; سنڌي شخصيتون: شيخ، عبدالمجيد، ميمڻ، عبدالغفور، سنڌي،
Showing posts with label شيخ، عبدالمجيد، ميمڻ، عبدالغفور، سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label شيخ، عبدالمجيد، ميمڻ، عبدالغفور، سنڌي،. Show all posts

16 September, 2011

شيخ عبدالمجيد سنڌي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي



شيخ عبدالمجيد سنڌي
[1889ع – 1978ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شيخ عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلارام، آچر جي ڏينهن 8 ذوالقعد 1306 هه مطابق 7 جولاءِ 1889ع تي ٺٽي ۾ ڄائو هو. سندس وڏا قانونگو عامل ڪٽنب جي نرياڻي پاڙي مان هئا، جيڪي اَصل سيوهڻ شريف جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ٺٽي ۾ وڃي آباد ٿيا. اُتي شيخ صاحب مئٽرڪ تائين تعليم وٺي، پهريائين مسٽر ڏيپچندا اوجها نالي وڪيل وٽ منشي ٿيو. پوءِ ذهني انقلاب سببان پنهنجن (هندن) کان ڪافي وقت ڀرپور رهيو. اِنهيءَ سلسلي ۾ کيس ڪڏهن ڪراچي، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ به رهڻ جو موقعو مليو. آخر پاڻ لاءِ حالتون سازگار سمجهي، حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو.