ڪرم الاھي چنا
جنھن کي اسان ڪو نه سڃاڻون
رکيل مورائي
اھو
زمانو ڪو گھڻو پراڻو ته نه آھي پر ھيءُ اھو زمانو آھي جيڪو منھنجي ادبي ڄمار جو
سونھري دور آھي ۽ جڏھن پبلشنگ ادارا اڃا ”ھَٽَ“ نه بڻيا ھئا، جيتوڻيڪ انھن جا
ھلائيندڙ ته ليکڪ ئي ھوندا ھئا پر ھو پاڻ کي پوئتي رکندا ھئا ۽ ادارن کي اوليت
ڏيندا ھئا. ھن دور ۾ ڪيترا ئي ادبي ادارا جُڙيا جن ادب ۾ پاڻ موکيو، ڪي اڄ تائين
ھلندڙ آھن ۽ اھميت سان موجود آھن ھنن لاءِ پنھنجي ادارن جي ساک ئي سڀ ڪجھه ھُئي.
انھيءَ
دور ۾ ئي ھڪ پبلشنگ ادارو جُڙيو ھُئو سنگم پبليڪيشن، شايد ان جو سرواڻ پنھنجي
تعليم پوري ڪري ڪنھن نوڪري جي تلاش ۾ ھُئو ۽ زندگي گذارڻ لاءِ ھن اھا پبليڪيشن
جوڙي ھئي، سندس نالو ڪرم الاھي چنا ھُئو. سنھيون مُڇون، ھلڪو وزن، موچارو قد، گورو
رنگ رکندڙ ھڪ سھڻو نوجوان.
تڏھن
گھڻو ڪري ڪتاب خريد ڪري پڙھيا ويندا ھئا ۽ ادارا جيڪو ڪتاب ڇاپيندا ھئا اھو فقط
ليکڪ جي شوق يا خواھش تي نه ھوندو ھئو، ان جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ تڪ تور ٿيندي ھئي ان کان
پوءِ ڇاپيو ويندو ھُئو، پڙھندڙن جي طلب به ھوندي ھئي. ھوند سوند وارا شخص/ليکڪ
ادارن جي مالي سھائتا ته ڪندا ھئا پر اھا سھائتا فقط پنھنجي ڪتاب ڇپائڻ تائين
محدود نه ھوندي ھئي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ھوندي ھئي. ڪو به اعليٰ ڪتاب!
ڪيترا
ڪتاب ان دور ۾ نوان آيا اھم مرتبو ماڻي ويا ۽ ٻيا ڪتاب ايندا رھيا، شايد اھو ڪتابن
جو دور ھُئو جنھن دور (اسيءَ وارو ڏھاڪو) ۾ ڪرم الاھي چنا سان منھنجي شناسائي ٿي
ھئي ھو نھايت سرگرم پبلشر ھُئو، جنھن جي ڪجھه سالن کان اھم سڃاڻپ سگا جو ڪارڪن يا
اڳواڻ وڃي رھي آھي. پر سچ اِھو آھي ته سنڌي ادب، ان جي ڇپائيءَ جو ڪم، ان جي
ورھائڻ جو ڪم، ڪتابن جي رسائي سموري سنڌ ۾ يقيني بڻائڻ جو ڪم، ان ۾ ٻين گھڻن کان
گھڻيون خدمتون ڪرم الاھي چنا جون به آھن، جن کان اڄ جو نسل خاص طور نون لکندڙن جو
انگ شايد ئي واقف ھجي.
گذريل
صديءَ جي اسيءَ واري ڏھاڪي جو پھريون سال ھُئو، ڪتابن پڙھڻ جو خفت ۽ ڪتابن خريدڻ
جي سگھه غير موجود! جنھن ڳاله مون کان ھڪ چڱو ڪم ڪرايو، سنڌ جي سڀني پبلشنگ ادارن
کان مون ڪتاب گھرائڻ شروع ڪيا! انھن ۾ سنگم پبليڪيشن به ھُئو.
مورو
سنڌ جو مرڪزي شھر آھي، دادو مورو پل اڃا جُڙي نه ھئي، ڪرم الاھي چنا سان تعلق/ دوستي
تڏھن جي آھي اڄ جو سنڌي ادب سندس احسان لاھي نه سگھندو ڪرم الاھي چنا پنھنجي اداري
جا ڪتاب حيدرآباد مان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ کڻندو ھُئو. مان ڀايان ته ھو پھريان سڪرنڊ
۽ نوابشاھه لاءِ ڪتاب خاڪي جوئي صاحب جي ڪتاب گھر تي ڏيئي، موري ايندو ھُئو، مون
وٽ ڪتاب ڇڏي، نوشھرو، ڪنڊيارو، خيرپور ۽ سکر ۾ ڪتاب ڏيئي لاڙڪاڻي ويندو ھُئو ۽
اتان دادوءَ ۽ پوءِ سيوھڻ کان ٿيندو حيدرآباد پڄندو ھُئو ۽ سندس اھو عمل ھر ٽئي
مھيني ورجائبو ھئو.
ھو
پنھنجا ڪتاب ڇڏي ويندو ھُئو ۽ انھن جي پيسن جي وصولي ٽن مھينن کان پوءِ ڪندو ھُئو.
آيل نئون ڪتاب ڏيئي پراڻي رھت وصول ڪري ويندو ھُئو، ان وقت پنجن ڪاپين يا ان کان
مٿي ڪتابن خريد ڪرڻ تي ڪميشن صرف %۳۳ سيڪڙو
ھوندي ھئي. ڪي ادارا ڪتاب وي پي ڪري موڪليندا ھئا جيڪا پوسٽ آفيس مان ڏوڪڙ ڏيئي
ڇڏائڻي پوندي ھئي پر ڪرم الاھي چنا ائين بلڪل نه ڪندو ھُئو يا مون سان ائين نه ڪندو
ھُئو. ھو ڪيترا ئي سال سنڌ کي ائين ادب ڏيندو رھيو. جيڪو سندس عمل سنڌ ڪڏھن به وساري
نه سگھندي. ان دور جو پڙھندڙ نسل ته بنھه نه!
ھو چڱو
وزني ڪتابن جو بنڊل ڪلھي تي رکي ڪنھن ڪتاب گھر تائين پھچائيندو ھُئو، وري ساڳيو
وزني بنڊل ڪنھن ٻئي شھر پھچائيندو ھُئو، سيارو ھجي توڻي ساھه گھٽيندڙ گرمي، ڪرم
الاھي چنا ادب کي سنڌ ۾ پھچائيندو رھيو، جنھن ادب نه رڳو نوان پڙھندڙ پيدا ڪيا پر
لکندڙن جو ھڪ نئون نسل به پيدا ڪيو آئون ان نسل مان آھيان. جڏھن گيھه ڪارپوريشن ۾
کيس نوڪري ملي تڏھن سندس سفرن ۾ گھٽتائي آئي ۽ ھن سانتيڪو ٿي ڪتابن ڇپائڻ ڏانھن
ڌيان ڏنو.
ڪرم
الاھي چنا جو احسان سنڌي ادب ياد رکندو جو ھن سنڌي ادب کي ڪي اھڙا ڪتاب ڏنا، جيڪي
اڄوڪي لکندڙ نسل کي شايد ياد ھجن؟ ياد ٿو اچي تھ! چاليھه کن ڪتابن جي لکندڙ تاجل
بيوس صاحب جو پھريون ڪتاب ”جڏھن ڀونءِ بڻي“ ۽ پوءِ سندس ڪيترا ڪتاب، قمر شھباز
صاحب جو پھريون ڪتاب ”چنڊ رھين ٿو ڏور“ ۽ پوءِ چڱا ڪتاب، يوسف شاھين صاحب جو ڪتاب
”يوناني ڏند ڪٿائون“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب. نامياري تاريخدان ڊاڪٽر محمد لائق
زرداريءَ جو پھريون ڪتاب ”سنڌ جي سياسي جدوجھد“ ۽ ٻيو ڪتاب تحريڪ پاڪستان جو سنڌ ۾
حصو. سنگم پبليڪيشن پاران ڪرم الاھي چنا ئي ڇپرايا ھئا. ائين ڪرم الاھي چنا اسان
جو اُھو ادبي پبلشر ھُئو جنھن پاڻ ڪڏھن به ڪا به دعويٰ نه ڪئي ته مون ھيءُ ڪيو يا
ھو ڪيو، ھو ھڪ خاموش رھندڙ شخص ھُئو، ھو سگا جو ڪارڪن ته ھُئو ئي پر سندس ادبي
خدمتون اسان لاءِ اھا روشني ڏيندڙ ھيون جيڪا روشني ڪڏھن به جھيڻي ٿيڻ واري نه آھي.
ھو ادب ۾ ھڪ ليکڪ طور به ڄاتو سڃاتو ويندو جو ھو ڪھاڻيڪار به ھُئو ۽ پبلشر طور سنڌ
۽ سنڌي ادب کان ڪڏھن به وسري نه سگھندو، ڀل ڪرم الاھي چنا صاحب کي اسان نه سڃاڻون؟
(ڏھاڙي
عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جون ۲۰۲۵ع
تي ڇپيل)
ڪرم الاھي چنا
اڻ وسرندڙ ڪردار - (پھرين
ورسيءَ تي ڀيٽا)
محمد سليمان وساڻ
زندگيءَ
۾ ڪيئي ماڻھو ملندا آھن جن مان ڪجهه پنھنجا عڪس ھميشه لاءِ ڇڏي ويندا آھن. ناميارو
اديب، پبلشر ۽ سماجي ڪارڪن ڪرم الاهي چنا پڻ اھڙي شخصيت جو مالڪ ھيو. ساڻس گذاريل
ڪيئي سالن جا اڻ کُٽ واقعا، يادگيريون، ڪچھريون، سفر، تنظيمي بحث مباحثا، تيز ۽
تند تنقيدي حوالا ۽ اڻ کُٽ محبتون ۽ پنھنجائپ سيني ۾ سانڍيل آھي. سچل ڳوٺ ۽ خاص
ڪري سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي ڪري ساڻس منھنجو لڳ ڀڳ ۳۰ سالن جو تعلق رھيو. مونکان جون ۲۰۲۵ع جو تتل ڏينھن ڪيئن وسرندو جڏھن جناح اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ھن منھنجو
ھٿ مضبوطيءَ سان جهليو ھيو، جتي کيس داخل ڪرايو ھيوسين، ان وقت لفظ سندس ساٿ ڪونه ڏئي
رھيا ھيا ۽ ھو وڏي پيڙا مان گذري رھيو ھيو. ھو چار پنج ڏينھن اسپتال ۾ ھيو ۽ مان
روز اسپتال ويندو ھيس ۽ سندس ٽنھي فرزندن سان ملاقات ٿيندي ھئي. سندس دوست ۽ ساٿي
اسپتال ايندا رھيا پر لاڳيتو سندس طبيعت ڪِرندي رھي. جيتوڻيڪ مان سمجهي ويو ھيس ته
ھن ارڏي شخص کي ھاڻي شايد ئي زندگيءَ جو دان ملي پر پوءِ به رب ۾ اميدون رکيو ويٺا
ھياسين، پوءِ ۲۰ جون ۲۰۲۵ع جي صبح مونکي سندس پُٽ مھراڻ جي ڪال آئي ته بابا ھليو ويو ... عجيب حالت
ٿي وئي دل جي ۽ اکيون وسي ھليون، تقريبن ۳۰ سالن جو ڊگهو ساٿ، هڪ لمحي ۾ وڇوڙو بڻجي ويو. مان آفيس ڇڏي سچل ڳوٺ طرفان
روانو ٿيان ٿو، دوستن کي فون، ميسيج يا سوشل ميڊيا تي اپڊيٽ ڏيندو رھان ٿو پر
يادگيريون آھن جو ور ور ڪري ذھن جي اسڪرين تي ريوائينڊ ٿي ھلي رھيون آھن.
ڪرم
الاھي چنا ضلعي نوابشاھ جي تعلقي سڪرنڊ ۾، سڪرنڊ شھر کان اتر- اوڀر طرف مشھور
اسٽاپ چوٿون ميل ۽ قديم ۽ تاريخي ڳوٺ ۲۱ دڌ ۾
هڪ غريب، شريف ۽ ديندار گهراڻي ۾ ۸ آگسٽ ۱۹۵۴ع تي جنم ورتو. سندس والد مرحوم حافظ مير محمد چنا قرآن شريف جو حافظ ھجڻ
سان گڏ پنھنجي دؤر جو جَيَدُ عالم پڻ هيو. سندس والد ديندار هوندي به پنھنجي اولاد
کي ديني تعليم سان گڏ دنياوي تعليم پڻ ڏياري. هن پنھنجي پُٽ ڪرم الاهي چنا کي ڳوٺ
جي پرائمري اسڪول ۾ ۱۹۶۲ع ڌاري
داخلا وٺي ڏني، جتان پنج درجا پرائمري پڙهڻ کان پوءِ هن کي سڪرنڊ جي هاءِ اسڪول ۾
انگريزي پڙهڻ لاءِ ۱۹۶۷ع ۾
داخلا وٺي ڏني. ميٽرڪ سڪرنڊ هاءِ اسڪول مان ۱۹۷۲ ۽ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاھه مان ۱۹۷۴ع ۾، بي اي سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۷۶ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي بين الاقوامي تعلقات ۽ ايم اي
صحافت (ماس ڪميونيڪيشن) ۾ ڪيائين.
سندس
والد جي وفات کانپوءِ ڪرم الاهي چنا يونيورسٽيءَ جي پڙهائيءَ ۽ ملازمت جي ڪري گهڻو
ڪري ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو، ان ڪري سندس ڳوٺ وارو گهر اڪثر بند رهندو هو. پاڻ
مھيني ماس جڏهن ڳوٺ چڪر تي ايندو هو ته گهڻو ڪري رات ڏينهن گهر ۾ اڪيلو رهندو هو.
ڳوٺ ۾ بجلي نه هئڻ ڪري پاڻ رات جو دير تائين گاسليٽ واري بتي ٻاري پڙهندو هو.
هن سنڌ
يونيورسٽيءَ مان ايم.اي صحافت (ماس ڪميونيڪيشن)۽ ايم.اي انٽرنيشنل رليشنس جون ٻه ڊگريون
حاصل ڪيون. پاڻ ڪجهه سال حيدرآباد مان نڪرندڙ ماهوار رسالي رهبر ڊائجسٽ ۽ حيدر
آباد ۾ هلال پاڪستان اخبار جو رپورٽر ٿي به ڪم ڪيو. پوءِ هو ڪراچيءَ هليو آيو ۽
ڪتاب وڪڻڻ شروع ڪيائين. هن وٽ ايترو پئسو نه هو جو هو پنھنجو ڪو دڪان يا گاڏو وٺي
سگهي، جنھن تي ڪتاب رکي وڪڻي. هو ڪتابن ۽ رسالن جي هڙ کڻي سرڪاري ۽ خانگي آفيسن ۾
جتي جتي سنڌي هئا، انھن وٽ وڪڻڻ لاءِ پھچندو هو. ڪرم الاهيءَ کي گيھه ڪارپوريشن آف
پاڪستان GCP (Ghee Corporation of Pakistan)
۾ پبلڪ رليشن آفيسر ۽ پروٽوڪول آفيسر جي نوڪري مشھور اديب
قمر شھباز جي هٿان ملي، جيڪو ان وقت ان ادري جو ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر هيو. ۽ پوءِ هن
گولڊن هينڊ شيڪ ورتو، ڇو جو هن جو گهڻو لاڙو سماجي ڪمن، پبليڪيشن ۽ ادب سان هو،
انھيءَ ڪري ادب سان ناتو جوڙڻ لاءِ ”سنگم پبليڪيشنس“ جي نالي سان پنهنجي گهر ۾ ئي
آفيس ٺاهي ۽ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيائين جيڪو سندس وفات تائين جاري رھيو. هن سنگم
پبليڪيشنس جي پليٽفارم تان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا. سنگم پبليڪيشنس پاران مشھور
صحافي فقير محمد لاشاري، بدر ابڙو، الطاف شيخ، علي احمد بروھي، يوسف شاهين، تاجل
بيوس، شمشير الحيدري، قمر شھباز، ڪلا پرڪاش، خاڪي جويو، سندري اتمچنداڻي، کان علاوه
ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن جا ۲۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايا.
ڪرم
الاھي چنا ڪيتريون ئي ڪھاڻيون، افسانا لکيا ۽ هلال پاڪسان اخبار ۾ ”ڏات جي ڏيھه مان“
نالي سوين ڪالم پڻ لکي چڪو آهي. هن جو علمي ادبي حلقو نھايت ئي وسيع ھيو. سگا
پاران معقد ڪيل ”شاھه سچل سامي“ ڪانفرنس ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين ۽ ھندستاني
اديبن جي مان ۾ سنگم پبليڪيشن جي پليٽفارم تان پروگرام پڻ ڪيائين. وينا شرنگي
پنھنجي ڪتاب ”ڪڇان ته ڪافر“ ۾ سنگم پبليڪيشنس لاءِ الڳ باب لکيو آهي. مذهبي ڪتاب
شايع ڪرڻ سندس شوق رهيو آهي. هن ڪيترائي مذهبي ڪتاب شايع ڪرايا. هن آخري وقت ۾
جناب واحد بخش ڀٽو صاحب جو قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير ”تفسير واحدي“ تيار ڪري
ڇپايو، جيڪو پنج جلدن تي مشتمل آهي ۽ هر هڪ جلد اٽڪل ۱۲۰۰ صفحن تي مشتمل آهي.
سنڌ
گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جو ميمبر رھيو ۽ ۱۹۸۹ع ۾ ”سچ انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ وڏو ڪم ڪيو. ان ڪانفرنس لاءِ سوينيئر ڪاميٽي
۽ ”سچل سارو سچ“ ڪتاب جي ترتيب ۽ سھيڙ ڪندڙ ٽيم جو پڻ ميمبر هئو. ڪرم الاھي چنا جو
سگا جي پبليڪيشنس ۾ وڏو ڪردار رھيو آهي.
جڏھن
سچل ڳوٺ ٺھيو ته پاڻ خاندان سميت گهر ٺاھي اچي آباد ٿيو، جتي پبليڪيشن جو ادارو
سنگم پبليڪيشنس ۽ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ڪيائين. ۱۹۹۱ع ۾ سچل ڳوٺ ۾ تاج محمد وساڻ، سراج الدين ميمڻ، علي انور بالادي، عبدالڪريم
چانڊيو، علي اڪبر مغيري ۽ ٻين سان گڏ سگا شاخ جو بنياد وجهڻ جي شروعات ڪيائين،
جنھن جو ڪنوينر مقرر ٿيو. ۸ آگسٽ ۱۹۹۲ع تي سگا سچل ڳوٺ شاخ قائم ٿيڻ شرط ان جو پھريون صدر چونڊيو ويو. ۸ آگسٽ ۱۹۹۳ع ۾ ئي شاخ قائم ٿيڻ جي ھڪ سال
جي اندر ئي روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ جو بنياد رکيو ويو جنھن جو پھريون چيئرمين
چونڊيو ويو. سندس ئي ڪاوشن سان ڪرائي تي ورتل ھڪ ڪمري ۾ شروع ڪيل روشن تارا اسڪول
جو بعد ۾ پلاٽ وٺي شاندار ٽي منزله عمارت جوڙي ھلائڻ ۾ سندس مرڪزي ڪردار رھيو.
هاڻي وقت بدلجي ويو آهي. انھيءَ دور جا لڳايل ٻوٽا، هاڻي وڏا وڻ بڻجي چڪا آهن.
اسڪول ۾ ھاڻي ۱۵۰۰ کان مٿي ٻار آھن ۽ اسڪول
مينيجمينٽ ۾ ڪرم الاھيءَ جا دوست ويٺا آھن پر انھن سيٽن تي اڄ به ڪرم الاھي چنا جا
ٽھڪ، يادون، محنتون ۽ دوستن کي گڏ ڪرڻ واريون يادون موجود آھن. ڪرم الاھي، سگا سچل
ڳوٺ شاخ جو ۲ دفعا صدر ۽ ۳ دفعا جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن مرڪز ۾ ۴ دفعا سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ ۳ دفعا سيڪريٽري اطلاعات ۽ پبليڪيشن رهيو آهي. سگا سچل ڳوٺ جي قيام يعني ۱۹۹۲ع کان وفات يعني ۲۰۲۵ع
تائين بي ايم سي ۾ لڳاتار چونڊبو آيو. پاڻ پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ جو پڻ ميمبر
رھيو آهي. سگا طرفان سندس خدمتن عيوض ۱۹۹۲ع ۾
کيس چانديءَ جو ٻلو ۽ ۲۰۱۴ع ۾
خان محمد پنھور ٽرافي ڏني وئي. ھو سگا جي پروگرامن خاص ڪري ھر ڪنوينشن ۽ سالياني
پروگرام ۾ شريڪ ٿيندو ھيو. ڊسمبر ۲۰۲۴ع ۾
ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ طبيعت جي ناچاڪيءَ سبب شرڪت ڪري ڪونه سگهيو ۽ مونکي اھو تاڪيد
ڪيائين ته ليڊر (ھو مونکي سيڪريٽري جنرل ھجڻ ڪري ليڊر چئي مخاطب ٿيندو ھيو) مونکي
وڊيو ڪلپ ۽ تصويرون موڪليندو رھجان جيئن اپڊيٽ رھان.
ھو سچل
ڳوٺ جي خدمتگارن ۽ ان جي ترقي وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو رھيو. جڏھن به سچل ڳوٺ
تي ڏکيا ڏينھن ايندا ھيا ته سڀ دوست ڪرم الاھي جي گهر گڏ ٿيندا ھيا، صلاح مصلحت
ڪئي ويندي ھئي. سندس فون، فيڪس مشين ۽ جڏھن ڪمپيوٽر جو دور آيو ته سندس ڪمپيوٽر ۽
انٽرنيٽ استعمال ڪئي ويندي ھئي. ادارن کي خط، اخبارن کي خبرون موڪليون وينديون
ھيون. چانھ، پاڻي ۽ خاطر مدارت ڪرم الاھي خوشي خوشي ڪندو ھيو. سندس ئي ڪاوشن سان
سچل ڳوٺ جي ھڪ وفد ان وقت جي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاھه کان سگا جي سالياني
پروگرام ۾ جيڪو آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيو، سچل ڳوٺ سميت چئن سنڌي وسندين لاءِ ڪراچي واٽر
۽ سيوريج بورڊ کان پيئڻ جي پاڻي جي لائين بغير سيڪيورٽي ڊپازٽ جي منظور ڪرائي.
ڪرم
الاھي تڏي جو سخي ۽ مھمان نواز شخص ھيو، جنھن جو دسترخوان سڄي سنڌ جي سگائي ساٿين
لاءِ حاضر ھوندو ھيو. ھو سگا جو سچو خدمتگار، سچائيءَ سان ڪم ڪندڙ ۽ سگا لاءِ درد
رکندڙ شخصيت ھيو. ھر عيد تي سچل ڳوٺ جي ساڃاھوندن جي مان ۾ دعوت جو اھتمام ڪندو
ھيو، جيڪو لڳ ڀڳ ۲۵ سالن کان جاري ھيو. عيدگاھه ۾
نماز ادا ڪرڻ بعد سڀ دوست سڌو سندس گهر تي پھچندا ھياسين جتي ٽھڪ، ڀاڪر، محبتون،
مذاقون، لطيفا، سچا ۽ کرا، تيز ۽ تُند جملا ٻڌڻ لاءِ ملندا ھيا. ھر دوست بحث جو
حصو ٿيندو ھيو. ھن پنھنجي أولاد نياڻين توڙي پُٽن کي پڻ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏياري
شعور ڏنو ۽ ھو پڻ سندس نقش قدم تي ھلي رھيا آھن.
ڪرم
الاھي چنا ۲۰ جون ۲۰۲۵ع تي ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ۽ کيس سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ جي
قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ سگا جي بانين سان گڏ مرڪزي قيادت، سگا
جي مختلف شاخن جي ساٿين، سچل ڳوٺ جي ڪيترن ئي شخصيتن، صحافين، اديبن ۽ سياستدانن
شرڪت ڪئي.
اڄ ڪرم
الاھي چنا کي اسان سڀ ياد ڪندا رھون ٿا، ڇو ته ٻيو ڪو به ڪرم الاھي جھڙو نٿو ٿي
سگهي. سندس سچي ۽ کري گفتگو، تنقيد جا تير ۽ ھر ڪنھن کي منھن تي سچ چئي ڏيڻ واري
خصلت گهٽ ماڻھن ۾ رھي آھي. ھو سگا جو وفادار ۽ درد دل رکندڙ ميمبر ھيو. منھنجو
محسن ھيو جنھن ادبي دنيا ۽ سماجي ڪمن ۾ منھنجي رھنمائي ڪئي ۽ سگا ۾ عھدي جي آڇ ڪري
زور ڀري وٺي آيو ۽ شاخ جو جنرل سيڪريٽري بڻائڻ ۾ سندس اھم ڪردار ھيو. دعاگو آھيون
ته رب پاڪ کيس جوار رحمت ۾ جڳھه عطا ڪري ... آمين
(ڏھاڙي
عوامي آواز ڪراچيءَ ھلچل حيدرآباد ۾ ۲۰ جون ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
ڪرم الاھي چنا
نامياري ليکڪ ۽ پبلشر جي
پھرين ورسي
اسد ڪيريو.
اڄ
سنڌي ٻوليءَ جي گھڻ گھري، نامياري پبلشر، سنگم پبليڪيشن ڪراچي جي سرواڻ ۽ سنڌ
گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي انتھائي سرگرم اڳواڻ منھنجي سڪرنڊ جي ڳوٺ چوٿون ميل (۲۱-دڌ) ڄائي ڪرم الاھي چنا جي وڇوڙي جي پھرين سار آھي. ڪرم الاھي چنا ۸- آگسٽ ۱۹۵۴ع تي حافظ مير محمد چنا جي گھر
ڳوٺ ۲۱ - دڌ (چوٿون ميل) تعلقي سڪرنڊ
۾ ڄائو، ايم اي جرنلزم ۽ ايم اي انٽرنيشنل رليشن جون ڊگريون رکندڙ ڪرم الاھي چنا
لڳ ڀڳ ۱۹۸۰ع ڌاري لکڻ جي ابتدا ڪئي ھن
ڪراچيءَ ۾ سنگم پبليڪيشن جو بنياد رکي، سون جي تعداد ۾ سنڌ جي برک ليکڪن جا ڪتاب
ڇپرايا، ھن پھريون ڀيرو سنڌ جي عظيم صوفي سگھڙ شاعر حمل فقير جي ادبي ڪانفرنس ۾
پڙھيل مقالن ۽ مضمونن کي ترتيب ڏئي پنھنجي اداري سنگم پبليڪيشن پاران شايع ڪرايو
ڪراچيءَ ۾ رھندي ھن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن لاءِ انتھائي ساراھ جوڳو ڪم ڪيو ۽
سگا جا مختلف اسڪول پڻ ھلايا اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ سندس وڌ کان وڌ ويجھڙائي نواب شاھ
سان تعلق رکندڙ سنڌ جي البيلي ڪھاڻيڪار ۽ شاعر قمر شهباز سان رھي قمر شهباز جا لڳ
ڀڳ سمورا ڪتاب ھن پنھنجي اداري پاران شايع ڪرايا، شخصي طور تي پاڻ انتھائي سادو،
نھٺو ۽ سٻاجهڙو شخص ھو. منھنجي سڪرنڊ جو ھي نرالو ڪردار ڪراچي ۾ سچل ڳوٺ ۾ سنڌ جي
ٻيجل بيدل مسرور جو پاڙيسري ھو، سنڌ جو ناميارو پبلشر ڪرم الاهي چنا اڄ کان ھڪ سال
اڳ اڄوڪي تاريخ ۲۰ - جون ۲۰۲۵ع تي ڪراچيءَ جي مقامي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، ڪراچي سچل ڳوٺ جي
مقامي قبرستان ۾ آسوده خاڪ آھي.
(اسد ڪيريو جي فيسبڪ پوسٽ ۲۰ جون ۲۰۲۶ع تي رکيل)
No comments:
راءِ ڏيندا