; سنڌي شخصيتون: قاضي قدوس - نواز ڪنڀر

02 February, 2014

قاضي قدوس - نواز ڪنڀر

قاضي قدوس
ڪوئلي جي کاڻين جو ماهر
نواز ڪنڀر
سنڌ ۾ ڪوئلي جي توڙي ٻين کاڻين جي، ناليواري ماهر قاضي عبدالقدوس راڄڙ جو وڇوڙو ان وقت ٿيو آهي، جڏهن ٿر جي ڪوئلي جي ڪم جو هجڻ يا نه هجڻ بابت بحث زورن تي آهي. قاضي صاحب جون نه صرف ملڪ ۾ مختلف هنڌن تي کاڻيون هيون، بلڪ پاڻ ٿر واري ڪوئلي جي پھرين ليز حاصل ڪرڻ وارن منجھان به هو. ڪاش اڄ قاضي صاحب حياتي هجن ها، ته ٿر جي ڪوئلي جو ڪيس ضرور وڌيڪ مضبوط هجي ها ۽ سنڌ وٽ ڪوئلي جي حوالي سان وڌيڪ وزندار دليل هجن ها.


قاضي صاحب جڏهن کاڻين واري پاسي ڌيان ڏنو، ان وقت سنڌ ۽ خاص ڪري کپري جهڙي پوئتي پيل ۽ سرحدي تعلقي ۾ انهيءَ پاسي ڪنهن جو ڌيان وڃڻ به وڏي ڳالهه هئي.
قاضي صاحب پي پي جي شروعاتي دور ۾، کپرو-سانگھڙ جي صوبائي سيٽ تان ۽ بعد ۾ ننگر پارڪر مان به ٻه ڀيرا ۽ هڪ ڀيرو کپرو تان، محمد خان جوڻيجو هٿان شڪست کائي چڪو هو پر پوءِ پير صاحب جي مهرباني سان پاڻ کپري واري سيٽ تان ۲۰۰۲ع ۾ اسد جوڻيجي پاران کنيل ۳۴۸۸۸ ووٽن جي مقابلي ۾ ۶۱۶۷۱ ووٽ کڻي، قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. کاڻوٺ جي پھرين ليز کان پوءِ قاضي صاحب پختونخوا صوبي ۾ مانسهره ۽ بٽ گرام، بلوچستان ۾ چمن، سنڌ ۾ خيرپور، سانگھڙ ۽ بدين ۾ لوڻ ۽ کاري جون ۽ ننگر پارڪر ۾ چائنا ڪلي، جھمپير ۽ لاکڙا ۾ ڪوئلي جون کاڻيون به ليز تي ورتيون. ساڳئي وقت اسلام آباد ۾ گرينائيٽ ۽ لاهور ۾ سيريمڪس جا ڪارخانا به قائم ڪيا. اها به اهم ڳالهه آهي ته، ٿر ۾ ڪوئلي جون سڀ کان پهرين جيڪي ۴ ليزون نڪتيون، اتي هڪ ليز قاضي صاحب جي به هئي. جيڪا پوءِ مشرف دور ۾ رد ڪيون ويون. اها ليز کيس سندن مهارت ۽ گھربل تجربيڪار اسٽاف جي ڪري ملي هئي، جنهن مان به سندن کاڻين جي مهارت جو ڏس ملي ٿو.
قاضي قدوس تعلقي کپري جي مشهور ڳوٺ ’کنڀري شريف‘ ۾، اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو جي، جي آر مطابق ۱۵.۱.۱۹۳۵ ۾ ڄائو.
قاضي صاحب، کنڀري ۾ ’قاضي‘ ولي محمد جي گھر جنم ورتو، جيڪو وڏو حڪيم پڻ هو. سندس والد خان بهادر غلام حيدر/ غلام محمد وساڻ جو قاضي هو، جنهن پٺيان هي ’قاضي‘ سڏيا ويا.
کنڀرو جيڪو ڪنهن وقت علم ۽ ادب جو وڏو مرڪز هوندو هو، جنهن جي اها شهرت ڀٽائي سرڪار کي به کنڀري وٺي آئي هئي. پر افسوس جو اتي ڀٽائيءَ جو سٺو آڌرڀاءُ نه ٿيو.
قاضي صاحب ۱.۴.۱۹۵۱ تي اسلاميه هاءِ اسڪول کپرو ۾ داخلا وٺڻ کان اڳ، ملاڪاتيار ۾ پنهنجي مرشدن وٽ شروعاتي ديني ۽ سنڌي تعليم حاصل ڪري چڪو هو. پاڻ اسلاميه اسڪول مان پرائمري پاس ڪري، رڪارڊ مطابق وڌيڪ تعليم لاءِ، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ويو ۽ مئٽرڪ بعد اسلاميه هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. جتي هن ۱۹۶۰ع کان ۱۹۶۴ع تائين پڙهايو به ۽ ان دوران انٽر ۽ بي اي به ڪئي.
قاضي صاحب شروع کان ئي مثالي محنتي شاگرد هو ۽ ان وقت ئي سندس خيال ’وڏو ماڻهو‘ ٿيڻ جا هئا. جڏهن هڪ ڀيري سندن ڪلاس جو مانيٽر کيس راند ڪرڻ لاءِ سڏڻ ويو ته پاڻ جواب ڏنائون ته، ”توهان وڃي راند کيڏو، مونکي وڏو ماڻهو ٿيڻو آهي.“ جنهن تي سندس هم ڪلاسي کلڻ لڳا! پر پوءِ زماني ڏٺو ته قاضي صاحب جيڪو چيو اهو ڪري به ڏيکاريو.
بعد ۾ حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪري، اتي ئي وڪالت ڪيائون. وڪالت ۾ گھڻو ڪري هو رڳو سندا، ڪن خاص خاص ماڻهن يا غريبن جا ڪيس ئي کڻندو هو.
قاضي صاحب ايوب دور کان وٺي کپري جي چيئرميني سنڀاليندا آيا، جيڪا پوءِ به گھڻو ڪري سندن خاندان ۾ ئي رهي.
کين ۴ نياڻيون ٿيون پر پٽ جو اولاد نه ٿيو.
پاڻ مثالي سخي، صوم و صلوات جا پابند، هر سال ديني ڪتاب ڇپرائي ورهائيندڙ، ڪيترا ئي مدرسا قائم ڪندڙ ۽ انهن لاءِ پنهنجا ذاتي پلاٽ ڏئي، انهن جا سنڀاليندڙ ۽ خرچ پکو ڀريندڙ، مختلف اولياءَ الله جا مقبرا ٺهرائيندڙ ۽ انهيءَ ڪم ۾ مالي مدد ڪندڙ، هر سال ڪيترن ئي بيواهن، پوڙهن ۽ مسڪينن جي مالي مدد ڪندڙ، غريبن جي نياڻين جي شادي جو خرچ پکو به ڀريندڙ هئا.
آخرڪار سنڌ جو هِي پنهنجي مثال پاڻ سخي مرد، صنعتڪار ۽ سياستدان چار پنج سال بيماريءَ جي بستري تي رهڻ بعد ۸۰ کن سالن جي ڄمار ۾، ۲۲.۰۱.۲۰۱۴ تي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ صبح جو نائين ڏهين ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪري، کنڀري جي آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ٿي ويو. سنڌ اهڙن مثالي سياستدان ۽ صنعتڪار کي هميشه ياد رکندي.

پاڻ آخري وقت ۾ کپري کان پري ضرور گذاريائون پر غريبن مسڪينن کي ڪڏهن به نه وساريائون ۽ نه ئي اهي کين وساري سگھندا، جن جي چلهه قاضي صاحب جي ڪري گرم هئي ۽ قاضي صاحب جن لاءِ ڇپر ڇانءَ هئا.

No comments:

راءِ ڏيندا