; سنڌي شخصيتون: استاد نور محمد ڏگو - ناصر قاضي

20 February, 2014

استاد نور محمد ڏگو - ناصر قاضي

استاد نور محمد ڏگو
سازن ۾ ساهه وجھندڙ
ناصر قاضي
مهراڻ جون موجون جڏهن سکر شهر مان لبِ مهراڻ وٽان گذرنديون آهن، تڏهن سکر بئراج جا ڇاهٺ ئي دروازا سنڌوءَ جي هر سير کي انتهائي ادب وچان پرنام ڪندا آهن. ڀاڳوند آهي سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو هيءُ شهر، جنهن شهر کي سنڌوءَ جي سير جو سڌو سنئون نظارو نصيب ٿيو. مٿان وري مير معصوم شاهه بکريءَ جو آسمان سان ڪچهريون ڪندڙ اوچو منارو ڄڻ ته هن شهر جي قدآور شخصيتن جي ڪردار ۽ قد ڪاٺ جي چٽي پٽي ثابتي ڏيندو هجي. ساڳئي مناري ڀرسان سيدن واري پاڙي ۾ آباد سر ۽ سنگيت سان سلهاڙيل خاندان جون سنڌي موسيقيءَ جي ميدان ۾ قدر لائق خدمتون سرانجام ڏنل آهن. سنڌ جي معياري موسيقار استاد محترم غلام علي عبدالطيف جو تعلق پڻ هن ئي خاندان سان هو.


موسيقيءَ جي گھڻ گھري ۽ گڻائتي هن خاندان جي موسيقارن ۽ ڪلاڪارن جي ڪلا جي ڪٿا به سريلن آوازن ۽ آلاپن سان سينگاريل ملندي. روايتون ملن ٿيون ته هن خاندان جي موسيقارن سنڌ ڌرتيءَ جي ٻين نامور ڪلاڪارن سان گڏ امر راڳي سرڳواسي ڀڳت ڪنور رام سان به ڪافي عرصو سازن جو سهڪار ڪيو هو.
سياڻن سچ چيو آهي ته: ’جتي داڻي پاڻيءَ جي ڇڪ، ان پار جي لڳي سڪ‘ ان چوڻيءَ مطابق سنڌي موسيقيءَ سان وابسته هي خاندان به ڪن اڻ ٽر مجبورين سبب سکر شهر کي الوداع ڪري سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد کي اچي سڪائتو سلام ڪيو ۽ مير معصوم شاهه جي محلي کي مولا مدد ڪري، جمال شاهه واري پڙ واري پاڙي ۾ اچي پنهنجا پکڙا اڏيا. ساڳئي ئي خاندان جو بيحد سريلو طبلا نواز استاد نور محمد ڏگو به فن جي دنيا کي پنهنجي سموري ڄمار ارپيندي، پنهنجي وڏڙن پاران مليل سرن جي سوغات جو انتهائي احسن انداز سان ڀرم رکيو. طبلي جي شاهيءَ مٿان متحرڪ سندس آڱرين جي چرپر جي ابتدا ته حيدرآباد جي جمال شاهه واري پڙ کان ٿي، پر انهن آڱرين ۾ قدرت واري پاران اهڙو ته ڪمالِ فن پوشيده هو، جو انڊو پاڪ جي تمام سريلن گائيڪن به طبلي جي شاهيءَ تي ڌريل انهن آڱرين سان پيدا ٿيندڙ رڌم جو سڪ سان سواگت ڪيو.
سنڌ ڌرتيءَ جي هاڪاري ۽ معتبر طبلا نواز استاد نور محمد ڏگو پهرين جنوري ۱۹۴۴ع تي حيدرآباد ۾ جمال شاهه جي پڙ واري محلي ۾ استاد حيدر بخش خان ڏگوءَ جي اڳڻ تي آفاقي ننڊ مان سجاڳ ٿيو. استاد نور محمد ڏگوءَ کي سنگيت  جي سوغات ننڍپڻ ۾ ئي ستيءَ جي طور تي ورثي ۾ ملي، ڇاڪاڻ ته سندس والد استاد حيدر بخش خان ڏگو به پنهنجي وقت جو مايه ناز طبله نواز هو، جڏهن ته سندس چاچو استاد منگل خان سرندي جو هڪ ڀلوڙ وڄتڪار هو. سندس سئوٽ استاد خميسو خان پڻ هارمونيم جو برجستو وڄتڪار ۽ طبلي وڄائڻ جو ماهر ليکيو ويندو هو. استاد نور محمد جو والد استاد حيدر بخش ۽ چاچو منگل خان ننڍي کنڊ ۾ تنهن دؤر ۾ جاري ٿيندڙ گرامو فون ڪمپنين جي ريڪارڊنگ جا نامور سازندا سمجھيا ويندا هئا.
استاد نور محمد خان ننڍي هوندي پنهنجي والد محترم کان طبلي جا بنيادي سبق سکيا، جنهنڪري هو ٻالڪپڻ ۾ ئي پنهنجي والد سان گڏجي طبلي تي پيڇو وڄائڻ لاءِ محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو، جنهن سبب والد صاحب جي نگرانيءَ ۾ رياض توڙي ڪثرت سميت محفل جي جي اصولن ۽ لوازمات سان به آشنا ٿيندو رهيو. استاد نور محمد ڏگو. پنهنجي والد صاحب جي وفات کانپوءِ پنهنجي سئوٽ استاد خميسو خان وٽان طبلي جي فن جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح سندس رياض ۽ محنت مسلسل جاري رهيو. استاد نور محمد ڏگوءَ حيدرآباد ۾ سيد جمال شاهه جي درگاهه جي اڱڻ تي ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ طبلو وڄائڻ سان عملي  طور تي پنهنجي فن جي سفر جو آغاز ڪيو، جتي سندس ساراهه ٿيندي رهي ۽ داد حاصل ٿيو. ان دؤر ۾ سيد جمال شاهه جي درگاهه جي منچ تي فن جو مظاهرو ڪرڻ ڪا عام ڳالهه نه هوندي هئي ۽ ان جڳهه تي پرفارم ڪري، داد حاصل ڪرڻ هڪ وڏي سورهيائي ۽ فخر جو سبب سمجيو ويندو هو. انکانپوءِ تمام جلدي استاد نور محمد ڪراچي ويو، جتي دهلي گهراڻي جي بزرگ طبلي نواز استاد رسول بخش خان عرف ’چينو خان‘ جي خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس استاديءَ لاءِ عرض ڪيائين، جنهن کيس ايترو ته رياض ۽ محنت ڪرائي، جو اڳتي هلي پاڻ بين الاقوامي سطح جي گائڪن سان طبلي تي سنگت ڪيائين، جن ۾ استاد امانت علي خان، استاد فتح علي خان، ڪافيءَ جي راڻي زاهده پروين،  گل بانو، خورشيد بيگم وغيره شامل آهن.
استاد نور محمد ڏگو ۱۹۶۲ع ڌاري پٽيالا گھراڻي جي گائيڪ ڀائرن استاد امانت علي خان ۽ سندس ڀاءُ استاد فتح علي سان گڏجي هندستان جي شهر بمبئي ۾ هڪ ڪلاسيڪل راڳ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ ويو، جتي سندس ملاقات ننڍي کنڊ جي مشهور طبلي نواز الهه رکا خان سان ٿي، جنهن جي توسط سان استاد نور محمد ڏگو هندستان جي مشهور موسيقار مدن موهن سان پڻ ملاقات ڪئي. اتفاق ائين ٿيو ته ان وقت موسيقار مدن موهن جي گھر ۾ موسيقيءَ جي محفل رٿيل هئي، جنهن ۾ هندستان جا وڏا وڏا ڪلاڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ آيا هئا، خاص طور لتا منگيشڪر، آشا ڀونسلي، فلم ’رام تيري گنگا ميلي هوگئي‘ جو موسيقار روندرجين ۽ ٻيا اهم ڪلاڪار شامل هئا، انهيءَ محفل ۾ استاد نور محمد خان سڀني سان طبلي تي سنگت ڪئي هئي.
۱۹۶۵ع واري جنگ ۾ فوجين جا حوصلا وڌائڻ ۽ کين موسيقيءَ جي حوالي سان تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ جنگ دوران کوکرا پار سرحد تي ِ حيدرآباد مان گائيڪ ڪلاڪارن جو هڪ جٿو نيو ويو، جن ۾ نامياري اداڪاره نيليءَ جي ماءُ مائي مختياري بيگم، هارمونيم نواز استاد غلام رسول خان ڏگو (مرحوم)، استاد عطا محمد خان ڏگو (مرحوم)، لکي ناز،  استاد لعل بخش خان ۽ ٻيا شامل هئا، انهن سڀني ڪلاڪارن سان جنگ دؤران  استاد نور محمد مک طبلي نواز طور سنگت ڪئي.
استاد نور محمد ڏگو حيدرآباد ۾ سوچي پاڙي، کاهي روڊ تي پنهنجي نالي سان موسيقيءَ جي اڪيڊمي ءَ جو پڻ بنياد وڌو، جتي اڄ ڏينهن تائين موسيقيءَ جو فيض عام ملندو رهي ٿو. سندس شاگردن ۾ دانش گڙداس گومند، نياز حسين، ظفر علي ۽ ٻيا به ڪيترائي قابل ذڪر آهن. کيس چئن پٽن جو اولاد عطا ٿيو، جن مان استاد نياز حسين موسيقار آهي ۽ سندس ٻيو پٽ ظفر علي آڪٽوپيڊ (ڊرم) جو وڄتڪار آهي جنهن هن وقت تائين سنڌ جي نامياري فنڪار شمن علي ميراليءَ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي ناميارن ڪلاڪارن سان آڪٽوپيڊ ڊرم تي سنگت ڪئي آهي.

سنڌ جو هي جھونو جوڳي، بيحد سريلو طبلا نواز، استاد نور محمد ڏگو ۱۶ فيبروري ۲۰۱۲ع تي ابدي آرام پذير ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا