; سنڌي شخصيتون: مير غلام محمد خان ٽالپر - ڀون سنڌي

14 February, 2014

مير غلام محمد خان ٽالپر - ڀون سنڌي

مير غلام محمد خان ٽالپر
علم کي آجپو سمجهندڙ انسان
ڀون سنڌي
هِي ايڪويهين صدي آهي. علم جي روشنيءَ جي صدي ۽ سائنس جي ترقيءَ جي صدي، جنهن جي طفيل انسانذات جديد سهولتن ۽ آسائشن طرف وڌي رهي آهي. اسان کي پنهنجي سَپنن جي ساڀيان ۽ روشن آئيندو ويجهو نظر اچي رهيو آهي ۽ هِي ايڪويهين صديءَ جي سنڌ آهي، جتي اڪثر علائقن ۾ علمي درسگاهن کي تالا لڳل آهن يا مال جا واڙا ٺهيل آهن، ته وري ڪٿي وڏيرن جا نِجي اوتارا بڻيل آهن. هِي ادارا جتان علم جي روشني ڦهلجڻ گهرجي، جهالت خلاف جنگ ٿيڻ گهرجي ۽ دانش جي باکَ ڦُٽڻ گهرجي، انهن تعليمي ادارن جو ڪنهن جاهل يا اڻپڙهيل نه پر انهن اسيمبليءَ ۾ پهتل سٺي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڊگري يافته وڏيرن ۽ ملڪ جي اعليٰ يونيورسٽين مان پڙهيل ڪامورن ئي تعليم جا حال هِيڻا ڪيا آهن. آئون ڪجهه وقت لاءِ ويهين صديءَ جي اوائلي ڏهاڪن ۾ جهاتي پايان ٿو ته، ان وقت جي سنڌ ۾ نه ڪي تعليم جا بهتر ذريعا آهن ۽ نه ئي ڪي ترقيءَ جا اهڃاڻ نظر اچن ٿا ۽ خصوصن لاڙ، جيڪو جاگرافيءَ جي لحاظ کان پوڇڙ ۾ اچي ٿو، اُن ۾ جهالت به ٻين علائقن جي نسبت سَرس نظر اچي ٿي. تڏهن هڪ شخص جيڪو ڪنهن يونيورسٽيءَ مان تعليم يافته به ناهي پر مڪتب مان ٻه چار اکر پڙهيل آهي، اهو جهالت خلاف جنگ جوٽيندي 1920ع ۾ پنهنجي هَڙان وَڙان خرچ ڪري لاڙَ جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي ۽ پُٺتي پيل شهرن ۾ اسڪول کولي ٿو. چوريون ڪرائڻ، ڌاڙا هڻائڻ، سنڌ جي وڏيري جو هڪڙو اهو روپ، جيڪو سنڌ صدين کان ڏٺو آهي ۽ ٻيو مير غلام محمد خان ٽالپر  جي روپ ۾، جيڪو هو ته مٿئين طبقي جو ماڻهو، پر هن پنهنجي دل ۾ هميشه غريبن ۽ مصيبت ۾ ماريل ماڻهن جو درد رکيو ۽ پنهنجي اندر ۾ علم جي جوت کي اُجهامڻ نه ڏنو.


لاڙ جي هن سخي مرد انسان، جنهن کي هتي جا ماڻهو لاڏَ مان لاڙ جو اَبو چوندا آهن. ان وقت جي ڏيڍ لک روپين سان هن تاريخي اسڪول جي عمارت ٺهرائي. نه فقط ايترو پر هن اسڪول جي هاسٽل لاءِ اڍائي لک روپيا پڻ بئنڪ ۾ رکيا، جنهن مان اُن وقت به شاگردن کي مفت ۾ رهائش ۽ ماني ملندي هئي ۽ هاڻ به ملندي رهي ٿي. هن وقت به شهرن ۾ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون انتهائي تنگ ۽ محدود عمارتن ۾ نظر اينديون پر مير صاحب ان وقت ۾، جڏهن شاگردن جو تعداد به محدود هو ۽ ايڏو تعليمي شعور ۽ رجحان به نه هو. هڪ وڏو عاليشان اسڪول، جنهن ۾ لاتعداد ڪمرا، سائنس هال، ڊرائنگ هال، وڏو هاسٽل، استادن ۽ هيڊ ماستر جي رهائش ۽ ڪشادو ڊائننگ هال ٺهرايو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت سئو کان مٿي شاگرد ماني کائي سگهن. مير غلام محمد خان ٽالپر نه صرف شاگردن لاءِ مفت تعليم مهيا ڪئي، پر ان سان گڏوگڏ ذهين ۽ مسڪين شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جو به انتظام ڪندو هو. مير صاحب جي وظيفي مان مُستفيد ٿيندڙن ۾ ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو ۽ قادر بخش خاصخيلي پڻ شامل هئا. هن جتي مردن جي تعليم تي ڌيان ڏنو، اُتي نياڻين لاءِ پڻ اسڪول ۽ هُنري گهر قائم ڪيائين. نه صرف هن تعليم جي مد ۾ پاڻ موکيو پر مسڪين ماڻهن جي صحت ۽ علاج جي معاملي ۾ به پاڻ ملهايو. هن ٽنڊي باگي شهر ۾ نه صرف زناني اسپتال قائم ڪئي، جنهن ۾ مفت مشورو ۽ دوائون ملنديون هيون پر هڪ گشتي دواخانو به کوليو، جيڪو ماڻهن کي سندن تَڏي تي مفت طبي سهولتون مهيا ڪندو هو. ان کان سواءِ هو اپاهج ۽ ضرورتمند ماڻهن جي پڻ هَڙان وَڙان مالي سهائتا ڪندو هو. سنڌ جو عظيم رهبر سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيل مضمون ”ملڪ ۾ مير گهڻا پر غلام محمد خان پنهنجو مٽ پاڻ هو“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌ جا اڪثر زميندار پئسي وڌي وڃڻ بعد معتبري حاصل ڪرڻ لاءِ انکي صرف ڪندا هئا. ليڪن ڌڻي تعالى مير صاحب جي دل انساني درد سان ڀريل رکي هئي، جنهن ڪري پئسي جو مصرف خلق خدا جي ڀلي لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيائين“.
سائين جي ايم سيد جو ساٿي، سنڌ جو ارڏو ۽ بيباڪ سياستدان محترم حفيظ قريشي به هن اسڪول ۾ پڙهيو. مون جڏهن کيس مير غلام محمد خان ٽالپر جي زندگيءَ تي مئگزين لاءِ مضمون جي گذارش ڪئي، ته هن وراڻيو ته، ڪڏهن وقت ڪڍي اچ ته ويهي توکي اسڪول ۾ گهاريل گهڙين جو احوال ٻڌايان. باقي مضمون ۾ اهي ڳالهيون نٿيون سمائي سگهجن ۽ پوءِ هڪ ڏينهن آئون وٽس گهر هليو ويس. هو اسڪول جي زماني جون ساروڻيون بيان ڪندو رهيو. مونکي لڳو ته، سندس اسڪول ۾ گهاريل هر پل هن لاءِ بي بها خزانو هو. هن ڪئين احوال ڪيا ۽ واقعا ٻڌايا. هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي چيائين ته، ”هڪ دفعي ٻنپهرن جو ٻوڙ جي ديڳ مان مک نڪتي، شاگردن کائڻ کان انڪار ڪيو. هيڊ ماستر شاگردن کي ڏوهي قرار ڏيندي مير صاحب کي چيو ته، ڇوڪرن جو من وڌي ويو آهي. گهر ۾ لسي به ڪانه ٿي ملين ۽ هتي خيراتي مانيءَ تي وٺي گوڙ ڪيو اٿن. ٻوڙ مان مک نڪتي ته ڇا ٿي پيو؟ مير صاحب چيو ته، ”قوم جو مان وڌائڻ لاءِ شاگردن کي اڳتي وڌائڻ ۽ سندن گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن. توهان شاگردن کي ٻي ديڳ رڌائي ڏيو.“ هڪ ٻيو واقعو بيان ڪندي ٻڌايائين ته: ”اسان جي اُستاد لکي ملڪاڻي ٻڌايو ته، تازو ٽنڊي باگي ۾ نئين نوڪري ملي. مير صاحب سان ملڻ لاءِ ويس. ٻاهر مَنجيءَ تي ويٺو هو. سنڌي جُتي، ڪَپڙ جا ڪپڙا، کانئس مير صاحب جو پڇيم. هن هڪدم ٻئي ماڻهوءَ کي اشارو ڪري بنگلي مان هڪڙي عمده ڪرسي گهرائي مونکي ويهڻ لاءِ چيو، جنهن کي مون ڳوٺاڻو سمجهيو هو، تنهن لاءِ پوءِ معلوم ٿيو ته، هو مير صاحب پاڻ هو“.
مير باگو خان (ٽنڊي باگي شهر جو اَڏيندڙ) جنهن رياستي اقتدار، ڪاروهنوار ۽ مال ملڪيت کي ٺُڪرائي سونيتي (جيڪا پنهنجي سُونهن ۽  سوڀيا جي ڪري اڳتي هلي تاريخ ۾ سنڌ راڻيءَ جي نالي سان مشهور ٿي) سان پيار جا پيچ اَڙايا ۽ عشق جي آبياري ڪندي سچي عاشق طور پاڻ ملهايو، ته اُتي وري ان جي پڙ پوٽي مير غلام محمد خان ٽالپر جهالت سان جنگ جوٽيندي عِلم جو جَهنڊو بُلند ڪيو ۽ پنهنجي سُڃاڻپ هڪ علم جي همدرد ۽ اٻوجهن جي هڪ هڏ ڏوکيءَ طور ڪرائي. علم جي جَهنڊي جُهولائڻ ۽ روشنيءَ کي گهر گهر ڦهلائڻ ۾ مشهور اُستاد، اديب شاعر محمد صديق مسافر سندس ٻانهه ٻيلي رهيو. محمد صديق مسافر مير صاحب سان گڏجي هن خطي مان جهالت کي تَڙڻ لاءِ پوري سگهه سان محنت ڪئي ۽ تعليم جي ڀلائيءَ لاءِ اسڪول  سان توڙ تائين ناتو نڀايو. شايد اها مير صاحب جي علم لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيت هئي، جنهن ايڇ ايم خواجه (مشهور تعليمي ماهر) تي شاگرديءَ جي زماني کان ايترا ته گهرا اثر ڇڏيا، جو هن شخص مير صاحب جي زندگيءَ تي عمل ڪندي نوابشاهه ۾ عِلم جي ائين آبياري ڪئي، جيئن مالهي باغ جي ڪندو آهي. مير صاحب نه ته ڪو ارسطو هو ۽ نه ئي ڪو وڏو فلاسافر، نه ئي تعليمي ماهر يا محقق. هو متڪب مان ٻه ٽي اکر مس پڙهيو هو پر هن جو صاف ۽ شفاف ڪردار ۽ عِلم سان پاڻ ارپڻ جو جذبو ايڏو ته وڏو هو، جو هن جو ڳاڻيٽو سچائي ۽ خدمتن جي ڪتاب ۾ هميشه سرِ فهرست رهندو. هن علم جي ايڏي خدمت ڪئي، جيڏي محقق به ڪري نه سگهيا. لاڙَ جو پسمانده خطو، جنهن جو هِي روشنيءَ جو مِينار اسڪول ماڻهن کي ملڪ جي ڏورانهن حصن کان ڇِڪي پاڻ ڏانهن وٺي ايندو هو. ويهين صديءَ جي اوائلي دور جو هِي اسڪول جنهن جي عمارت، سهولتون ۽ تعليمي معيار ايڪويهين صديءَ جي روشن ۽ سُجاڳ شعور  جي عڪاسي ڪندي هئي.

ان خطي جي تعليم اڄ ڪٿي بيٺل آهي؟ اسڪول ته موجود آهن پر علم ۽ ذهانت ڪٿي آهي. پيغمبري پيشي جي دعوى ڪندڙ اُستادن جي قابليت تي اڄ آڱريون کڄن ٿيون. مستقبل جا مَسيحا جهالت جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسندا ٿا وڃن. مسافر کي وِساري، ڌرتيءَ جي دِلربا ڪردارن کي آفاقي گهاڙيٽن ۾ اوتيندڙ شاعر خليفي نبي بخش کي اسان ڇا ننڊ سُمهاريو آهي، اسان پاڻ به اگهور ننڊ ۾ سُمهي پيا آهيون. اچو ته وقت تان چادر لاهيون، تاريخ جا پَنا اُٿلايون، بند دفتر کوليون، من جي اونداهه کي مِٽائي اندر اُجاريون ۽ مير غلام محمد خان ٽالپر جي ڪردار کي مثال بڻايون. مسافر جي ٻولن ۾ سَڏ ملايون، ڪو ته خليفي جو ڪيڏارو گُونجي، لاڙ جي هِيرَ گُهلي پوي، سنڌو وري وَهي هلي، ڪَلا ۽ جَلا جي جوت جڳ جڳ جلي.

No comments:

راءِ ڏيندا