; سنڌي شخصيتون: February 2014

20 February, 2014

استاد نور محمد ڏگو - ناصر قاضي

استاد نور محمد ڏگو
سازن ۾ ساهه وجھندڙ
ناصر قاضي
مهراڻ جون موجون جڏهن سکر شهر مان لبِ مهراڻ وٽان گذرنديون آهن، تڏهن سکر بئراج جا ڇاهٺ ئي دروازا سنڌوءَ جي هر سير کي انتهائي ادب وچان پرنام ڪندا آهن. ڀاڳوند آهي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو هيءُ شهر، جنهن شهر کي سنڌوءَ جي سير جو سڌو سنئون نظارو نصيب ٿيو. مٿان وري مير معصوم شاهه بکريءَ جو آسمان سان ڪچهريون ڪندڙ اوچو منارو ڄڻ ته هن شهر جي قدآور شخصيتن جي ڪردار ۽ قد ڪاٺ جي چٽي پٽي ثابتي ڏيندو هجي. ساڳئي مناري ڀرسان سيدن واري پاڙي ۾ آباد سر ۽ سنگيت سان سلهاڙيل خاندان جون سنڌي موسيقيءَ جي ميدان ۾ قدر لائق خدمتون سرانجام ڏنل آهن. سنڌ جي معياري موسيقار استاد محترم غلام علي عبدالطيف جو تعلق پڻ هن ئي خاندان سان هو.

15 February, 2014

لائق ٿيٻو عرف لائق سنڌي

جيءَ ۾ جادو جاڳائڻ وارو شخص

حسن مجتبيٰ 
هُو شهر ۾ سڀني کان پهرين پهچڻ وارو شخص هوندو هو. اخبار وارن کان به پهرين، باک سمي کير کڻي ايندڙ گهوڙي گاڏين کان به پهريان... هو صبح جي پهرين جهونڪي جيان هو. ائين لڳندو هو ته هو رات جي پُڄاڻي ڪري صبح جو سوجهرو ڪرڻ وارو شخص هو.

14 February, 2014

مير غلام محمد خان ٽالپر - ڀون سنڌي

مير غلام محمد خان ٽالپر
علم کي آجپو سمجهندڙ انسان
ڀون سنڌي
هِي ايڪويهين صدي آهي. علم جي روشنيءَ جي صدي ۽ سائنس جي ترقيءَ جي صدي، جنهن جي طفيل انسانذات جديد سهولتن ۽ آسائشن طرف وڌي رهي آهي. اسان کي پنهنجي سَپنن جي ساڀيان ۽ روشن آئيندو ويجهو نظر اچي رهيو آهي ۽ هِي ايڪويهين صديءَ جي سنڌ آهي، جتي اڪثر علائقن ۾ علمي درسگاهن کي تالا لڳل آهن يا مال جا واڙا ٺهيل آهن، ته وري ڪٿي وڏيرن جا نِجي اوتارا بڻيل آهن. هِي ادارا جتان علم جي روشني ڦهلجڻ گهرجي، جهالت خلاف جنگ ٿيڻ گهرجي ۽ دانش جي باکَ ڦُٽڻ گهرجي، انهن تعليمي ادارن جو ڪنهن جاهل يا اڻپڙهيل نه پر انهن اسيمبليءَ ۾ پهتل سٺي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڊگري يافته وڏيرن ۽ ملڪ جي اعليٰ يونيورسٽين مان پڙهيل ڪامورن ئي تعليم جا حال هِيڻا ڪيا آهن. آئون ڪجهه وقت لاءِ ويهين صديءَ جي اوائلي ڏهاڪن ۾ جهاتي پايان ٿو ته، ان وقت جي سنڌ ۾ نه ڪي تعليم جا بهتر ذريعا آهن ۽ نه ئي ڪي ترقيءَ جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا ۽ خصوصن لاڙ، جيڪو جاگرافيءَ جي لحاظ کان پوڇڙ ۾ اچي ٿو، اُن ۾ جهالت به ٻين علائقن جي نسبت سَرس نظر اچي ٿي. تڏهن هڪ شخص جيڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ مان تعليم يافته به ناهي پر مڪتب مان ٻه چار اکر پڙهيل آهي، اهو جهالت خلاف جنگ جوٽيندي 1920ع ۾ پنهنجي هَڙان وَڙان خرچ ڪري لاڙَ جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي ۽ پُٺتي پيل شهرن ۾ اسڪول کولي ٿو. چوريون ڪرائڻ، ڌاڙا هڻائڻ، سنڌ جي وڏيري جو هڪڙو اهو روپ، جيڪو سنڌ صدين کان ڏٺو آهي ۽ ٻيو مير غلام محمد خان ٽالپر  جي روپ ۾، جيڪو هو ته مٿئين طبقي جو ماڻهو، پر هن پنهنجي دل ۾ هميشه غريبن ۽ مصيبت ۾ ماريل ماڻهن جو درد رکيو ۽ پنهنجي اندر ۾ علم جي جوت کي اُجهامڻ نه ڏنو.

مصري جوڳي - خالد ڪنڀار

مصري جوڳي
جرمن جرڪا کي تحفي ۾ واسينگ نانگ ڏيندڙ
خالد ڪنڀار
هو پنهنجي ڪڙم قبيلي جا اُبتا پيرا وڃي گوگي چوهاڻ واري ڪڙم ۾ کُٽائي ٿو. هو چوي ٿو ته، جوڳين ۾ به اسان جي نک چوهاڻ آهي. انهيءَ ڪري اسان جو بڻياد اُتان ئي اُٿيو آهي. هِي مصري جوڳي وهري وارو جيڪو عمرڪوٽ سان لڳو لڳ ويٺو آهي، اهو چڀڙ فقير جو ڏوهٽو آهي. اهو چڀڙ فقير جنهن نواب ولي محمد سان حيدرآباد واري راڻي باغ ۾ مقابلو ڪيو هو. جڏهن ذات جوڳي اچي راڻي باغ ۾ گڏ ٿي هئي. اهو مقابلو ته چڀڙ فقير هارايو هو پر اتي نواب کي ڏنل جوڳيءَ جي سراپ جو ڌڪ نواب به پچائي ڪو نه سگهيو هو ۽ پوءِ سگهو ئي نانگ وٽان ڪکجي پرلوڪ پڌاري ويو.

10 February, 2014

استاد محمد جمن

استاد محمد جمن
سنگيت جي ساز، آواز ۽ سوز جو ڏات ڌڻي
ناصر قاضي
ننڍي کنڊ جو ناميارو براڊڪاسٽر زيڊ اي بخاري (ذوالفقار علي بخاري) هڪ براڊڪاسٽر هجڻ سان گڏ، شاعري توڙي صداڪاريءَ کانسواءِ مَ ڄاڻ ڪيترين ئي انيڪ خوبين سان مالامال هو، ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱي وقت ريڊيو پاڪستان جو پهريون ڊائريڪٽر جنرل به کيس ئي مقرر ڪيو ويو. ورهاڱي کان ٺيڪ هڪ سال بعد ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي جڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو وجود عمل ۾ آيو، تڏهن اها ريڊيو اسٽيشن به يقيناً بخاري صاحب جي سرواڻيءَ ۾ هلڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ ڪلفٽن تي موسيقيءَ جو هڪ پروگرام منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌي لوڪ ڳائڻن جي هڪ جوڙ کي ٻڌو، ان جوڙ ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ هڪ تيرنهن سالن جو ٻالڪ بانسري نواز پڻ هو، جنهن جي ننڍڙي عمر باوجود مترنم انداز ۾ وڄايل بانسري برصغير جي هيڏي وڏي قدآوار براڊڪاسٽر کي موهي وڌو ۽ زيڊ- اي بخاري ان ننڍڙي بانسري نواز کي گھر وڃڻ بجاءِ ريڊيو اسٽيشن تي وٺي ويو، جتي هن اسٽوڊيو ۾ کائنس آڊيشن ورتو. ان آڊيشن ۾ ان ننڍڙي ٻالڪ لطيف سائين جي راڳڻي ڪوهياريءَ جا آلاپ پنهنجي بانسريءَ ۾ وڄايا. نتيجي ۾ زيڊ اي بخاري صاحب ان ٻار جي بانسريءَ مان ايتري قدر متاثر ٿيو، جو کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ هڪ بانسري نواز جي حيثيت سان اسٽاف آرٽسٽ طور نوڪري ڏئي ڇڏيائين. اڳتي هلي اهو ننڍڙو ٻالڪ بانسري نواز سنڌ جو عظيم ڪلاڪار ۽ موسيقار ثابت ٿيو، جنهن کي اڄ به دنيا استاد محمد جمن جي نانءَ سان ياد ڪري ٿي.

استاد فتح الدين سومرو ”بيدار“ مورائي - پروفيسر شمشاد سومرو

استاد فتح الدين سومرو ”بيدار“ مورائي
پروفيسر شمشاد سومرو
سونهاري سنڌڙيءَ جي سندر شهر ”مورو“ کي اهو اعزاز آهي ته هن هر دور ۾ علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي طور پاڻ ملهايو آهي. هن پنهنجي ڪک مان اهڙن انمول هيرن کي جنم ڏنو آهي جن سنڌ ته ڇا پر پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر پاڻ موکيو آهي. سياسي ميدان هجي يا ادبي، علمي ميدان جي يا سماجي، مطلب ته انهن گوهرن پنهنجو نانءُ نروار ڪيو آهي. علم ۽ ادب جي آبياري ڪندي هتي قاضي عبدالخالق ”خليق مورائي“ جو نالو سرفهرست ملندو، جڏهن ته ٻين هيرن ۾ ناصر مورائي، راشد مورائي، پروفيسر نذير قاضي، قاضي محمد علي، ”اختر مورائي“، فتح الدين ”بيدار مورائي“ ۽ ٻين جنم ورتو آهي. موجوده نئين ٽهيءَ ۾ ايترا بهترين نالا آهن جن جي لسٽ طويل آهي جن تحقيق، تخليق، ناول، افساني، شاعريءَ ۽ ادب جي ٻين صنفن ۾ جڳ مشهوري ماڻي آهي.

فقير معشوق علي مستانو - ناصر قاضي

فقير معشوق علي مستانو
درويش صفت راڳي
ناصر قاضي
فقير معشوق علي مستاني ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ قائم خان وڌو ۾ 1966ع ڌاري محترم بهار علي وڌي جي آڳر ۾ عالم ارواح جا ننڊاکا نيڻ کولي، دنيا جو ديدار ڪيو. هن فقير به هڪ فقراهي ماحول ۾ اکيون کوليون. ڇاڪاڻ ته سندس والدين جو سيد وريل شاهه جي درگاهه سان عقيدت جو ناتو هوندو هو. فقير معشوق علي مستاني مقامي سطح تي مڊل تائين تدريسي تعليم حاصل ڪئي. هي فقير جڏهن ننڍو هوندو هو، تڏهن کان سندن ڳوٺ ۾ پنهنجي وقت جي ڪلاسيڪل گائيڪ ۽ صوفي درويش سيد سڪندر علي شاهه جو آستانو هوندو هو، جنهن آستاني تي ڪلاسيڪل راڳ جون محفلون توڙي فقراهي راڳ ويراڳ ڪثرت سان ٿيندو رهندو هو. فقير معشوق عليءَ جو روح ته ننڍپڻ کان ئي تصوف طرف مائل هو، جنهنڪري  تصوف جهڙي آفاقي اڃ کي اجھائڻ لاءِ ساڳئي آستاني تي ايندو ويندو هو ۽ فقراهي محفلن ۾ شرڪت سبب آهستي آهستي پاڻ به راڳ طرف راغب ٿيڻ لڳو. اڳتي هلي عملي طور تي به فقير معشوق علي مستاني، سيد سڪندر علي شاهه صاحب کي ئي پنهنجو سنگيت جو سونهون تسليم ڪندي کانئس رسمي طور تي ڳانو ٻڌرايو. فقير معشوق علي ساڳئي وقت سيد سڪندر علي شاهه جي ڀائرن سيد مور علي شاهه ۽ سيد منور علي شاهه جن جو پڻ صحبتي ۽ محبتي رهيو.

02 February, 2014

قاضي قدوس - نواز ڪنڀر

قاضي قدوس
ڪوئلي جي کاڻين جو ماهر
نواز ڪنڀر
سنڌ ۾ ڪوئلي جي توڙي ٻين کاڻين جي، ناليواري ماهر قاضي عبدالقدوس راڄڙ جو وڇوڙو ان وقت ٿيو آهي، جڏهن ٿر جي ڪوئلي جي ڪم جو هجڻ يا نه هجڻ بابت بحث زورن تي آهي. قاضي صاحب جون نه صرف ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي کاڻيون هيون، بلڪ پاڻ ٿر واري ڪوئلي جي پھرين ليز حاصل ڪرڻ وارن منجھان به هو. ڪاش اڄ قاضي صاحب حياتي هجن ها، ته ٿر جي ڪوئلي جو ڪيس ضرور وڌيڪ مضبوط هجي ها ۽ سنڌ وٽ ڪوئلي جي حوالي سان وڌيڪ وزندار دليل هجن ها.