; سنڌي شخصيتون: استاد محمد جمن

10 February, 2014

استاد محمد جمن

استاد محمد جمن
سنگيت جي ساز، آواز ۽ سوز جو ڏات ڌڻي
ناصر قاضي
ننڍي کنڊ جو ناميارو براڊڪاسٽر زيڊ اي بخاري (ذوالفقار علي بخاري) هڪ براڊڪاسٽر هجڻ سان گڏ، شاعري توڙي صداڪاريءَ کانسواءِ مَ ڄاڻ ڪيترين ئي انيڪ خوبين سان مالامال هو، ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱي وقت ريڊيو پاڪستان جو پهريون ڊائريڪٽر جنرل به کيس ئي مقرر ڪيو ويو. ورهاڱي کان ٺيڪ هڪ سال بعد ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي جڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو وجود عمل ۾ آيو، تڏهن اها ريڊيو اسٽيشن به يقيناً بخاري صاحب جي سرواڻيءَ ۾ هلڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ ڪلفٽن تي موسيقيءَ جو هڪ پروگرام منعقد ٿيو، جنهن ۾ هن سنڌي لوڪ ڳائڻن جي هڪ جوڙ کي ٻڌو، ان جوڙ ۾ ٻين فنڪارن سان گڏ هڪ تيرنهن سالن جو ٻالڪ بانسري نواز پڻ هو، جنهن جي ننڍڙي عمر باوجود مترنم انداز ۾ وڄايل بانسري برصغير جي هيڏي وڏي قدآوار براڊڪاسٽر کي موهي وڌو ۽ زيڊ- اي بخاري ان ننڍڙي بانسري نواز کي گھر وڃڻ بجاءِ ريڊيو اسٽيشن تي وٺي ويو، جتي هن اسٽوڊيو ۾ کائنس آڊيشن ورتو. ان آڊيشن ۾ ان ننڍڙي ٻالڪ لطيف سائين جي راڳڻي ڪوهياريءَ جا آلاپ پنهنجي بانسريءَ ۾ وڄايا. نتيجي ۾ زيڊ اي بخاري صاحب ان ٻار جي بانسريءَ مان ايتري قدر متاثر ٿيو، جو کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ هڪ بانسري نواز جي حيثيت سان اسٽاف آرٽسٽ طور نوڪري ڏئي ڇڏيائين. اڳتي هلي اهو ننڍڙو ٻالڪ بانسري نواز سنڌ جو عظيم ڪلاڪار ۽ موسيقار ثابت ٿيو، جنهن کي اڄ به دنيا استاد محمد جمن جي نانءَ سان ياد ڪري ٿي.


استاد محمد جمن جو خاندان بلوچستان جي لسٻيلي واري علائقي جي سخيراڻي قبيلي سان تعلق رکندو هو، سندس وڏڙن جو بابا بلاول نورانيءَ جي درگاهه سان عقيدت جو ناتو هوندو هو، جيڪي ساڳئي درگاهه جا خليفا پڻ هئا، ان عقيدت جي رشتي سان استاد محمد جمن جي ڏاڏي شاهه نورانيءِ کان دعا ورتي ته: ”سر جو سفر منهنجي ايندڙ نسل ۾ ڀرپور نموني سان قائم ۽ دائم رهي.“ ۽ اڳتي هلي شاهه نورانيءَ جي دعائن سان تند جي ساز جي وڄت واري وندر جي صورت ۾ موسيقيءَ جي ملڪيت استاد محمد جمن جي خاندان کي مرشدن وٽان عنايت ٿي ملي. استاد محمد جمن جا وڏڙا تنبوري ۽ سرندي جي وڄت ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح ان ئي خاندان جو چشم و چراغ حاجي احمد پنهنجي وقت ۾ سرندي جو ڀلوڙ وڄتڪار ٿي اڀريو، جنهن جي جھوليءَ ۾ ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع تي استاد محمد جمن اکيون کوليون.
استاد محمد جمن اک کولڻ سان تند وارن سازن جا سوز ڀريا آواز پنهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ڪيا، انڪري کيس ننڍپڻ ۾ ئي ساز وڄائڻ جي جستجو پيدا ٿي. جهڙي نموني هر ٻار جي پنهنجي ئي خاندان جي ڪنهن همعمر ٻالڪ سان وڌيڪ انسيت هڪ فطري عمل هوندو آهي، ساڳئيءَ ريت استاد محمد جمن به ننڍپڻ ۾ پنهنجي ئي خاندان جي هڪ جيڏي ماسات سان وڌيڪ ويجھو هوندو هو، جيڪو بانسري تمام سٺي وڄائيندو هو. پنهنجي وڏڙن کي ڏسي، استاد محمد جمن کي به ساز توڙي آواز سکڻ جو شوق اڳواٽ ئي ورثي ۾ مليو، ويتر پنهنجي ماسات جي سنگت ۽ ساٿ ۾ رهڻ ڪري سندس شوق جنون جي حد اختيار ڪري ويو. ان وقت سندس ماسات پنهنجي ئي گڏ ڪيل بانسرين مان هڪ بانسري استاد محمد جمن کي به تحفي طور ڏني، جنهن بانسريءَ جي ڇهن سرن تي استاد محمد جمن پنهنجون ننڍڙيون آڱريون ڌريندي، بانسريءَ جي آلاپ سان الله توهار ڪندي، ٻالجتيءَ ۾ ئي پنهنجي پوري ڄمار موسيقيءَ کي ارپي ڇڏي. جيتوڻيڪ سندس وڏڙا تند وارن سازن جا وڄتڪار هئا، پر استاد محمد جمن پنهنجي ان ماسات جي توسط سان ڦوڪ واري ساز بانسريءَ سان ئي پنهنجي فني سفر جو آغاز ڪيو.
اهڙيءَ طرح استاد محمد جمن موسيقيءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي مسلسل رياض ۽ محنت سان بانسريءَ ۾ اهڙو ته رچاءُ، سر ۽ سوز پيدا ڪري ورتائين، جو مٿي درج ٿيل بيان موجب کيس تيرهن سالن جي عمر ۾ ئي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي اسٽاف آرٽسٽ طور ملازمت ڏني وئي. استاد محمد جمن پهريان ريڊيو تي ريڪارڊ ٿيندڙ سنڌي ڪلامن تي بانسري وڄائڻ سان ميڊيا تي سر جي سفر جو آغاز ڪيو، پر ٿوري ئي وقت ۾ سندس قابليتن جو قدر ڪندي کيس اردو اسمن جي ريڪارڊنگ ۾ به بانسريءَ لاءِ بڪ ڪيو ويندو هو.
۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو افتتاح ٿيو ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي ڪجھه سريلن سازندن جي چونڊ ڪري، جٿي جي صورت ۾ انهن کي حيدرآباد بدلي ڪيو ويو، ته جيئن هو نئين اسٽيشن تي ڪم کي جاري رکي سگھن. اهڙي طرح استاد محمد جمن ريڊيو حيدرآباد تي پهتو، جتي هن بانسري وڄائڻ سان گڏ ڳائڻ به شروع ڪيو. ان وقت استاد محمد جمن ۲۰ سالن جو نوجوان هو. انهن ڏينهن ۾ ريڊيو حيدرآباد تي ناميارو موسيقار استاد نذر حسين (جيڪو ملڪه ترنم نورجهان جو استاد پڻ هو) اردو جو ميوزڪ ڊائريڪٽر هوندو هو، جنهن جي صحبت ۾ رهندي استاد محمد جمن جي دل ۾ اها خواهش پيدا ٿي ته استاد نذر حسين جي سرپرستيءَ ۾ فن جو فيض حاصل ڪجي. اهڙي نموني استاد محمد جمن سندس رهنمائيءَ ۾ راڳ جي سکيا وٺندو رهيو ۽ گڏوگڏ بانسريءَ واري ڪرت ۾ به پاڻ موکيندو رهيو. ويتر استاد نذر حسين به استاد محمد جمن جي هوشيارپ ۽ ڏاهپ مان ايتري قدر متاثر ٿيو، جو ڪا نئين ڌن تخليق ڪرڻ وقت استاد محمد جمن کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو، استاد نذر حسين هارمونيم تي ڌن ٺاهي کيس ٻڌائيندو هو ۽ استاد محمد جمن پنهنجي استاد جي ٻڌايل ساڳئي ڌن بانسريءَ سان آلاپيندو هو ۽ اهڙيءَ طرح ريڪارڊنگ ٿيندي رهندي هئي.
ان بعد ٿوري ئي وقت ۾ استاد نذر حسين کيس مڪمل ڌن ٺاهڻ لاءِ به چوندو هو ۽ استاد جي اجازت ملڻ بعد استاد محمد جمن نون اسمن تي نيون ڌنو پڻ ٺاهيندو هو. ان حوالي سان استاد محمد جمن پنهنجي هڪ ڏنل انٽرويو ۾ اهڙو ذڪر ڪيو هو ته روبينه قريشيءَ جي ريڪارنڊنگ لاءِ هڪ ڪلام تي استاد محمد جمن ڌن ترتيب ڏني، جيڪا ان وقت ريڊيو حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر حميد نسيم ٻڌي ۽ اسٽوڊيو ۾ اچي معلوم ڪيائين ته اها ڌن ڪنهن ٺاهي آهي؟ جڏهن کيس خبر پئي ته اها ڌن استاد محمد جمن ٺاهي آهي ته کيس نه صرف داد ڏنائين، پر اسٽاف آرٽسٽ کان ميوزڪ ڪمپوزر طور کيس ترقي به ڏنائين ۽ اهڙي نموني استاد محمد جمن پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي هڪ وڄتڪار ۽ گلوڪار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ موسيقار جي حيثيت ۾ به پاڻ مڃايو.
استاد محمد جمن کي پاڪستان ٽيليويزن تي پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو، هن سڀ کان پهريان پي. ٽي. وي تي مرزا قليچ بيگ جو ڪلام ڳايو، جنهن جا ٻول هئا: ”ڪر ڌيان دنيا آهي فاني“. ۱۹۶۲ع ۾ استاد محمد جمن جي سرواڻيءَ ۾ پاڪستان جي لوڪ فنڪارن جو وفد روس اماڻيو ويو، هن پرڏيهي دؤري کانپوءِ به استاد ڪيترائي ڀيرا هندستان، ايران، بنگلاديش، اندونيشيا، چين ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وڃي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪيو.
استاد محمد جمن لطيف سائين جي راڳن جو تمام گھڻي گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو ۽ شاهه سائينءَ جي ڪلام کي، شاهه جي سرن جي لوازمات پٽاندر، ان جي اصلوڪلين شڪلين ۾ ڌنون ترتيب ڏيئي عوام الناس تائين پهچايو. ان حوالي سان ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته استاد محمد جمن، شاهه سائينءَ جي آفاقي ڪلام کي ننڍپڻ ۾ ئي پرکڻ جي لاشعوري ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جو اظهار پاڻ پنهنجي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو اٿائين، جيڪو نامياري براڊڪاسٽر، شاعر ۽ ليکڪ ڪوثر ٻرڙي جي ڪتاب ’فن ۽ فنڪار‘ (ڀاڱو پهريون) جي ۳۲۹ صفحي تي هن طرح ڏنل آهي:
”معذوري راڳڻيءَ جي شڪل منهنجي ذهن ۾ هوندي هئي، ڇو ته اسان جا وڏا جيڪي ساز وڄائيندا هئا، انهن ۾ معذوريءَ جون شڪليون موجود هونديون هيون. نالا کڻي پنهنجا هوندا هئا، معذوري لس ۽ حب جي لڪن ۾ سازن ذريعي گونجندي رهي آهي، منهنجي ذهن ۾ معذوري سمائجي وئي. مان بابي جي گوڏي تي سمهندو هوس ته معذوري ٻڌندي ننڊ اچي ويندي هئي. جڏهن سنڌ ۾ آيس ۽ لطيف سائين جي رسالي تي نظر پئي ته ڏٺم معذوري داستان لکيو پيو آهي. معذوريءَ جي وائي ڪڍي ان کي ڪافيءَ جي شڪل ۾ ڳايم، جيڪا ڏاڍي مقبول ٿي.“
استاد محمد جمن شاهه سائينءَ ۽ مڙني درويشن جي ڪلام سان گڏوگڏ موسيقيءَ جي هر صنف جهڙوڪ: خيال، ٺمري، گيت، ترانو، ڪافي وغيره پڻ نهايت سهڻي انداز ۾ ڳايا. استاد محمد جمن جتي ’راڻل تو بن رات‘، ’ڪارون وس ڪيام‘ ۽ ٻيون وايون ڪلاسيڪل رنگ ۽ ڪافيءَ جي انداز ۾ ڳايون، اتي ’يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي‘ توڙي ’انت بهر دي خبر نه ڪائي رنگي رنگ بنايا‘ جهڙيون لافاني ڪافيون ڳائي ٻڌندڙن کي موهي وڌو، نه صرف ايترو، پر غزل واري صنف ۾ به استاد محمد جمن پنهنجي آواز ۾ ’عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو‘، ’ٻڌايان مان ڪنهن کي هي غم جو فسانو‘ جهڙا املهه غزل ڳائي موسيقيءَ جي مداحن جون دليون کٽي ورتيون.
استاد محمد جمن ۱۹۷۰ع ۾ رليز ٿيندڙ سنڌي فلم ’تنهنجون ڳالهيون سڄڻ‘ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي فلمن جي لاءِ به ڳايو، هن فلم جي موسيقي نامياري موسيقار ۽ بينجو نواز بلاول بيلجيم ترتيب ڏني، جنهن بعد هڪ ٻي فلم ’ڪالو‘ ۾ به سندس مٺڙي آواز کي شامل ڪيو ويو. استاد محمد جمن جي ڪيل اڻٿڪ فني خدمتن جي اعتراف ۾ ۱۹۸۰ع ۾ صدارتي ايوارڊ برائي حسنِ ڪارڪردگي کان علاوه ۲ ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سر مست ايوارڊ، لعل شهباز قلندر ايوارڊ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻين سرڪاري توڙي نجي ايوارڊن جي صورت ۾ کيس داد ڏنو ويو. ان کان علاوه عوام کان وٺي ملڪ جي حڪمرانن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، صدر محمد ايوب خان ۽ ٻين جون محبتون به فن جي موٽ ۾ کيس ملنديون رهيون. استاد محمد پنهنجن وڏڙن پاران ورثي ۾ مليل آفاقي امانت، پنهنجو فن پنهنجن ٻچڙن مرحوم استاد شفيع محمد جمن ۽ محمد اويس جمن تائين پڻ منتقل ڪيو، جن به مليل امانت جي احسن انداز سان پاسداري رکندي، رهندي دنيا تائين پنهنجي وڏڙن جو نالو روشن ڪيو آهي. ۱۹۸۷ع ۾ استاد محمد جمن طبيعت جي مسلسل ناساز رهڻ ڪري ڪافي حد تائين پنهنجون ذميواريون پنهنجن لائق فرزندن کي سونپي ڇڏيون، جن کي استاد محمد جمن پنهنجي جڳهه تي ميلن، ملاکڙن، محفلن توڙي عوامي ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ موڪليندو رهندو هو ۽ موٽ ۾ استاد شفيع محمد جمن ۽ سندس ڀاءُ استاد محمد اويس جمن به پنهنجي والدِ محترم جي سُرَ توڙي سڀاءَ جي ڪمي ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏني.
استاد محمد جمن، جنهن پنهنجي فني سفر جي شروعات ساز سان ڪئي ۽ بعد ۾ آواز (گلوڪاري) توڙي سوز (Music Composing) جي ميدانن ۾ به ڪمالِ فن حاصل ڪيو. سنڌ جي هن با ڪمال ڪلا ڌڻيءَ پنهنجي پوري ڄمار ڌرتيءَ کي پنهنجا سريلا آواز ارپيندي ۲۴ جنوري ۱۹۹۰ع تي ڌرتيءَ وارن کان جدا ٿيندي ڌرتيءَ منجھه آرامي ٿيو.



استاد محمد جمن
سُر سنگيت جون خدمتون
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
جڏهن به سنڌي موسيقيءَ جو ذڪر ڪبو ته اُستاد محمد جُمن جو نالو مٿانھن نالن ۾ نظر ايندو. اُستاد محمد جُمن ڳائڻ سان گڏ بينسري به وڄائيندو هو. بينسري ڦُوڪ ڏئي وڄائڻ جو ساز آهي جنھن سان گلو کُلي پوَندو آهي. اُستاد محمد جُمن جڏهن ڳائڻ شروع ڪيو ته کيس بينسريءَ جي وڄائڻ وڏو فائدو ڏنو ۽ جن سُرن کي ادا ڪرڻ لاءِ مھينا سِکڻو ۽ رياض ڪرڻو پوَندو آهي اُستاد محمد جُمن اُهي ڪُجهه ڏينھن ۾ سِکي ورتا ۽ تمام گهڻو مقبُول ٿي ويو.
اُستاد محمد جُمن جا وڏا اصل ۾ بلوچستان جي لس ٻيلي جا ذات جا سخيراڻي هُئا. هُو ڳوٺ ڪَنڊ جهنگ ۾ ڏهين آڪٽوبر ١٩٣٥ع ڌاري حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندس وڏا سُرندو وڄائيندا هُئا. هي اُنهن جي هنج ۾ ويھي سُرندو ٻُڌندو هو ۽ سُرندي جا سُريلا آلاپ ٻُڌي کيس ننڊ وٺي ويندي هُئي. ان ماحول ۾ هُن هوش سنڀاليو ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس. هن راڳ جي باقاعدي سکيا اُستاد نظر حُسين کان ورتي. نظر حُسين ملڪا ترنم نُور جھان جو اُستاد به هو. اُستاد محمد جُمن هڪ انٽرويوءَ ۾ ٻُڌايو هو ته اُستاد نظر حُسين چوَندو هو ”تُون فن ۾ ملڪئه ترنم نُور جھان کان به وڌيڪ آهين.“ ان جو هڪ مثال ته اهو آهي ته اُستاد محمد جُمن جُون ٺاهيل ڌُنُون نُور جھان ڳايون. نُور جھان اُستاد محمد جُمن جو ڳايل ڪلام ”يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي“ ڳائيندي هُئي ۽ جڏهن اهو ڪلام پھريون ڀيرو ڳايائين ته اُن جو ڪُجهه مُعاوضو اُستاد محمد جُمن ڏانھن موڪليو هُئائين. ان معاوضي جي اصل ڪھاڻي ائين آهي ته ٧٦ – ١٩٧٥ع ڌاري فلم ساز اَي حميد اُستاد محمد جُمن جي ڪمپوز ڪيل ڪلام يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي کي پنھنجي فلم ۾ ميڊم نُور جھان کان ڳائرائڻ چاهي پيو. ميڊم نُور جھان کي جڏهن اها ڌُن ٻُڌرائي وئي ته هُن چيو هيءَ شئي ته سنڌ جي هڪ فنڪار جي آهي سو پھريان اُن کان اجازت وٺي پوءِ ڳائينديس. ان کان پوءِ اَي حميد صاحب حيدرآباد آيو ۽ اُستاد محمد جُمن کان ان ڪلام کان سواءِ ٻيون ڌُنُون به وٺي ويو. هُن اُستاد کي چوَن ٿا ته اُن وقت ڏهه هزار رُپيا ڏنا هُئا.
١٩٤٧ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺھيو ته اُن وقت سنڌ ۾ ڪا به ريڊيو اسٽيشن ڪانه هُئي. ١٤هين آگسٽ ١٩٤٨ع تي ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي جنھن جي نشريات انٽيليجنٽس اسڪُول منجهان شروع ڪئي وئي.
اُن وقت ريڊيي ڪراچيءَ جو سرواڻ ريڊيي جو ابو زيڊ اي بُخاري (ذوالفقار علي بُخاري) هُوندو هو. بُخاري صاحب اسٽيشن ٺھڻ کان ڪُجهه مھينا پوءِ لوڪ ڳائڻن جي هڪ ٽولي کي ڪلفٽن تي ٻُڌو. انهن منجهه محمد جُمن به موجُود هو. محمد جُمن جي بينسريءَ سندس من موهي وِڌو. اتان ئي بُخاري صاحب محمد جُمن کي ريڊيي اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ ٻه چار منٽ کيس مائيڪرو فون تي ٻُڌائين. محمد جُمن کيس راڳ ڪوهياريءَ مان ڌُن ٻُڌائي. اها ئي ڌُن سندس آڊيشن ۽ ٽيسٽ بڻي جنھن کان پوءِ محمد جُمن کي بُخاري صاحب اسٽاف آرٽسٽ جيءَ حيثيت ۾ ريڊيي جو مُلازم ڪري رکيو. هُن ڪيترن ئي ڪلامن ۾ بينسري وڄائي، خاص ڪري اُستاد محمد ابراهيم جي ڳايل ڪلامن ۾.
هڪ روايت اها آهي ته ١٩٤٩ع ۾ اُستاد محمد جُمن ۽ اُستاد محمد حسن ريڊيي تي آيا ۽ ٻئي گڏجي ڳائيندا هُئا. ان کان پوءِ زيڊ اي بُخاريءَ کيس بينسري نواز جي حيثيت ۾ ٻُڌو ۽ مُلازم ڪري رکيو. ٻي روايت اها آهي ته محمد جُمن ٥٨ _ ١٩٥٧ع ڌاري ان وقت جي پروڊيوسر علي محمد چاڳلا صاحب جيڪو پھريون سنڌي پروڊيوسر به آهي، وٽ ڳائڻ جي آڊيشن ڏني پر چاڳلا صاحب کيس اهو چئي ناپاس ڪري ڇڏيو ”تُنھنجو تلفظ ڪچو آهي ۽ تُون ڪُجهه پڙهي به نه ٿو سگهين.“ تنھن کان پوءِ هُن پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينھن ۾ پھريون درجو اڌو گابرو پڙهيائين ۽ ڪُجهه پڙهڻ لکڻ جھڙو به ٿيو ۽ پنھنجو تلفظ به سُڌاريائين.
هُن شاهه صاحب جي ٻوليءَ کي ڏاڍي سُھڻي نمُوني ڳايو ته ٻين ماڻهن سندس ڪلام ٻُڌي پنھنجو اُچار سُڌاريو جيڪو سلسلو اڃان به جاري آهي. هن ريڊيي تي سڀ کان پھريان شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام رڪارڊ ڪرايو:
دوست پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو
آگسٽ ١٩٥٥ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن ٺھي ته اُستاد محمد جُمن کي اُتي موسيقار جيءَ حيثيت ۾ موڪليو ويو. هُو اُتي ڳچ عرصو رهيو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي گهڻي ئي خدمت ڪيائين. حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هُن سنڌ جي مُختلف صُوفي بُزرگن جي ڪلام کي منظُوم اُردو ترجمي سان گڏ به رڪارڊ ڪرايو. سندس ڳايل اهڙن ڪلامن ۾ اُردو ترجمو سندس هڪ شاگردياڻي ثُريا حيدرآبادي ڳائيندي هُئي.
اُستاد محمد جُمن هونئن ته ڪيترا ئي ڪلام ڳايا. هُن شاهه سائينءَ جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳايو. ٻين صُوفي بُزرگن ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين پر جيڪو ڪلام سندس سُڃاڻپ بڻيو سو آهي شاهه سائينءَ جو ڪلام:
مُنھنجو مُلڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءٌ ڪيئن گُذاريان؟
ان ڪلام جي ڌُن اُن وقت جي مشھور موسيقار دِيبوءَ ڀَٽا چاريا ٺاهي هُئي. اهو ڪلام ايڏو ته مقبُول ٿيو جو هر محفل ۾ اُستاد کان فرمائش ڪئي ويندي هُئي. ان ڪلام کان پوءِ اُستاد محمد جُمن جو ڳايل ٻيو جيڪو ڪلام گهڻو مقبُول ٿيو سو هو بُلهي شاهه جو ”انت بحر دي ڪَل نه ڪا ئي، رنگيءَ رنگ بڻايا“
اُستاد محمد جُمن ٻن فلمن لاءِ به ڳايو. هڪ سنڌي فلم ”تُنھنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ مشھور بينجي نواز بلاول بيلجيم جي موسيقيءَ ۾ نغما ڳايائين. ان فلم جو نغمو ”هو سُھڻا يار سڄڻ“ ٻي اُردو فلم ”ڪالو“ جيڪا ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي جي عڪاسي ڪندڙ هُئي اُن فلم ۾ مشھُور اداڪار محمد عليءَ مُک ڪردار ادا ڪيو هو. ان ۾ اُستاد محمد جُمن شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام ڳايو:
آءٌ جي اها ئي ذات، تُون پاڻ سُڃاڻج سُپرين
اُستاد محمد جُمن اُردوءَ، سرائڪيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڳايو. سندس ڳائڻ جي خاص ڳالهه اها هُئي ته سنڌي راڳ جي خاص انگ کي قائم رکيائين. سندس ٺاهيل ڌُنون تمام گهڻو مقبُول ٿيون. اهي ڌُنُون ٻين به ڪيترن ئي فنڪارن ساڳي انداز ۾ ڳايون. هُن ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا به ڏني. جيئن جيجي زرينا بلوچ، زيب النساءِ، ثمينا ڪنول، علي محمد خاصخيلي، جميلا ناز، شفيع محمد، قادر علي، محمد اويس وغيرهه. اهي فنڪار به پاڻ سنڌي موسيقيءَ جا وڏا نالا آهن. اُستاد محمد جُمن حيدرآباد کان پوءِ ڪراچي ريڊئي تي واپس وريو ۽ آخر تائين وابستو رهيو. کيس نم جو وَڻ تمام گهڻو وَڻندو هو. ڪراچيءَ ۾ سندس گهر اڳيان نم جو وڻ هُوندو هو جنھن جيءَ ڇانوَ ۾ ويھي رياض به ڪندو هو ته مھمانن سان ڪچھري به ڪندو هو.
سندس پُٽ شفيع محمد به کانئنس گهڻو ڪُجهه سِکيو ۽ سندس سِڪُون لاهيندو هو. هِن وقت اُستاد جو پُٽ اويس سندس انداز ۾ ئي ڳائي پيو. اويس جي شڪل صُورت به اُستاد سان ملي ٿي. هُو اسٽيج، ريڊيي ۽ ٽي ويءَ تي فن جو مُظاهرو ڪندو رهي ٿو. گهڻي ڀاڱي پنھنجي پيءُ جا ڳايل ڪلام ڳائيندو آهي.
اُستاد محمد جُمن ريڊيي، اسٽيج ۽ فلم کان سواءِ ٽي ويءَ تي به فن جو مظاهرو ڪيو. کيس پاڪستان ٽيليويزن تي نالي واري ٽي وي پروڊيوسر ۽ پي ٽي وي ڪراچيءَ جي اڳُوڻي جنرل مينيجر عبدالڪريم بلوچ مُتعارف ڪرايو. سندس ٽي ويءَ تي پھريون ڪلام مرزا قليچ بيگ جو ”ڪر ڌيان دُنيا آهي فاني“ رڪارڊ ڪيو ويو. هُو سنڌ جي صُوفي بُزرگن خاص ڪري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ قلندر لال شھباز جي ساليانن عُرسن تي خاص طور تي ڳائڻ ويندو هو. بلوچستان جي بُزرگ شاهه بلاول نُورانيءَ سان به سندس خاص عقيدت هُئي. ان جي درگاهه تي به حاضري ڀريندو رهندو هو.
اُستاد محمد جُمن نالي واري فلم اسٽار مُصطفيٰ قُريشيءَ ۽ روبينا قُريشيءَ سان لاهور ملڻ ويو. جڏهن پنھنجي وقت جي وڏي فنڪار ملڪا پُکراج کي اُستاد جي لاهور ۾ اچڻ جي خبر پئي ته ساڻس ملي ۽ کيس چيائين مُون کي ڪافي ڳائڻ سيکار! پوءِ اُستاد کيس ڪُجهه سيکاريو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُستاد محمد جُمن وٽ موسيقيءَ جي ڪيتري ڄاڻ هُئي ۽ ڪافي ڳائڻ ۾ ڪيڏي مھارت هُئي! سُر معذُوري سندس پسند جو سُر هو.
هُن مُلڪ کان ٻاهر به پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ١٩٦٢ع ۾ پاڪستان جا لوڪ ڳائڻا رُوس ۽ ڪُجهه ٻين مُلڪن ڏانھن ويا. انهن ۾ اُستاد محمد جُمن سنڌ جي فنڪارن جي رهبري ڪئي. هُو هندُستان، بنگلا ديش، ايران، انڊونيشيا، چين ۽ افغانستان به ويو.
اُستاد محمد جُمن کي ڪيترا ئي ايوارڊ جھڙوڪ پرائيڊ آف پرفارمنس، شاهه لطيف ايوارڊ ۽ حضرت سچل سرمست ايوارڊ وغيرهه مليا.
اُستاد محمد جُمن شاعري به ڪندو هو. هُن گهڻي ڀاڱي پنھنجي شاعري پاڻ ڳائي آهي. سندس هڪ مشھُور ڪلام آهي:
اڻڄاڻن سان مُنھنجو پيچ پيو
خبر ڪانه پئي، هي ڇا ٿي ويو؟
سندس شاعريءَ ۾ شاهه سائينءَ جي صُوفياڻي فڪر جو رنگ چٽو نظر اچي ٿو. ان حوالي سان مثال لاءِ اويس جُمن وٽان مليل بيت پيش ڪجي ٿو:
ڪفني پائي قُرب جي، ويس ڪعبي ڏانھن ڪاهي
طواف ڪياسين تڪڙا، سيني کي ساهي
اُت الله پاڻ آهي، جنھن جوڙي جوڙ جُمن چئي
سنڌي سُر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمتگار اُستاد محمد جُمن ٢٤هين جنوري ١٩٩٠ع تي صُبح جو پنجين وڳي اسان کان جُدا ٿي ويو.
اُستاد محمد جُمن جسماني طور ته اسان وٽ ناهي پر سندس فن ۽ آواز زندهه آهي. ان ميراث مان ڪيترا ئي فنڪار ۽ سنڌي موسيقي فائدو وٺي پئي اُستاد محمد جُمن جي ئي لفظن ۾:
جُمن جيئرو هُوندين، تُون جھان ۾
ڀاءُ تو کان ڀيروين، ڀڃندي نه ڀيرو
اُڏري ويو ڳيرو، اڃا لامَ لُڏي پئي.



استاد محمد جمن
مُهان ڪلاسيڪل راڳي
ابراهيم لاشاري
سنڌي سر ۽ سنگيت جو تمام وڏو ڄاڻو، بهترين موسيقار ۽ فنڪار استاد محمد جمن ولد حاجي احمد سخيراڻي، بلوچستان جي علائقي لسٻيلي سوڙهه لڳ ڪنڊ جهنگ ۾ خميس ڏينهن ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع ڌاري راڳي ۽ زميندار گهراڻي ۾ جنم ورتو. استاد محمد جمن کي ننڍپڻ کا وٺي دنيا جي قديم ترين ساز بانسري وڄائڻ جو شوق هوندو هيس سندس وڏا وري سرندو وڄائڻ جا وڏا ماهر هوندا هئا. وڏڙن جي هنج ۾ ويهي پيو سرندو سر ٻڌندو هو. سرندي جا سهڻا سوز ڀريا ساز سندس روح کي راحت پيا ڏيندا هئا. سرندي جي سُرن ٻڌڻ شرط کيس ننڊ اچي ويندي هُئي.
استاد محمد جمن جو جواني ۾ ئي موسيقي سکڻ واري ڪرت سان دلي لڳاءَ لڳي ويو هو، تنهن بعد سڀ سر سکي. محمد جمن راڳ جو ڳانو استاد نظر حسين کان ٻڌرايو. جيڪو پاڪستان جي مشهور فنڪارا ملڪه ترنم ميڊم نورجهان جو پڻ استاد هو محمد جمن هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو ته استاد نظر حسين مونکي چوندو هو ته (محمد جمن توهان فن موسيقي ۾ ملڪه ترنم نورجهان کان به تمام وڌيڪ ڄاڻو آهيو) ان جو وڏو واضح ثبوت اهيو هو ته محمد جمن کي موسيقي جي مختلف سرن تي وڏي دسترس حاصل هوندي هئي. لئي ۾ مهارت به سندس گائيڪي جي خاصيت هئي. طبلو، گهڙو، ڍولڪ، سنڌي موسيقي جي تال جا ساز آهن پنهنجي گائڪي ۾ استاد محمد جمن انهن کي استعمال ڪندي لئي جو اهو وزن قائم رکندو هو. جيڪو موسيقي سان دلچسپي رکندڙن ۾ گهڻو مقبول رهيو جيتوڻڪ محمد جمن آواز ٿورو نڪ مان ڪڍندو هو پر پوءِ به سندس آواز ميٺاج ۽ مڌرتا سان ٽمٽار هوندو هو. جڏهن  ۱۹۴۷ع اسان جو پيارو ملڪ دنيا جي نقشي تي اڀري وجود ورتو. ته ان زماني ۾ سنڌ صوبي ۾ ڪا به ريڊيو اسٽيش ڪا نه هئي. ٻارنهن مهينا گذرڻ بعد ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع ڌاري ڪراچي شهر ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ان وقت ريڊيو ڪراچي جو سرواڻ زيڊ اي بخاري صاحب (ذوالفقار علي بخاري) هوندو هو.
بخاري صاحب اسٽيشن ٺهڻ کان ڪجهه مهينا بعد ڪجهه فنڪارن کي  ڪلفٽن (ڪراچي) تي ٻڌو انهن منجهه محمد جمن به شامل هو ان زماني ۾ بخاري صاحب محمد جمن کي ريڊيو اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ استاد محمد جمن کان آڊيشن ورتائين، استاد محمد جمن کيس ڪوهياري راڳ منجهان ڌن ٻڌائي اها ئي ڌن سندس قسمت جو ساٿ بڻجي وئي، جنهن کانپوءِ محمد جمن کي بخاري صاحب اسٽاف آرٽسٽ جي حيثت ۾ ريڊيو تي ملازم ڪري رکيو. ريڊيو اسٽيشن سان وابستگي کان پوءِ سنگيت جي سکيا وٺڻ لاءِ ڪلاسيڪي موسيقي جي سکيا بڙي وحيد علي خان کان ورتي هڪ روايت موجب ۱۹۴۹ع ڌاري استاد محمد جمن ۽ استاد محمد حسن ريديو تي آيا هئا ۽ ٻئي گڏجي ڳائيندا هئا. ان بعد زيڊ اي بخاري صاحب کيس بينسري نواز جي حيثيت سان ٻڌو ۽ ريڊيو تي ملازم ڪري رکيو ڪي وري چون (لکن) ٿا ته ۱۹۵۸ع ڌاري کانئن ڳائڻ جو آڊيشن ان وقت جي پهرئين سنڌي پرڊيوسر علي محمد چاڳلا صاحب ورتو پر کيس آواز ساٿ نه ڏنو، چاڳلا صاحب کي سندس تلفظ بنهه پسند نه آيو کيس ناپاس ڪيو. محمد جمن کي صلاح ڏنائون ته (ٻه ٽي درجا پڙهي اچ ۽ تلفظ به چٽو ڪري اچ) پوءِ محمد جمن محنت سان لڳي ويو. نيٺ پهريون درجو اڌو گابرو پڙهڻ بعد ڪجهه تلفظ سڌاريائين. استاد محمد جمن ريڊيو تي جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪايو، (ڳايو) هو جنهن جو شاعر ڌرتي جو سڀ کان وڏو  شاعر حضرت شاهه عبدا للطيف ڀٽائي رح  ئي هو جنهن جا ٻول هئا
دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو؛
۱۹۵۵ع  جي آگسٽ مهيني ۾ حيدرآباد ريڊيو اسٽيش جو وجود پيو استاد محمد جمن کي هن اسٽيشن تي موسيقار جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو استاد محمد جمن ڪافي عرصو حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي رهيوم هن اتي رهي سنڌي موسيقي جي زبردست خدمت ڪئي استاد محمد جمن ريڊيو، ٽي وِي اسٽيج کانسواءِ فلم ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو کيس ٽيليويزن اسٽيشن تي محترم عبد الڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. (ڪر ڌيان دنيا آهي فاني) محترم مرزا قليچ بيگ جو ڪلام ڳائي/ رڪارڊ ڪرائي، هن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. استاد محمد جمن هوئين ته ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پنهنجي آواز ۾ ڳائي پر شاهه لطيف جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳايو. جيڪو ڪلام سندس سڃاڻپ بڻيو سوهو لطيف سائين جو ڪلام (منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آ ڪيئن گذاريان) هن ڪلام جي ڌن ان زماني جي مشهور موسيقار (ديبو ڀٽاچاريه) جي ٺاهيل هئي. ان ڪلام محمد جمن جي شهرت ۽ زندگي کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا جتي به پنهجي فن جو مظاهرو پيو ڪري ته اتي سندس پرستار هن ڪلام جي فرمائش پيا ڪندا هئا. ان بعد سندس قسمت جي ديوي چوٽ تي هئي، پنجابي زبان جي مشهور شاعر با با بلي شاهه جو ڪلام (انت بحر دي ڪل نه ڪائي رنگي رنگ بڻايا) به مقبوليت جو سبب بڻيو .هڪ ٻي ڪافي ملڪان ملڪ مشهوري ماڻي اها هئي شاعر عثمان فقير سانگي جي سرائڪي جنهن جا ٻول  هئا (يار ڏاڍي عشق آتش لائي هي). هن ڪافي جي ڌن استاد محمد جمن ايتري ته سهڻي رکي هئي جو جنهن منجهان پاڪستان کان علاوه هندستان جي اردو موسيقارن پڻ ڪجهه گانا ڳايا. سندس کوڙسارو ڪلام ريڊيو پاڪستان جي اسٽوڊيوز۾ رڪارڊ ۽ محفوظ ٿيل آهي .
استاد محمد جمن ڏيهه کانسواءَ ٻاهرين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو جن ۾ ايران، انڊونيشيا، روس، چين، هندستان، افغانستان، بنگلاديش وغيره شامل آهن. ۱۹۶۲ع ڌاري پاڪستان جا لوڪ فنڪار روس ۽ ٻين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ ويا هئا. انهن ۾ استاد محمد جمن سنڌي سنگيت جي فنڪارن جي اڳواڻي پڻ ڪئي هئي. استاد محمد جمن سنڌي زبان کانسواءِ اردو، سرائڪي ۾ به فن جو مظاهرو ڪندو هو. هن ٻن فلمن لاءِ به ڳايو هڪ سنڌي فلم (تنهنجون ڳالهيون سڄڻ) ۽ ٻي فلم اردو زبان فلم جي (ڪالو) ۾ پڻ ڳائي فلم جي زينت ۾ اضافو ڪيو. استاد محمد جمن پنهنجي زماني ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي موسيقي جي فني سکيا سان نوازني تيار ڪيو تن ۾ جيجي زرينه بلوچ، زيب النساءِ، جميلا ناز، علي محمد خاصخيلي، شفيع محمد وغيره اهي فنڪار پڻ وقت جا وڏا نالا هئا استاد محمد جمن جي فن جي قدرداني به خوب ٿي کيس لاتعداد انعامن ۽ اعزازن سان وقتن به وقتن نوازيو ويو جن ۾ گولڊ انعام، بيدل انعام، سگا ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ته کيس (ٻه) ڀيرا ڏنو ويو ۽ سچل سرمست ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو
۱۹۸۰ع ڌاري پاڪستان سرڪار پاران (صدارتي ايوارڊ تمغه حسن ڪارڪردگي) پڻ شامل آهي سر ۽ سنگيت جو تمام وڏو ڄاڻو استاد محمد جمن اربع ڏينهن ۲۴ جنوري ۱۹۹۰ع تي پرهه ڦٽي مهل ڌاري ۵۴سال ۳ مهينا ۽ ۱۴ ڏينهن زندگي جا گذاري سڀ ساز بند ڪري، وڃي خالق حقيقي سان مليو. ڪافي عرصو (۲۸) سالن گذرڻ باوجود سندس فن کي اڄ به ساڳي چاهه سان ٻڌو وڃي ٿو. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جس لهڻي جو سندس ورسي جي موقعي تي هر سال فن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي سندس ورسي ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ استاد محمد جمن جا شاگرد ۽ موسيقار کيس فن، شخصيت ۽ موسيقي تي ڀيٽا پيش ڪندا آهن، هن عظيم راڳي جي اڄ ۲۴ جنوري ۲۰۱۸ تي ۲۸ ورسي ملهائي پئي وڃي.




استاد محمد جمن
ريڊيو پاڪستان جي نسبت سان
جبران زيب/ ريڊيو پاڪستان (حيدرآباد)
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان روز مشهور ڪلام مشهور فنڪارن جي آواز ۾ نشر ڪيا وڃن ٿا. نيم ڪلاسيڪي فنڪارن جي فهرست ۾ استاد محمد جمن اهم جاءِ والاري ٿو. اڄ به ريڊيو حيدرآباد تان جڏهن استاد محمد جمن کي نشر ڪيو وڃي ٿو ته ڪيتريون ئي دليون ساڻس گڏ ڳائين ٿيون. استاد محمد جمن ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع تي بلوچستان جي هڪ ڳوٺ ”ساڙو“ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ ۾ بانسري سان دل ۽ سندس ڪلاسيڪي موسيقي سان محبت هئي.
هن بانسري نواز جي حيثيت سان ريڊيو پاڪستان ڪراچي کان پنهنجي فن جي شروعات ڪئي. بانسريءَ سان گڏوگڏ ڳائڻ تي به عبور حاصل هئس. ٿوري وقت ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻيندڙ استاد جمن باقاعدگيءَ سان پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو حيدرآباد تان ڪئي. پاڻ موسيقار استاد نذر حسين خان جي تربيت ۾ رهيو ۽ ڪلاسيڪي موسيقي جي سکيا، بڙي وحيد علي خان کان ورتائين ۽ هن پنهنجي سريلي آواز سان محفلن ۾ رنگ ڀريا.
استاد محمد جمن سنڌي موسيقيءَ جي مقبول صنف ”ڪافي“ کي تمام منفرد انداز سان ڳايو. سندس سڀ کان مشهور ڪلام ”منهنجو ملڪ ملير“ ۽ ”بوند برهه جي بهار...“ سان گڏوگڏ سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ”يار ڏاڍي عشق آتش .....“ آهن ۽ ٻيا به اهڙا ڪيئي ڪلام آهن، جن ذريعي هن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
استاد محمد جمن کي موسيقيءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو. بيدل ايوارد، گولڊ ايوارڊ، لطيف ايوارڊ ۽ ۱۹۹۰ع ۾ پاڪستان گورنمينٽ طرفان ڏنل صدارتي ايوارڊ ”تمغهء حُسنِ ڪارڪردگي“ شامل آهن.
استاد جمن ڪيترن ئي راڳن تي ڪم ڪيو ۽ ڪيترن ئي فنڪارن کي ڌنون ڪمپوز ڪري ڏنيون.
استاد محمد جمن ۱۹۹۰ع ۾ ۲۴ جنوري تي ڪراچي ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.



استاد محمد جمن
محمد عثمان ميمڻ
جديد سنڌي موسيقيءَ جي استاد محمد جمن جا وڏا، اصل ۾ بلوچستان جي علائقي لس ٻيلي جا رهاڪو هئا. سندس جنم ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع تي ڳوٺ ڪنڊ جهنگ ۾، حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد، سُرندو وڄائڻ جو استاد ليکيو ويندو هو. انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو ٻڌندو هو ۽ سرندي جا سريلا آلاپ ٻڌي کيس ننڊ وٺي ويندي هئي. ان ماحول ۾ هن هوش سنڀاليو ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس.
هن راڳ جي باقاعدي سکيا استاد نظر حسين کان ورتي، جيڪو ملڪه ترنم نورجهان جو به استاد هو. استاد محمد جمن کي ننڍپڻ کان ئي بانسري وڄائڻ جو بيحد شوق هو. شوق جي تڪميل خاطر ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن جا چڪر ڪٽڻ لڳو. سال ۱۹۴۷ع ۾ جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان وقت سنڌ ۾ ڪا به ريڊيو اسٽيشن ڪا نه هئي. ۱۴ آگسٽ ۱۹۴۸ع تي ڪراچيءَ ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي، جنهن جي نشريات انٽيليجنس اسڪول مان شروع ٿي. ان وقت ڪراچي ريڊيو جو سرواڻ زيڊ اي بخاري هوندو هو. بخاري صاحب، ريڊيو اسٽيشن قائم ٿيڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ، لوڪ ڳائڻن جي هڪ ٽولي کي ڪلفٽن تي ٻڌو. انهن ۾ محمد جمن به موجود هو. استاد محمد جمن جي بانسريءَ سندس من موهي وڌو. اتان ئي بخاري صاحب، استاد محمد جمن کي ريڊيو تي وٺي آيو. جنهن کانپوءِ سندس آڊيشن وٺي، کيس اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت ۾، ريڊيو جو ملازم ڪري رکيائين.
ريڊيو اسٽيشن سان وابستگي کانپوءِ، استاد محمد جمن سنگيت جي سکيا وٺڻ لاءِ، استاد نذر حسين جو شاگرد بڻيو. وڌيڪ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا بڙي وحيد علي خان کان حاصل ڪيائين. ڪلاسيڪي موسيقي جي سکيا کانپوءِ، شاهه سائينءَ جي سُرن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪيائين.
استاد محمد جمن ۽ محمد ابراهيم، ويهين صديءَ جا اهڙا موسيقار هئا، جن سنڌي سنگيت کي نوان رنگ، نيون راهون، نوان گهاڙيٽا ڏنا ۽ لاتعداد ڌنون ڪمپوز ڪيون. هي ٻئي گڏجي ڪم ڪندا هئا. هڪڙو ڌن ٺاهيندو هو ته ٻيو ان کي ڳائيندو هو. جيئن ته ڪافي، سنڌي موسيقيءَ جي هڪ مقبول صنف آهي ۽ هر دور ۾ فنڪارن ان کي پنهنجي انداز ۾ ڳايو آهي پر استاد محمد جمن ڪافيءَ کي جنهن مخصوص انداز سان ڳايو ان کي نه رڳو عام ماڻهن پسند ڪيو پر موسيقارن به کيس داد ڏنو. هن سنڌ جي سڀني صوفي شاعرن کي ڳايو پر خاص ڪري شاهه سائين جو ڪلام وڏي محنت، جاکوڙ ۽ محبت سان ڳاتائين. هن شاهه صاحب جي ٻوليءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني ڳاتو ته ٻين ماڻهن به سندس ڪلام ٻڌي پنهنجو اچار سڌاريو. هن ريڊيي تي سڀ کان پهريان شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام رڪارڊ ڪرايو:
دوست پيهي در آيو، ٿيڻ ملڻ سايو.
استاد محمد جمن هونئن ته ڪيترا ئي ڪلام ڳايا پر هن شاهه سائينءَ جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳاتو. شاهه سائينءَ جو هڪ ڪلام سندس سڃاڻپ بڻجي ويو. جيڪو اڄ تائين سندس سڃاڻپ بڻيل آهي:
منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءٌ ڪيئن گذاريان.
استاد محمد جمن ٻن سنڌي فلمن؛’تنهنجون ڳالهيون سڄڻ‘ ۽ ’هو سهڻا يار سڄڻ‘ لاءِ پڻ ڳاتو. ٻي اردو فلم ’ڪالو‘ ۾ شاهه سائينءَ جو هيءُ ڪلام ڳاتو:
آءٌ جيهاڻي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين
استاد محمد جمن، سنڌيءَ کانسواءِ اردو ۽ سرائڪي ٻوليءَ ۾ به ڳايو. سرائڪي ٻوليءَ ۾ عثمان فقير جي هڪ ڪافي وارو راڳ، ’يار ڏاڍي عشق آتش‘ سندس سڃاڻپ بڻيل هوندو هو.
استاد محمد جمن موسيقيءَ جي مختلف سرن تي وڏي دسترس رکندو هو ۽ لئي ۾ مهارت به سندس گائڪيءَ جي خاصيت هئي.
استاد محمد جمن جيتوڻيڪ آواز ٿورو نڪ مان ڪڍندو هو پر پوءِ به سندس آواز مٺاس ۽ مڌرتا سان ڀرپور هو. سوز وگذار ۾ ڪيفيت وارا ڪلام ڳائڻ وقت، پنهنجي آواز سان هڪ خاص ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو هو. سندس فن جي قدرداني به خوب ٿي. کيس ڪيترن ئي انعامن، ايوارڊن سان نوازيو ويو، جن ۾: پرائيڊ آف پرفارمنس، شاهه لطيف ايوارڊ ۽ سچل سرمست ايوارڊ قابل ذڪر آهن.
سنڌي سُر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمتگار، بهترين موسيقار ۽ فنڪار استاد محمد جمن ۲۴ جنوري ۱۹۹۰ع ۾ صبح جو پنجين وڳي، اسان کان جدا ٿي ويو.
سندس پڄاڻان ڪيترا ئي شاگرد سندس نالي کي روشن ڪيون پيا اچن.



استاد محمد جمن
سُرن جو بادشاهه
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
لوڪ موسيقيءَ جي بنيادي سڃاڻپ منجهان هڪ اهڙي سڃاڻپ، جنهن جي ڪري ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌ کي سُرن تي سر ڏيندڙ ماڻهن جي ديس طور سڃاتو وڃي ٿو. سنڌ اندر لوڪ موسيقيءَ جو ذڪر ڪرڻ سان چند اهڙا فنڪار اکين آڏو تري ايندا، جن راڳ جي منفرد انداز ۽ آلاپ سبب پنهنجي تاحيات سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي، اهڙن فنڪارن ۾ وري استاد محمد جمن جو نالو هر جڳ ۾ نرالي انداز سان ياد رکيو ويندو. قدرت، محمد جمن کي اهڙي ته آواز سان نوازيو هو، جو کيس ٻڌندڙ سدائين دَنگ رهجي ويندا هئا ۽ داد ڏيڻ بنا نه رهي سگهندا هئا.
استاد محمد جمن ڪلاسيڪل راڳ کي جديد انداز ۾ ڳايو ۽ ان کي نئون رنگ بخشيو. اهو ئي محمد جمن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سدابهار شاعري ”منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آئون ڪيئن گذاريان“ کي پنهنجو منفرد آواز ۽ انداز ڏئي، جڏهن ڳائي ٿو ته محفل ئي منڊي ڇڏي ٿو. ڏيهه پرڏيهه ۾ پنهنجي سُريلي انداز سان ڳائي، ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندڙ، هن يگاني راڳيءَ جي لاڏاڻي کي ۲۳ سال ٿي ويا آهن. پر اڄ به سندس آواز سنڌ جي ڌرتيءَ تي گونجندو رهي ٿو.
استاد محمد جمن ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۳۵ع ۾ حاجي احمد جي ڪکائين گهر ۾ اک کولي. تڏهن ڪنهن به نه ڄاتو ته هي ٻارڙو اڳتي هلي موسيقيءَ جي دنيا تي حڪمراني ڪندو. استاد محمد جمن جا وڏا صرف سرندي وڄائڻ جي فن سان دلچسپي رکندا هئا. پر دنيا ڏٺو ته هن اڳتي هلي موسيقيءَ جي اڻ کٽندڙ دنيا ۾ سر ۽ لئه جا نوان تجربا ڪري، سنڌي موسيقيءَ کي شاندار موڙ ڏئي، پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان سميت سونهاري سنڌ جو نالو روشن ڪيو. استاد محمد جمن جو نالو ورهاڱي کانپوءِ سنڌي موسيقيءَ جي خدمت ڪندڙن ۾ صفِ اول ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
سدائين خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ رهندڙ استاد محمد جمن پنهنجي راڳ جي ابتدائي سکيا استاد نظر حسين کان ورتي. استاد محمد جمن هڪ باصلاحيت حوصلا مند ۽ تخليقڪار فنڪار ۽ موسيقار هئڻ سان گڏوگڏ هڪ شفيق پيءُ ۽ استاد هو. پنهنجي اولاد سان انتهائي درجي جي محبت ڪندڙ پيءُ هو. پنهنجي شاگردن سان به پنهنجي اولاد وارو سلوڪ ڪندو هو. هن فنِ موسيقي جي گوناگون دنيا ۾ ڪيترا ئي شاگرد پيدا ڪيا.
استاد محمد جمن موسيقيءَ جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو هو. هن فلمن لاءِ به ڳايو. سنڌي فلم ”تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ پنهنجي دور جي مشهور بينجي نواز، بلاول بيلجيم جي سدابهار موسيقيءَ ۾ نغما ڳايا.
استاد محمد جمن اسٽيج، ريڊيو ۽ فلم کان علاوه پي ٽي وي تي پڻ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۷۰ع وارا ٻه ڏهاڪا، موسيقيءَ جي حوالي سان، استاد محمد جمن جا هئا. انهن ٻن ڏهاڪن ۾، سندس ستارو عروج تي هو. هُو سُر ۽ لئه جو بادشاهه هو.
استاد محمد جمن ۲۴ جنوري ۱۹۹۰ع تي ۵۵ سالن جي عمر ۾، سنڌ واسين کي جدائي جا نه ڇُٽندڙ گهاءُ ڏئي، هميشه لاءِ موڪلائي ويو.
 سندس سريلي ۽ مٺڙي آواز ۾ ڳايل ڪلامن جو وڏو سرمايو سنڌ واسين کي هميشه مالا مال ڪندو رهندو. استاد محمد جمن جي لاڏاڻي کانپوءِ هن جا گهر ڀاتي پريشانين ۽ مسئلن جو شڪار ٿيندا رهيا. هڪ پٽ شفيع جمن لاڏاڻو ڪري ويو. ان کان پوءِ هڪ پٽ معذور محمد حسن پڻ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. پر هاڻ اويس جمن کي ثقافت کاتي ۾ نوڪري ملي آهي ۽ حالات ٿورا گهڻا بهتر ٿيا آهن.



استاد محمد جمن
سنڌي موسيقي کي منفرد آواز ۽ ڌنون ڏيندڙ
غلام محمد ٻگهيو
سنڌ اهو خطو آهي جنهن پنهنجي تهذيب تمدن ثقافت، علم ادب فن ۽ سنگيت جي ڪري دنيا ۾ مقبوليت ماڻي آهي سنڌ ڌرتي ڪيترا ئي عالم، اديب، شاعر، تاريخدان ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ وسيلي سڄي دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. اهڙن ئي مهان فنڪارن مان محمد جمن به هڪ آهي. جنهن پنهنجي سٻاجهڙي انداز سان سنڌي موسيقي وسيلي پنهنجو نالو روشن ڪيو.
استاد محمد جمن جي والد جو نالو احمد هيو ۽ ذات جو سخيراڻي. سخيراڻي قوم، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موسيقي، ساز ۽ آواز جي ڪري مشهور آهي. وڏي ڳالهه اها آهي ته سندس وڏا بانسري ۽ دنبوري وڄائڻ جا وڏا ماهر رهيا آهن. استاد محمد جمن کي به ورثي ۾ ساڳيو ئي ساز مليو يعني بانسري. اصل ته ڪنڊ شهر بلوچستان جو رهاڪو هو. سندس وڏا شاهه بلاول نوراني جا مريد هئا. استاد ڪنڊ شهر کي الوداع چئي، ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ لالو کيت واري علائقي ۾ عثمان ڳوٺ آباد ڪيائين جنهن کي لياقت آباد چيو وڃي ٿو.
محمد جمن به ساڳيو پيشو يعني بانسري کڻي شهر جي مختلف علائقن ۾ وڄائيندو هو. هي اهو وقت هو جو ڪنهن کي ڊپ خوف نه هوندو هو. ماڻهو راتين جو به سفر ڪندا هئا.
سيرانديءَ ساز ڪيو، سمهن ساري رات،
جاجڪاڻي ذات، ايءُ هو نه اڳهين.
استاد محمد جمن جي ايئن شهرت وڌندي وئي. سر ۽ ساز سان پيار ڪندڙ کيس گهڻو ئي مان ڏيندا هئا. ايئن ان سفر کي جاري رکيائين. بانسري ساز، اڄ به ڪيترا ئي فنڪار وڄائين ٿا جنهن ۾ غوث بخش بروهي عمر جي آخر ڏهاڙن ۾ آهي پر سگهه ۽ ڏات اڄ به اها ئي اٿس. محمد جمن ڪراچي ۾ رهڻ دوران پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي بانسري نواز جي حيثيت سان پير پاتائين ڇو ته ان وقت فنڪارن جي شهرت جو ذريعو واحد ريڊيو پاڪستان ڪراچي هو. پوءِ ايئن ريڊيو پاڪستان جي سازيندن ۽ موسيقي ترتيب ڏيڻ وارن فنڪارن ۾ شامل ٿيو. سندس ملاقات ماسٽر محمد ابراهيم سان ٿي، جيڪو سنڌي موسيقار سان گڏ وڏو راڳي هيو. محمد جمن، سندس ڳايل ڪلامن ۾ بانسري وڄائي آهي. جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ۱۹۵۵ع ڌاري آغاز ٿيو، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد موڪليو. هڪ ته هي ٻئي فنڪار تمام ڄاڻو هئا ٻيو ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرام بند ڪيا ويا.
استاد محمد جمن، شاهه سائين جي رسالي کي تمام گهڻو پڙهيو، ايتري قدر جو جنون واري حد تائين. هونئن ته استاد گهڻي ۾ گهڻا ڪلام ۽ ڪافيون، لطيف سرڪار جون ڳايون. ٻين شاعرن کي ڳايو آهيس جنهن ۾ سچل سرمست، مرزا قليچ بيگ، عثمان فقير، زمان شاهه ساقي، مير علي نواز ناز، رکيل شاهه، چيزل شاهه وغيره.
پاڪستان ٽيليويزن جو آغاز ٿيو ۽ سنڌي پروگرام شروع ڪيا ويا. مرحوم عبدالڪريم بلوچ صاحب پهريون سنڌي پروڊيوسر هيو، جنهن ٻين فنڪارن کان علاوه استاد محمد جمن کي به متعارف ڪرايو. ايتري قدر جو ڪيترن پروگرامن ۾، موسيقي سرن بابت ٻين ڏات ڌڻين سان گڏ، استاد به شامل هوندو هو ۽ اهڙا پروگرام محترم اعجاز عقيلي ترتيب ڏيندو هو.
استاد محمد جمن کي باقاعدي فنڪار ايم بي انصاري آڊيشن وٺي پاس ڪيو ۽ موسيقار وري حميد نسيم ڌنون ٻڌي ڪري مقرر ڪيو. پراڻن ڪلامن کي ٻڌڻ سان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي استاد جي ڌن آهي. پاڻ راڳ جي باقاعده سکيا، استاد نظر حسين کان ورتائين. پاڻ سنڌي سرائيڪي ۽ اردو ۾ به تمام سٺو ڳايو آهي. ڪيترن سنڌي اردو فلمن ۾ به سندس گانا رڪارڊ ڪيا ويا جنهن ۾ سهڻا يار سڄڻ، اردو فلم ڪالو وغيره، محمد جمن جا کوڙ سارا شاگرد آهن جن ۾ زيب النساءِ، زرينه بلوچ، علي محمد، الهڏنو خاصخيلي، ثمينه ڪنول ۽ سندس فرزند، شفيع محمد جمن ۽ اويس محمد جمن.
ڪجهه سال اڳ لطيف سرڪار جي ميلي تي شفيع محمد ۽ ثمينه ڪنول، استاد محمد جمن ۽ زيب النساءِ جو ڳايل ڪلام ڳايو ته ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙن کي اکين ۾ پاڻي اچي ويو.
محمد جمن ٻين ملڪن ۾ به سنڌي موسيقي ۽ راڳ کي متعارف ڪرايو، جنهن ۾ ايران، چين، هندوستان، بنگلاديش وغيره آھن. پاڻ لطيف سرڪار، سچل سرمست ۽ بلاول شاهه نوراني جي ميلي تي پنهنجو فرض سمجهي روح سان ڳائيندو ۽ فرض سمجهندو هو. ڪراچيءَ ۾ اڄ به بانسري وڄائڻ وارا ۽ ڳائڻ وارا فنڪار رهن ٿا پر محمد جمن جهڙو اهو انداز نه ٿو ملي سگهي.
سنڌ جي هن سريلي راڳيءَ کي ڪيترا ئي ايوارڊ مليا جن ۾ سنڌي موسيقيءَ جو وڏو ايوارڊ لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، پرائڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، پر سڀ کان وڏو ايوارڊ جيڪو مليس اهو آهي ٻڌندڙ جي طرفان داد. گهڻا فنڪار ته سرڪاري ايوارڊن ۽ سرڪاري پروگرامن لاءِ سفارشون ڪرائيندا آهن آفيسرن جي اڳيان پويان رهندا آهن پر هي سنڌ جو سٻاجهڙو فنڪار ڪنهن جي در نه ويو. لطيف سرڪار اهڙن فنڪارن لاءِ سر سورٺ ۾ هيئن فرمايو آهي ته:
سورٺ مئي سک ٿئو خيما کنيا کنگهار،
نه ڪو راڳ نه روپ ڪو نه ڪا تند تنوار،
تنها پوءِ مڱڻهار ڏنو سر ڏياچ کي.
سنڌ جو هي امر آواز ۲۳ سال اڳ ۲۴ جنوري ۱۹۹۰ع تي، اسان سڀني ٻڌندڙن کي الوداع چئي، هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.





استاد محمد جمن
سُر شناس موسيقار ۽ امر راڳي
خالد چانڊيو
سنڌي موسيقيءَ جي خزاني ۾ هزارين امر آوازن جا بي بها موتي شامل آهن، جن جي فن آڪاش تي چمڪندڙ چنڊ جيان سُرن چانڊوڪي پکيڙي آهي... اهڙن لافاني فنڪارن منجهان سُرن جو ڄاڻو، راڳ ۾ اعليٰ مقام رکندڙ استاد محمد جمن به هڪ آهي... محمد جمن فن موسيقيءَ ۾ هڪ استاد جي حيثيت رکندو هو...
۱۰ هين آڪٽوبر ۱۹۳۵ع ڌاري بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ حاجي احمد سخيراڻيءَ جي گهر جنم وٺندڙ استاد محمد جمن جا وڏا لوڪ ساز سُرندو وڄائيندا هئا، تڏهن ننڍڙو جُمن به انهن جي هنج ۾ ويهي سُرندو ٻڌندو هو.. اهڙي ئي موسيقيءَ واري ماحول ۾ هُن هوش سنڀاليو ۽ موسيقيءَ سان لڳاءُ پيدا ٿيس.
جمن راڳ جي باقاعدي سکيا استاد نظر حسين کان ورتي. نظر حسين، جيڪو ملڪه ترنم نورجهان جو استاد پڻ هو.. استاد محمد جمن وڌيڪ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا بڙي وحيد علي خان کان حاصل ڪئي.
۱۹۴۹ع ۾ استاد محمد جمن ۽ استاد محمد حسن ريڊيي تي آيا، ريڊيو پاڪستان جو باني براڊڪاسٽر زيڊ اي بخاريءَ محمد جمن جي بانسريءَ تي موهت ٿيو ۽ کيس اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت ۾ ريڊيي جو ملازم ڪري رکيو. هڪ ٻي روايت اها آهي ته محمد جمن ۵۸-۱۹۵۷ع ڌاري ان وقت جي پروڊيوسر علي محمد چاڳلا صاحب وٽ، ڳائڻ لاءِ آڊيشن ڏنو، پر چاڳلا صاحب کيس اهو چئي ناپاس ڪري ڇڏيو ته ”تنهنجو تلفظ ڪچو آهي ۽ تون ڪجهه پڙهي به نه ٿو سگهين“. تنهن کان پوءِ هُن پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ پهريون درجو اڌو گابرو پڙهيائين ۽ ڪجهه پڙهڻ لکڻ جهڙو به ٿيو ۽ پنهنجو تلفظ به سڌاريائين. هن شاهه صاحب جي ٻوليءَ کي ڏاڍي سهڻي نموني ڳايو ته ٻين ماڻهن سندس ڪلام ٻڌي پنهنجو اچار سڌاريو. هن ريڊيي تي سڀ کان پهريان شاهه سائينءَ جوهيءُ ڪلام رڪارڊ ڪرايو: ’دوست پيهي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو‘... آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن ٺهي ته استاد محمد جمن کي اتي موسيقار جي حيثيت ۾ موڪليو ويو. هو اتي ڳچ عرصو رهيو ۽ سنڌي موسيقيءَ جي گهڻي خدمت ڪيائين..
حيدرآباد ۾ رهڻ دوران هن سنڌ جي مختلف صوفي بزرگن جي ڪلام کي منظوم اردو ترجمي سان گڏ به رڪارڊ ڪرايو. سندس ڳايل اهڙن ڪلامن ۾ اردو ترجمو سندس هڪ شاگردياڻي ثريا حيدرآبادي ڳائيندي هئي. استاد محمد جمن هونئن ته ڪيترا ئي ڪلام ڳايا، پر هن شاهه سائينءَ جي ڪلام کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ ڳايو. ٻين صوفي بزرگن ۽ جديد شاعرن کي به ڳايائين، ليڪن جيڪو ڪلام سندس سڃاڻپ بڻيو سو آهي، شاهه سائينءَ جو ڪلام: منهنجو ملڪ ملير، ڪوٽن ۾ آءُ ڪيئن، گذاريان!! ان ڪلام جي ڌن ان وقت جي مشهور موسيقار ديبو ڀٽاچاريه ٺاهي هئي. اهو ڪلام ايڏو ته مقبول ٿيو، جو هر محفل ۾ استاد کان فرمائش ڪئي ويندي هئي.. شاهه جي رسالي سان استاد محمن جمن جي عشق جو مقام اهو هو، جو رسالي جي سڀني داستانن کي ويهي، راڳ ڪمپوز ڪيائين، جنهن لاءِ هُن کي ڏينهن رات نُور نچوئڻو پيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ڀٽائي جو هر داستان راڳ به آهي..
استاد محمد جمن جي ڳايل ڪلامن ريڊيو وسيلي تمام گهڻي عوامي مڃتا ماڻي. حيدرآباد ريڊيو تي سندس ڪلامن جي تقريبن ۹۰ سيڪڙو رڪارڊنگ پروڊيوسر خواجا امداد علي ڪئي... محمد جمن جڏهن عثمان فقير جي سرائڪي ڪافي ”يار ڏاڍي عشق آتش“ کي آلاپيو ته اها ڪافي پوري برصغير ۾ نهايت ئي مقبول ٿي.
استاد محمد جمن موسيقي جي مختلف سُرن تي وڏي دسترس رکندو هو ۽ لئي ۾ مهارت به سندس گائڪيءَ جي وڏي خوبي هئي. طبلو، ڍولڪ، گهڙو سنڌي موسيقيءَ جي تال جا ساز آهن، پنهنجي گائڪيءَ ۾ استاد محمد جمن انهن سازن کي استعمال ڪندي لئي جو اُهو وزن اعليٰ نموني سان قائم رکندو هو.. سندس آواز ميٺاڄ ۽ مڌرتا سان ڀرپور هو..
استاد محمد جمن ٻن فلمن لاءِ به ڳايو. هڪ سنڌي فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“... ”انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگيءَ رنگ بڻايا!“ ”هو سهڻا يار سڄڻ“
ٻي اردو فلم ”ڪالو“، جيڪا ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي جي عڪاسي ڪندڙ هئي ”آءُ جيها ئي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين“
استاد محمد جمن اردو، سرائڪيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڳايو. سندس ڳائڻ جي خاص ڳالهه اها هئي ته سنڌي راڳ جي خاص انگ کي قائم رکيائين.سندس ٺاهيل ڌنون تمام گهڻو مقبول ٿيون. اهي ڌنون ٻين به ڪيترن ئي فنڪارن ساڳي انداز ۾ ڳايون. هن ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا به ڏني، جن ۾ جيجي زرينا بلوچ، زيب النساءِ، علي محمد خاصخيلي، جميلا ناز، حُسين بخش خادم، روبينه قُريشي، شفيع محمد، قادر علي، سشيلا مهتاڻي وغيره شامل آهن.
استاد محمد جمن ۽ استاد محمد ابراهيم ويهين صديءَ ۾ سنڌي موسيقيءَ جا اهڙا ته بي مثال موسيقار هئا جن سنڌي موسيقيءَ کي نوان رنگ، نيون راهون، نوان گهاڙيٽا، نوان لاڙا ڏنا ۽ لاتعداد نيون ڌنون تخليق ڪري ڏنيون.. استاد محمد جمن ڪافيءَ کي جنهن مخصوص انداز ۾ ڳايو، تنهن کي نه صرف عوامي موٽ مِلي پر موسيقي شناسن به ساراهيو..
استاد محمد جمن ملڪ کان ٻاهر به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ۱۹۶۲ع ۾ پاڪستان جا لوڪ ڳائڻا روس ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ڏانهن ويا، انهن ۾ استاد محمد جمن سنڌ جي فنڪارن جي رهبري ڪئي. هُن هندستان، بنگلاديش، ايران، انڊونيشيا، چين ۽ افغانستان ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
استاد محمد جمن کي سندس فن جي اعتراف ۾ ڪيترا ئي ايوارڊ مليا، تن ۾ حڪومت پاڪستان طرفان تمغاءِ حُسن ڪارڪردگي، ٻه ڀيرا شاهه لطيف اوارڊ، حضرت سچل سرمست اوارڊ، بيدل اوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن.
سُر ۽ سنگيت جو تمام وڏو خدمتگار، بهترين موسيقار ۽ فنڪار استاد محمد جمن، ۲۴ جنوريءَ ۱۹۹۰ع تي صبح جو پنجين وڳي اسان کان جدا ٿي ويو.. ۽ کيس ميوا شاهه قبرستان ۾ مِٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو... استاد محمد جمن پنهنجي سريلي رڪارڊ ٿيل آواز، انداز وسيلي سنڌي سنگيت جي دنيا ۾ هميشه زنده رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا