استاد فتح الدين سومرو ”بيدار“ مورائي
پروفيسر شمشاد سومرو
سونهاري سنڌڙيءَ جي سندر شهر ”مورو“ کي اهو اعزاز آهي ته هن هر دور ۾
علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي طور پاڻ ملهايو آهي. هن پنهنجي ڪک مان اهڙن انمول هيرن کي
جنم ڏنو آهي جن سنڌ ته ڇا پر پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر پاڻ موکيو آهي. سياسي ميدان هجي
يا ادبي، علمي ميدان جي يا سماجي، مطلب ته انهن گوهرن پنهنجو نانءُ نروار ڪيو آهي.
علم ۽ ادب جي آبياري ڪندي هتي قاضي عبدالخالق ”خليق مورائي“ جو نالو سرفهرست ملندو،
جڏهن ته ٻين هيرن ۾ ناصر مورائي، راشد مورائي، پروفيسر نذير قاضي، قاضي محمد علي،
”اختر مورائي“، فتح الدين ”بيدار مورائي“ ۽ ٻين جنم ورتو آهي. موجوده نئين ٽهيءَ ۾
ايترا بهترين نالا آهن جن جي لسٽ طويل آهي جن تحقيق، تخليق، ناول، افساني، شاعريءَ
۽ ادب جي ٻين صنفن ۾ جڳ مشهوري ماڻي آهي.
فتح الدين سومرو ”بيدار مورائي“ به اهڙي سهڻي من مهڻي شهر جي سومرا محلي
۾ جان محمد سومري جي گهر اندر ۵ فيبروري ۱۹۳۷ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سنڌي پهرئين کان ٽئين درجي تائين هالاڻي
تعلقي ڪنڊياري لڳ ”بهلاڻي شهر“ مان حاصل ڪئي، جتي سندن مامو مرحوم اربابر علي سومرو
رهندو هو. انگريزي پنج درجا ”مڊل اسڪول موري“ مان حاصل ڪيائين جتي ان وقت هيڊماستر
مشهور ليکڪ ۽ استاد محترم غلام محمد پنهور مٺياڻيءَ وارو هئو. پاڻ وڌيڪ تعليم پرائڻ
لاءِ سنڌ سونهاري جي هڪ ٻئي علمي ادبي شهر ”هالا“ ويا جتان ۱۹۵۴ع ۾ ڇهون درجو ۽ ۱۹۵۵ع
۾ ميٽرڪ جو امتحان ”هالا هاءِ اسڪول“ مان ڏنائين. ان وقت هالا اسڪول جو هيڊماستر مشهور
تعليمي ماهر سائين غلام رضا ڀٽو هيو. ڀٽو صاحب، سندن مئٽرڪ جي انگريزي پڻ وٺندو هو
جڏهن ته نامور اديب ۽ شاعر سائين عبدالرئوف ابڙو ”منصور ويراڳي“ جن کين سنڌي سبجيڪٽ
پڙهائيندا هئا. ”منصور“ صاحب جي دور ۾پڙهڻ دوران ”بيدار صاحب“ مضمون ”ڀٽائي جو ڀيرو“
هاريءَ جي حياتي ”زميندار جي زندگي“ لکيا هئا، جيڪي سندن استاد ابڙي صاحب کي ڏاڍا پسند
آيا ۽ منصور صاحب جن هن کي گهڻو چاهيندا ۽ ڀائيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ”بيدار مورائي“
جي ڪتابن تي اڪثر پيش لفظ سندن لکيل آهن. بيدار صاحب هڪ سٺو ناول نويس، سيرت نگار،
سوانح نگار، افسانا نويس هئو سندن هن وقت تائين سٺ کان مٿي ڪتاب لکيل آهن جن مان ۵۳ ڪتاب ڇپيل آهن.
”بيدار مورائي“ جن پهريون ڪتاب ”حقيقي ايمان“ ۱۹۵۸ع ۾ لکيو جنهن ۾ ايمان جي حقيقيت بيان ڪيل آهي ۾ ٻيون
ڪتاب ”حقيقي علم“ لکيو جنهن ۾ عارف ۽ عالم جي گفتگو ۽ بحث افساني ناول جي طرز تي ڪيل
آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ طرف اهل علم ۽ ٻئي طرف اهل ذڪر جا دليل ۽ واقعا سوالن جوابن جي صورت
۾ موجود آهن. جيڪي نهايت دلچسپ ۽ سولي سلوڻي نموني بيان ٿيل آهن. ٽيون ڪتاب ”حقيقي
دوست“ ناول جي طرز تي لکيل آهي. هي ٽئي ڪتاب سرهيه پرنٽنگ پريس مورو مان شايع ٿيا.
ان بعد ”ڇوٽڪارو“ عشق جي پوک وغيره ڪتاب شايع ٿيا. بيدار صاحب ”عشق جي پوک“ ڪتاب ۾
عجيب و غريب عنوان ڏنا آهن. جيئن؛ ”زاريءَ واري زمين“، ”هيٺائينءَ جا هر“، ”پيار جو
پاڻي“، ”ادب جو ٻج“، ”سڪ جا سلا“، ”صحبت جا سنگ“، ”غير جي جهار“ ۽ ”وسيلي جي ونگار“
وغيره. هيءُ ڪتاب ناول جي طرز تي نهايت دلچسپ ۽ عشقيه انداز ۾ لکيل آهي. اهي ڇهه ڪتاب
۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۴ع تائين ڇهن سالن ۾ ليکا ويا ان وقت ”بيدار مورائي“ جن ۲۵ سالن جي عمر جا هئا. اهي ڪتاب
پاڻ ”فتح محمد سومرو“ جي نالي سان لکيا اٿن. ۱۹۷۰ع ۾ جڏهن پاڻ مڊل اسڪول قمرآباد ۾ انگريزي استاد هئا، ان وقت ”الخالق
ادبي اداره هالا“ جي باني ”غلام هالائي“ ۽ ”انور هالائي“ جن قمر آباد ۾ ان اداري جي
شاخ قائم ڪئي ۽ انهيءَ اداري پاران اتي هڪ اديب ڪانفرنس ڪرائي وئي جنهن ۾ ڪيترن ليکڪن،
اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي هالا مان انور هالائي سميت ڪافي ڏات ڌڻين شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس
۾ ”بيدار“ جن هڪ مقالو پڙهيو. ان مقالي ٻڌڻ کان پوءِ انور هالائيءَ سندن تخلص ”بيدار“
رکيو ۽ ان بعد پاڻ ”بيدار مورائي“ جي تخلص سان مشهور ٿيا ۽ لکڻ لڳا. ياد رهي ته ان
وقت ساڻن گڏ سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر عبدالحڪيم ”ارشد“ پڻ اتي استاد هئو.
”بيدار مورائي“ جڏهن ۱۹۵۵ع
۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ سندن رزلٽ اڃان نه آئي هئي ته کين ”انگريزي ماستري“ ملي ۽
سندن پوسٽنگ” A.P ڪلاس ماڙي“ (تعلقو مورو) ۾ ٿي ان وقت پاڻ ۱۸
سالن جي عمر جا هئا ۽ سندن
پگهار ۷۵ روپيا
هئي. ان کان بعد ۾ پاڻ ”مڊل اسڪول قمرآباد“ ۾ رهيا جتي تمام گهڻو عرصو رهيا. ان کان
پوءِ مورو هاءِ اسڪول، ڦل هاءِ اسڪول ۾ رهيا جتان پروموشن طور HST ”شادي
پلي هاءِ اسڪول“ مٺي ۾ ويا ۽ بعد ۾ آراضي ۽ ان بعد سڌوجا هاءِ اسڪول ۾ رهيا جتان ۱۹۹۷ع ۾ رٽائرڊ ڪيائون.
”بيدار مورائي“ ۱۹۶۵ع
۾ روزانه ”مهراڻ“ اخبار ۾ اسلامي صفحي ۾ ڪالم لکيا، ان وقت ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر سيد سردار
علي شاهه هو. ۱۹۷۰ع دوران ”الوحيد“ اخبار ۾ سيلاني جي نالي سان ”سيلاني
جي ڊائري“ ڪالم لکندا هئا جڏهن ته ايڊيٽر صاحب مولانا خير محمد نظاماڻي سامونڊي جي
نالي سان ڪالم لکندو هو.
”بيدار صاحب“ جن جي تخليقن ۾ سماجي براين، سماج جي غلط رسمن رواجن،
بي انصافي، ظلم ۽ ڏاڍ، رشوت خوري، ذخيره اندوزي، منافع خوري، ڪامورن جي ڪڌن ڪرتوتن
کي وائکو ڪيو اٿس. ان کان علاوهه پاڻ پنهنجي ڪتابن ۾ اسلامي تعليم جي روشنيءَ ۾ زندگي
جي اداب بابت پڻ تعليم ڏني اٿس. پاڻ اصلاحي سماجي افسانا، ناول، سيرت ۽ سوانح، ملفوظات،
ديني ادب تي ۶۰ کان
مٿي ڪتاب لکيا آهن.
”بيدار مورائي“ جن ۱۹۹۹ع
۾ دادوءَ مان نڪرندڙ ٽماهي رسالي ”الاصلاح“ جو چيف ايڊيٽر پڻ رهيو. هي رسالو پنجن سالن
کان وڌيڪ عرصي تائين هليو، جنهن جا پندرهن کان وڌيڪ شمارا پڌرا ٿيا. ان کان علاوهه
سندن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون ٽماهي ”الطاهر“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيا. سندن آتم ڪٿا ۽ ذاتي
مشاهدن ۽ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ”بيدار جي ڪهاڻي، بيدار جي زباني“ پريس ۾ آهي. اڻ
ڇپيل ڪتابن ۾ ”مقالات بيداريه، سالار نقشبند“ ”طاهري فيض جي طغياني“ ۽ ٻيا اچي وڃن
ٿا.
”بيدار صاحب“ فارسي ۽ ابتدائي عربي تعليم ”مدرسه رحمانيه“ موري مان
مولانا عبدالرحيم لغاري وٽان حاصل ڪئي. کين فارسي تي سٺو عبور حاصل هو. پاڻ روحاني
فيض وقت جي قيوم ۽ غوثن کان حاصل ڪيو. ۱۹۵۳ع ۾ قيوم الزمان حضرت عبدالغفار ”پير مٺا“ رح جن جا دست بيعت ٿيا. ۱۹۶۴ع ۾ ”پير مٺا“ جن جي وصال بعد سندن نائب ۽ خليفه اول
حضرت خواجه الله بخش المعروف ”سهڻا سائين“ رح جن وٽ بيعت ثاني ڪئي ۽ ۱۹۷۰ع ۾ سندن کان ”خرقه خلافت“ حاصل ڪئي. حضرت ”سهڻا سائين“
رح جن کين تمام گهڻو ڀائيندا هئا. ”سهڻا سائين“ جن جي وصال کان پوءِ پاڻ سندن فرزند
وقت جي غوث حضرت قبله خواجه محمد طاهر بخشي المعروف ”محبوب سڄڻ سائين“ جن جي ۱۹۸۳ع ۾ بيعت ثالث ڪئي. محبوبن مرشدن ڪريمن جو خاص پيار،
محبت کين ملندي رهي.
”بيدار مورائي“ جن جا ڪجهه ڪتاب ٻين تخلص جهڙوڪ ”علامه هڻ کڻ“ ”علامه
اُڦٽ مار“ ”علامه سيلاني“ ۽ ”سجاڳ سومرو“ جي نالن سان پڻ لکيل آهن.
نيٺ ۱۸ ڊسمبر
۲۰۱۳ع تي اربع ڏينهن شام جو ستين وڳي هي علم جو اڪابر،
نامور اديب ۽ استاد هن فاني دنيا کي ڇڏي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. سندن جنازي نماز
۱۹ ڊسمبر
تي موري جي مشهور گولڊن گرائونڊ تي سندن مرشدن ڪريمن محبوب سڄڻ سائين جن ۳۰-۲ وڳي
پڙهائي. ان بعد سندن جسد خاڪي کي اباڻي قبرستان ”خليفي صاحب جي مقام“ ۾ دفنايو ويو.
سنڌ جي مشهور شاعر ۽ سگهڙ رحمت الله ”عاجز“ لاشاريءَ سندن وفات تي هيٺيان اشعار چيا
آهن:
اڇ ڪري جانب جدايون، يار وڇڙي ويو هليو،
سرزمين سنڌ مان ”بيدار“ وڇڙي ويو هليو.
No comments:
راءِ ڏيندا