; سنڌي شخصيتون: September 2011

30 September, 2011

حاجي شاهنواز خان چاچڙ - شوڪت چاچڙ


حاجي شاهنواز خان چاچڙ
گهوٽڪي ضلعي ۾ تعليمي جوت جلائيندڙ
شوڪت چاچڙ
سنڌ ڌرتيءَ جي هر خطي؛ اتر، وچولي يا ٿر واري حصي ۾ انيڪ مثالي ماڻهن جنم ورتو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ پاڻ ملهائي ويا ۽ ڀٽائي سرڪار جي سِٽ ”وِهڻ مون نه وڙاءُ“ تي عمل پيرا رهيا. انهيءَ سلسلي ۾ ھتي هڪ اهڙي شخصيت جي ڪردار تي روشني وجهون ٿا، جنهن گهوٽڪي ضلعي ۾ اهم تعليمي ادارا قائم ڪرائي، تعليم جي جوت جلائي.
حاجي شاهنواز خان ائڊووڪيٽ 15 جنوري 1929ع تي ڳوٺ ميرن دڙو ۾ شفيع محمد چاچڙ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن خاندان جي نسبت نامياري عالم ۽ محدث شيخ محمد حيات سنڌيءَ سان ملي ٿي. شاهنواز خان ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ مان ورتي. ان بعد 1946ع ڌاري فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. عملي زندگيءَ جو آغاز انگلش ٽيچر طور شڪارپور جي هاءِ اسڪول کان ڪيائون. بعد ۾ گورنمينٽ بورڊنگ اسڪول سکر ۾ استاد ۽ وارڊن طور خدمتون سرانجام ڏنائين. قانون جي تعليم حاصل ڪندي 1958ع ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ تعليم کاتي کي خيرباد چئي وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪيائين. 

متارو ڏاهري - سليمان ڏاهري


متارو ڏاهري
سنڌ جي شاگرد سياست جو هڪ روشن ستارو
سليمان ڏاهري ايڊووڪيٽ
سنڌ جي شاگرد سياست جي تاريخ جو انمول ۽ بيباڪ ڪردار، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي آخري شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري، متارو ڏاهري 12 سيپٽمبر 2011ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس زندگي جفاڪشيءَ جو داستان آهي.
متارو ڏاهري 1954ع ۾ ڳوٺ محمد هاشم ڏاهري ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم، پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، شهدادپور ميونسپل هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج مان مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جي تعليم حاصل ڪيائين. هاءِ اسڪول جي ابتدائي زماني کان ئي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو. 

حاجي ڦوٽو حلوائي - علي جان ڀٽي


حاجي ڦوٽو حلوائي
علي جان ڀٽي
مشهور حلوائي، حاجي ڦوٽو خان، جنهن جو پستن جو حلوو پوري ملڪ ۾ مشهور آهي. ڳوٺ دولت لغاري ۾ محمد خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ حاجي ڦوٽي خان سنڌي تعليم سائين حاجن خان ۽ ديني تعليم مولوي نبي بخش  لغاري ۽ قاضي گل محمد وٽ حاصل ڪئي. بعد ۾ هن تقريبن 1938ع ڌاري ميرپورخاص جي شاهي بازار ۾ واڻين جي هڪ مٺائي جي دوڪان تي مٺائي جو ڪم سکڻ شروع ڪيو. ان وقت واڻين جي انهيءَ مٺائيءَ جي دوڪان جو ڌنڌو عروج تي هو ۽ مٺايون اصلي نج گيهه مان تيار ڪيون وينديون هيون ۽ ٻين مٺاين کان سواءِ هن دوڪان تي پستن جو حلوو به ٺاهيو ويندو هو.

رائچند هريجن - ڪي پي مهتاب سوٽهڙ/ مٺي


رائچند هريجن
هڪ عظيم مورخ
ڪي پي مهتاب سوٽهڙ/ مٺي
ٿر رڳو تنهائيءَ جي تشبيهه، اُداسيءَ جو استعارو ۽ کارن کوهرن ۽ ٿوهرن جو ٿاڪ ناهي! رڳو سُڃ ۽ رُڃ جو ريگستان قطعي ڪونهي! ان صحرائي ڌرتيءَ جي دامن ۾ اهڙا انيڪ گل ۽ ڦل ڦُٽا آهن، جن سنڌ کي سونهن ۽ سرهاڻ ڏني. ٿر اهڙا ڪئين انسان پيدا ڪيا آهن، جن تي سنڌ کي ناز آهي. رائچند هريجن راٺوڙ جو نانءُ به، ڪنهن تعارف جي وضاحت جو محتاج ڪونهي. هو مشاهدي، مطالعي، تحقيق، جستجو ۽ جاکوڙ، لوچ ۽ سوچ جي سونهري باب جو نالو آهي. سندس جنم ٿر جي شهر چيلهار ۾، 8 نومبر 1912ع تي (تعليمي رڪارڊ موجب) ٿيو. 1927ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1928ع ۾ هن پرائمري استاد طور نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. 31 مئي 1968ع تي هو سرڳواسي ٿيو! 

ڪي اين واسواڻي عرف ساڌو واسواڻي - رکيل مورائي

ڪي اين واسواڻي
سنڌيت جو پرچارڪ
رکيل مورائي
پروفيسر خوشي رام نيڀراج واسواڻي 19 مئي 1911ع تي سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندن والد ناليوارو وڪيل هو. ممبئي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود ڪي اين واسواڻي ڊي جي نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿيو ۽ شاگردن کي تعليم ڏنائين. سندن عوامي خدمت جي جذبي، بهترين ليکڪ، مقرر ۽ آرگنائيزر وارين خوبين، ناليواري تعليم دان ٽي ايل واسواڻي کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ڪي اين واسواڻي انتهائي ذهين شاگرد هو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم اي هسٽري ۾ فرسٽ نمبر حاصل ڪيائين. هو آءِ سي ايس لاءِ اهل هو پر پنهنجي اسٽوڊنٽ ليڊر طور سرگرم ڪردار سبب،، هندستان جي حڪومت مٿس آءِ سي ايس امتحان ۾ ويهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.

25 September, 2011

محمد حسين ‘ڪاشف’ - سليم العارف ڪنڀار


محمد حسين ‘ڪاشف’ 
شخصيت ۽ ادبي خدمتون
سليم العارف ڪنڀار
ادب جي تاريخ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شمار دنيا جي قديم ٻولين ۾ ٿئي ٿو. سنڌ جي مهان ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق، “سنڌي ٻولي وادي سنڌ جي پيداوار ۽ هتان جي قديم سنڌي قوم جي زبان آهي. سنڌي ٻولي نه سنسڪرت جي ڄائي آهي ۽ نه ئي ان جي پراڪرتي خاندان مان آهي، ۽ نه ئي وري غير آريائي ٻولين آرامي، سرياني، عبراني، ڪلداني جيڪي سامي زبانن جي سٿ مان آهن، تن جي خاندان مان تصور ڪري سگهجي ٿي.” سنڌي ٻولي جو ادب هڪ وسيع سمونڊ آهي، جنهن جي تهه ۾ ڄاڻ جا اڻ ڳڻيا موتي موجود آهن. تاريخ جي هر دور ۾ سالڪ ۽ ساڃاهه وند ادب جي هن وسيع ۽ اونهي سمونڊ مان موتي ميڙي ڌرتيءَ تي سچ ۽ ساڃاهه جي روشني ڦهلائيندا رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته بتدريج تاريخ جي مختلف دورن مان سنڌي ادب گذري تحقيق جي آئيني ۾ اڄ جنهن شڪل ۾ موجود آهي انهيءَ لاءِ هر دور ۾ فطري، زميني ۽ سائنسي حقيقتن جي بنياد تي سالڪن ۽ ساڃاهه وندن جيڪي محنتون ڪيون ۽ ڪوششون ورتيون اهي نه فقط قابل تحسين آهن پر انهن سمورين حقيقتن جو هڪ جامع تسلسل ۽ ڳانڍاپو ماضي، حال ۽ مستقبل جي منزلن سان آهي، جيڪو سنڌي قوم جي وجود جو اصل ۽ مڪمل روح آهي جنهن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي زبان جي نه فقط تاريخ ۽ جاگرافي سان آهي پر ان جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي زبان جي تهذيب و تمدن، ثقافت و وراثت، وجود ۽ بقا سان پڻ آهي.

21 September, 2011

مولانا محّب علي سنڌي - پير حسام الدين راشدي


مولانا محّب علي سنڌي
پير حسام الدين راشدي

سنڌ ۾ ڪيترا ئي اهڙا با ڪمال عالم ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن، جن جي ذات نه فقط سنڌ لاءِ فخر و مباهات جو سبب رهي آهي، پر سنڌ کان ٻاهرين دنيا به سندن علم ۽ فضل جي فيض کان مستفيد  ٿي آهي.
مولانا محب علي سنڌيءَ جي ذات والا صفات، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ سونهري ڪڙي آهي. جنهن بزرگ جي علمي ڪمال ۽ ديني مرتبي، سنڌ کان وڌي هندوستان جي تاريخ ۾ به اهم مقام حاصل ڪيو آهي. خان خانان جهڙي عظيم المرتبت سپهه سالار ۽ سخن پرور امير به سندس صحبت ۽ معيت کي غنيمت ۽ سندس وجود مسعود کي باعث عزت  تصوّر ڪيو آهي.
مولانا جي متعلق سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۽ تذڪري ۾ تاريخي ۽ مستند احوال ڪو نه ٿو ملي. سواءِ مير علي شير قانع جي ‘تحفة الڪرام’ ۽ ‘مقالات العشراء’ جي پر افسوس اهو آهي ته انهن ٻن ماخذن ۾ به فقط چند ناڪافي فقرا موجود آهن.
جيڪڏهن هو بزرگ هندستان نه پهچي ها ته پوءِ شايد اسان کي سندس احوال جي سلسلي ۾ فقط اهي ئي چند سٽون نصيب ٿين ها. ليڪن شڪر آهي، جو هو صاحب هندستان ويو، جتي سندس علم ۽ فضل چمڪيو ۽ اڪبري ۽ شاهجهاني دؤر جي مؤرخن ۽ تذڪره نويسن سندس حال احوال قلمبند ڪيو. ان سان گڏ، سندس علم ۽ فضل جي تعريف ۾ پنهنجا ڪيترا صفحا صرف ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان انهيءَ قابل ٿيا آهيون جو هي چند سٽون سندس متعلق مرتب ڪري سگهيا آهيون.

18 September, 2011

ڄيٺمل پرسرام - شوڪت حسين شورو


ڄيٺمل پرسرام
هڪ صوفي سوشلسٽ
شوڪت حسين شورو
ڄيٺمل پرسرام هڪ اهڙي گهڻ پاسائين شخصيت وارو ليکڪ هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ علم سان گڏ عمل کي به اهميت ڏني. هو هڪ بهترين نثرنگار ته هو ئي، پر ديس ۽ سماج جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ الڳ الڳ ميدانن ۾ ڪم ڪندڙن جي صف ۾ به اڳرو رهيو. سنڌ ۾ ان وقت ڪا به اهڙي سياسي، سماجي ۽ ادبي هلچل ڪا نه هئي، جنهن ۾ هن حصو نه ورتو هجي. ڄيٺمل آڪٽوبر 1885ع ۾ حيدرآباد جي عامل ڪٽنب ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جي مالي حالت آڻڻ ۽ چاڙهڻ واري هئي. ان جو اثر ڄيٺمل جي پڙهائي تي به ٿيو، جو هو اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو، پر هن جي ذهانت ۽ علميت ڪنهن به ڊگريءَ کان مٿانهين هئي. هن ابتدائي تعليم بعد ثانوي تعليم ساڌو نولراءِ ۽ هيرانند اڪيڊمي مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيو. هن اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ روزگار جي لاءِ حيدرآباد ۾ ڪتابن جو دڪان کوليو، اهو نه هليو ته پنهنجي اسڪول اڪيڊمي ۾ ماستر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد ڪراچي هليو ويو ۽ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ کيس ماستري ملي. لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي پڻ ان سال سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيو. ٻئي ڄڻا اڪيڊمي ۾ گڏ پڙهيا هئا. هم خيال هئڻ ڪري هنن جي پاڻ ۾ دوستي آخري دم تائين قائم رهي. ڄيٺمل پرسرام پنهنجن شاگردن کي مذهبي ڪٽرپڻو تياڳي، سڀني مذهبن کي هڪ جهڙي عزت ڏيڻ، سچ جي واٽ وٺڻ ۽ انساني ڀائيچاري جا سبق ڏيندو هو. هو پاڻ به خوددار ۽ آزاد ويچارن جو انسان هو. هن ڪڏهن به پئسن ڪمائڻ ۽ دولت ٺاهڻ جي ڳالهه نه سوچي. سدائين مالي مشڪلات ۾ گهيريل رهيو، پر هن لاءِ غريبي گلزار هئي. سچو ماڻهو هو، جيڪا ڳالهه کيس صحيح ۽ سچي لڳندي هئي، انهيءَ تان پٺتي نه هٽندو هو. پوءِ ڀلي ان لاءِ کيس ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پئي. سرڪاري اسڪول جو هيڊ ماستر هو، تڏهن انگريز سرڪار جي پاليسين جي مخالفت ڪرڻ سبب نوڪري ڇڏي ڏنائين. سنڌي ٻولي ۽ ادب، صحافت ۽ سياست، قومي هلچل ۽ سنڌ سڌار سندس زندگيءَ جا مرڪز بڻجي ويا.

سيٺ وشنداس نهالچند - شوڪت حسين شورو


سيٺ وشنداس نهالچند
سنڌ جو سخي مرد
شوڪت حسين شورو
سيٺ وشنداس جي سخاوت جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ ويندي هندستان جي ٻين ڪيترن علائقن تائين پکڙيل هئي، سندس پيءُ نهالچند زميندار ۽ واپار هوندي به هڪ سچو ڀڳت ۽ درويش هو. سندن ڪٽنب اصل ۾ سانولاڻي هو، پر پوءِ پاڻ کي ڀارواڻي سڏائڻ لڳا. وشنداس جو جنم ڳوٺ مانجهو، تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ 1843ع ۾ ٿيو. هن گرمکي ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم پرائي. هو 19 ورهين جو هو ته سندس من جو لاڙو روحاني ڳالهين طرف مائل ٿيڻ لڳو. پر دنيا کي ترڪ ڪري فقيري اختيار ڪرڻ بدران ”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ“ واري ڪار اختيار ڪري هو پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪرت کي لڳو رهيو. ست سنگ ۽ ذڪر فڪر کي قائم رکندو آيو. صوفياڻي راڳ جون محفلون  به مچائيندو رهيو. سندس چوڻ  هو ته مايا جو مريد نه ٿجي، بلڪه شاهه ٿي رهجي. نيڪ ۽ چڱن ڪمن ۾ جيترو خرچ ڪري سگهجي اوترو ڪجي.سندس هلت چلت شاهاڻي ۽ شاندار هئي. انهيءَ وقت ۾ هالن وارو مخدوم محمد امين اڃا ننڍي عمر جو هو. سيٺ وشنداس کي عام مختيار بنائي سندس زمينن سنڀالڻ جو ڪم حوالي ڪيو ويو. هن نهايت هوشياري سان ملڪيت سنڀالي درست ڪئي. مخدوم صاحب جي ڪارندن ۾ اچي حسد ۽ ساڙ پيدا ٿيو. حالتون ناسازگار ڏسي وشنداس موٽي اچي پنهنجي ڌنڌي کي لڳو. واپار کانسواءِ زمينن جا مقاطعا ۽ ڪاٺين جا ٺيڪا کڻڻ لڳو. ڪجهه سالن ۾ هڪ وڏو واپاري، زميندار ۽ ٺيڪيدار بنجي ويو. 1869ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي کوليائين، جيڪا کاريدر جي پوليس گهاٽ جي ڀرسان هئي. ڪوٺيءَ تي اناج، ڪاٺين ۽ ڪوئلن جو ٻڌو واپار هلندو هو ۽ پوءِ ڪميشن ايجنسي جو وڏو ڪم شروع ٿي ويو. هن جون ٻيڙيون پڻ هيون، جيڪي ڪيٽي بندر، ڪڇ، ڪاٺيا واڙ، بمبئي، ملبار، عربستان ۽ ايران وغيره تائين مال کڻي وينديون ۽ آڻينديون هيون. ٻئي طرف ڪوٽڙي کان سکر تائين ٻيڙيون ماڻهو ۽ مال  کڻي وڃڻ ۽ آڻڻ لاءِ هلنديون هيون.

سيٺ هرچند راءِ وشنداس - شوڪت حسين شورو


سيٺ هرچند راءِ وشنداس
سنڌ ۾ جديد سياست جو باني
شوڪت حسين شورو
سنڌ ۾ جديد سياست جو بنياد رکندڙ سيٺ هرچند راءِ وشنداس نامياري سخي مرد سيٺ وشنداس نهالچند جو وڏو پٽ هو. ڀارواڻي ڪٽنب جي ڪلام، ڪٽنب جي تاريخ ۽ ڀاتين جي جيون چرتر بابت موتيرام رامواڻي جي لکيل ڪتاب ”رتن جوت“ موجب هرچند راءِ جو جنم مئي 1862ع ۾ مانجهو ڳوٺ ۾ ٿيو. هن اوائلي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. پوءِ مڊل اسڪول ڪورس ڪوٽڙيءَ ۾ ڪرسچن مشنريءَ پاران برپا ڪيل ائنگلو ورنيڪيولر مشن اسڪول مان ڪيو. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هو اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري هن بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هرچند راءِ سنڌ ۾ موٽي اچي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ شڪارپور جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار بڻيو. سيٺ وشنداس کي اها ڳالهه نه وڻي ته سندس پٽ سرڪاري نوڪري ڪري. سو ڪهي شڪارپور ويو ۽ هرچند راءِ تي نوڪري ڇڏڻ لاءِ زور رکيائين. هرچند راءِ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڪراچيءَ ۾ اچي وڪالت شروع ڪئي. هن 1880ع ۾ ڊينسو هال ويجهو، بندر روڊ تي وڪالت جي آفيس کولي. هرچند راءِ قابل، تيز فهم ۽ آزاد خيال نوجوان هو. ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ جو ڍنگ ۽ فهم سٺو هئس، ان ڪري ٿوري عرصي ۾ ڪراچيءَ جي مکيه ۽ برک وڪيلن ۾ ليکجڻ لڳو. 1890ع ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن برپا ٿي ۽ سيٺ هرچند راءِ ان جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن اهو عهدو 38 سال ۽ زندگيءَ جي آخري دم تائين ماڻيو.

محمد جمن - شوڪت حسين شورو


محمد جمن
سنڌي راڳ جو راڻو
شوڪت حسين شورو
سنڌي راڳ جي پنهنجي اصليت ۽ انفراديت رهي آهي. سنڌ ۾ وڏا راڳيندڙ پيدا ٿيا آهن، ورهاڱي کان اڳ ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائي سنڌ راڳ جا وڏا نالا ۽ ماڻهن جا من پسند فنڪار هئا. ماسٽر چندر جي حيثيت ان لحاظ کان نرالي هئي ته هو نه رڳو پاپولر ڳائڻو هو، پر سنڌيءَ جو پهريون موسيقار پڻ هو، جنهن طرز نگاري جو بنياد وڌو. ورهاڱي کانپوءِ جنهن فنڪار ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، سو محمد جمن هو. محمد جمن جيترو سٺو ڳائڻو هو، اوترو قابل ڪمپوزر هو. سنڌي راڳ کي هو جنهن اوچائي تي کڻي ويو، ان جو اعتراف ڪندي مشهور سياستدان ۽ راڳ جي ڄاڻوءَ پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ کيس راڳ جو راڻو ڪوٺيو هو. محمد جمن سُر ۽ لئه جا نوان تجربا ڪري سنڌي راڳ کي نهايت شاهوڪار ۽ مالامال بڻايو هو.

حليم بروهي - شوڪت حسين شورو


حليم بروهي
 هڪ نرالو شخص
شوڪت حسين شورو
حليم بروهي جو گذاري وڃڻ سنڌي ادب مان مزاح جي في الحال پڄاڻي آهي. سنڌي ادب ۾ مزاح جي کوٽ کي حليم بروهي اڪيلي سر ڪنهن حد تائين پورو ڪيو هو. سنڌ ۾ اڳي وڏا چرچائي ۽ ڀوڳائي هوندا هئا، پر سنڌي معاشري ۾ جيڪا بدحالي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ انارڪي پيدا ٿي آهي، تنهن ۾ چرچو ڀوڳ ختم ٿي ويو آهي. ”خوشي ۽ خريد وئي ويچارن وسري“ وانگر سنڌي ماڻهو پنهنجي هڻ پٽ ۾ ڄڻ مزاح جي حس کان محروم ٿي ويا آهن. جتي روئڻ پٽڻ روزمرهه جو معمول ٿي ويو هجي، اتي مزاحيه ادب لکڻ جوکم جو ڪم آهي. حليم بروهيءَ اهڙي مايوسي واري خشڪ ماحول ۾ اهو جوکم جو ڪم ڪيو ۽ بنان ڊپ جي ڪيو. هو عام پڙهندڙن ۾ برابر مقبول ٿيو، پر اسان جا عالم، اديب ۽ دانشور، جيڪي پنهنجو پاڻ تي ڳنڀيرتا طاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن، تن کي حليم بروهيءَ جي اها حرڪت نه وڻي. جيڪڏهن اهي حليم بروهي کان الرجڪ رهيا، ته حليم پاڻ انهن کان ٻه رتيون ڪثر کانئن الرجڪ رهيو. هن جا خيال ۽ لکڻيون تڪراري رهندا آيا. هو سنڌي ٻوليءَ سان سندس دشمني نه هئي. حليم جنهن پنهنجائپ واري انداز ۾ اهي تڪراري ڳالهيون لکندو هو، ان تي سندس پڙهندڙ ڪڏهن چڙيا ڪو نه. ڪن اديبن ۽ عالمن حليم جي خيالن سان اختلاف ظاهر ڪيا، ته اهو اختلاف راءِ جو حق هر ڪنهن کي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته موجوده عربي-سنڌي صورتخطي کي بدلائي رومن اسڪرپٽ اختيار ڪيو وڃي. پر اها ڳالهه ايتري سولي ڪونهي، ڪنهن ٻوليءَ جو صدين کان مروج اسڪرپٽ بدلائڻ معمولي ڪم ڪونهي، سو به موجوده سياسي حالتن ۾ جڏهن سنڌ سان هر معاملي ۾ ناانصافي ۽ بي واجبي ڪئي پئي وڃي. اسڪرپٽ بدلائڻ ۽ سڄي ادبي ذخيري کي ان ۾ ڇپرائڻ وڏي خرچ جي ڳالهه آهي، جيڪو ڪهڙي حڪومت ڀريندي!

مورج منگهناڻي! - شوڪت حسين شورو


مورج منگهناڻي!
شوڪت حسين شورو
پنج سال اڳ سنڌ جي اٽڪل 30 ليکڪن ۽ فنڪارن جو هڪ وفد انڊيا جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل هو، جنهن وفد ۾ آئون به شامل هئس. انڊيا ۾ چوٽيءَ جي وڪيل، سياستدان ۽ راجيه سڀا (سينيٽ) جي ميمبر رام ڄيٺملاڻي وفد جي مان ۾ هڪ عاليشان دعوت نئين دهلي ۾ پنهنجي بنگلي جي وڏي لان ۾ رکي هئي. دعوت ۾ هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون اهم شخصيتون شريڪ هيون، جن ۾ لالو پرساد يادو به شامل هو. هن جي مخصوص انداز جي گفتگو ماڻهن کي مزو ڏيندي آهي، ان ئي دعوت ۾ مورج منگهناڻي سان مکا ميلو ٿيو. انڊيا مان شايع ٿيندڙ نامور سنڌي رسالي ”ڪونج“ ۾ ڪيترن سالن کان چيف پئٽرنس ۾ سڀ کان پهرين نالو مورج منگهناڻي جو هوندو آهي. اتفاق اهڙو ٿيو، جو نند جويري ۽ آئون مورج مل سان گڏ هڪ ئي ٽيبل تي ويٺاسين. مورج جڏهن ڳالهايو ته آئون حيرت ۾ پئجي ويس. هن جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ لهجو ايترو ٺيٺ سنڌي هو ڄڻ سنڌ جو ڪو ڳوٺاڻو ماڻهو ڳالهائي رهيو هجي، جنهن تي ٻي ڪنهن ٻوليءَ جو اثر ٿيل نه هجي. سچي ڳالهه اها آهي ته مون سنڌ ۾ سنڌيءَ جي عالمن کي به اهڙي نج سنڌي ڳالهائيندي نه ٻڌو آهي. ڳالهائڻ سان گڏ هن جي سادي ۽ سٻاجهي طبيعت ايتري ته موهيندڙ هئي، جو ماڻهو هن وٽان اٿڻ جي نه ڪري. اسين ٽئي ڄڻا جيتري دير ويٺا هئاسين، مورج ڪا به ڪاروباري ڳالهه نه ڪئي، ڏوڪڙن جي ڳالهه نه ڪئي. هو انڊيا ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادارن  جي صورتحال بابت ڳالهيون ڪندو رهيو.

رام بخشاڻي! - شوڪت حسين شورو


رام بخشاڻي!
شوڪت حسين شورو
دبئي جي ارب پتي سنڌي واپاري رام بخشاڻي جي آتم ڪٿا اهڙي جادوئي قسم جي آهي، جيئن غريب ڇوڪري سنڊريلا جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ هڪ پريءَ سنڊريلا کي پنهنجي لڪڻ جي ڇهاءُ سان شهزادي بڻائي ڇڏيو هو. پر رام بخشاڻي ڪنهن جادوءَ وسيلي شاهوڪار ڪو نه بڻيو آهي، هن پنهنجي محنت ۽ اورچائي سان ثابت ڪيو آهي ته سنڌي خاڪ مان سون بنائي سگهن ٿا. رام اڃا ڇهن سالن جو هو ته حيدرآباد سنڌ ۾ سندس پيءُ 36 سالن جي جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مٿان ورهاڱي جي مصيبت نازل ٿي. گهر گهاٽ، ماڳ مڪان، روڊ رستا، گهيڙ گهٽيون، چونڪ چوراها پنهنجا نه رهيا، پراوا ٿي ويا. سنڌ ۾ رهندڙ خوشحال بخشاڻي ڪٽنب ورهاڱي سبب جڏهن انڊيا ويو ته ان سخت غربت جا ڏينهن ڏٺا. رام جي جوان ماءُ جيڪا 34 سالن جي عمر ۾ وڌوا ٿي وئي هئي، سا سنڌ مان هٿين خالي ٻارن کي وٺي پهرين مدراس ۾ ۽ پوءِ بڙودا ۾ وڃي ٺڪاڻو ٺاهيو. هوءَ ماءُ ته هي، پر هن پيءُ بنجي ٻارن کي پاليو ۽ پڙهايو. ڏکين حالتن سبب رام فقط ڏهين ڪلاس تائين پڙهي سگهيو. ان وچ ۾ هن ٽائيپنگ سکي ورتي ۽ هن کي پهرين نوڪري هڪ انجنيئرنگ ڪمپني ۾ ملي، جتي سندس ماهوار پگهار 75 رپيا هو.

مگهن مل پنچوليا - شوڪت حسين شورو


مگهن مل پنچوليا
ٺٽئي ڀاٽيا

شوڪت حسين شورو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سُر سامونڊي ۾ جن وڻجارن جو بيان ڪيو آهي، سي سنڌ ورڪين کان تمام گهڻو آڳاٽا هئا، جيڪي لاڙ ۾ سامونڊي بندرن تان ٻيڙن ۾ پرڏيهه ويهي واپار ڪندا هئا ۽ سمنڊ جهاڳي سنڌو درياءَ جي مٺي پاڻيءَ ۾ موٽي ايندا هئا.

کاري کيڙائو، مٿي مِٽي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا!

پروفيسر رام پنجواڻي - شوڪت حسين شورو


پروفيسر رام پنجواڻي
سنڌيت جو سفير
شوڪت حسين شورو
 گهڻ پاسائين ۽ شاندار شخصيت جو مالڪ پروفيسر رام پنجواڻي استاد، ليکڪ، شاعر، ڊرامه نگار، ناول نويس، ڪهاڻيڪار، چونگي ڪندڙ، ڀڳت وجهندڙ، ڳائڻو ۽ ناٽڪ ڪلاڪار هو. ان سڀ سان گڏ قدرت کيس موهيندڙ نموني ڳالهائڻ جي ڏات ڏني هئي. رام پنجواڻي 20 نومبر 1911ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ ديوان پرتاب راءِ لاڙڪاڻي جو زميندار هو. پاڻ اصل ۾ آهوجا هئا. رام اسڪولي تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي، ان کانپوءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. اتان بي اي ڪرڻ کانپوءِ 1933ع ۾ ان ئي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر بڻيو. هو زندگيءَ جا پنجاهه سال پروفيسر ٿي رهيو. پروفيسر رام پنجواڻي ورهاڱي ٿيڻ کانپوءِ وطن جا وڻ ڇڏي انڊيا ۾ وڃي بمبئي ڀيڙو ٿيو. اتي سنڌين جي ٺهرايل جئه هند ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه مقرر ٿيو. 1974ع کان وٺي ٻن سالن تائين بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ بنجي رٽائر ڪيائين.

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي - شوڪت حسين شورو


رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
سنڌ جو پهريون سياستدان!
شوڪت حسين شورو
سنڌ ۾ جتي سياست کي پنهنجين ذاتي غرضن ۽ مفادن حاصل ڪرڻ، ڏوڪڙ ڪمائي دولت ٺاهڻ ۽ پنهنجي مان مرتبي کي وڌائڻ ۾ جو وسيلو بنائي رکيو ويو هجي، اتي اڄ کان سوا سئو سال اڳ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ابتر حالتن کي سڌارڻ جي لاءِ سياست ۾ پير رکيو. هو نه رڳو سنڌ جو پهريون سياستدان هو، پر هن بنا ڪنهن ذاتي غرض ۽ مفاد جي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سياست ڪئي جڏهن دنيا ۾ ۽ خاص طور هندستان ۾ انگريز بهادر جي عروج جو زمانو هو. سنڌ جي وڏن وڏن زميندارن جي حالتن اها هئي، ته اهي انگريز سرڪار جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ جي پيرن ۾ پيا هئا. پير علي محمد راشديءَ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سندس ويجهي دوست هرچند راءِ وشنداس بابت لکيو آهي ته ”هئا ٻئي پيدائشي وڏيرا، وڏيرا به نه، بلڪه وڏ- وڏيرا، پر سنڌ جي وڏيرن کي رستو ڏيکاري ويا ته وڏيرپ هوندي به ماڻهو ڪيئن عزت ۽ آزاديءَ، شرافت ۽ انسانيت جي زندگي گذاري ۽ خلق جي خدمت ڪندي، سنڌ جا حق نڀائي سگهي ٿو. سندن زمانو اهو زمانو هو، جڏهن وڏيرا ”صاحبلوڪن“ جي سلام لاءِ حاضر ٿيندا هئا ته صاحب جا پٽيوالا گهر جي ٻاهران کانئن جتيون لهرائي، پرين اگهاڙي، اندر وٺي ويندا هئا. ليوڪس، ڪمشنر سنڌ، کين فجائڻ جي لاءِ پڇندو هو ته ”اوهان بدمعاش آهيو يا نه؟“ ته وڏيرا ورندي ڏيندا هئس ته، ”جيئندا قبلا، ابي ڏاڏي کان سرڪار جا بدمعاش آهيون.“ انديشو هئن ته انڪار ڪريون ۽ مبادا صاحب ڪاوڙجي سچ پچ ڪا ڪارروائي ڪري وجهي.“

17 September, 2011

وشنو ڀاٽيا - تاج جويو


وشنو ڀاٽيا 
جيڪو سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڇورو ڇِنو ڪري ويو
تاج جويو
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد، وشنو ڀاٽيا، 15- سيپٽمبر 2011ع تي، لاڏاڻو ڪري ويو، ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هن کي پوين ڏينهن ۾ شگر جي شديد تڪليف ٿي پئي هئي، جنهنڪري هن جو هڪ پير پڻ ڪاٽيو ويو هو.
وشنو ڀاٽيا، ڪراچي، سنڌ ۾ 28 اپريل 1943ع تي، ٽوپڻداس ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو هو، جڏهن ته سندس اباڻو شهر ٺٽو هو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ لڏي وڃي ممبئيءَ ۾ رهيو، جتي جلا وطنيءَ جا 64 سال گذاري، 68 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي گهر، ملند ڪالوني ممبئيءَ ۾ پساهه پورا ڪري، سنڌي ڪهاڻي کيتر کي ڇورو ڇِنو ڪري پنهنجي پرستارن کي آلين اکين سان اڪيلو ڇڏي ويو.

وشنو ڀاٽيا، ايڏو ڪو اعليٰ تعليم يافته نه هو، هن انٽر آرٽس مان ڀاڄ کائي ڪنهن چواڻي: ’زندگيءَ جي کليل ڪتاب جو وڃي مطالعو ڪيو‘. ڀڄ ڊوڙ جي زندگيءَ ۾ رتن (هندي) ۽ ڪويد (سنسڪرت) جا امتحان به الائي ڪيئن ڏنائين. پر چوڻ وارا چون ٿا ته دنيا جي فڪشن جو کيس وسيع مشاهدو هو.
وشنو ڀاٽيا پنهنجي ادبي جيون جو سفر ترجمن سان شروع ڪيو هو، ۽ ان کان پوءِ طبعزاد ڪهاڻيون لکيائين. نامور اديب ۽ ڪونج ٻماهيءَ جي ايڊيٽر، هري موٽواڻيءَ، وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻي- ڪتاب ”دي گيم“ (1982ع) ۾ سندس لاءِ لکيو آهي: ”ڪهاڻي صنف جا سڀ لڪ: ڪهاڻي، نئين ڪهاڻي ۽ اَڪهاڻي لنگهندو، ڪنهن حد تائين ڪهاڻي- منزل جي چانئٺ وٽ اچي بيٺو آهي. دراصل وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻين ۾ جيڪا موضوعن جي نواڻ ۽ گوناگونيت آهي، سا سنڌيءَ جي چند ڪهاڻي نويسن وٽ ئي ملي سگهندي.“
وشنو ڀاٽيا بنيادي طور تخليقي، بولڊ ليکڪ ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. هُو سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ بدنام ليکڪ طور به مشهور رهيو آهي، ڇو ته سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ”جنس“ (Sex) جو کليل اظهار موجود آهي، ان حوالي سان سندس ڪهاڻين تي ڪافي تنقيد ٿيندي رهي، خاص ڪري سندس ڪهاڻي ”اَوشواس جو جنم“ تي وڏي تنقيدي ڏي وٺ ٿي هئي، ۽ مشهور نقاد، آنند کيماڻيءَ، وشنو ڀاٽيا جي قدوقامت کي نظر ۾ رکندي لکيو هو ته ”هن ٿُلهي حراميءَ کي اها ئي هڪ ڪهاڻي سنڌي ادب ۾ زنده رکندي.“
وشنو ڀاٽيا جي اُن روپ تي قلم آرائي ڪندي، هري موٽواڻيءَ سندس ڀيٽ جڳ مشهور مصور ’وان گوگ‘ سان ڪئي آهي، جيڪو به هن وانگر واسنائن جو ڏنگيل هو. هن لکيو آهي ته ”جهڙيءَ طرح وان گوگ پنهنجي چترن/ تصويرن ۾ پيلي رنگ جو استعمال ڪري، پنهنجي بُک ۽ بيوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي، تيئن وشنو ڀاٽيا، پنهنجي ڪهاڻين ۾ سيڪس جو اظهار ڪري، پاڻ کي مڪتي ڏياري آهي.“ (’دي گيم‘ ڪهاڻي- ڪتاب جو مهاڳ). وشنو ڀاٽيا جي اهڙين ڪهاڻين ۾ سندس ڪتاب ”دي گيم“ جون سموريون ڪهاڻيون: ’دي گيم‘، ’پروفيشنلس‘، ’ننگائيءَ جو احساس‘، ’پردن ۽ عڪسن جي وچ مان‘، ’وقت جي وڇوٽي ۽ زندگيءَ جو قيد‘ اچي وڃن ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ وشنو ڀاٽيا سيڪس جو شدت سان اظهار ڪيو آهي، نتيجي طور ڪٿي ڪٿي هو ٻوليءَ ۽ فن جون حدون به اورانگهي ويو آهي. سندس همعصرن اعتراف ڪيو آهي ته مُهانڊي مان اَٻوجهه لڳندڙ وشنو ڀاٽيا، فڪشن ۾ ڪافي سنجيدو ۽ گهرو لهي ويندڙ اديب آهي. اُن جو ڪارڻ سندس زندگيءَ جي محرومين جا اُهي ڏنگ آهن، جيڪي هو سڄي ڄمار کائيندو رهيو.
وشنو ڀاٽيا نه صرف ڪهاڻيون لکيون آهن، پر ڪيترا ناول به لکيا آهن. هن جتي ناٽڪ تي قلم آرائي ڪئي آهي، اُتي تنقيدي- ادبي مضمون به لکيا آهن. هُو ابتدا کان وٺي ڪيترين اخبارن ۽ مخزنن سان لاڳاپيل رهيو، جن ۾: روزاني اخبار ’هند واسي‘ جو سينئر سب ايڊيٽر، ’هندواسي‘ مخزن جو سب ايڊيٽر، ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين) جو ايڊيٽر، ’فلم فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) جو ايڊيٽر ۽ ٻماهي ’ڪونج‘ جو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه سال سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سندس ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون، ’سنڌو سنسار‘، جهولي لال، يُگ ڌارا، سپون، رچنا ۽ ڪونج وغيره ۾ لاڳيتيون ڇپجنديون رهيون آهن. سندس ڪالم ”دنيا رنگ رنگيلي“ ۽ هفتيوار ”پوتاميل“ ڏاڍا مقبول ٿيا.
وشنو ڀاٽيا جي شايع ٿيل ادب ۾: (1) دل جي بستي (ڪهاڻيون: 1965ع)، (2) چندر مُکي (ڪهاڻيون: 1965ع)، (3) ڏٺل عڪس جو جوڙ (ڪهاڻيون)، (4) سمرتين جو صبح (ڪهاڻيون)، (5) سج جا ٽُڪرا (ڪهاڻيون: 1972ع)، (6) پيارُ ۽ پڇتاءُ (ڪهاڻيون)، (7) احساسن جي انڊلٺ (ڪهاڻيون)، (8) ديوار ۽ تاس جا پتا (ڪهاڻيون: 1977ع)، (9) دي گيم (ڪهاڻيون: 1982ع)، (10) رشتن جو انت (ڪهاڻيون: 2001ع)، (11) دردن ماري دل (ناول: 1963ع)، (12) زندگيءَ جا ڪنارا (ناول: 1969ع)، (13) راڻي ڊرالنگ (ناول)، (14) سوال (ناول: 1976ع)، (15) پيار جو آئينو (ناول: 1981ع، هن ناول جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع ۾ ڇپايو هو)، (16) نئين ساهت جا سوال (مضمون: 1976ع) ۽ (17) ائڪٽر (رام لهيجا جي جيوني) وغيره ڪتاب اچي وڃن ٿا.
وشنو ڀاٽيا موسيقيءَ، ڊراما، فلمن، سير سفر ۽ دوستن سان گڏجي گهمڻ جو شوقين هو. هن جا ’بيبو او بيبو‘، ’اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي، ’انعام‘ ۽ ’ننڊ نه ڪر نندن‘ ريڊيو ناٽڪ ڪافي مشهور ٿيا. هو ’نئين سنڌي ليکڪ منچ جو ميمبر به رهي چڪو هو.
وشنو ڀاٽيا جون ڪهاڻيون هندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيليگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي، وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن.
وشنو ڀاٽيا کي 1995ع ۾ ممبئيءَ ۾، سنڌي اديبن جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو هو، جنهن تنظيم جو هو 1974ع کان 1978ع تائين ادبي سيڪريٽري به رهي چڪو هو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته وشنو ڀاٽيا جو وڇوڙو، موهن ڪلپنا، گُني سامتاڻي ۽ لعل پشپ جي لاڏاڻي کان پوءِ، سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ وڏو نقصان آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو.

16 September, 2011

فقير غلام علي ”مسرور“ بدوي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير غلام علي ”مسرور“ بدوي [ 1893ع – 1953ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شڪارپور جي خمير مان، فقير غلام علي ”مسرور“ ولد ميان رحيم بخش بدوي، 15 رمضان المبارڪ 1311هه مطابق پهرين جنوري 1893ع تي جنم ورتو آهي. ابتدائي تعليم جا مرحلا پنهنجي والد بزرگوار وٽان پورا ڪيائين، جيڪو اُنهن ڏينهن ۾ خيرپور ميرس ۾ هيڊ ماستر هو.

فقير عثمان سانگي

[ ۱۷۷۸ع – ۱۸۶۰ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



فقير عثمان ولد خيرمحمد سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ڄاماڻي سانگي“ ۾، ۱۶ صفرالمظفر ۱۱۹۳هه مطابق ۲۴ نومبر ۱۷۷۸ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ ماٺيڻو هو. اڪثر ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي، هدايت جون راهون معلوم ڪندو رهيو. پيءُ جو مٿس ايترو ته گهرو ۽ گهاٽو اثر پيس، جو عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيائين. ويتر صوفين جي صحبت کيس ”تصوف“ جي واٽ به ڏيکاري. باطني فيض وٺڻ لاءِ، پاڻ نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، مخدوم خواجه عبدالحي رح جو وڃي پوئلڳ ٿيو؛ جنهن جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. سندس پير ڀائي، فقير خيرمحمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ به هو؛ جنهن جي صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. فقير نانڪ يوسف، فقير ڇتو سانگي، فقير دريا خان قريشي، فقير موهن آهوجا ۽ فقير هاسا رام آهوجا سندس گهڻگهرا هئا.

فقير عبدالخالق ”غمدل“ دايو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير عبدالخالق ”غمدل“ دايو [ 1887ع – 1972ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عبدالخالق عرف ”غمدل فقير“ ولد پير بخش دايو، ضلعي سکر، تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ”پير بخش ڪچا“ ۾ تاريخ 2 ذوالقعد 1305هه مطابق 14 مئي 1887ع تي ڄائو. سندس والد خيرپور جي والي، مير علي مراد خان وٽ ملازم هو. ننڍپڻ ۾ ئي يتيمي زندگي بسر ڪرڻي پيس. ابتدائي تعليم پني عاقل جي مدرسي مان، قرآن پاڪ پڙهي، عربي ۽ فارسيءَ جا به ڪجهه ڪتاب پورا ڪيائين. سمجهه سوائي ٿيڻ سان، روهڙيءَ جي رانول، فقير قادر بخش ”بيدل“ رح جي درگاه تي حاضري ڏيڻ لڳو. جتان کيس اَمر ٿيو، ته ”ڪنهن سچي رهبر جي تلاش ڪر!“ پوءِ ته سنڌ جو چپو چپو گهمندي، آخر ڏتل ابڙي، نبي شاه وڳڻ، ڳڙهي ياسين، لاڙ ۽ ڀاڳ ناڙيءَ تائين به ويو، مگر اڃا کيس اُهو هادي (مرشد) هٿ نه آيو.

فقير ڇتو سانگي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير ڇتو سانگي [ 1822ع – 1892ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ميرو خان جي ڳوٺ ”محبوب جي بنگلي“ ۾ فقير محمد ڇتل ولد محمد بچل سانگي، غالباً 21 شوال 1238هه مطابق 14 سيپٽمبر 1822ع تي ڄائو هو. ابتدائي تعليم ”پيٽهڙي جي مدرسي“ مان ورتي هئائين. ڳوٺ دودائي (تعلقو لاڙڪاڻو) جي صوفي سيد عبدالرسول شاه رحه جو معتقد هو. مجازي عشق جي لپيٽ ۾ ايندي به ثابت قديم رهيو. سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ ۾ ڪوُنتل ڪڏايو اٿس. باالخصوص ”ڪافي“ ۽ ”مناظري“ جي فن ۾ ڪمال درجي تي پهتو هو. ”حقي ۽ چلم جو جهيڙو“ خاصي شهرت رکي ٿو. سندس شاعري حسن و عشق ۽ مجازي رنگ ۾ ”تصوف“ تي مبني آهي. سنڌي 52 اکرن تي ”غزلن جو ديوان“ به ترتيب ڏنو هئائين، جيڪو اڄ بالڪل ناپيد آهي. ڳوٺ دڙي، تعلقي ميرو خان ۾، 4 ذوالقعد 1311هه مطابق 12 آگسٽ 1892ع تي راه رباني ورتائين. هيٺ سندس هڪ ڪافي نموني طور ڏجي ٿي :-
ڏاڍي مام ڪيا مستانا، ڪنهن غرض گداءُ ڪرن.
توڏا توڪل شاه جي ميان، ٿيڙا رند روانا.
سالڪ هئڙا سمجهه جا ميان، درد ڪيا ديوانا.
جوان ٻڍا توڙي ريش سفيدي، يا ڪي ڦرن يگانا.
هادي بخشين حال حقيقت، منجهه خلق خزانا.
”ڇتا“ شائق شوق مون ميان، ملهائن مئخانا.

علامه آءِ - آءِ – قاضي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


علامه آءِ - آءِ – قاضي [ 1886ع – 1968ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سر زمين سنڌ جو عظيم فرزند، علامه امداد علي امام علي قاضي صاحب جي ولادت حيدرآباد شهر ۾ 21 ربيع الاول 1304هه مطابق 18 اپريل 1886ع تي ٿي هئي. سندس وڏا اصل دادو ضلعي جي پاٽ ڳوٺ جا هئا. علامه صاحب جي شروعاتي تعليم نهايت خبرداريءَ سان ٿي. پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ته سندس والد بزرگوار کيس وڌيڪ تعليم ڏيارڻ خاطر ولايت ڏانهن اُماڻيو. لنڊن پهچي، اُتان جي بهترين ۽ قابل استادن کان فلسفي، نفسيات ۽ اقتصاديات ۾ سٺي تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه خانگي طرح علم الحيات ۽ طبعيات جو پڻ چڱو اڀياس به ورتائين.

