فقير معشوق علي مستانو
درويش صفت راڳي
ناصر قاضي
فقير معشوق علي مستاني ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ قائم خان وڌو ۾ 1966ع ڌاري
محترم بهار علي وڌي جي آڳر ۾ عالم ارواح جا ننڊاکا نيڻ کولي، دنيا جو ديدار ڪيو. هن
فقير به هڪ فقراهي ماحول ۾ اکيون کوليون. ڇاڪاڻ ته سندس والدين جو سيد وريل شاهه جي
درگاهه سان عقيدت جو ناتو هوندو هو. فقير معشوق علي مستاني مقامي سطح تي مڊل تائين
تدريسي تعليم حاصل ڪئي. هي فقير جڏهن ننڍو هوندو هو، تڏهن کان سندن ڳوٺ ۾ پنهنجي وقت
جي ڪلاسيڪل گائيڪ ۽ صوفي درويش سيد سڪندر علي شاهه جو آستانو هوندو هو، جنهن آستاني
تي ڪلاسيڪل راڳ جون محفلون توڙي فقراهي راڳ ويراڳ ڪثرت سان ٿيندو رهندو هو. فقير معشوق
عليءَ جو روح ته ننڍپڻ کان ئي تصوف طرف مائل هو، جنهنڪري تصوف جهڙي آفاقي اڃ کي اجھائڻ لاءِ ساڳئي آستاني
تي ايندو ويندو هو ۽ فقراهي محفلن ۾ شرڪت سبب آهستي آهستي پاڻ به راڳ طرف راغب ٿيڻ
لڳو. اڳتي هلي عملي طور تي به فقير معشوق علي مستاني، سيد سڪندر علي شاهه صاحب کي ئي
پنهنجو سنگيت جو سونهون تسليم ڪندي کانئس رسمي طور تي ڳانو ٻڌرايو. فقير معشوق علي
ساڳئي وقت سيد سڪندر علي شاهه جي ڀائرن سيد مور علي شاهه ۽ سيد منور علي شاهه جن جو
پڻ صحبتي ۽ محبتي رهيو.
سيد سڪندر علي شاهه هڪ ڪلاسيڪل گائيڪ هجڻ سان گڏوگڏ طريقت جي نقطه نگاهه
کان سائين سيد رکيل شاهه جي درگاهه جو طالب
پڻ هو ۽ طريقت واري تعلق ڪارڻ پنهنجي مرشد سيد رکيل شاهه جي فرزند ۽ تڏهونڪي گادي ڌڻيءَ
صوفي سيد چيزل شاهه جي مان ۾ پنهنجي آستاني تي اڪثر دعوتون پڻ ڪندو رهندو هو.
16 مئي 1984ع تي سيد چيزل شاهه جي وفات بعد سندس فرزند سيد صوفي صادق
علي شاهه درگاهه جو گادي نشين ٿيو ۽ ساڳيءَ طرح سيد سڪندر علي شاهه، پنهنجي مرشد سيد
صوفي صادق علي شاهه کي به پنهنجي آستاني تي قرب سان ڪاڍيندو رهيو. انهن ڏينهن ۾ فقير
معشوق علي مستاني باضابطه طور تي ارڙهن سالن جي ڄمار ۾ پهريون ڀيرو سيد صوفي صادق علي
شاهه جي آڏو ويراڳ جي محفل ۾ ڳايو، ان محفل بعد فقير معشوق علي مستاني کي صوفي سيد
صادق علي شاهه جي شخصيت ايترو ته متاثر ڪيو، جو پاڻ ٿوري ئي وقت ۾ سيد صادق علي شاهه
کي دل جي حضور سان پنهنجو مرشد مڃيندي سندس دست بعيت ٿيو ۽ هن وقت تائين هي فقير ساڳئي
درگاهه فتحپور جي پابند پانڍيئڙي جي حيثيت سان پريت جا پنڌ ڪندو رهي ٿو.
فقير معشوق علي مستاني، سيد سڪندر علي شاهه کان علاوه پنهنجي تر ٻن ٻين
راڳين فقير محمد مائري ۽ استاد ڌڻي بخش مائريءَ جن کان به سنگيت جي سرن جي حوالي سان
ڪافي ڪجھه پرايو ۽ کين استاد طور تسليم ڪري ٿو. فقير معشوق علي مستانو 1986ع کان پنهنجي
هڪ عزيز، هم مڪتب ۽ هم مرشد ويراڳي فقير ممتاز علي وڌي سان جوڙيءَ واري انداز ۾ ڳائڻ
شروع ڪيو ۽ هنن ٻنهي فقيرن جي اها سنگت، صحبت، ساٿ ۽ هم نوائي اٺاوينهن ورهين پڄاڻان اڄ ڏينهن تائين
قائم ۽ دائم آهي.
فقير معشوق علي مستانو ميڊيا جي ميدان ۾ سڀ کان اول پي.ٽي. ويءَ تي اچانڪ،
بنا ڪنهن تدبير جي 1987ع ڌاري متعارف ٿيو، جيڪو واقعو به ڪافي دلچسپ آهي، جو فقير معشوق
عليءَ جا ڪنڌڪوٽ جا ڪجھه سگھڙ دوست پي. ٽي. وي جي جڳ مشهور پروگرام ’ڪچهري‘ جي ريڪارڊنگ
لاءِ ڪوٺيل هئا، جن فقير معشوق عليءَ کي به ڪمپني ڪرڻ جي خيال سان گڏ هلڻ لاءِ چيو.
هي سگھڙ، فقير معشوق عليءَ سميت جڏهن پي. ٽي. وي ڪراچيءَ تي پهتا ته ’ڪچهري‘ پروگرام
جي ريڪارڊنگ شروع ٿيڻ واري وقت تائين پرگرام ۾ ڪانڍيل راڳي نه پهچي سگھيا هئا، جنهن
صورتحال ۾ پروڊيوسر فدا حسين بلوچ گنجائش ڪڍي موجود سگھڙن کي اهو موقعو ڏنو ته توهان
۾ جيڪڏهن ڪو سگھڙ ڳائڻ جو شوق رکندو هجي ته کانئس آڊيشن وٺي پروگرام ۾ شامل ڪري سگهجي
ٿو، اهڙي نموني غير ارادي طور تي فقير معشوق عليءِ کي پاڪستان ٽيليويزن تي پرفارم ڪرڻ
جو موقعو ملي ويو، جتي هن سڀ کان پهريان پروڊيوسر فدا حسين بلوچ جي پيشڪش ۾ پنهنجي
مرشد سيد رکيل شاهه جو ڪلام ڳايو.
پي. ٽي ويءَ تي غير ارادي طور تي پهريون ڀيرو ڳائڻ بعد فقير معشوق عليءَ
جي اندر جو ويراڳي فقير اڃا وڌيڪ جستجوءَ جو تمنائي ٿيو ۽ ڪراچيءَ جي ساڳئي دؤري دؤران
پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ طرف رخ ڪيائين، جتي کيس آڊيشن جو موقعو
ڏنو ويو، هتي به فقير معشوق عليءَ مٿان قسمت مهربان ٿي وئي، جو پروڊيوسر نورالله ٻگھئي
کيس آڊيشن ۾ ڪامياب قرار ڏيندي سندس آواز ۾ سنڌ جي نامور ڪلاسيڪل شاعر محمد اسماعيل
عرساڻيءَ جو ڪلام ريڪارڊ ڪيو. جنهن بعد ريڊيو پاڪستان خيرپور تي فقير معشوق علي مستاني
جي آواز کي نامياري پروڊيوسر، شاعر ۽ ليکڪ ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو.
فقير معشوق علي مستانو هيل تائين پنهنجي ساٿي ويراڳي فقير ممتاز عليءَ
سان گڏجي ڪيترائي ڀيرا ريڊيو، پي. ٽي. وي توڙي خانگي چينلن تي ريڪارڊ ٿيندڙ صوفي راڳ
جي محفلن سان گڏوگڏ سنڌ جي درگاهن تي ٿيندڙ ميلن ۽ مانڊاڻن ۾ ڪيترائي ڀيرا ويراڳ جو
ورد ورجائي چڪو آهي، جڏهن ته سندس آواز ۾ ڪيتريون ئي آڊيو ڪئسٽون پڻ منظرِ عام تي اچي
چڪيون آهن. فقير معشوق علي مستانو پوري سنڌ کانسواءِ بلوچستان، پنجاب توڙي بين الصوبائي
سطع تي منعقد ٿيندڙ وفاقي پروگرامن ۾ اسلام آباد تائين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو
آهي.
فقير معشوق علي مستانو عام زندگيءَ ۾ عملي طور تي به پنهنجي ذات ۾ ويراڳي وصفن ۽ صوفياڻين صفتن سان سرشار
آهي. هيءُ هڪ فقراهي ويراڳيءَ هجڻ ڪري زندهه دل شخصيت جو مالڪ، آئي وئي جو آڌر ڀاءُ
ڪندڙ ۽ تڏي جو ڪشادو ميزبان پڻ آهي، ان حوالي سان پنهنجي مرشد صوفي رکيل شاهه جي ياد
۾ هر سال صفر مهيني جي ستين تاريخ تي پنهنجي ڳوٺ ۾ فقيراڻي راڳ جي محفل منعقد ڪرائڻ
سان گڏوگڏ پنهنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع سيد گل شاهه ۽ سيد صوفن شاهه
جي درگاهه تي هر سال 22، 23 ۽ 24 اپريل تي ميلو منعقد ڪرائڻ سندس ورهين جي وندر رهندي
آئي آهي.
فقير معشوق علي مستانو هن وقت تائين ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن
جهڙوڪ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بابا بلهي شاهه، روحل
فقير، وارث شاهه، عثمان فقير سانگي، ٻڍل فقير، سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه، سيد ولايت
شاهه، صوفي وريل فقير، غمدل فقير، دولهه دريا خان، هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، شاهه نصير،
سيد مهدي شاهه ۽ ٻين درويشن جي ڪلام ڳائڻ سان گڏوگڏ جديد شاعرن مان استاد بخاري، قاضي
عبدالحي قائل، نثار بزمي، وفا وڌو، سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهي ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي
چڪو آهي.
فقير معشوق علي مستانو سر جي سفر تي گامزن آهي، دعا آهي ته هي فقير سدائين
سنڌ ڌرتيءَ جي سر لتا ۾ سر جا موتي پوئي سرخرو ٿيندو رهي.
No comments:
راءِ ڏيندا