موھن لعل نچناڻي
برک تعليمي ماھر جي وڇوڙي
جو ڏينھن.
اسد ڪيريو
اڄ
منھنجي نواب شاھ شھر جي تاريخي تعليمي درسگاھ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل (ڊي سي) ھاءِ اسڪول
نوابشاھ جي اڳوڻي ھيڊ ماستر ۽ برک تعليمي ماھر سائين موھن لال جي هوڇوڙي جو ڏينهن
آهي. سابقہ ڊي سي ھاءِ اسڪول نوابشاھ ۽ موجوده ايڇ ايم خواجا ھاءِ اسڪول نوابشاھ جو
گھڻو عرصو ھيڊ ماستر رھندڙ سائين موھن لال نچناڻي ۵- آڪٽوبر ۱۹۳۶ع تي دادا ھيرانند نچناڻي جي
گھر ڪراچي ۾ ڄائو. بنيادي ٽي درجا ڪراچيءَ ۾ پڙھڻ کانپوءِ ولس برانچ اسڪول نوابشاھ
مان مڊل تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڊي سي ھاء اسڪول نوابشاھ مان ۱۹۵۱ع ڌاري مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ڊي سي اسڪول ۾ ئي ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. لڳ ڀڳ ۱۹۵۳ع ڌاري ساڳئي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. سائين موھن لال نچناڻي ۱۹۸۱ع ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بڻيو. پر پوءِ سگھو کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول
لائين پار نوابشاھ جو ھيڊ ماسٽر مقرر ڪيو ويو، جتان کيس ۴- نومبر ۱۹۸۱ع تي بدلي ڪري، برک تعليمي ماھر
سائين احمد خان ھيسباڻيء جي رٽائر ٿيڻ جي صورت ۾ ڊي سي ھاء اسڪول نواب شاھ جو هيڊ
ماستر مقرر ڪيو ويو.