عثمان علي ”اَنصاري“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


عثمان علي ”اَنصاري“ [ 1901ع – 1962ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عثمان علي ولد هدايت علي انصاري، 14 محرم الحرام 1318هه مطابق 21 آڪٽوبر 1901ع تي شڪارپور ۾ ڄائو هو. سندس والد (ولادت 1870ع) سهارنپور ضلعي جي جنت آباد (آنبهٽه) ڳوٺ جي رهاڪو هو؛ ۽ پوليس کاتي ۾ ملازم هو، جتان سيوهڻ شريف ۾ رهندي، انسپيڪٽر جي ڪرسيءَ تان، 1901ع ۾ رٽاير ڪيائين. سندس والده ميرپور ماٿيلي جي رند خاندان مان هئي.

عبدالڪريم ”گدائي“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


عبدالڪريم ”گدائي“ [ 1978ع – 1901ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جو جهونو اديب، ڪهنه مشق شاعر ۽ قومي ورڪر، محترم عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري بلوچ، 24 شوال 1319هه مطابق پهرين جنوري 1901ع تي، ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٺل مان وٺي، جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، 1918ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازم بڻيو. چئن سالن بعد اُتان استعفا ڏئي، خان صاحب بهادر خان کوسي جي پٽن: مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جن جو خانگي طرح ”ٽيوٽر“ (Tutor) مقرر ٿيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ لطف الله بدويءَ جي صحبت مان سخن جي ميدان تي ”گدائي“ تخلص سان پاڻ کي پڌرو ڪيائين. 

عبدالله ”اثر“ چانڊيو

عبدالله ”اثر“ چانڊيو

[۱۹۷۶هه ۱۹۲۰ع]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



لاڙڪاڻي جي ادبي تاريخ ۾ مولوي عبدالله ”اثر“ ولد مولوي الله ڏنو چانڊيو، اهم حيثيت رکي ٿو. سندس ولادت تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ٻيڙو چانڊيو“ ۾ ۱۳۳۹هه مطابق ۴ جولاءِ ۱۹۲۰ع تي ٿي آهي. ابتدا ۾ قرآن پاڪ، مولانا محمد عمر جان چشمويءَ وٽان پڙهيائين. اهڙيءَ طرح مولوي غلام الرسول عباسيءَ وٽان عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا به ورتائين. پاڻ نهايت ذهين ۽ اورچ هو؛ جنهن ڪري اُستاد به سندس حافظي ۽ هوشياريءَ جا مداح هئا ۱۹۳۶ع کان پرائمري اُستاد بڻيو. شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي خاص مهربانين سان ترقي وٺي اي ڊي آءِ ايس (A,D.I.S) ٿيو. ايم اي سنڌي ادب جي سلسلي ۾ راقم الحروف سان به سندس ڏيٺ ويٺ ٿي. شعر و شاعري، لاڙڪاڻي جي ادبي محفلين ۽ سگهڙن جي ڪچهرين مان قرب حاصل ڪندي؛ ”تارڪ“، ”شيدا“، ”اَثيم“، ”نظام“، ”نياز“، جعفري، ”خادم“ لاڙڪاڻوي ۽ ”دلگير“ دريانيءَ جن جي صحبتن مان خاصو استفادو حاصل ڪيائين.

صوفي قبول محمد (ثاني) درازي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


صوفي قبول محمد (ثاني) درازي رح
[ 1842هه – 1925ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
درازن ۾ ”فاروقي درگاه“، سنڌ جي وڏين خانقاهن ۾ شمار ٿئي ٿي – 93هه (711ع) ۾ محمد بن قاسم سان ميان شهاب الدين نالي هڪ بزرگ گڏجي سنڌ ۾ آيو هو؛ ۽ سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو. سندس پشت مان ميان ابو سعيد لڏي اچي راڻيپور (خيرپور ميرس) جي ڀرسان اچي ويٺو؛ ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين. سندس نائين پيڙهيءَ ۾ خواجه محمد حافظ المعروف ميان صاحبڏنو (1697ع – 1788ع ۾ پيدا ٿيو. کيس ٻه فررزند: ميان عبدالحق (اول) ۽ ميان صلاح الدين هئا. 

صوفي شاه عنايت شهيد رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


صوفي شاه عنايت شهيد رح [ 1655ع – 1718ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شاه عنايت صوفي ولد مخدوم فضل الله، 1056هه مطابق 1655ع ۾، ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس جد- امجد مخدوم صدو لانگاه بٺوري پرڳڻي جي شهر نصريه جي وڏن مشائخن مان هو. ننڍپڻ کان ئي شاه عنايت جي طبيعت ماٺيڻي هئي. صوفي طريقي ۾ سني مذهب رکندڙ هي بزرگ جهوڪ (ميرانپور) ۾ رهندو هو. سندس وڏا بغداد شريف کان هجرت ڪري اُچ شريف (پنجاب) ۾ رهندي، مشهور غوثيه درگاه جا مريد ٿيا، جتان درس و تدريس ۽ شرعي احڪامن جي فروغ لاءِ سنڌ ۾ وارد ٿيا.

شيخ مبارڪ اياز - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

شيخ مبارڪ اياز [ ولادت 1342هه – 1923ع وفات ڊسمبر ۱۹۹۸ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
ادبي دنيا جي هن مشهور ماڻهوءَ، مبارڪ اياز ولد غلام حسين شيخ، 1342هه مطابق 23 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو آهي. بي - اي، ايل ايل - بي تائين ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪري، وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو اٿس؛ ۽ سکر ۾ مستقل رهي ٿو. هڪ معاهدي تحت، چار سال سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهي، 17 اپريل 1980ع تي وري وڪالت ڏانهن رخ رکيو اٿس.

شيخ عبدالمجيد سنڌي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي



شيخ عبدالمجيد سنڌي
[1889ع – 1978ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شيخ عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلارام، آچر جي ڏينهن 8 ذوالقعد 1306 هه مطابق 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾ ڄائو هو. سندس وڏا قانونگو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هئا، جيڪي اَصل سيوهڻ شريف جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ٺٽي ۾ وڃي آباد ٿيا. اُتي شيخ صاحب مئٽرڪ تائين تعليم وٺي، پهريائين مسٽر ڏيپچندا اوجها نالي وڪيل وٽ منشي ٿيو. پوءِ ذهني انقلاب سببان پنهنجن (هندن) کان ڪافي وقت ڀرپور رهيو. اِنهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ به رهڻ جو موقعو مليو. آخر پاڻ لاءِ حالتون سازگار سمجهي، حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو.