مصري جوڳي
جرمن جرڪا کي تحفي ۾ واسينگ نانگ ڏيندڙ
خالد ڪنڀار
هو پنهنجي ڪڙم قبيلي جا اُبتا پيرا وڃي گوگي چوهاڻ واري ڪڙم ۾ کُٽائي
ٿو. هو چوي ٿو ته، جوڳين ۾ به اسان جي نک چوهاڻ آهي. انهيءَ ڪري اسان جو بڻياد اُتان
ئي اُٿيو آهي. هِي مصري جوڳي وهري وارو جيڪو عمرڪوٽ سان لڳو لڳ ويٺو آهي، اهو چڀڙ فقير
جو ڏوهٽو آهي. اهو چڀڙ فقير جنهن نواب ولي محمد سان حيدرآباد واري راڻي باغ ۾ مقابلو
ڪيو هو. جڏهن ذات جوڳي اچي راڻي باغ ۾ گڏ ٿي هئي. اهو مقابلو ته چڀڙ فقير هارايو هو
پر اتي نواب کي ڏنل جوڳيءَ جي سراپ جو ڌڪ نواب به پچائي ڪو نه سگهيو هو ۽ پوءِ سگهو
ئي نانگ وٽان ڪکجي پرلوڪ پڌاري ويو.
انهيءَ چڀڙ فقير جي ڏوهٽي هن اسان واري فقير مصري جوڳيءَ جي مُرليءَ جي
لهرن وڃي لَنڊن جي گورين جي دِل گرمائي هئي. جپان ۽ جرمنيءَ جي اپسرائن مُرلي وڄائڻ
واري ڪوشش به ڪئي هئي. هو جوڳي ته آهي، انهيءَ ڪري ڄمندي ئي سندس والد مٺو فقير جي
مُرليءَ جا لهرا هن جي ڪنن تي پيا. انهيءَ مُرليءَ جي لهرن هن کي هيستائين ڏيساور جا
ٻارنهن ملڪ گهمايا آهن.
هِي به هر جوڳيءَ وانگر مُرلي ٺاهي به پاڻ ۽ وڄائي به پاڻ. کاري ”ڪدو“
مان ٺهندڙ مُرلي، جنهن جي منهن وٽان اڪ جون به سڌيون ڪاٺيون لڳل هونديون آهن، سو اڪ
به آهي ته کارو، اڪ جون ڪاٺيون اندران صاف ڪري جنهن ۾ سوراخ ته آمون سامهون هوندا ئي
آهن. انهيءَ جي مٿان وري هڪڙي ڪاٺيءَ ۾ اَٺَ سوراخ ڪري ۽ ٻئي ۾ ٻه سوراخ ڪبا آهن. جنهن
کي پيرڙا چئبو آهي. جنهن مان هڪڙي کي نر ۽ ٻي کي وري مادي چئبو آهي. انهن جي اندر وري
سر مان اصلي ڪنگور لڳايو ويندو آهي. انهيءَ ڪنگور ۾ سڄي ڪاريگري رکبي آهي، جيڪو جوڳي
فقيرن کي ئي خبر آهي. اهي ڪنگور ميڻ سان قابو ڪبا آهن. مُرلي سموري ميڻ سان قابو ڪبي
آهي. پوءِ بس مادي واري اڪ جي ڪاٺي ۾ سُر هوندا ۽ نر ۾ لهرا. جڏهن ڪنهن جوڳيءَ جو ٻچڙو
انهيءَ تي ساهه سڪائڻ لڳندو آهي ۽ ساهه سڪي ويندو آهي، ته سڄي ڏيري تي واهه واهه ٿي
ويندي آهي. مُرليءَ ۾ ساهه سڪڻ کانپوءِ پهرئين صدا ۽ پوءِ لهرا آهن.
مصري چوي ٿو؛ ”گهڻا جوڳي لهرن تي بس ڪندا آهن، اڳتي جو پنڌ هنن جي هٿ
وس ناهي. اصيل بس صدا تي مستان ٿي جهومندو آهي، سو انهيءَ تي جوڳين جو گذرسفر ٿيو وڃي.
اڳتي اهو لهندو، جنهن جي دل ۾ مُرليءَ جا لهرا سينگهڙيون ڪندا.“
اڳتي ته بس ماديءَ کي ڪڍي ڇڏڻو آهي، نر هلي ٿو مادي پوئتي ٿي رهجي وڃي.
اهو سفر ڪي ڪي جوڳي ڪندا آهن. نر ۽ ماديءَ وارو گڏيل سفر ته هر ڪو جوڳي ڪري ٿو. سو
مصري فقير انهيءَ کان اڳتي جو سفر ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته، ٻيا جوڳي مُرليءَ سان مُرلي
سُر ملائي وڄائيندا آهن. پاڻ ته پهرئين کان باجي سان سُر ملائي مُرليءَ کي وڄائڻ سکيو.
هن جي پهرئين اُستاد اڪيلائي هئي. جڏهن هو ننڍڙو هو، ته جوڳين جي ڏيري ۾ ويهي مُرلي
وڄائڻ بدران اڪيلو ڀِٽن تي نڪري ويندو هو. مٺو فقير جي مُرليءَ تي ساهه سڪائيندو ۽
دم ماريندو هو. ائين زندگيءَ جا پهريان ۲۲ سال پنهنجي لڏيندڙ قبيلي جي گڏهن تي نگر
نگر رولاڪيون ڪيون پر انهن ۲۲ سالن ۾ هن جو عشق مُرليءَ سان رهيو. صدا ۽ لهرن کان گهڻو
اڳتي نڪري ويو. وڃي سُرن ۾ پيو ۽ مادي ڪڍي رڳو نر جي پيرڙن تي آڱريون سوريائين. سُرن
جي پهرئين سکيا پنهنجي پِيءُ مٺو فقير کان ئي ورتائين پر هن گرناري کي ڌاڳو ٻڌي چيلو
وري به استاد منظور علي خان ئي ڪيو. پورا چوڏنهن سال استاد منظور علي خان وٽ ئي هي
جوڳي فقير رهيو. اتان ئي هن مُرليءَ تي ڪلاسيڪل ڌُنون وڄائڻ سکيون. استاد ڌاڳو ٻڌي
سيکاري روانو ڪيو، ته بس پوءِ ڏيرو گڏهن تي کڻي بکيا ڇڏائڻ ۽ پنڻ واري ڪم کي پٺ ڏئي
وڃي گَوين سان گڏيو. پوءِ عابده پروين، اُستاد محمد جمن، اُستاد محمد يوسف ۽ الائي
ته ڪيترن راڳين جي راڳ کي مُرليءَ جي لهرن ۾ سمايائين. مصري جوڳي اڄ به جڏهن هن لنڊن
جي گوريءَ جو ذِڪر ڪري ٿو، ته هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي ٿي، جنهن هن ٿرئي جوڳيءَ
کي پاڻ سان گڏ رڳو انهيءَ ڪري رهڻ لاءِ منٿون ڪيون هيون، جو مُرليءَ جي سُرن تي هن
کي نانگڻ ٿيڻو هو. ۽ اها جرمن جرڪا، جيڪا نانگن جي شهشاهه هئي. اها جڏهن سنڌ آئي، جنهن
کي مصريءَ ڪارو اصيل واسينگ تحفي ۾ ڏنو هو. انهيءَ اڳيان جڏهن هن مرشد لطيف جي وائي
ڳائي هئي، ته اها گوري مُرليءَ جي سُرن تي جُهومي پئي هئي ۽ هن کان اُستادي وٺڻ لاءِ
آزيون ڪيون هئائين. هن جوڳيءَ وٽ ڪيترن ئي گورن ۽ گورين جا قصا آهن، جيڪي کيس مُرليءَ
جي داد ۾ مليا، جيڪي هن جوڳي فقير جي دل جي مُوڙي هجڻ ته کپن پر هن کي هيستائين ڪيترن
ئي ملڪن ۾ ايوارڊ ۽ گولڊ ميڊل به مليا آهن. ويندي هن کي پاڻ واري ملڪ مان ۲۳ مارچ ۲۰۱۳ع
۾ صدارتي ايورڊ به مليو آهي. هِي مُرليءَ واري ڌنن وڄائڻ تائين ناهي رهيو پر نانگ بلا
جي به هن کي پوري خبر آهي.
اصيل ۽ گڍي مان به سمجهي. ”اصيل جي مادي،“ مصري چئي ٿو ته، ”وڌ ۾ وڌ ٽي
يا چار ٻچا ڏيندي آهي. انهيءَ مان به بچندا هڪ يا ٻه، گڍي جي مادي وري اصيل جي ڳولا
۾ هوندي آهي.“
مصري چوي ٿو ته؛ ”سمورو جهنگ نانگ ئي نانگ هجي.“
اهو ئي مصري جوڳي گهوڙيال کي پنهنجي نڪ مان وجهي وات مان ٻاهر ڪڍي ٿو.
انهيءَ لاءِ هن جو چوڻ اهو آهي ته؛ ”ساهِي پچائڻي ٿي پوي.“
بس مصري ته اڄ به اصيل کي پنهنجي ٻچي وانگر کٽ تي گڏ سمهاري ٿو. دنيا
جهان رُلندڙ هِيءُ جوڳي، جڏهن مُرلي وڄائيندو آهي، ته هن جو سهڻو پٽ، مور-ناچ ۾، اصيل
جو روپ ڌاري، هن جي اڳيان هٿن سان ڦڻ ٺاهيندو آهي، توڙي جو هو رنگ جو اصيل ناهي. اڳ
۾ اها ڊانس هن جو پٽ حاڪم ڪندو هو. هي پنهنجي چئني پٽن کي پنهنجو سنگ سمجهي ٿو.
اقبال جوڳي، جيڪو هن کان اڳ ۾ مُرلي باجي تي وڄائيندو هو مصري تنھن
لاءِ چوي ٿو ته؛ ”منهنجي مُرلي اقبال مقابلي ۾ نه وڄائي سگهيو. سندس آئون وڄائي ويس.
هن جي مُرليءَ ۾ نر مادي ٻئي هئا ۽ منهنجي ۾ صرف نر هو.“
هن شمن جوڳيءَ کي، جيڪو ذات جو ڀٽو هو، به چيو هو ته؛ ”جيڪڏهن اسان جي
ڪڙم جي ڪنهن پنجن سالن جي ٻار کي به تو ماريو، ته اسان جو ڪڙم تو وٽ اچي پيش پوندو.“
ٽنڊي الهيار واري بهراڻيءَ لاءِ به هن وٽ کوڙ ڳالهيون آهن. پر هڪڙي ڳالهه
ته هيتري دنيا رُلڻ کانپوءِ به هن مان جوڳين وارا ور ناهن ويا، ڳالهه ۾اهي ئي لُنڊي
وارا ور رکي ٿو. جيڪو هر جوڳي رکندو آهي.
هينئر هي گرناري جوڳين جو سردار به آهي. بس سرداري، مُرلي، ايوارڊ، گورين
جي نچڻ، فوٽوئن، سهڻي پٽ مور جي نانگ واري ڊانس مان هن کي ڪهڙي شيءِ عزيز آهي يا ڪندو،
اهو هن کي طئي ڪرڻو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا