنڌي سرگرم رهيو آهي. هن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل طور
خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ادبي ادارن جي مضبوط ٿيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. سندس ادبي ۽
تنظيمي سرگرمين سنڌي ادب جي واڌ ويجھ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
مختصر
طور، يوسف سنڌي جديد سنڌي ادب جي انهن اهم شخصيتن مان هڪ آهي، جن تخليق، ترجمي،
تحقيق، اشاعت، صحافت ۽ ادبي تنظيم سازي جي مختلف شعبن ۾ مسلسل ۽ سنجيده ڪم ڪيو
آهي. سندس ادبي پورهيي سنڌي ادب جي خزاني ۾ اهم اضافو ڪيو آهي. هو انهن اديبن مان
آهي، جن علم ۽ ادب کي رڳو لکڻ تائين محدود نہ رکيو، پر ڪتابن جي اشاعت، ادبي ادارن
جي تعمير ۽ عالمي ادب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻڻ جي ذريعي بہ وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي.
(فيسبڪ
پوسٽ ۲۳ جون ۲۰۲۶ع)
No comments:
راءِ ڏيندا