موھن لعل نچناڻي
برک تعليمي ماھر جي وڇوڙي
جو ڏينھن.
اسد ڪيريو
اڄ
منھنجي نواب شاھ شھر جي تاريخي تعليمي درسگاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل (ڊي سي) ھاءِ اسڪول
نوابشاھ جي اڳوڻي ھيڊ ماستر ۽ برک تعليمي ماھر سائين موھن لال جي هوڇوڙي جو ڏينهن
آهي. سابقہ ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاھ ۽ موجوده ايڇ ايم خواجا ھاءِ اسڪول نوابشاھ جو
گھڻو عرصو ھيڊ ماستر رھندڙ سائين موھن لال نچناڻي ۵- آڪٽوبر ۱۹۳۶ع تي دادا ھيرانند نچناڻي جي
گھر ڪراچي ۾ ڄائو. بنيادي ٽي درجا ڪراچيءَ ۾ پڙھڻ کانپوءِ ولس برانچ اسڪول نوابشاھ
مان مڊل تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڊي سي ھاء اسڪول نوابشاھ مان ۱۹۵۱ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ڊي سي اسڪول ۾ ئي ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. لڳ ڀڳ ۱۹۵۳ع ڌاري ساڳئي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سائين موھن لال نچناڻي ۱۹۸۱ع ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بڻيو. پر پوءِ سگھو کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول
لائين پار نوابشاھ جو ھيڊ ماسٽر مقرر ڪيو ويو، جتان کيس ۴- نومبر ۱۹۸۱ع تي بدلي ڪري، برک تعليمي ماھر
سائين احمد خان ھيسباڻيء جي رٽائر ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي سي ھاء اسڪول نواب شاھ جو هيڊ
ماستر مقرر ڪيو ويو.
سائين
موھن لال نچناڻي ۱۹۹۲ع ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر
نوابشاھ پڻ ٿي رھيو. منھنجي شھر جي ھن عظيم استاد ۽ تعليمي ماھر ۴- آڪٽوبر ۱۹۹۶ع تي تعليم کاتي مان ريٽائرمينٽ
ورتي، پنھنجي سروس دوران سائين موھن لال نچناڻي اسڪائوٽنگ تحريڪ سان پڻ واڳيل رهيو
۽ بوائز اسڪائوٽ ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي ملڪن جا دورا پڻ ڪيا، نوابشاھ
جي ھن برک تعليمي ماھر اڄ کان ۱۷-- سال
آڳ اڄوڪي تاريخ ۲۶- جون ۲۰۰۹ع تي پرلوڪ پڌاريو، اچو ته پنھنجي عظيم استاد کي سندس وڇوڙي واري ڏينھن تي
ياد ڪريون.
(فيسبڪ پوسٽ ۲۶ جون ۲۰۲۶ع)
No comments:
راءِ ڏيندا