هُو شهر ۾ سڀني کان پهرين پهچڻ وارو شخص هوندو هو. اخبار وارن کان به
پهرين، باک سمي کير کڻي ايندڙ گهوڙي گاڏين کان به پهريان... هو صبح جي پهرين جهونڪي
جيان هو. ائين لڳندو هو ته هو رات جي پُڄاڻي ڪري صبح جو سوجهرو ڪرڻ وارو شخص هو.
لائق ٿيٻو يا لائق سنڌي، سنڌي اخباري دنيا ۾ سائين لائق جي نالي سان سڏجڻ
وارو هيءُ عجيب انسان سنڌي صحافت جو هلندڙ ڦرندڙ اسڪول، ۽ سنڌي زبان ۽ تاريخ جو جيئرو
جاڳندو انسائيڪلو پيڊيا هو. هو واقعي به هڪ قصه گو شخص هو. ڪهاڻي در ڪهاڻي ۽ ڳجهيون
ڪهاڻيون ڄاڻڻ وارو شخص.
منهنجي صحافت جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ مون کي منهنجي دوست سُهيل سانگيءَ نصيحت
ڪئي هُئي، جڏهن توکي شهر ۾ ڪٿي به خبر نه ملي ته تون سائين لائق وٽ هليو وڃجانءِ. جڏهن
به ڪٿي ڪا خبر نه هوندي ته سائين لائق وٽ تنهنجي لاءِ ايڪسڪلوسيو خبر هوندي، هڪ ’اسڪوپ‘
هوندو. ۽ اڪثر ڪري اِئين ئي ٿيندو هو. ائين به ناهي ته سائين لائق منهنجي خبرن جو ذريعو
هوندو هو. خبرون ته بس بهانو هونديون هيون. شروع شروع ۾ سائين لائق سان گڏ ويهڻ ۽ هُن
سان ياري باشي خاطر.
هُو سنڌ جو عاشق هو. بلا جي جمالياتي حس جو ڌڻي. اِها به عجيب ڳالهه هُئي
ته اڪثر عاشق ماڻهو حُسن جا متوالا هوندا آهن، پر ڪيترا ئي حسين ماڻهو سائين لائق جا
چاهڻ وارا ۽ متوالا هوندا هُئا. هُو بقول ڪلاسيڪي سنڌي ڳائڻ جي ”جيءَ ۾ جادو جاڳائڻ“
وارو ماڻهو هو. مان اهڙن حسينن کي سنڌ جا ”قومي سهڻا“ سڏيندو هوس، جن جا نسل وري سائين
لائق جي چاهڻ وارن ۾ شمار ٿيندا هُئا.
مٿي تي سنڌي ٽوپي، هٿ ۾ پلاسٽڪ شاپر، جنهن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارون
۽ رسالن جا ٿها پيل هوندا هُئا ۽ گولڊ ليف سگريٽ ”ڏيئي مان ڏيئي“ ٻارڻ جيان دُکائيندو
هو. جيئن پروين بوبي دُکائيندي هُئي يا جيئن بقول سنڌي شاعر:
سگريٽ سان ئي ڏينهن ٻري،
سگريٽ سان ئي رات،
تيلي دکائڻ جو مشغلو
جيئن ڪو ڏيئو ٻري
يا جيئن ڪوئي منهنجي اندر
آهستي آهستي ٻرندو رهيو آ.
مان سائين لائق سان ڀوڳ ڪندي چوندو هوس ته گولڊ ليف جي پاڪيٽ تي ڇپيل
مارڪه واري شخص جي جاءِ تي تنهنجي تصوير هُجڻ گهربي هُئي. مان هُن سان اِهو به مذاق
ڪندو هوس ته گولڊ ليف جي پاڪيٽ تي جيڪو سُنهري مس سان دستخط ٿيل هو، اُهو ڌڻيءَ جو
دستخط لڳندو هو. چين سموڪر سائين لائق سنڌي گلي جي ڪينسر ۾ مري ويو. هُن جي گلي ۾ ڪهڙيون
ڪهڙيون ڪهاڻيون، گيتن وانگر آبشارن جي صورت ۾ نڪرنديون هيون. ائين لڳندو هو ڄڻ سائين
لائق جي رڳن ۾ خون نه پر قلم جي سياهي گردش ڪري رهي آهي. ڪهاڻي در ڪهاڻي، اندروني ڪهاڻين
جون به ڪهاڻيون.
ائين لڳندو هو، هُو اخبارن جي لاءِ خبرون گڏ نه ڪندو هو پر سنڌ جي تاريخ
جي سينڌ ستارن سان ڀريندو هو. سائين لائق ٽنڊي بهاول ۽ شاهه بندر ۾ ماريا ويندڙ نوجوانن
جي قتل عام جي خود تحقيق ڪئي هُئي. مان اُن سان گڏ ٻنهي واقعن جي شڪار ماڻهن جي وارثن
سان ملڻ ويو هئس.
سائين لائق سنڌي اخبارن ۾ پروف ريڊر به هو ۽ سنڌي پرنٽ ميڊيا ۾ ٻولي جي
نوڪ پلڪ سنوارڻ جو ٻيڙو به هُن پنهنجي ڪُلهن تي کڻي ورتو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هڪ به
غلط حرف يا چُڪ تي هُن جو ڪو به سمجهوتو نه هوندو هو. اِئين لڳندو هو ته هو اخبارن
۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو مسيحا هُجي. بي جان لفظ هُن جي سامهون ڳالهائڻ لڳندا هُئا،
روشن ٿي ويندا هُئا.
هُو ٻڌائيندو هو ته ڪيئن نه بينظير ڀُٽو جي پهرين دؤر اقتدار ۾ لفظ سنڌ
جي انگريزيءَ ۾ هِجي Sind هوندي هُئي، جيڪا هُن جي وزيراعظم
کي خط لکڻ کان پوءِ سرڪاري طور درست هِجي ڪري Sindh لکجڻ لڳي.
هُو به لاهور جي بابا نظام وانگر سنڌي ۽ مُلڪي صحافت ۽ حالتن جو رڪارڊ ڪيپر هو. ڪيترن
ئي انقلابين جي دائي.
هُو ٽنڊو ڄام هاءِ اسڪول ۾ استاد رهيو ۽ پوءِ صحافت ۾ آيو.
نوجوان نسل هُن جا چاهيندڙ هُئا. هُو ون يونٽ تحريڪ ۽ سنڌي ٻولي قومي
ٻولي تحريڪ جو حصو پڻ رهيو هو. هُن جو تعلق هڪ اهڙي ڳوٺ سان هو، جنهن مان هر وقت گلابن
جي خوشبوءِ ايندي هُئي. اِهو هڪ الميو آهي ته هاڻي اهڙي ڳوٺ جي گلابن جي خوشبوءِ ۾
خونِ ناحق جي بدبوءِ به شامل ٿي چُڪي آهي. اِهو الميو شايد سڄي سنڌ جو آهي، پوري مُلڪ
جو آهي.
لائق سنڌي
منهنجو بابا سائين
محمد بخش ٿيٻو
مون کي فخر آهي ته منهنجو جنم ڪائنات جي ان سر زمين تي ٿيو، جنهن کي سنڌ
ڌرتي چون ٿا. ويتر منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي ۽ وفادار
پٽ جي جھوليءَ ۾ مون اکيون کوليون، جنهن کي پوري سنڌ، سائين لائق سنڌيءَ جي نالي ۽
حوالي سان سڃاڻي ٿي. بابا سائين والدين جو هڪ صالح پٽ، پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو پيءُ
وانگر خيال رکندڙ وڏو ڀاءُ، اسان اولاد لاءِ پيار ڪندڙ پيءُ، دوستن جي ڪچهرين ۾ وفادار
دوست هجڻ سان گڏ بيباڪ صحافيءَ جي حيثيت سان هڪ لائق فائق شخصيت جو مالڪ هو. بابا سائين
پنهنجي والدين سان ڏاڍي محبت ۽ سندن عزت ۽ احترام ڪندو هو. بابا سائينءَ جو والد حاجي
اسماعيل، جيڪو اسان جو ڏاڏو هو، ان کي ته اسان ڀائرن ۽ ڀينرن مان ڪنهن به نه ڏٺو هو.
ڇاڪاڻ ته هو اسان جي پيدا ٿيڻ کان گهڻو اڳ گذاري ويو هو، جنهن جو نالو پوءِ منهنجي
وڏي ڀاءُ محمد اسماعيل تي بابا سائين رکيو. باقي بابا سائين جي ماءُ جيڪا اسان جي ڏاڏي
هئي، ان جو بي پناهه پيار ۽ پاٻوهه اسان سڀني کي نصيب ٿيو هو ۽ ان جي ڇپر ڇانو ۾ وڏا
ٿياسين.
ننڍپڻ ۾ بابا سائين اسان کي پنهنجي والد ۽ اسان جي ڏاڏي حاجي اسماعيل
جون کوڙ ساريون ڳالهيون ۽ قصا ٻڌائيندو هو، اهي ساهه سان سانڍڻ جهڙيون ڳالهيون جيڪي
اڄ به اسان کي ياد آهن، سي اهي ڳالهيون هيون جن
تي عمل ڪرڻ سان زندگي جي هر ڏک سک ۾ صبر جي تلقين ڪيل هئي. بابا سائين پاڻ به
وڏي صبر وارو انسان هو ۽ اسان کي به صبر سان رهڻ جو اڪثر سبق ڏيندو هو.
بابا سائين پنهنجي ڪردار ۽ گفتار سبب پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا دوست
ٺاهيا، سندس شاگردن جو به ڪو ڳاڻيٽو ڪونهي، سڀ بابا سائين جو تمام گهڻو احترام ۽ عزت
ڪندا هئا.
مون کي ياد ٿو اچي ته جڏهن اڃا پنجن ڇهن سالن جو هئس ته بابا وٽ سندس
تمام گهڻا دوست ۽ شاگرد ايندا هئا، تڏهن اسان وٽ پنهنجي اوطاق ٺهيل نه هئي، اهڙي صورتحال
۾ بابا مهمانن کي چاچي مبين ٿيٻي جي اوطاق تي ترسائيندو هو ۽ اتي بابا جون دوستن سان
تمام گهڻيون ڪچهريون ٿينديون هيون. انهن ڪچهرين ۾ سائين حيدر علي لغاري، سائين فيض
نظاماڻي، سائين پير بخش، چاچو محمد علي لغاري ۽ سائين عمر ڀيو، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو،
ڪاڪو علڻ ٿيٻو، سائين صوفي نيڀراج، فدا فاروقي، سائين عنايت الله ٽالپر، ۽ ٻيا کوڙ
سارا دوست ۽ شاگرد اچي شامل ٿيندا هئا.
ڳوٺ جي ڀرسان وهندڙ راهوڪي شاخ تي صبح ساجهر وڃي تڙ ڪرڻ بابا جو معمول
هو، ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ضد ڪرڻ تي هو مون کي به شاخ تي وٺي ويندا هئا، ۽ اتي پاڻ هٿ مان
جلهي وهنجاريندا هئا.
مون کي ياد آهي ته جڏهن پرائمري اسڪول ۾ ٻيو ڪلاس پڙهندو هئس، ته هڪ ڏينهن
اسڪول نه وڃڻ لاءِ اهو بهانو ڪيم ته منهنجي قميص جو بٽڻ ٽُٽي پيو آهي سا اسڪول ڪيئن
پائي وڃان، جنهن تي بابا امان کي چيو ته هن کي بٽڻ ٽانڪي ڏي ته هي اسڪول وڃي، پر آئون
ضد تي بيٺو رهيس ته اسڪول نه ويندس، تڏهن بابا وڏي آواز سان دڙڪو ڏيندي چيو ته اسڪو
وڃ نه ته مار کائيندين. اڄ جڏهن بابا سائين اسان کان گھڻو ڏور هليو ويو آهي تڏهن ساڳيو
دڙڪو دل واري واٽ وٺي ڪنن تائين رسي ٿو ته بابا جو سختيءَ گاڏڙ پيار ياد ڪري اکيون
ڀرجي ٿيون اچن.ان دڙڪي کانسواءِ بابا مون کي ڪڏهن به ڪجهه نه چيو! هميشه پيار سان سمجهائيندو
هو ۽ ٻار کي مارڻ جي سخت خلاف هوندو هو. بابا پنهنجي سموري حياتيءَ هميشه قرب ۽ پيار
ونڊيو، ڪڏهن به ڪنهن جي دل کي نه رنجايو. سڀني سان خلوص سان پيش سان پيش ايندڙ اسان
جو بابا سائين هميشه سادگي پسند رهيو.
بابا سائين جڏهن روزاني ’آفتاب‘ ۾ ڪم ڪندو هو، ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد ۾اچي
رهيو. جڏهن واپس ڳوٺ ايندو هو ته چاچي احمد خان شيخ سان گڏ سندس موٽر سائيڪل تي ايندو
هو.
بابا آفتاب اخبار کان علاوه عبرت اخبار، سنڌ اخبار، ڪاوش، ڪوشش اخبار
۽ ٻين ڪيترن ئي اخبارن ۾ پنهنجي خدمتون سر انجام ڏنيون، انهن اخبارن ۾ ڪم ڪرڻ دؤران
بابا حيدرآباد ۾ ئي رهندو هو ۽ پوءِ هر هفتي ڳوٺ ايندو هو، پريس ڪلب حيدرآباد، روز
ويندو هو.
ادا اسماعيل ۽ مون کي جڏهن به بابا سان ملڻو هوندو هو ته اسين حيدرآباد
پريس ڪلب تي وڃي نڪرندا هئاسين. منهنجو اهو معمول هو ته هر مهيني جي پهرين ۽ ڏهين تاريخ
تي پريس ڪلب پهچي بابا کي مليل پينشن ۽ پريس جي پگهار مان پيار ڀري پتي حاصل ڪندو هئس،
۲۰۱۰ع کان پوءِ بابا جي طبيعت جڏهن ويتر خراب رهڻ لڳي، تڏهن اسان جي
گهڻي اسرار ڪرڻ تي بابا گهر اچي رهڻ لڳو هو، پر پوءِ به هفتي ۾ هڪ اڌ دفعو ادا اسماعيل
سان يا مون سان گڏ پريس ڪلب، ڪوشش اخبار ۽ عبرت اخبار جي آفيس ڏانهن ضرور لڳائيندو
هو ۽ اچي دوستن سان ڪچهريون ڪندو هو.
بابا کي صحافت واري ڪرت سان تمام گهڻي محبت هئي، بابا هر روز کوڙ ساريون
اخبارون پيسن سان خريد ڪري پڙهندو هو. اخبارن سان گڏ مختلف رسالا ۽ علمي ادبي ڪتاب
به خريد ڪندو هو، جنهن ڪري گهر ۾ چڱي خاصي لائبريري اسان جي مطالعي لاءِ هميشه موجود
رهي، بابا سائين جڏهن ۱۹۸۶ع ڌاري سرڪاري نوڪريءَ تان رٽائر ٿيو ته اتان مليل اعزازيي
مان به کوڙ سارا ڪتاب خريد ڪري ورتائين، پاڻ سان هميشه پلاسٽڪ جي هڪ ٿيلهي گڏ رکندو
هو، جنهن ۾ اخبارون، دوستن جا مليل خط، دعوتن جا ڪارڊ، پراڻيون مخصوص اخبارون، دوستن
جا فون نمبر، فوٽو، پينون، سگريٽن جا پيڪٽ، ماچيس ۽ ٻيون به گهڻيون شيون هونديون هيون.
اڄ اسان جي گهر ۾ اهڙيون کوڙ ساريون ٿيلهيون موجود آهن، پر بابا سائين اسان ۾ موجود
ناهي!! بابا کي پنهنجي دوستن ڪيترائي شولڊر بيگ گفٽ ڪيا ته اوهان ٿيلهي بدران هي بيگ
کڻندا ڪريو، پر بابا هميشه سادگي کي اهميت ڏيندي ان پلاسٽڪ جي ٿيلهي جي استعمال کي
وڌيڪ ترجيح ڏني، جيڪا بعد ۾ سندس سڃاڻپ جو ڄڻ ته حصو بڻجي وئي.
بابا پاڻ سان گڏ ڪڏهن به موبائيل فون نه رکي. بابا کي جيڪڏهن ڪو دوست
فون ڪندو هو ته اهو پريس ڪلب جي نمبر تي يا اخبار جي دفتر واري نمبر تي رابطو ڪندو
هو، جي اتي به بابا نه مليو ته پوءِ ڀاءُ وڏي محمد اسماعيل جي موبائيل تي رابطو ڪندا
هئا. اسان کي جڏهن به ڳوٺ مان بابا سان فون تي ڳالهائڻو هوندو هو ته صبح 9 بجي کان
شام تائين پريس ڪلب جي نمبر تي يا رات جو اخبار جي نمبر تي ڳالهائيندا هئاسون، پر اڪثر
بابا هر روز جي خبر چار وٺڻ لاءِ پاڻ ئي فون ڪندو هو. بابا سائين پريس ۾ ڪم ڪرڻ دوران
جڏهن موڪل تي گهر ايندو هو ته رات جو ڪافي دير تائين ڪچهري ٿيندي هئي. ان ڪچهري ۾ کوڙ
ساريون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، جن ۾ سياسي خبرون، دوستن يارن سان ميل ميلاپ، راڄ ڀاڳ
سميت دوستن سان دعوتن ۾ وڃڻ واريون خبرون ۽ ٻيون گهڻو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ ملندو هو.
عيدالفطر يا عيد الاضحيٰ تي بابا گهر ايندو هو ته نه صرف اسان ڀيڻن ڀائرن
لاءِ پر پنهنجي ڀائيٽن، ڀاڻيجن سڀني لاءِ ڪپڙا ۽ بوٽ وٺي ايندو هو ۽ خرچيون به سڀني
کي ڏيندو هو. ٻارن سان بابا جي بي پناهه محبت هوندي هئي، ان ڪري ٻارن کي خرچيون تمام
گهڻيون ڏيندو هو، پوءِ اهي ٻار پنهنجا هجن يا پاڙي جا. سڀني کي ڀائيندو هو، ان ڪري
سڀئي بابا جي به تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندا هئا.
بابا سائين ڪڪڙ يا ٻاڪري گوشت کي ڳاڙهو ٻوڙ چوندو هو، بابا کي دال چانور
ڏاڍا وڻندا هئا، جيڪي شوق سان کائيندو هو، دوستن کي مانيءَ کانسواءِ اجازت نه ڏيندو
هو ۽ چوندو هو: ويهو ته دال ماني کائون يا دال ڀت کائون (جيڪي چئو)
۲۰۱۳ع جي جولاءِ کان بابا جي طبيعت گهڻي خراب رهڻ لڳي، پوءِ بابا جو
پريس ڪلب حيدرآباد به گهٽ وڃڻ ٿيندو هو، ان صورت ۾ بابا سڄو ٽائيم گهر ۾ ئي رهيو ،
آخري ڏينهن ۾ سندس طبيعت تمام گهڻو خراب رهڻ لڳي ۽ آخر ۱۶ جنوري ۲۰۱۴ع تي سول اسپتال
حيدرآباد جي وارڊ نمبر ۳ جي بيڊ نمبر ۱ تي بابا جي زندگيءَ جو آخري سج لهي ويو ۽ بابا
پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.
الله تعاليٰ بابا کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي ۽ اسان کي صبر. (آمين)
سائين لائق سنڌي
چمن ويو دفن ٿي
هُلائي ڇڏيو
واحد پارس هيسباڻي
ٽيون ڏينهن جڏهن سائين لائق سنڌي کي دفنائي واپس موٽياسين پئي ته منهنجي
ذهن ۾ مسلسل بخاري جون اهي سٽون پئي ڦريون ته:
بخاري جي خوشبوءِ بچي شهر ۾،
چمن ويو دفن ٿي هلائي ڇڏيو.
سائين لائق به هڪ چمن هو، جيڪو دفنائجي ويو ۽ سندس خوشبوءِ باقي رهجي
وئي. چمن رڳو زميني سرحدن جا ٿورئي ٿيندا آهن، چمن ته دلين جا به ٿيندا آهن، چمن ته
چاهتن جا به ٿيندا آهن، چمن ته سڪ جا به ٿيندا آهن، چمن ته خلوص جا به ٿيندا آهن، چمن
ته پنهنجائپ جا به ٿيندا آهن ۽ سائين انهن سڀني جو گلدستو هو. گل سڪي ويندو آهي پر
سندس خوشبوءِ ڪڏهن ختم نه ٿيندي آهي. سائين لائق پنهنجي خلوص جي جيڪا خوشبوءِ ڇڏي ويو
آهي اها به ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي. سائين لائق ڇا هو؟ سندس تعارف ڪرائڻ ايترو سولو ڪٿي
آهي! هو ڄڻ ته ڪو سمنڊ هو، جنهن جو ٻيو ڪنارو ڪنهن به نه ڏٺو، هو ڄڻ ته هوا جو ڪو جهوٽو
هو، جيڪو صرف محسوس ڪري سگهبو آهي، هو ڄڻ ته ڪا روشني هو، جنهن اڻڳڻين ماڻهن جي جيون
۾ اجالو ڪيو. ان رات موري منگر جي اونداهي قبرستان مٿان چنڊ پنهنجي پوري روشنائيءَ
سان چمڪيو پئي، ائين پئي لڳو ڄڻ ته هڪ روشني ٻي روشني کي ڌرتي جي هنج ۾ سمهندي حيرت
وچان ڏٺو پئي.
’سائين لائق سنڌي سينئر صحافي هو‘، ’هُو بهترين انسان هو....‘ هي لفظ
الائي ڇو سطحي لڳن ٿا، سائين جو قد انهن لفظن کان گهڻو گهڻو مٿانهون هو. هو انهن ماڻهن
مان هو جن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
هم فقيرون سي دوستي ڪرلو،
بادشاهي ڪي گر سکا دينگي.
پنهنجي طبيعت ۾ هي فقير ماڻهو پنهنجي وجود ۾ پوري بادشاهي رکندڙ هو. اها
بادشاهي ڪنهن رياست تي حڪمراني ڪرڻ واري نه پر دلين تي حڪمراني ڪرڻ واري هئي ۽ سندس
ان حڪمراني جو منظر ان رات موري منگر ۾ ڏسڻ وٽان هو، جنهن ۾ سندس مٽن مائٽن کان به
وڌيڪ اهي ماڻهو شريڪ هئا جن سان هن جو خلوص جو رشتو هو. هر ڪلهو سندس کٽ جو پائو جهلڻ
لاءِ آتو هو. سائين لائق سنڌي هڪ استاد هو، ٻولي جو ماهر هو، لطيف جو پارکو هو، اهي
سڀ سڃاڻپون پنهنجي جڳهه تي پر هو وڏو ماڻهو هو، سندس اصل سڃاڻپ اها آهي. هو سڀني جي
ڏک تي اداس ٿي ويندڙ ماڻهو هو، هو پنهنجي پيٽ جو گرهه به ٻين کي ڏيندڙ ماڻهو هو، هن
سڄي زندگي محنت مزدوري ڪئي پر سندس مقصد پئسو ڪمائڻ نه پر قرب ڪمائڻ هو.
هن پنهنجي 70 سالن جي ڄمار ۾ صرف قرب ئي ڪمايو ۽ خوب ڪمايو هو. انهن ماڻهن
مان نه هو جيڪي پنهنجي پونئيرن لاءِ بئنڪ بيلنس ڇڏي ويندا آهن پر هي انهن ماڻهن مان
هو جيڪي عزت جو بيلنس ڇڏي ويندا آهن. بئنڪ جي بئنلس جو ڪو نه ڪو انگ هوندو آهي پر سائين جيڪو عزت وارو
بيلنس ڇڏي ويو آهي ان جو ڪو به انگ ڪونهي. دنياداري جو ڪو به ڪلڪيوليٽر ان حساب جو
جوڙڪٽ ۽ ونڊ ضرب نه ٿو ڪري سگهي. جيئن گهر جو وڏو گذاري ويندو آهي. سائين جي جنازي
سان هلندي اسان سڀني ائين ئي محسوس ڪيو. هن جي شفقت، هن جي پنهنجائپ، هن جو خلوص گهر
جي هڪ وڏي جهڙو ئي هو.
سائين لائق سنڌي سان جنهن جو به واسطو رهيو پوءِ اهو ڊگهي عرصي وارو هجي
يا مختصر عرصي وارو پر شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو هن جي پنهنجائپ کان متاثر نه
ٿيو هجي. هي پنهنجي طبيعت ۾ بلڪل ئي سڌو ۽ سادو ماڻهو هو. ڪنهن کيس خوش ڪيو ۽ ڪنهن
کيس رنج ڪيو هن پوري زندگي ان جو ڪو به حساب ڪتاب نه رکيو. هن جو ڪو به دشمن نه هو
هن هر ڪنهن کي پنهنجو دوست ئي سمجهيو. مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙا بردبار ماڻهو تمام گهٽ
ڏٺا آهن. سائين لائق سان اڻ ڳڻيون ڪچهريون ٿيون، هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو،
پر مون ڪڏهن به کيس ڪنهن جي گلا يا شڪايت ڪندي نه ٻڌو ۽ جيڪڏهن ڪنهن، ڪنهن جي گلا ڪرڻ
جي ڪوشش به ڪئي ته هي ساڻس سُر سان سُر ملائڻ بدران ڪمال ڪاريگري سان ان موضوع کي ئي
گول مول ڪري ڇڏيندو هو، پاڻ لفظن کي ڦيرائڻ گيرائڻ بدران جيڪڏهن سادي سادي نموني ائين
چئون ته هي نه ڪنهن جي گلا ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندو هو ۽ نه ڪنهن جي گلا ٻڌڻ ۾. سائين جهڙو
ٻاهر جو اجرو ماڻهو هو، جهڙو ٻاهر جو معصوم ماڻهو هو اندر جو به بلڪل ئي ائين هو. سندس
پوري زندگي ۾ هڪڙو به اهڙو مثال نه ٿو ملي، جنهن ۾ سائين جي زبان يا هٿ مان ڪنهن کي
ڪا تڪليف پهتي هجي. هي نيڪي ڪري وساري ڇڏڻ وارن ماڻهن مان هو. صحافت ۽ ادب جي دنيا
۾ اڄ ڪيترائي وڏا نالا سائين جي سکيا ۽ سهڪار جو ئي نتيجو آهن، اهو هرڪو ڄاڻي ٿو پر
سائين ڪڏهن به ڪنهن به محفل ۾ اهو ذڪر به نه ڪيو ۽ نه ئي انهن اڳيان ڪڏهن اهو جتائڻ
جي ڪوشش ڪئي ته توهان لاءِ مون هي ڪيو، هو ڪيو ۽ اڄ توهان جيڪو ڪجهه به آهيو اهو منهنجي
ڪري آهيو. سائين انهن ماڻهن مان نه هو، سائين ته چڱائي ڪري وساري ڇڏڻ وارن ماڻهن مان
هو. ان کان وڌيڪ سندس وڏ ماڻهپائي جو ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته هن پنهنجي شاگردن
جي اڳواڻي ۾ هلڻ ۾ به ڪا ارهائي نه بلڪه سرهائي محسوس ڪئي. مان سائين لائق کي هڪ خاموش
خدمتگار چوندس، جيڪو ڪڏهن به پنهنجي پذيرائي وارن چڪرن ۾ نه رهيو. جيڪڏهن سندس منهن
تي ڪنهن سندس تعريف ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ته هي آڱر چپن تي رکي ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو
هو. هي اهو ماڻهو هو جنهن کان ٻولي جا ماهر به ڏکين لفظن جون معنائون پڇندا هئا پر
هن ڪڏهن به پاڻ کي ايڪسپرٽ نه چيو، هن جي سيني ۾ سياست، ادب ۽ صحافت جي هڪ پوري تاريخ
دفن ٿيل هئي، پر هن ڪڏهن به پاڻ کي تاريخدان چورائڻ پسند نه ڪيو. هن وٽ اخبارن، رسالن
۽ ڪتابن جو وڏو رڪارڊ موجود هو ۽ مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ ۽ واسطيداري هجڻ باوجود اخبارن
۽ رسالن جون اعزازي ڪاپيون وٺڻ بدران پنهنجي پئسن سان خريد ڪندڙ هو، پر هن ڪڏهن به
اها هام نه هنئي ته وٽس هيترن سالن جو اخبارن جو رڪارڊ موجود آهي ۽ ايترا ڪتاب ۽ رسالا
وٽس محفوظ ٿيل آهن. هي گهرج وارن جي خاموشي سان گهرج پوري ڪري ڇڏيندڙ هو. مون کي خبر
ناهي ته سائين جي گهر ۾ موجود لائبريري ڪيتري وڏي آهي پر اها خبر ضرور اٿم ته هن جي
سيني ۾ موجود لائبريري وسيع هئي، جنهن ۾ هر قسم جي موضوعن وارا دستاويز موجود هئا.
محفلن ۾ خاموشي سان ٻين جون ڳالهيون ٻڌندڙ هن شخص ڪڏهن به اها دعويٰ نه ڪئي ته هن جي
سيني ۾ هيترو سارو علم موجود آهي، هن جتي به جيڪو ڪجهه به ڳالهايو اهو ڪم جو ڳالهايو.
فضول هي ٻڌي ته ويندو هو پر ڪڏهن به فضول ڳالهائيندو نه هو. سائين لائق پنهنجي وجود
۾ هڪ مڪمل انسائيڪلو پيڊيا هو. ڪاش هي پنهنجون يادگيريون لکي ها! اڄ جڏهن سائين اسان
جي وچ ۾ نه رهيو آهي ته هڪڙي عجيب قسم جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي. اسين پاڻ کي الائي
ڇو اڪيلو اڪيلو محسوس ڪري رهيا آهيون. هو وڻ جي گهاٽي ڇانوَ جيان هو، جيڪا هاڻي اسان
جي سرن مٿي نه رهي آهي. هو ڪو وينجهار هو جيڪو ويو هليو. يتيم صرف محمد اسماعيل، محمد
بخش ۽ سندن ٻه ڀينرون نه ٿيون آهن، پر اسان سڀ پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهيا آهيون. سائين
لائق جهڙا ماڻهو روز روز پيدا نه ٿيندا آهن، پاڻ واري مفادپرست هن سماج ۾ اهڙا ماڻهو
هاڻي پيدا ئي ڪٿي پيا ٿين! سچ، سندس نه هجڻ وارو احساس دل ۾ ڪنهن ڇيت جيان هميشه چڀندو
رهندو. سفيد مفلر ڳچي ۾ ويڙهيل، ڳاڙهي ٽوپي پاتل ۽ هٿ ۾ اخبارن سان ڀريل ٿيلهي کڻي
هلندڙ سائين لائق سنڌي کي هاڻي اسان ڪڏهن به نه ڏسي سگهنداسين! اهو تصور ئي نڙي ۾ هڪ
سڏڪو اٽڪائي ڇڏي ٿو.
بڇڙا ڪڇ اس ادا سي ڪي رت هي بدل گئي،
اڪ شخص ساري شهر ڪو ويران ڪر گيا.
لائق سنڌي
اخباري دنيا جو انسائڪلوپيڊيا
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ کان
ٽي سال اڳ ۱۶ جنوري ۲۰۱۴ع اڱاري جي ڏينهن، سنڌ جي اخباري دنيا جو هڪ عظيم ڄاڻو لائق سنڌي جسماني
طور اخبارن ۽ اسان کان ضرور ڌار ٿي ويو، بقول شاعر جي شاعري موجب ”تو کان ٿيندي ڌار....“
پر سندس نالو هميشه هميشه زنده رهندو. هو هڪ ادب ۽ ٻولي شناس هو، سندس خدمتون
اخباري دنيا کان وٺي خالص سنڌي ادب ۾ سڀ جون سڀ تاريخ جو حصو بڻجي ويون آهن. هو ٻولي
جو حَجِي، زَيِرُ، زَبرَ ۽ پيشَ جو ماهر هو. سندس ڳالهائڻ جي گفتگار مان هڪدم
اندازو ٿي ويندو هو ته شخصيت ۾ ٻولي ۽ زبان لاءِ ڇا آهي. هي ڳالهه شايد ۱۹۷۲ع يا ۱۹۷۳ع جي آهي، جڏهن سائين لائق هڪ
استاد جي حيثيت ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام ”المعروف فارم وارو انگريزي اسڪول“
۾ آيو هو. حالانڪه ۱۹۷۰ع ۾ هڪ
ٻيو مڊل اسڪول ٽنڊوڄام ۾ به قائم ٿي چڪو هو، جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين غير
جانبدارانه ۱۹۷۰ع جي چونڊن جا ٽنڊوڄام وارن ووٽ
به ڪاسٽ ڪيا هئا، ان وقت اليڪشن جي رڪارڊ ۾ ٽنڊوڄام جي حيثيت هڪ شهر بدران صرف هڪ ڳوٺ
واري هئي. البته ان اليڪشن جو نتيجو ملڪ ۾ جيڪو نڪتو اهو سڀني جي اڳيان آهي، سائين
لائق سنڌي هاءِ اسڪول ۾ شاگردن کي نصابي درس ڏيندو هو، جنهن ۾ سندس ڪيترائي شاگرد
علم پرائي وڏن عهدن تي پهتا. هن پنهنجن شاگردن کي اکر، اکر جي معنيٰ سمجهائڻ ۾
پنهنجو مٽ پاڻ هو. هي هڪ اسڪولي استاد کان اخباري دنيا ۾ پهتو، جتي سندس ڪم خاص ڪري
بطور ڪتاب “ڪتابت ڪرڻ“ هو. هن جي ان ڪم لاءِ جيڪا به تعريف ڪجي، سا گهٽ آهي، ڇو ته
سندس ”ڪم ڪمال جو هوندو هو“ ان ڪري ئي ”باڪمال لوگ بي مثال اخبار“ هوندي هئي.
لائق
سنڌي صحافت جي ميدان ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن کي پرنٽنگ پريس ۾ روزگار نصيب ٿيو،
جنهن ڪري کوڙ سارا بيروزگار نوجوان روزگار سان لڳي ويا، ان کانسواءِ پريس ڪلب
حيدرآباد جي رڌڻي مان نڪرندڙ دونهون ڪيترائي نوجوان وٺي به سائين جو انتظار ڪندا
هئا، ڇو ته پريس ڪلب جي بورچي خاني جي دونهين لاءِ سائين لائق سنڌي جو نالو ئي
ضمانت لاءِ ڪافي هوندو هو. سائين لائق سنڌي اصل تعلقه حيدرآباد جي ڳوٺ موري مگر جو
رهواسي هو ۽ وري اتفاق سان ان ئي ڳوٺ جو سائين شيخ علي محمد هو، ان ڪري سائين لائق
سنڌي جي وابستگي به شيخ علي محمد سان گهڻي هئي، ان زماني شيخ محمد
علي عبرت ۽ پوءِ هلال پاڪستان (ڪراچي وڃڻ کانپوءِ) پنهنجي دل گهُري دوست مرحوم
آفتاب جي نالي سان روزانه آفتاب ڪڍي، جتي لائق سنڌي ۾ بطور ڪاتب ۽ پيسٽر ڪم ڪندو
هو، هت ياد رهي ته هلال پاڪستان حيدرآباد ۾ پڪي قلعي مان نڪرندي هئي، جتي آفيس کي ڪن
شرپسندن باهه لڳائي هئي. آفتاب اخبار ۾ محمد بخش جوهر، محمد هاشم ميمڻ (جيڪو پوءِ
هلال پاڪستان ڪراچي جو ايڊيٽر ٿيو) در محمد ڪمال به ڪم ڪندو هو، امتياز اوستو،
سرور باريچو، احمد خان شيخ (ٻارن جو صفحو ڪڍندو هو) ادبي صفحو جوهر سنڀاليندو هو ۽
شاگردن جو صفحو نثار ميمڻ ڪڍندو هو، نثار ميمڻ اڄڪلهه اکين جو مشهور ڊاڪٽر آهي،
هنن لاءِ سڀ کان وڏي محنت لائق سنڌي ڪندو هو. لائق سنڌي جو خيال هو ته آئون به
آفتاب ۾ ڪم ڪريان سو هڪ ڏينهن گول بلڊنگ وٽ ملڻ تي پريس ۾ وٺي ويو ۽ شيخ محمد علي
سان منهنجو تعارف هن طرح سان ڪرايائين ”هي آهي ”مير ڪرڪيٽر“ يعني ”ڪرڪيٽ تي سنڌي ۾
مضمون لکندڙ“ ان تي شيخ ٽهڪ ڏئي چيو ته آفتاب ۾ راندين جو صفحو ڪڍو. آخرڪار سائين
لائق سنڌي جي اسرار تي اسپورٽس جي صفحي جو انچارج ٿي ويس. هڪ ڏينهن اتفاق سان
سائين لائق نه هو ته هڪ آرٽيڪل جي پيسٽنگ لاءِ بارڊر ۽ پٽيون لڳائي ان کي اخباري
زبان ۾ ’ڌا سو‘ معنيٰ زبردست خوبصورت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئس ته سائين لائق اچي
ويو ۽ چيائين ته ”هي بارڊر هڪ ڪمپني جي اشتهار لاءِ مخصوص آهن، ڪنهن به مضمون ۾ نه
هلنديون“ ان تي سنڌي پهاڪي وانگر ”منهنجون ٻه ويون ته ڇهه به ويون“ ان تي چيم ته
”لائق بمقابل نالائق“ ائين ئي ٿيندو آهي. سندس ڪپڙي واري ٿيلهي ۾ ٻيو ڪجهه هجي يا
نه هجي پر اخبارون سڀ هونديون هيون. سائين لائق ٻولي ماهر جو واضح ثبوت اهو آهي ته
هن لفظ (اکر) سنڌي جي اپيل SIND کي D کانپوءِ Hهئڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو سنڌ سرڪار منظور ڪيو ۽ پوءِ سنڌي اُچار موجب SIND کي SINDH ڪيو ويو. بهرحال سنڌي ۽ اردو صحافي پوري سنگت لاءِ لائق واقعي
لائق دوست هو.
سائين لائق ٿيٻو
لائق استاد، لائق دوست
مٺل جسڪاڻي
سائين لائق ٿيٻو (لائق سنڌي) ٿوري دير اڳ سدائين لاءِ خاموشي اختيار ڪري
وڃي ابدي ننڊ ستو. سندس آخري ديدار اڄ (خميس ۱۶
جنوري ۲۰۱۴ع) شام ۷
وڳي جنازي نماز بعد حيدرآباد
لڳ، موري منگر ۾ ممڪن آهي.
سائين لائق کي آئون ۱۹۷۲-۱۹۷۳ع کان پهرين استاد جي حيثيت ۾، پوءِ دوست جي حيثيت
۾، تنهن کان پوءِ صحافي جي حيثيت ۾ سڃاڻان...
سائينءَ جو ملڻ، ڀاڪر پائڻ، چهنڊڙيون هڻڻ، اڄ به ياد اٿم. سائين وٽان
ملندڙ پنهنجائپ ٻين ٿورن استادن مان ملي...
سائين سدائين کل مک، مهربان، سونهين جي حيثيت ۾ رهيو. جنهن ڪري سائينءَ
سان وري وري ملڻ تي دل گهرندي رهي، پر زماني جي ڪمن ڪارين سبب ملندي سال به گذرندا
رهيا...
سائين جيستائين اسڪول ۾ هو، گهٽ ملڻ ٿيندو هو ۽ سندس رويو به صرف مهربان
استاد وارو ئي هو. سائين جڏهن اسڪول مان بدلي ٿي ويو، ته سندس ملڻ جو انداز استاد سان
گڏ شفيق مائٽ جو رويو به رهيو، پر اڳتي هلي اهو رشتو دوستي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو.
سائين وٽ گهڻو ملڻ روزاني آفتاب حيدرآباد جي پريس ۾ ٿيندو هو. جتي هو
سدائين مستقل ۽ وقت جي پابندي سان پنهنجي ڪرت ۾ مشغول هوندو هو. شروع ۾ صرف ڪاتب طور
ڏسندا هئاسين، پوءِ پروف ريڊر طور به ڏٺم، نيوز ايڊيٽر جو ڪم ڪندي به ڏٺم، هفتيوار
ادبي صفحي جو انچارج به سائين رهيو، تنهن دوران به سندس سلامي ڀربي هئي.
شيخ علي محمد کان پوءِ ڳچ عرصو آفتاب اخبار هلي، پر نيٺ بند ٿي وئي. تنهن
ڪري سائين سان منهنجون ملاقاتون، ساڻس رستي هلندي يا وري پريس ڪلب ۾ ٿيون. جڏهن ته
آفتاب کان پوءِ، ڪڏهن سنڌ اخبار ۾، ڪڏهن عبرت ۾، ته ڪڏهن ڪاوش ۽ ڪوشش ۾ به سائين ڪم
ڪيو.
سائين لائق سنڌي جهڙا مهربان، شفيق، ڄاڻ جا ڀنڊار، شاگردن تائين پنهنجي
ڄاڻ، پنهنجو علم پهچائڻ وارا استاد تمام گهٽ رهيا آهن. سائين جي دوستي به عجيب ۽ غريب،
بنا لوڀ ۽ لالچ واري... اسان دوست ته ڪڏهن ذاتي ڪم سان به وڃي نڪرندا هئاسين، پر مون
کي ياد نه آهي ته سائين ڪڏهن ذاتي ڪم سانگي آيو هجي!؟ جڏهن ته مختلف سالن ۾ آئون اهڙن
هنڌن تي پنهنجا فرائض انجام ڏئي چڪو آهيان، جتي صحافي پاڻ ڄاڻ اچي نڪرندا هئا. ڪڏهن
ڪنهن اشتهار لاءِ ته ڪڏهن خبرن لاءِ...
سائين لائق جون گهڻيون ڳالهيون ذهن تي ائين پيون اچن، جو لکندو وڃان...
سائين لائق صرف منهنجو سائين نه، تمام گهڻن جو سائين آهي. سائين کي گهڻا
اهڙا به سائين چوندا آهن، جيڪي پاڻ به سائين آهن. سائين سڏبا آهن. سائين لائق وڏي حلقي
واري شخصيت جو ڌڻي آهي. سندس واسطو، رابطو، گهڻ ڀلائي، تمام ننڍڙي صحافي کان ناليوران
صحافين، ڪالم نويسن، ليکڪن، دانشورن، اديبن، شاعرن، سماج وادن، ساڃانهه وندن سان رهيو...
سائين لائق جي لائق رويي سبب، جيئن هو پاڻ هر شخص کي مانُ ڏيندو هو، ان
کان مانُ وٺندو به رهيو...
سائين لائق جهڙن مٺڙن ماڻهن جي سدائين لاءِ خاموشي گهڻن جون اکيون آليون
ڪندي آهي، اڄ صرف اکيون ئي آليون نه هونديون، پر ڪي اکيون ته نيسارا ڪري وهنديون.
لائق استاد ۽ لائق دوست سائين لائق سنڌي (لائق ٿيٻو) جي مغفرت ۽ پونئرن
جي صبر لاءِ تمام گهڻيون، هيڪانديون دعائون...
(روزاني عبرت حيدرآباد، جمع ۱۷ جنوري ۲۰۱۴ع)
سائين لائق سنڌي
هڪ سٻاجهڙو انسان
گل حسن لغاري
انٽر پاس ڪري ۶ جنوري ۱۹۹۶ع ۾ دولتپور صفن کان، حيدرآباد روانگي بعد،
ايل ايم سي ۾ مختصر ٽي مهينا ڪانٽريڪٽ تي نوڪري ڪرڻ بعد، مون اخباري دنيا ڏي وک وڌائي.
اپريل ۱۹۹۶ع ۾ هڪ اخبار ۾ مون کي سرڪيوليشن ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور نوڪري ملي.
ان دوران هڪ سٻاجهي، پرخلوص ۽ محبت ڪندڙ شخص سان ان اداري ۾ ملاقات ٿي. جيئن ته آئون
ننڍي عمر ۾، ڳوٺان نڪري حيدرآباد جي هوائن جو اڃا سواد حاصل نه ڪري سگهيو هئس. ڇو جو
شهرن جي ٻوساٽيل ۽ ڳوٺ جي کليل ماحول هئڻ سبب، مون کي ڪيترا ئي مونجهارا محسوس ٿي رهيا
هئا. پر وڏي پاٻوهه سان مليل ان شخص جي محبت سمجهاڻين ۽ زندگي ڪيئن گذارڻ وارن ڏنل
درسن تي آئون پنهنجي ڳوٺاڻي زندگي کي وساري، حيدرآباد جي اخباري دنيا جي هڪ خوبصورت
شامن ۾ گهلجي ويس.
هر روز شام جي وقت اخباري ڊيوٽي تي اچڻ بعد انسانيت سان بي انتها پيار
ڪندڙ هو شخص نيوز ڊيسڪ تان ڪهي منهنجي آفيس
۾ اچي مون سان وڏي چاهه سان ملندو هو ۽ سڄي ڏينهن جا حال احوال پڇي، آخر ۾ انهن منهنجي
ڏنل احوالن تي مون کي پنهنجي زندگي جي سمورن تجربن کان روشناس ڪري، زندگي ۾ ڏکن ۽ سکن
۾ گذارڻ جون هدايتون ڪندو هو. ائين ئي ان شخص جو مون سان روزاني ان اخباري اداري ۾
ملڻ ٿيندو هو. آخرڪار هن پيار ڀري انسان سان هڪ سال کانپوءِ ان اداري مان ته جدائي
ٿي پر سندس ڏنل پيار ۽ محبت جو سلسلو حيدرآباد
جي مختلف اخباري ادارن ۾ ملاقاتن دوران جاري رهيو.
مون کي صحافتي دنيا جي سمورين صنفن کان واقفڪار ڪرائيندڙ اهو شخص ۽ ريڊيو
پاڪستان تي ۱۹۹۷ع تي متعارف ڪرائيندڙ سائين لائق سنڌي اڄ خالقِ حقيقي سان وڃي مليو
آهي. سائين لائق سنڌي جيڪو هڪ پرائمري استاد هئڻ ۽ اخباري دنيا سان لاڳاپيل هجڻ ڪري،
سندس سنڌ جي مختلف شهرن توڙي اخباري ادارن ۾ سوين شاگرد اڄ به موجود آهن. سائين لائق
سنڌيءَ لاءِ مشهور آهي ته کيس سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا به چيو ويندو هو. سائين لائق جي
اها ڏاهپ هئي جو سنڌ جي سموري تاريخ سندس سيني ۾ سمايل هئي. اخباري ادارن ۾ ڪن واقعن
يا شخصيتن بابت ڪي دوست مونجهاري جو شڪار ٿيندا هئا ته سائين لائق کان رهنمائي حاصل
ڪري وٺندا هئا. سائين لائق جي ٻڌايل هر هڪ سٽ صحيح ثابت هوندي هئي. جنهن تي هر اهو
اخباري اداري سان واسطو رکندڙ شخص مثبت هوندو هو.
سائين لائق سنڌي منهنجي لاءِ نه پر ڪيترن ئي اهڙن نوجوانن جي زندگي کي
بهتر بڻائڻ ۽ کين مختلف ادارن ۾ نوڪريون ڏيارڻ ۾ به تمام گهڻي مدد ڪئي، جيڪي هن وقت
مختلف پوسٽن تي ڪم ڪري رهيا آهن، هن وقت صرف ايترو ئي افسوس ڪري سگهجي ٿو ته اڄ سنڌ
جو اهو سٻاجهڙو انسان اسان ۾ موجود ناهي پر سندس يادون هميشه لاءِ مون جهڙن سندس شاگردن جي دلين ۾ قائم رهنديون.
سائين لائق سنڌي
سندس يادون
علي ڏنو جروار
اڄ
سائين لائق سنڌي جي ٻي ورسي آهي. سائين لائق اسان سنڌ واسين کان ۱۶ جنوري ۲۰۱۴ع تي وڇڙي ويو هو، انهيءَ جو
مطلب ته سائين جي وڇڙڻ کي ۷۳۰ ڏينهن
گذري چڪا آهن. هنن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڇا وهيو واپريو آهي ۽ سنڌ واسين ڪهڙا ڏينهن ڏٺا
آهن، اهو ته الڳ داستان آهي، پر سائين جي وڇوڙي سان جيڪو سنڌ جي صحافت ۾ خال پيدا
ٿيو آهي، اُهو هنن ۲ سالن
۾ ڀرجي نه سگهيو آهي. سائين لائق سنڌي هڪ اهڙو بهترين صحافي، استاد ۽ اهلِ قلم
انسان هو، جنهن جي هر هڪ روپ تي لکڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ يادون موجود آهن.
منهنجو به سائينءَ سان ڪجهه گهڙين جو صحافت وارو ۽ استاد برادري وارو ساٿ رهيو
آهي، مون سائينءَ جا اُهي سڀئي تاريخي ڪردار، لمحا ۽ روپ ڏٺا آهن جو آئون انهن جو
اکين ڏٺو شاهد آهيان.
سائين
لائق سنڌي جو هڪ روپ مون لطيف شناسيءَ وارو ڏٺو هو، سائين لطيف جو وڏو پارکو هو،
ڪڏهن ڪڏهن نجي محفلن ۾ اسان کي لطيف سائين جا اهڙا ته بهترين بيت ٻڌائيندو هو جيڪي
مون جهڙا اڻ پڙهيل ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن تائين رسالي ۾ ڳوليندا هئا ته مس وڃي کين
اُهو نظر ايندو هو. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته اسان سائين حيدر علي خان لغاري سان
شام ملهائڻ جو پروگرام رٿيو ۽ سائين لائق سان انهيءَ سلسلي ۾ آخري مشورو ڪرڻ
آياسين، جنهن چيو ته هلو ته گڏجي سائين حيدر علي کان اجازت وٺون. اسان سڀئي گڏجي
سائين حيدر علي خان وٽ پهتاسين، اُتي حالي احوالي ٿياسين، تنهن دوران سائين اسان
جي خاطر توازيءَ لاءِ چانهه وغيره جو انتظام ڪرڻ لاءِ سندس ڪمري مان اٿي گهر طرف
ويو، ان دوران اسان جو هڪ دوست سائينءَ جي ڪتابن کي ڏسڻ لڳو ۽ هڪ ٻه ڪتاب کولي
ڏٺائين، جنهن تي سائين لائق کيس منع ڪئي ته انهن کي هٿ نه لائي، هن جڏهن کانئس سبب
پڇيو ته جواب ۾ لطيف سائين جون ٻه سٽون اسان کي ٻڌايائين، جن اسان کي ڏاڍو متاثر
ڪيو، اُهي سٽون هي آهن:
ڪو جو
هئس ڪوڏ، ٻاروچاڻي ذات سين،
هو
چونس ٻوڏ، هيءَ جيءُ سڻائي جڳ کي. (شاهه)
ٻئي
دفعي جي ڳالهه آهي ته اسان ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پي ٽي سي ڪري رهيا
هئاسين، جتي سائين حيدر علي خان به اسان کي پڙهائيندو هو. سائين لائق سنڌي سائين
حيدر علي خان سان ڪچهريون به ڪرڻ ايندو هو ۽ بيورو آف ڪريڪيولم طرفان شايع ٿيندڙ
اخبارِ تعليم جو اسسٽنٽ ايڊيٽر به هو، انهيءَ سلسلي ۾ به هو ڪاليج ۾ ايندو هو ۽ ڪم
ڪار لاهي دوستن سان ڪچهري منهنجي روم تي اچي ڪندو هو. سڀني کي خبر آهي ته سائين جا
سنڌي اکر موتين وانگر سهڻا ۽ سٺا هوندا هئا، واندڪائيءَ جي وقت آئون کيس چوندو هئس
ته سائين هِن شيٽ تي اسان کي بيت جون ٻه سٽون لکي ڏيو ته ڪمري جي ديوار تي هڻي
ڇڏيون، جڏهن آئون سائين جي اڳيان ڪا شيٽ رکندو هئس ته هُو سڀ کان پهرين ڪونه ڪو
لطيف سائينءَ جو بيت لکي ڇڏيندو هو. هڪ دفعي لکيائين ته:
سڌائتي
سڀ ڪا، بک مَ باسي ڪا،
جيهي
تيهي ذات جي، جُنبش ناهي جا.
مون
سين هلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري. (شاهه)
حالانڪ
منهنجي سدائين خواهش هئي ته هڪ وڏي شيٽ تي مون کي بلغاريه جي عظيم انقلابي شاعر
نڪولا واپتساروف جون هيٺيون سٽون لکي ڏئي:
انهيءَ
دک، پيڙاءَ جي قيمت نٿا گهرون،
عيوضي
۾ ڪنهن اجوري جي گهرج ناهي،
نه ئي
ڪئلينڊر جي تصوير بڻجڻو اٿئون،
بس! جي
اسان کانپوءِ اچن کين ايترو چئجو،
هڪ
زندگي، هڪ مورت، هڪ ڪلپنا گهڙيندا رهياسين،
روشنيءَ
لاءِ اونداهي ۾ وڙهندا رهياسين.
اڳتي
هلي سائين منهنجي اِها فرمائش پوري ڪئي ۽ هڪ وڏي شيٽ تي مٿيون سِٽون لکي ڏنائين،
جيڪي مون ڪمري جي گيٽ سامهون ديوار تي هڻي ڇڏيون. اڄ جڏهن سائين لائق سنڌي اسان وٽ
موجود ناهي، تڏهن آئون سوچيان ٿو ته هِنن سٽن جي سائين لائق سنڌي جي زندگيءَ سان
ڪيتري گهڻي ويجهڙائپ آهي، ڇو ته سائين به سدائين ڏيکاءَ ۽ نمائش کان پاسيرو رهيو.
نوڪريءَ دوران حيدرآباد ۽ ٽنڊوڄام جي بهترين اسڪولن ۾ نوڪري ڪيائين، جتي سندس
محنتن عيوض ڪيترائي بهترين ۽ نالي وارا شاگرد پيدا ٿيا، پر سائين ڪڏهن به وڏائي ۽
فخر محسوس نه ڪيو، سدائين نياز ۽ نوڙت سان سڀني سان ملندو رهيو ۽ وري جڏهن صحافت
جي دنيا ۾ پير پاتائين ته اُتي به بهترين ۽ نالي وارن صحافين سان سندس صحبت رهي.
حيدرآباد پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جو آخر تائين مستقل ميمبر رهيو. حيدرآباد مان
نڪرندڙ تقريبن سڀني اخبارن ۾ سائين جا ساٿي ۽ شاگرد موجود آهن، پر سائين هر وقت
نماءُ کان پري رهيو، جڏهن به ملندو هو ته پنهنجائپ سان ملندو هو، سائين مان هر وقت
پنهنجن واري محبت ۽ اڪير محسوس ٿيندي هئي، هر وقت علم، ادب، سياست جي مختلف پهلوئن
تي ڳالهائيندو رهندو هو، ڪڏهن به ڪنهن سان سياسي بحث يا مباحثو نه ڪيائين، نه وري
ڪنهن اختلافي موضوع تي ڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه ڪيائين، سدائين سٺن ۽ نيڪ لفظن سان هر
ڪنهن کي ياد ڪندو رهندو هو.
سائين
اڄ اسان وٽ موجود ناهي، پر ان جون هِي يادون آهن، جيڪي آئون عبرت جي پڙهندڙن سان
شيئر ڪري رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته سائين پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهڙا عبرت ۾ نوڪري
ڪندي گذاريا. مون کي ياد آهي ته سائين لائق سنڌي کي ڪيترين ئي اخبارن، نيوز ايڊيٽر
وغيره ٿيڻ جي آڇ ڪئي، پر پاڻ پروف ريڊر ۽ سب ايڊيٽر ٿي رهڻ کي ترجيح ڏيندو هو.
سائين جي زندگيءَ تي نظر وجهڻ سان مون کي لطيف سائين جي سُر کاهوڙيءَ جون هِي سٽون
ذهن تي تري اچن ٿيون:
سُڪا
سُنڍَ هٿن ۾، کِرڪڻا پيرين،
ٽمندي
نيڻين، اوهان کي کاهوڙي گڏيا. (شاهه)
سائين
لائق سنڌي سدائين جاکوڙ ۾ رهيو، حق ۽ سچ جي آواز سان گڏ رهيو، ڪڏهن به لالچ ۽ لوڀ
نه ڪيائين، سدائين غريبي ۾ گذارڻ کي ترجيح ڏنائين.
لائق سنڌي
بهترين انسان، استاد ۽
صحافي
علي ڏنو جروار
سنڌ صدين کان ڪيترائي
عظيم ڏاها ۽ دانشور انسان پيدا ڪيا آهن، جن هر وقت پنهنجي پنهنجي شعبي سان بهترين
انداز ۾ نڀايو آهي. سائين لائق سنڌي به انهن عظيم ۽ بهترين انسانن مان هڪ آهي،
جنهن هڪ ئي وقت استاد، صحافي، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر جون ذميواريون نڀايون آهن. سندس
جنم حيدرآباد ضلعي جي موري منگر ڳوٺ ۾ ٿيو، بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد تعليم کاتي
۾ استاد جون خدمتون سرانجام ڏيڻ کان سواءِ ان صحافي ذميواريون به احسن طريقي سان نڀايون.
سندس استاد هئڻ واري زندگي جو اڪثر وقت حيدرآباد شهر ۾ گذريو، جتي کيس حيدر علي خان
لغاري جهڙن علم دوست انسانن جي صحبت نصيب ٿي ۽ نتيجي ۾ سائين لائق انهن وٽان فيض
پرائي پاڻ به هڪ ڇانوَ ڏيندڙ وڻ يا روشني ڏيندڙ ڏيئي جيان بڻجي ويو. ٽريننگ ڪاليج
جي پي سي اسڪول ۾ سروس ڪرڻ دوران هو سنڌ جي بيورو آف ڪريڪيوليم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ
سنڌ ڄامشورو جي ترجمان رسالي ”اخبارِ تعليم“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر بڻيو، جيڪو سلسلو رٽائرمينٽ
کان پوءِ به جاري رکيائين. ان کان سواءِ صحافتي دنيا جي شروعات آفتاب اخبار کان ڪيائين،
آفتاب اخبار بند ٿيڻ بعد روزاني سنڌ، روزاني عبرت ۽ روزاني ڪاوش ۾ صحافتي ذميواريون
نڀايائين. پريس ڪلب جي گورننگ باڊيءَ جو تاحيات ميمبر رهيو، سندس صحبت ۽ شاگرديءَ
مان ڪيترائي سنڌي نوجوان فيض پرائي هن وقت سنڌ سميت ملڪ جي اهم اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا
۾ ذميواريون نڀائي رهيا آهن.
سائين لائق سنڌي
انهن انسانن مان هڪ آهي، جن سڄي عمر نيڪ آدرشن ۾ زندگي گذاري ۽ هر وقت فلاحي توڙي سماجي
ڪمن ۾ مصروف رهيو، پاڻ نه فقط هڪ انسان، پر هڪ اداري واري حيثيت رکندو هو. منهنجو
به ساڻس ۱۹۸۸ع کان وٺي تعلق رهيو، جڏهن آئون پي ٽي سي ڪرڻ لاءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد
آيس، جتي هڪ ڏينهن ٽريننگ ڪاليج جي لان ۾ حيدر علي خان سان گڏ ان کي ويٺل ڏٺم ۽
پوءِ تعارف ٿيڻ بعد اهو تعلق سندس زندگيءَ جي آخري حصي تائين جاري رهيو، سندس وڏو
فرزند محمد اسماعيل ان وقت اٺين درجي جو شاگرد هو، جيڪو هن وقت اسان کان به وڏو
نظر اچي ٿو.
سائين لائق جي سيني
۾ علم، ادب ۽ سياست جا انيڪ باب موجود هئا، پر مون کي افسوس آهي ته اهي لکجي يا
منظرعام تي اچي نه سگهيا، ڇو ته سائين پنهنجون يادگيريون لکڻ کان هر وقت پاسو ڪندو
رهيو. اسان سڀئي کيس چوندا هئاسين ته سائين توهان وٽ يادگيرين جو تمام گهڻو ذخيرو
آهي، پر اهي ضايع ٿيڻ کان اڳ ڪنهن ڪاغذ تي اتاري وٺو. مون ايتري قدر سندس فرزندن
کي اهو به چيو ته سائين کان اهي ڳالهيون ڪنهن ٽيپ رڪارڊر تي ٽيپ ڪري وٺو، ڇو ته اهو
زمانو ٽيپ رڪارڊر وارو هو. رڪارڊنگ واريون هي جديد سهولتون پوءِ وجود ۾ آيون آهن.
سائين لائق سنڌي بابت لکڻ لاءِ ته تمام گهڻو مواد موجود آهي، پر هتي آئون فقط سائين
لائق سنڌي لاءِ لطيف سائين جون هي سِٽون عرض ڪندس ته:
جِت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير رِي.
ڇوته سائين لائق جو
تعلق ٻهراڙيءَ سان هو، جتي علم ۽ ادب جي جوت جلائڻ وارو فقط سائين لائق سنڌيءَ ئي
هو، جنهن پنهنجا ڪجهه اهڙا شاگرد به تيار ڪيا، جن موري منگر، بهاول زنئور، ٽنڊو
حيدر، ڀينڊو شريف ۽ ٻين علائقن ۾ علم، ادب، سياست، عقل ۽ فهم جا عَلَم اوچا رکيا.
لائق سنڌي
پنجين ورسي جي ڏيھاڙي تي
مير اعظم علي ٽالپر
اڄ هڪ ڀيرو وري ۱۶ جنوري جي تاريخ ڪئلينڊر مطابق موٽي آئي آهي
پر ان کان پنج سال اڳ به ۱۶ جنوري (اڱاري جو ڏينهن) آئي هُئي، جنهن تاريخ تي سنڌ جي
اخباري دنيا جو هڪ هر فن مولا ڄاڻو ۽ ماهر زَير زَبَرَ، پيشُ، شخص جنهن جو نالو ئي
هو ”لائق“ يعني لائق سنڌي جيئرن جي جهان کي هميشه لاءِ الوداع چئي هليو ويو. بقول
شاعر جي ته ”توکان ٿيندي ڌار“ پر هو جسماني طور واقعي ئي اسان جي هن ڪوڙي دنيا کان
موڪلائي ويو آهي پر پٺيان سندس خيال، ويچار ۽ ڇڏيل ماضي جي اخبارن تي سندس هٿن سان
لکيل ”ڪيپشن“ ۽ ڏنل ”بارڊر“ وارو تير پيپر اخباري شڪل ۽ صورت ۾ جتي، جتي موجود هوندو،
ان جاءِ تي ڏسڻ سان ڏسندڙن جي ذهن تي هڪدم هڪ سنڌي ٽوپي پاتل، چپن تي هميشه مُرڪ،
رواني سان ٻولي ڳالهائڻ وارا لفظ ان جي دماغ ۾ گونجڻ لڳندا ته هي ٻيو ڪو شخص نه پر
”مرحوم لائق سنڌي جو پڙاڏو آهي“. هيءَ ڳالهه شايد ۴۷ سال کن اڳ ان زماني جي آهي، جڏهن سائين لائق سنڌي هڪ استاد جي حيثيت ۾
گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوڄام ”المعروف فارم وارو انگريزي اسڪول“ ۾ ۱۹۷۲ع دوران مقرر ٿي آيو هو. سائين لائق سنڌي ۱۹۶۲ع ۾ فائنل پاس هئڻ ۽ ان بعد اديب، عالم، فائنل
پاس ڪرڻ تي هڪ بهترين استاد ته هو پر هو هڪ ادب ۽ ٻولي شناس پڻ هو، ان ڪري لکڻ، پڙهڻ
کان وٺي اخباري دنيا ۾ هڪ استاد جي حيثيت ۾ لائق سنڌي پنهنجو مَٽُ پاڻ هو.
سائين لائق سنڌي اسڪول
۾ پڙهائڻ ۽ بورڊ تي لکڻ وقت اسڪولي شاگردن کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ ٻولي جي سمجهاڻين
تي خيال ڪندي خاص ڌيان ڏيندو هو، جنهن تحت هو، ٻارن کي لکائڻ وقت هِجي طرف توجهه ڏياريندو
هو، جنهن جي ڪري زَير زَبرَ ۽ پيشُ کي سمجهائڻ جو ماهر هو، ان ڪري هن جي ڳالهائڻ
جي گفتگار مان هڪدم اندازو ٿي ويندو هو ته سندس شخصيت ۾ ٻولي ۽ زبان ثقافت جو
خزانو سمايل آهي. سائين لائق اسڪول جي نصابي ڪتابن جي درس ۾ سمجهائڻ کانسواءِ غير
نصابي سرگرمين لاءِ به پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. ان ڪري سندس ڪيترائي شاگرد کانئس علم
پرائي ملڪ جي مختلف کاتن ۾ وڏن عهدن تي پهتا، مذڪوره شاگرد اڄ به انهي ڳالهه جي گواهي
ڏين ٿا ته سائين لائق جو کين سمجهايل اکر، اکر وڏي معنيٰ ۽ حيثيت رکندو هو.
لائق سنڌي هڪ طرف ٻولي
جو ماهر ته ٻئي طرف هڪ استاد هئڻ کانسواءِ ادب ۾ دلچسپي رکندڙ شخص هو، جڏهن
حيدرآباد مان شيخ علي محمد (گول بلڊنگ وٽان) روزانو آفتاب اخبار شروع ڪئي ته ۱۹۷۵ع کان ئي ان ۾ آفتاب جي سٿ ۽ سنگت ۾ احمد
خان شيخ، سان لائق سنڌي به گڏ هو. لائق سنڌي اخبارن لاءِ ڪتابت، پيسٽنگ، سيٽنگ ۽
پيج ٺاهڻ ۾ ماهر هو، هن ڪم لاءِ سندس جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، ڇوته سندس ڪم باڪمال
هوندو هو. هن اخباري صحافت جي ميدان ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن کي ان وقت جي
پرنٽنگ پريسن ۾ روزگار نصيب ٿيو. هن ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار سان
وابستا ڪيو. شاگردن جي صفحي جو انچارج (هن وقت اکين جو ماهر ڊاڪٽر) نثار ميمڻ، ٻارن
جو صفحو احمد خان شيخ، ادبي صفحو محمد بخش جوهر، فلمي صفحو طالب وغيره جو ڪم سائين
لائق ئي ثبوت اهو آهي ته هن ”سنڌ“ اکر جي انگريزي زبان کان هلندڙ اسپيل چئن اکرن
واري SIND
۾ D کانپوءِH هڻڻ جو مشورو سنڌ سرڪار
کي ڏنو ۽ ان لاءِ دليل به ڏنا، جيئن اُچار موجبSIND کي سنڌي ٻولي ۾ زبان جي لحاظ
کانH هڻيSINDH سنڌ ڪيو وڃي.
بهرحال، سنڌ سرڪار
ان کانپوءِ سرڪاري طرح سان سنڌ جي لکپڙهه لاءِ سرڪاري طرح سان سنڌ جي انگريزي ۾ رسم
الخط جي لحاظ کان هلندڙ چار اکرن واري پُراڻي اسپيل ۾ تبديلي ڪري ان ۾ هڪ اکرH جو اضافو ڪري ڇڏيو. سائين
لائق جو هي درستگي وارو ڪارنامو سنڌ جي قائم ۽ دائم هئڻ تائين قائم رهندو. بهرحال
اڄ ۱۶ جنوري تي سائين لائق جي پنجين ورسي موري منگر ۾ آهي ۽ ان موقعي تي سندس
نالي تي ڪتاب جو مهورت به آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا